• محمد اسماعيل عرساڻي
اڄ زماني کي نئون نروار ڏس!
اڄ زماني کي نئون نرواس ڏس،
نت نئين ايجاد جا آثار ڏس!
علم ۽ انسان جو ڏس تون ڪمال،
چنڊ ڏي راڪيٽ جي رفتار ڏس!
آهي اڄ ايٽم جي طاقت زور ۾،
ڪين هاڻي تير ۽ تلوار ڏس.
علم ۽ اخلاق سان گڏ سک هنر،
واڌ ۾ هن ديس جو واپار ڏس.
ڪارخانا کول پنهنجي ملڪ ۾،
ڪين پنهنجي قوم کي بيڪار ڏس.
ڏور ڏورانهين سفر سان شوق رکُ،
وڻج سک، دنيا سندو وهنوار ڏس.
عدل ۽ انصاف جو ڌاڪو ڄماءِ،
ملڪ پنهنجي ۾ نه ڪو آزار ڏس.
قوم جي دل مان ڪڍي ڪينو ’فدا‘،
ڀائرن سان ڀائرن جو پيار ڏس.
• احمد خان ”آصف“
نظارا وطن جا
هي سرسبز ٻنيون ۽ ٻارا وطن جا،
وڻن واهه جو ٿا نظارا وطن جا!
اچو کيت کيڙيون، اچو سون ميڙيون،
ڀلا ڏاند آهن ڀٽارا وطن جا.
ڪمند، ڪڻڪ، ساريون، ڪپهه، انب، ڪيلا،
سٺا فصل ميوا موچارا وطن جا.
هي مزدور هاري ڪمي ڪاسبي سڀ،
جِيَنِ شال سانگي سنگهارا وطن جا.
هي واڍا، هي رازا، هي ڪوري، هي موچي،
هي لوهار پورهيت پيارا وطن جا.
اسان جو سهارو وطن ئي ته آهي،
اسين پاڻ آهيون سهارا وطن جا.
صبح جو سويرو پڙهڻ لئه وڃون ٿا،
اسين ٻارڙا چنڊ تارا وطن جا.
وڏي مان وارو وڏي شان وارو،
سدا ڀاڳ آهن ڀلارا وطن جا.
ملي پاڻ ۾ سڀ ننڍا توڙي وڏڙا،
ڪنداسين اي ”آصف“ سڌارا وطن جا.
پنهنجا ڪم پاڻ ڪريو
جاڳو جاڳو صبح سويرو، صابڻ سان هٿ منهن ڌوئو ميرو.
پنهنجو ٿيلهو پاڻ بنايو، بوٽ ۽ ڪپڙا پاڻ ئي پايو.
پنڌ وڃو اسڪول ڏي ڊوڙي، ڪين پُڇو ڪا موٽر گهوڙي،
چستي ڌاريو ڇڏيو ڍرائي، پنهنجي هٿ سان ڪيو ڪمائي.
چاهه صفائيءَ سان نت ڌاريو، پنهنجي ڪلاسن کي سينگاريو،
رکو هميشہ محنت جاري، دلا ڀريو ۽ ڏيو ٻُهارِي،
مستي آڪڙ ڇڏيو اجائي، پنهنجي هٿ سان ڪيو ڪمائي.
هٿ جو پورهيو سونهن اسان جي خوشي وندر ۽ ور ونهن اسان جي،
محنت وارو بک نه مري ٿو، محنت سان ئي بخت وري ٿو.
محنت ٿي دک درد مٽائي، ڌن، دولت سان پڻ ورسائي.
محنت ڌاران عمر اجائي،
پنهنجي هٿ سان ڪيو ڪمائي.
ننڍڙي ريل
اچو ته ننڍڙي ريل هلايون،
باهه بنبوءَ ۾ دونهون دکايون،
ڪري واءَ سان واهه جون وايون،
ڇهه- ڇهه پيسا، ٻه-ٻه پايون.
لوهي بند بنايو آهي،
ڏسو متان ڪو ڦيٿا لاهي،
سيٽي کولهي خوب وڄايون،
ڇهه- ڇهه پيسا، ٻه – ٻه پايون.
ريل اچي ٿي سنگل ڪيريو،
چاٻي سنگل گهر مان ڦيريو،
ٽيشڻ تي ٿا هري هلايون،
ڇهه- ڇهه پيسا، ٻه- ٻه پايون.
ڳاڙهي جهنڊي ريل بيهاري،
سائي جهنڊي جڏهن نهاري،
ڪوڪ ڪندي ٿي ڇُٽي ڀڄايون،
ڇهه- ڇهه پيسا، ٻه- ٻه پايون.
ريل اسان جي سهڻي ڏاڍي،
آهي من کي مهڻي ڏاڍي،
جنهن سان گڏجي راند رچايون،
ڇهه- ڇهه پيسا، ٻه- ٻه پايون.
• استاد بخاري
اچو ته پنهنجو پاڻ ملهايون
ڪي ته اسان ۾ ننڍڙا آهن، ڪي ته اسان ۾ وڏڙا آهن،
اچو ته پنهنجو زور لڳايون،
گڏجي سڏجي ننڍڙا وڏڙا.
ڪي ته اسان ۾ ڍرڙا آهن، ڪي ته اسان ۾ تڪڙا آهن،
اچو ته پنهنجي وِک وڌايون،
گڏجي سڏجي ڍرڙا تڪڙا.
ڪي ته اسان ۾ گلڙا آهن، ڪي ته اسان ۾ ڦلڙا آهن،
اچو ته پنهنجو رنگ ڄمايون،
گڏجي سڏجي گلڙا ڦلڙا.
ڪي ته اسان ۾ اگهڙا آهن، ڪي ته اسان ۾ سگهڙا آهن،
اچو ته پنهنجو پاڻ ملهايون،
گڏجي سڏجي اگهڙا سگهڙا.
• محمد اسماعيل عرساڻي
پاڻ کان پڇا
وڃي تون سمهين رات جو پنهنجي گهر،
انهيءَ کان اڳي ٽي دفعا ياد ڪر:
ته ڪهڙا ڪيا ڪم سڄو ڏينهن مون،
رٿون ڪهڙيون مون پنهنجي دل ۾ رٿيون.
وٺي واٽ ڪهڙي ڪٿي مان ويس،
ويس آءُ جت ڪٿ اتي ڇا سکيس.
ٻڌو جيڪي مون سڀ ۽ جيڪي ڏٺو،
نفعو مون کي ان مان ڇا حاصل ٿيو.
ڇڏيم ڇا، جو مون کي هو گهربو ڇڏڻ،
ڪيم ڇا، جو مون کي هو گهربو ڪرڻ.
ٿيا قرض ڪهڙا نه مون کان ادا،
نوان ڏوهه ڪهڙا هٿان مون ٿيا.
سنئين واٽ ايءَ آهي جيڪو مڃي،
وٺي ساڻ نيڪي خدا ڏي وڃي.
• سوسن مرزا
منهنجي گُڏڙي
باک جان ڀوري منهنجي گڏڙي!
هٿ ۾ گجرا، نڪ ۾ ڦلڙي- منهنجي گُڏڙي!
نرڙ تي سُندر تلڪ لڳائي،
پايل پازيبن کي پائي،
گڏ ٿي گيت گلابي ڳائي،
گهائي ٿي هر ڪنهن جي دلڙي-
منهنجي گڏڙي!
ڪن ۾ سرت جون واليون، پنڙا،
ڳچيءَ ۾ ڳُڻ جي دهري هَسِڙا،
هٿ ۾ همت جون منڊيون ڇَلڙا،
ڪارائيءَ ۾ ڪم جي چوڙِي-
منهنجي گُڏڙي!
موهه جا مگرا آڇي سڀ کي،
پريت جو پنڌ ڏَسي پئي جڳ کي،
ڪين ڌڪاري ٿي پر ڪنهن کي،
پرهه ڦٽيءَ جي پانڌيئڙي-
منهنجي گڏڙي! |