• حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
واپار ڪريو- واپار ڪريو
ٿا جيڪر خوش گذران گهرو، جي دنيا ۾ ٿا شان گهرو،
جي مانيءَ سان گڏ مانُ گهرو، جي خاص ٿيڻ انسان گهرو؛
اڄ پاڻ کي پٽ، هوشيار ڪريو،
واپار ڪريو، واپار ڪريو.
سڀ نوڪري نيچ ٿي ڪار اَٿوَ، ۽ بيک مڱڻ بيڪار اَٿوَ،
ها پوک عجب اسرار اَٿوَ، پر وڌندڙ ڪم واپار اَٿوَ؛
اڄ پاڻ کي پٽ، هوشيار ڪريو،
واپار ڪريو، واپار ڪريو.
خود پاڪ نبيءَ واپار ڪيو، هن ڌنڌي سان ٿي پيار ڪيو،
واپار کي رب غم ٽار ڪيو، افسوس اسان انڪار ڪيو؛
اڄ پاڻ کي پٽ، هوشيار ڪريو،
واپار ڪريو، واپار ڪريو.
ننڍڙا مٺڙا سهڻا ٻار
ننڍڙا مٺڙا سهڻا ٻار،
آس وطن جي ۽ آڌارَ.
هاڻي پڙهڻ جي ڪريون تياري،
ديس جي ٿيندي ناماچاري.
لفظ پڙهون ٿا سولا سولا،
گيت سکون ٿا مٺڙا مٺڙا.
راند ڪندي ٿا علم پرايون،
علم پرايون سمجهه وڌايون.
سهڻا ننڍڙا مٺڙا ٻار،
آس وطن جي ۽ آڌار.
لاٽونئڙو
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون،
دوست گهڙي کن دل وندرايون.
منهنجو لاٽون سُهڻو سُهڻو،
رنگا رنگي ۽ من موهڻو،
ڪاريگر ڪيئن آهي ٺاهيو،
واهه جو رنگ سان رنگ ملايو،
آءُ ته هن سان روح ريجهايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
آيس پٽ جي ڏور وٽائي،
ڳاڙها ڦندڻ ان ۾ لائي،
ويڙهي زور سان پٽ تي هڻندس،
نِوڙِي جهٽ پٽ هٿ تي کڻندس،
ڪڍندو هٿ تي ڪتڪايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
هٿ تي کڻندس هيٺ نه ڊهندو،
ڦرندو ڦرندو ساندهه رهندو،
ٿڪجي پوندو گوهيون هڻندو،
پوءِ گهڙي کن ساهه به کڻندو،
بيهڻ جون واريندو وايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
تون به کڻي اچ لاٽون ڏور،
پوءِ پڄايون ڪنهن جو زور،
لاٽون آهي سهڻو منهنجو،
ناهي هن کان بهتر ڪنهن جو،
ڇو نه ڀلا پوءِ شرط پڄايون،
آءُ ته لاٽونئرو ڦيرايون.
ڪاغذ جي ٻيڙي
آيو پاڻي ليٽ ڪري،
ڪاغذ جي ٿي ٻيڙي ڦري.
ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي،
مُون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي.
ڳن نه ڏيندي، ونجهه نه هڻندي،
منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي.
ڦُوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون،
ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون.
ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي،
مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي.
وطن جي حب
وطن جي حب جي دل ۾ نه ٿي، ايمان ڪهڙو ٿيو؟
عمل ناهي جي انسان ۾ ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو؟
اڃا تائين غريبن سان نه ڌاري ڪو جي همدردي،
غريبن لئه سندن دل ۾ ڀلا ارمان ڪهڙو ٿيو؟
نه ٿي تعليم جي ڳڻتي نه ٿي بيروزگاري گهٽ،
ترقيءَ جو اسان ۾ پوءِ وري امڪان ڪهڙو ٿيو؟
عجب آهي اڃا غفلت جي آهيون ننڊ ۾ اڄ ڀي،
اسان مان پوءِ سڌاري جو تڏهن خواهان ڪهڙو ٿيو؟
ڪڍون اهڙا هنر، جو نڪري پاڪستان جو نالو،
ائين جي ڪين ڪيوسين ملڪ تي احسان ڪهڙو ٿيو؟
وڌايون جي نه پيدائش، اسين هاڻي زمينن جي،
زراعت لئه اسان وٽ پوءِ نئون سامان ڪهڙو ٿيو؟
منهنجي امڙ
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو،
پيار منجهان ٿي گود ويهاريو،
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو-منهنجي امڙ!
پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم،
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم- منهنجي امڙ!
ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي- منهنجي امڙ!
ٿيس جڏهن ٿي آءُ بيمار،
دوا ڪرڻ لئه ٿِي ٿي تيار،
ننڊ ڦٽائي رهي هوشيار-- منهنجي امڙ!
وڌي جڏهن آءُ وڏو ٿيندس،
سک سوين آءُ تو کي ڏيندس،
تو تي پنهنجو ساهه ڇڏيندس- منهنجي امڙ!
تو ڪئي مون سان آهي ڀلائي،
تنهن لئه ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي-- منهنجي امڙ!
• ادل سومرو
اچو اوهان جي دل وندريان
اچو اوهان جي دل وندرايان، ٻاراڻا ڪي ٻول ٻڌايان.
ڇا جو راجا، ڇا جي راڻي، رب سڳورو سڀ جو ساڻي.
ديڳ دال جي، مانين کارو، چوڻ وڏن جو وٺجي ٻارو.
واڱن، ڀينڊي، توري، ڪريلو، ننڊ مان اٿجي روز سويلو.
بصر، پٽاٽا، پالڪ، گوبي، ڪوڙ نه چئجي، ٿجي نه لوڀي.
ڳڙ، مٺائي، کنڊ، پتاشو، چڱي سان سنگت، بُري کان پاسو.
ڳاڙها ڏاڙهون، ساوا ڪيلا، ٻارن جا پڻ ٿيندا ميلا.
سنگ سُنهرا، سائو گاهه، لکڻ پڙهڻ سان رکجي چاهه.
ڪلڪ نئين پر پَٽي پراڻي،
اڄوڪي پوري ٿي گڏجاڻي. |