ممتا ماڻ
راڌا ۽ ڪرشن
يا
سچار ايشور جون سچيون ڪرڻ
راڌا کي اچي اَڀمان جاڳيو ته مون ڪرشن
جي دل کسي ورتي آهي ۽ کيس ٻڌو ٻانهو ڪري ڇڏيو
اٿم. ايشور جنهن کان ڪجهه به ڳجهو نه آهي تنهن
سندس ماڻ سهي ڪيو ۽ دل ٿيس ته کيس مزو ڪرايان.
هڪڙي ڏينهن پاڻ ۾ اڪيلا ويٺا هوا ته کيڏاري
ڪرشن، سندس منجهه لهڻ لاءِ، اوچتو ٿورو کلي، ڪري
ماٺ ڪئي. راڌا کانئس کل جو سبب پڇيو. چي ”ڪجهه
نه، راڌا مرگهه نئني! رڳو ايترو دل تي تري آيم،
ته ساري وسُ منهنجي وس ۾ آهي ۽ مان ڪيڏو نه وڏو
آهيان.“ ٿوري مهل رکي راڌا به اوچتو کليو، ۽ ماٺ
۾ رهي. ڪرشن کانئس ساڳيو سوال پڇيو. راڌا وراڻي
ڏني، ”ڪجهه نه، ڪرشن، رڳو ايترو دل تي تري آيم
ته ساري سرشٽي تنهنجي وسُ ۾ آهي، ۽ تون وري
منهنجي وس.“ ڪرشن چيو، ”سچ، ڇو ڪين! ڪير نه
تنهنجو ٻڌو ٻانهو ٿيڻ چاهيندو؟ ڪير نه تو جهڙي
ايشوري سونهن جو مانارٿ ڪندو؟ تنهنجا ڪيل جهڙا
ڪومل نيڻ هڪڙي جهلڪ سان ٽيئي لوڪ وس ڪري ڇڏين.“
ائين چئي کيس ڳري لڳايائين، ۽ ڪجهه وقت ساڻس
ڳالهيون ڪري هليو ويو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ راڌا کيس چوائي
موڪليو ته مان توکي جمنا جي روپي ريت تي
سانجهيءَ ٽاڻي گڏيس. سڄو ڏينهن پاڻ سينگارڻ ۽
ٺاهه ٺوهه ۾ ئي لڳي ويس. وڳن تي به ڀيڙ هئي. پئي
دل من هنيائين ته ڪهڙو اوڍيان جو سهڻو لڳي ۽
ڪرشن کي هرکائي. نيٺ هڪڙو پسند آيس. پوءِ ته
هيءَ ٻهڳڻ روُپ، اَتيِ سندر ناري، ڪنن ۾ ڪڙڪون،
ڳچيءَ
۾
سونو هار ۽ ٻانهن ۾ ٻانهن رکيون ۽ جڙتي ڪنگڻ
وجهي، ڦلواڙيءَ ڏانهن وڌي ۽ تازا ٽڙيل گل ڇني،
تن وچ ۾ هڪڙو سوسنو ۽ پاسي کان هڪڙو اڇو ڪنوَل
جو گل رکي ڏاڍيءَ نزاڪت سان سندر گل دستو
ٻڌائين. سوسنو ۽ پاسي کان اڃو گل اهڙا پئي
سونهيا، جهڙو سورج ۽ چندرما ٽارن وچ ۾. پوءِ ته
وارن کي ڦڻي ڏيئي، لسو ڪري، سينڌ ڪڍي، چوٽو
ٺاهي، سهي سنڀري هيءَ اچرج رؤپ ۽ اُتم اِستري،
هٿ ۾ گل دستو کڻي، اچي آرسيءَ اڳيان بيٺي، جا
جيتوڻيڪ هئي جڙ پدارت تڏهين به سندس سونهن سوڀيا
جي ساک ڀرڻ ۾ ڄڻ فخر پئي ورتائين. سونهاري سشيل،
سوُقين ۽ چترمک راڌا، ديوتائن جي ڌي، ايشور رؤپ
ڊگهي ۽ شاندار، اوچي ڳاٽ، آرسيءَ ۾ منهن ڏسي،
وهسڻ (مرڪڻ) لڳي: ”هان! ههڙي سونهن، جهڙو مور.
ڪرشن پڪ منهنجي ڄار ۾ ڦاٿو. مان ڏانهنس هيئن
نهارينديس؛ نه نه، هيئن. مان هنس جيان هلنديس،
چتونءَ جيان چانگهارينديس، ۽ بلبل جيان
ٻولينديس. هڪڙي هٿ سان گل دستو سندس نڪ تي
رکنديس ۽ ٻئي هٿ سان سندس ٻيئي هٿ کڻي چپن تي
رکنديس _چمنديس)، پوءِ ته ڪرشن اَڻپڇو منهنجو.
سج لهڻ تي هو، جڏهين هيءَ ساکيات، سونهن
جي ساگر، موڻيون ۽ ميوو ساڻ کڻي، گهر جا ڪم
ڪاريوناُتيئي ڇڏي، لڪيِ ڇپيِ
نڪرتي ٿي ٻاهر ۽ ڳجهي رستي کان اچي جمنا جي ڪنٺي
تي ڪنهن پاسيري سندر اَسٿان وٽ نڪتي، جتي اڳي به
ڪئين ڀيرا سانجهن جو سندن پاڻ ۾ مکاميلو ٿيو هو.
سڀني ندين ۾ برک جمنا ڏاڍي مؤج ۾ پئي وهي. ڇا
هئي سندس شؤڪت! ڇا رؤنق! ڇا چئجي سندس سندر روپو
ريٽ! ڇا هو اُن پٺيان وڻندڙ ڪار انجهرو واڻن جو
جهمٽ ۽ هوءَ اَڇي ڇپ جنهن تي ويهي ٻئي ڄاڻ پاڻ ۾
رهاڻ ڪندا هوا. مور مرگهه (هرڻ) ۽ بلبليون جي
کين ڏسي پيا ٽڙندا ۽ نينگه ٽپا ڇڏيندا هوا،
جهنگلي گلن
جي هٻڪار. بانس جي وڻن جي واڄٺ، ڪانهن جا ٻوڙا
جي ٿوري هوا ۾ پئي لڇڪيا، من موهيندر ڀٽون ۽
پهار، نهرون ۽ نياڻ جن مٿان ماٿرين تان ور وڪر
ڪيو وهي اچي جمنا جي سيتل جل جي ڀرتي ڪئي هئي،
اڀهي سڀيئي اُتي مؤجود هئا، جن پنهنجي ڇٻ
(سندرتائي) جي ڇاٽ ڇوڙي اُنهيءَ اسٿان کي هيڪاري
رمڻيڪ ڪري ڇڏيو هو. پر هو سڀيان سهڻو، من موهن
مرليڌر اُتي هوئي ڪونه. راڌا، جا کن ساعت اڳي،
ڏاڍي اوڪنڊ ۾ ڀرجي، ڌيري ڌيري، پير پير ۾ پئي
آئي سا هنکي اُتي نه ڏسي، وائڙي ٿي ويئي؛ پر وري
به دل کي ٺاپر ڏيڻ لڳي ته ڪرشن ڄاڻ آيوڪي آيو.
پنج، ڏهه، پنڌرهن منٽ بلڪ اڌ ڪلاڪ به لنگهي ويو،
پر ڪرسن جو پتو ڪو نه پيو. ٻوٽن ۾ کر کر ٻڌائين.
ڀانيائين ته ڪرشن هوندو جو پيو ڇپائي ۽ آرا
ازَنگل ڪري ۽ ڏاڍي آوڪير سان ڪرشن کي سڏڙا ڪرڻ
لڳي، ”ائ گوبند – اَئِ گوپال – مراري – مڪند –
ڪرشن –“ پر اُهي هئا (رڳا) ڄڻ سڃ ۾ سڏ – سکڻا پر
اڏا (پر لاءَ). شؤقين هوا اُهي اُتساهه ڀريا وچن
ائين جهٽي پئي ويئي ڄڻ ته ڪو اَمرت هو. سج نه
مرڪڻ لڳو، پر ڪرشن نه رڙهيو. مير اونداهي اچي
ٿي. اُڀ به ويو وڌيڪ نيلاڻ تي مائل
ٿيندو. ور هو نير کان به نيرو-سهسين اُڀن کان به
اڳرو (سرس) اُهو سندر سانورو سروپ ڪٿي؟- پکي پکڻ
به وڃي آکيرن آرامي ٿيا هئا. ڳئون به وڃي ڀاڻ
(وٿاڻ) ڀيريون ٿيون هيون. ڪمي ڪاسبي به ڏينهن جو
پورهيو ڪري وڃي پنهنجي گهر سکي ٿيا هئا. پر هو
ڀاڄوڪڙ ڪرشن، پنهنجي گهر، سندس ڪومل ۽ اُجل هردي
کان پري هو.
نما شام جو ويٺو هو. سن ۽ سانت اهڙي لڳي
پيئي هئي، جهڙي ڪنهن ساڏوءَ جي من ۾ وسندي آهي.
پکي پکڻ به اُنهي ماٺ روپي مؤج ۾ ئي محو ٿي ويا.
وڻ ٽڻ کي به وائي وسري ويئي يعني سم سانت ٿي
ويا. گنڀير جمنا ڏاڍيءَ سانهن ستئ سان ۽ سڪوت ۾
پئي وهي، نه هئي منجهس لهر نه هو لوڏو-سارو
آسمان ڄڻ نير جو اَٿاهه اَسگاهه (سمنڊ) لڳو پيو
هو. (نه هئي ڇولي نه ڇلڪو- نه لڙ نه لٽاڪو.)
ساري سرشٽي اُنهيءَ ماٺ روپي مهراڻ ۾ اَهڙي مگن
ٿي ويئي هئي ڄڻ ڪو رشي سماڏئ ۾ لين ٿي ويو آهي.
پر هن ٻاهرينءَ سن سانت راڌا جي من ۾ لوڇو وجهي
ڏنو. ڏاڍي اُڌماد (آنڌ مانڌ) تي پيس. ڇا، ڪونه
ايندو؟ نه نه، مونکي سز چوائي موڪليو آهي. اَوس
ايندو. چنڊ سنئون ايندو. چنڊ به نڪري نروار ٿيو،
پر پت پيتامبرئ واري، نچڻي، ڪڏڻي ڪرشن کي ساڻ
آڻڻ بدران چؤڏس چؤڌار پنهنجي نرمل ۽ سيتل چانڊاڻ
جي اَڇ اوتي ڄڻ سندس ڏکن تي ٺٺولي ڪرڻ لڳو. ڪنور
چنڊ ڏي نهاري، پنهنجي گوستروُ ڇلوَر (پريتم) تي
اچي ڇنڪي، چي، ”ههڙو نرادر مونکان سٺو نه ٿيندو.
مونکي موُر نه وسرندو. بس، هاڻي منهنجو ساڻس
ڪوبه لاڳاپو نه آهي. اَچي سهين، ته مان ٿي لاک
لاهيانس. مان کيس اکينديس به ڪين. نهاريندس به
ڪين. منهن موڙي ڪري ٻئي پاسي ڪنديس. مونکي هيئن
ٿيڪي ڇڏيو اَٿس
ته ڀلي هيءَ سڪ جي ستايل، چنڊ جي سيتل ڪرنائن ۾
ساٽجي مري وڃي ۽ پاڻ وٽي کيج ڪندو. مان به کيس
ڏيکاريندس ته مان به دل جي ڏاڍي ٿي سگهان ٿي.
پوءِ هو اچي مون کان اوسراڻ گهرندو. مان کيس ڌڪي
پري ڪنديس.“ پر هن پلٽي، هن ڇوهه جي ڇلڪي به
ٻوٽو ڪونه ٻاريو. ڪرشن ڪونه واريو. ڀانيائين ته
گهر موٽي وڃان. پر وڃڻ تي دل ئي نه وريس. ڪهڙيءَ
ڳالهه کيس پئي روڪيو سنا سچي ڪانه ڪيائين. سڪ جي
ڇڪ به ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ اڳيئي چئي چڪي
هئي ته مون ڪرشن تان چت کڻي ڇڏيو آهي. تڏهين وري
ڇو منڊ جي بيهي رهي؟ ڌيري ڌيري سندس من کي ڌيرج
آيو. ڏمر مان ڦري ڏکه ٿي پيو. پاڻ ڏي نهاري
پنهنجي گل دسته جي گلن ڏانهن اکه ڦيرايائين ته
اُهي به ڄڻ سندس ڏکه ڏسي ڪومائجي ويا هئا،
اُنهنکي پاڻ جهڙو ڪوماڻيل ڏسي، ڏاڍي اُداس ٿي
چوڻ لڳي ”اَڙي، مان سچ پچ سندس جيس (جيهي) نه
آهيان. سندس جتيءَ جي جور به نه جڙان. هو آهي
اسان اِسترين لاءِ پريم جو اَوتار. مان ڪين
جهڙي. سندس پوتر پيرن جي پنيءَ به نه پڙان. مان
ڳهيلي، مون ڀانيو ته مون کيس پنهنجي وس ڪيو آهي؛
وري ائين کيس چئي ٻڌايم. ڪهڙي نه مورکه هيس.
پنهنجي منهن ۾ مٽي وجهي مون پاڻيهي پاڻ کي دکي
ڪيو آهي.“ اَت نهٺي ٿي پيئي، ۽ اچي روئڻ ۾ ڇتڪي.
سچي نئڙت ۽ پڇتاءُ اچي سندس اندر ۾
اُتپن ٿيو ۽ اُتي ڇپ تي ويهي، ايشور کي آراڌنا
ڪيائين ته مونکي سيام سندر جو منهن ڏيکار. سندس
ايشوري مهانڊو پروتجي ويو ۽ نينهن ڀريا نماڻا
نيڻ کڻي، سندس واٽ نهارڻ لڳي ته اوچتو پٺيان ئي
پٺيان ڪرشن جو ڪومل هٿ
سندس چوٽيءَ تي لڳو ۽ مرليءَ جو مڌر آلاپ سندس
ڪنن وٽ ٻرڻ لڳو. جهٽ ڪنڌ ورايائين ته جهٽ پٽ
اُهو هٿڙو ۽ آواز به ساڻس گڏ پٺيان وري ويا.
جيئن پئي پاڻ ڦري، تيئن اُهي به ٻيئي سندس پٺيان
پئي ڦريا. هٿ هٿ ۾ ئي نه اچي. سندس وارن کي ڇٻي
پئي آئي، ڪڏهين ڏاڍيان ته ڪڏهين ڍري. پٺيان هٿ
ڊگهيري ڏوهيءَ کي جهلڻ جي ڪيائين، ۽ اَهڙي
ڏيکاري ڏيڻ لڳي، ڄڻ ڏاڍي ڏمريل هئي، پر ڀيري
ڀيري سان هو پٺيان هٽڻ لڳو ۽ کيس پٺيءَ ڀر ڇڪي
جهوٻا ڏيڻ لڳو. اوچتوئي پٺيان وڪڙ ڏيئي ڏسي ته
مار! سندس سپرين آڪاس ۾ اُڏامندو پيو وڃي. مٿي
نهاريائين ته گوپين جي گولريءَ وچ ۾ بيٺو آهي.
ڏاڍا اُڌاما اُٿڻ لڳس ۽ پاءُ پلڪ موڳي ٿي بيهي
رهي. هيءُ اَڏڀت جو اُتي وري کڻي نهاري وقت ڪونه
هليو. اُتي جو اُتي وري کڻي نهاري ته رڳو ڪرشن
ئي ڪرشن ڏسڻ ۾ آيس. اندر، ٻاهر – ساڃي، کاٻي –
اڳيان، پٺيان – هيٺ، مٿي – هيڏانهن، هوڏانهن –
جت، ڪٿ ڪرشن. ڪرشن بن ٻيو ڪجهه به نه هو. آ- ها-
ڪهرو نه منوهر ۽ مزي جهڙو چهچٽو هو. عجيب اِسرار
هو. پر هيءُ نرالو نظارو هوءَ وڌيڪ
سهي نه سگهي، ۽ (گيتا ۾) ارجن جيان پنهنجي
پريتم کي ٻاڏائي چوڻ لڳي ”سوامي، منهنجو ڀرم
نوار. ائ ڪرشن، اي گوبند، اي مراري، ائ راڌا
رمن، هيءَ پنهنجي ليلا سميٽ – مونکي پنهنجي پريم
جي پڪ ڏي. ائ ناٿ، مان ڊڃي ويئي آهيان، مونکي
دلاسو ڏي. مونکي پنهنجو سانورو مکڙو ڏيکار، مان
اَياڻي، منهنجي توسان ڀيڻي نه آهي. مون ڀانيو
مون توکي وس ڪيو آهي، پر مان ڀليل هيس. ائ
گوپال، منهنجا اَپراڌ کميا ڪر. مان عيبن ڀري
آهيان، منهنجون مدايون ميٽ، منهنجا اَوڳڻ ڍڪ.
مونکي پنهنجو درسن ڏي. اڃا اِهي اکر سندس
واٽون اُڪليائي ڪين ته مرليءَ جي مٺي للڪار سندس
ڪن تي پيئي. من کي ڌيرج آيس. اوچتوئي اوچتو سندس
اَوستا ۽ عجيب ڦيرو اَچي ويو. ائين سمجهڻ لڳي ته
مان ڪرشن ٿي پيئي آهيان. آ، ها! ههڙو آنند! آنند
مئي، اَٿاهه آنند مئي هو. هوءَ راڌا ڪانه هئي.
راڌا پلٽو کائي (مٽجي) ڪرشن ٿي پيئي هئي. هوءَ
هئي ڪرشن، ڪرشن هو هوءَ. نج، نرمل، نيارو آنند
جو جڳتر کلي نروار ٿي پيو. هوءَ اَهڙو گد گد ٿي
ويئي جو نه رهيس پنهنجي سرير جي سڌ، نه گهرو ڪمن
ڪارين جي سوجهي، نه دکه سکه جي سمڪ، نه ٻاهرين
جڳتر جي ٻوجهه. ساري هستي سندس لاءِ ناستي ٿي
ويئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي پياري سان سم روُپ
ٿي ويئي هئي. آنند روُپ اَوستا ۾ هوءَ ڪيترو وقت
هئي تنهنجي کيس سمڪ نه رهي. پر جڏهين سجاڳه ٿي،
تڏهين ڏٺائين ته صبوح ٿي ويو آهي.
ڪرشن ڀرسان گيگه ملائي سمهيو پيو هو.
سندس منهن مان ڀورڙائي ۽ وڏوهه (بيڏوهه) پي
بکيو. راڌا نرسنسي کيس ڌونڌاڙي اُٿارڻ لڳي.
ڄاتائين ته رڳو ننڊ جو مکر آهي. ڪرشن اُٿي کڙو
ٿيو ۽ اَکيون مهٽي چوڻ لڳو- ڇا! صبوح به ٿيو.
راڌا سندس ٻئي هٿ سوگها جهلي، ڀيڙي چوڻ لڳي ”مون
توکي سهي سڃاتو آهي. تون مونکي هينئر نٿو ڀلائي
سگهين. هاڻي سچي ڪر، تون ڍؤنگي آهين يا نا؟ تون
مڪر ڪري سمهين پيو آهين، پر سچ پچ جاڳين پيو.
تون رات ۽ ڏينهن کان پري آهين. تون سروَ سجاڳه ۽
اکنڊ، ست چت آنند روپ آهين، جيئن مون توکي
اَڳهڻو ڏٺو. هي تنهنجا کونگهرا ۽ ننڊ نلو پاکنڊ
آهن. ول ۽ ڇل آهن.
ڪرشن:- سچ، مان ڍؤنگي آهيان، پر
نه اُنهن سان جي منهنجو ڍؤنگه سهي ڪن ٿا. مان
انهن سان سنئون سنواٽو ۽ نمرتا ڀاءَ سان ورتان
ٿو.
راڌا:- سچ ٻڌاءِ، تون ڪوڙو آهين
يا نه؟ هي سڀ ڪوڙ-جڳتر جو ڪوڙو پسارو توئي رچيو
آهي.
ڪرشن:- بيشڪ مان ڪوڙو آهيان، پر
نه نپٽ ڪوڙو؛ اِهو مان ساپيا ٿو چوان. جيڪي
مونکي سوجهين (ڳولين) ٿا، تن سان مان سدائين سچو
آهيان. جڏهين اُهي ڪوڙي کي پرکڻ لڳن ٿا، تڏهين
هيءُ سڀ وستار، هيءُ سارو سنسار پاڻکان پاڻهي
سپنو پيو ڀاسي.
راڌا:- سچ چؤ، تون ٺڳه آهين ڪين
نه! ڇاڪاڻ ته تون ئي اسانکي اِهو وهم وجهي ٺڳين
ٿو، ته اسين توکان اَلڳه آهيون.
ڪرشن:- ٺيڪ، مان ٺڳه آهيان. پر
مان رڳو تهن کي ٿو ٺڳيان، جي پاڻ کي اَلڳهه
سمجهي، پاڻکي پاڻيهي ٺڳي رهيا آهن ۽ وڌيڪ ٺڳجڻ
تي دل پيئي ٿئين.
راڌا:- سچ ٻڌاءِ، تون چور آهين
يا نه؟ تون مايا پکيڙي، اَنڌو ڪري ماڻهن کان پاڻ
سڃاڻڻ جو آنند ڦريو وٺين.
ڪرشن:- چور نه، پر چورن جو به
چوڌري آهيان. پر مان رڳو اُنهن کي ٿو ڦريان جي
پنهنجي سچي پاڻ يعني آتما کي وساري ويٺا آهن.
راڌا:- اِهو سچ آهي يا نه ته تون
نردئي آهين؟ سڀني جيون کي دکي ڏسي تون ڄڻ خوش
پيو ٿين؟ ٻين لاءِ مؤت، تولاءِ راند آهي؟“
ڪرشن:- سچ، مان اُنهن تي ديا نٿو
ڪريان، جنکي مون لاءِ ڪو قياس ڪونهي. جي دنيا جي
موهه ۾ ڦاسي مون ”آتما“ کي پاڻ ۾ ناس ڪيو ڇڏين،
سي آتم هچاري آهن. منهنجي نرديا به ٻاجهه سان
ڀري پيئي آهي، ڇاڪاڻ ته دکه ۾ به سکه آهي. اڳي
پوءِ (نيٺ به) مان سڀني کان پاڻ ملايو ڇڏيان.
مان سڀني جي سار لهان ٿو ۽ ڪنهنکي به وڻواند وڃڻ
يا ٻڏڻ نٿو ڏيان.
راڌا:- ائين آهي يا نه ته تون
ڪلڇڻو ۽ ڪپيرو يعني ڌرم هيڻ ۽ ست رهت آهين؟
ڇاڪاڻ ته تنهنجي لاڏلين، تنهنجي پريمڻين جو ته
اَنت ئي ڪونهي.
ڪرشن:- يٿارٿ، هي سڀ دنيا جا
پدارٿ، منهنجا *دسي ٻار آهن. سڀڪا
آتما منهنجي ڳجهي پريمڻ آهي، جنهن سان مان ڏاڍا
کيل ڪوڏ ٿو ڪريان ۽ واري وَٽيءَ پيو پڏايان،
کجايان ۽ پرڀايان، جيسين پاڻ سينگارڻ جو موهه
وساري ڇڏين ۽ مون لاءِ مونکي پيار ڪرڻ لڳن، جيئن
تون مونکي ڪرين ٿي، ۽ ٻي ڪابه تات طلب اَندر ۾
نه رکن. پوءِ مان سڀني کي پاڻ ۾ لئ ڪري ٿو
ڇڏيان.
ڪرشن جي سچي ڪرڻ تي راڌا سرهائي ڏيکاري
چوڻ لڳي ”ائ ايشور، مان ڏاڍي خوس ٿي آهيان ته
تون ڍؤنگي، ڪوڙو، ٺڳه، چور، ڪٺور، ڪلڇڻو ۽ ڪپيرو
آهين ۽ تون آهين آءٌ ۽ آءٌ آهيان تون.“
پيارا پاٺڪ – وڏن ڪڍڻ کان اڳه، اسانکي
ڳالهه جو ٽات پرج پروڙڻ گهرجي. جيسين راڌا کي
اِهو بانوَر (هٺ) هو ته مون ڪرشن کي جيتيو آهي،
تيسين ڪرشن جي دل کان پري هئي؛ پر جڏهين پڇتائڻ
لڳي ۽ هٺ وڃائي حليم ٿي، تڏهين ڪرشن درسن ڏنس.
نه رڳو ايترو پر پاڻ ئي ڪرشن ٿي پيئي. اُپنشد
ٻولين ٿا ته برهم کي اُن ئي ڄاتو آهي جو سمجهي
ٿو ته مون کيس نه سڃاتو آهي ۽ جو سمجهي ٿو ته
مون کيس سڇاتو آهي تنهن سچ پچ کيس نه ڄاتو آهي.
يا هيئن چئجي ته برهم (پرم ايشوَر) کي اُنهيءَ
پاتو آهي جو سمجهي ٿو ته مون کيس نه
ڄاتو آهي؛ جو سمجهي ٿو ته مون کيس ڄاتو آهي تنهن
کيس نه ڄاتو آهي.
نوٽ – ڇاڻڻ آهي سڃاڻڻ يعني اَنت لهڻ،
روپ ڏسڻ. بي اَنت يعني روپ يا ڄاڻ سڃاڻ آهي ئي
ڪانه. ڄاڻ وڃائڻ ئي آهي هڪ ٿي وڃڻ. بي اَنت ۾ بي
اَنت ٿيڻ يعني لئ ٿيڻ.
اسين ڀارت واسي، ڍنگي، ڪوڙي، ٺڳه، چور،
ڪٺور، ڪلڇڻي ڪرشن جا ڪهڙا نه ڪوڏيا آهيون.
سهسين ڪن سينگار، سهاڳڻ ڪا هڪڙي؛
پاتو جنهن پريت سان، حليميءَ جو هار؛
چڙهي سکپت1 سيج تي، ڀيٽي2
نٿ ڀتار؛
ٻيون سڀ ٿين خوار، سڪ ورائي3
سکڻيون.
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هار؛
پسڻ ڪاڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار؛
ڍول تنهين ڍار4، هيناهون هلن
جي.
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀن ڳچيءَ هس5؛
پسڻ کان پرينءَ جي، وڏا ڪيائون وَس؛
ڍول تنهين گس6، هيٺاهون هلن
جي.
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني منهن جڙاءُ7؛
سڀڪنهن ڀانيو پاڻکي، ته ايندو مون گهر
راءُ؛
پيٺو تن درانءُ8، جي پسي پاڻ
لڄايون.
نڪي هو ٻانهن ۾، نڪي ڳر1
هئوم؛
نه سينڌ نه سرمو، نه سينگار ڪيوم؛
تيلاهين ڪانڌ سندوم، رکوئي رءُ کڻي2.
سونا ڪر3 ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳانا
هار؛
ٻانهوٽا4 ٻانهن ۾، سينڌ سڻڀا
وار؛
تيلاهين پيءَ5 پچار، ڪانڌ
منهنجي ڇڏيءِ.
گهوريو سو سهاڳه، جنهن ۾ پسين پاڻکي؛
ڏوري لهه ڏهاڳه، جنهن ڪو لاهو6
داسرو7.
ور وسري ته ڪوهه8، پر ور نه
وسريوس؛
ڪونه چوندو ڪڏهين، ته اڱڻ9
اُونداهوس.
(ليلان چنيسر، شاهه جو
رسالو.)
آتما
وگيان جي مکيه مراد آهي ڄاڻڻ ته آتما ڇا
آهي، ۽ سندس ناتو پر ماتما سان ڪهڙو آهي، يعني
ته آتما ۽ ايشور جو پاڻ ۾ ڪهڙو لڳه لاڳاپو
آهي.وکيانين اِنهي وشيه (ڳالهه تي گهڻوئي ڪي
لکيو آهي؛ پر اُهو رواجي ٻوليءَ ۾ نه آهي. منجهس
اڪيچار خاص ًهرايل واڪيه (اصطلاح) ڪــــم ۾ آندا
ويا آهن، جي عام لوڪن جي سمجهه کان ٻاهر
آهن. رڳو وگيان جا وديارٿي ئي اُنهنجهو فائدو وٺي
سگهن ٿا. آڳاٽن رشين اِها اوڻائي اَنڀؤ (سهي) ڪئي،
۽ هنن ماڻهن جي اُلتيءَ ۽ واڌاري لاءِ تمام
سهنجيءَ ۽ ساڌارڻ ٻوليءَ ۾ آتما بابت سمجهاڻي ڏني
آهي. اِنهيءَ سکيا جي اُپٽار هندن جي اُپنشندن ۾
ڪهاڻين ۽ درشٽانتن وسيلي چڱيءَ پر ٿيل آهي، جن
(اُپنشدن) جي چوڌاري آڳاٽي سمي جي اُجل اوش
(سهائي) سدائين پڙ هڻيِ پيئي جهلڪا ڏئي.
ڇاندوگيه اُپنشد ۾ وروچن ۽ اڀندر جي وارتا آتما جي
اوکيءَ وشيه تي چڱيري ڇاٽ (روشني) ٿي ڇٽي. ڪنهن
سمي ديوتائين ۽ اَسرن (دئتن ٺهراءُ ڪيو ته سڌ لهجي
ته آتما ڇا آهي. آسرن اِها آس رکي ته جڏهين کين
آتما جي سوجهي پوندي تڏهين اُهي ساري وس (جڳتر) جا
والث ٿيندا، ۽ ديوتائن جي اِها ڀاون هئي ته آتما
جي ڄاڻڻ ڪري اُهي نردوش ۽ آنندت ٿي پوندا. ديوتائن
مان اِندر ۽ اَسرن مان وروچن آهوُتي تي ڀيٽا هٿ ۾
کڻي پرجا پتيءَ وٽ ٻٽيهن ورهين تائين برهمچاري ٿي
وڃي رهيا. پرجا پتيءَ کانئن پڇيو ته توهين ڪهڙو
سنڪلپ ڌاري اچي هتي رهيا آهيو؟ اُنهن ورندي ڏني ته
اسان ٻڌو آهي ته آتما نردوش، اَبناسي ۽ آنند روُپ
آهي. نه کائي ٿو نه پيئي ٿو. وشئ واشنائن کان رهت
۽ سناتن سچ آهي، جنهنجي ساڃاهه پوڻ سان اڳلو
(ماڻهو) سڀيئي لوڪ ماڻي ٿو ۽ سندس سڀ ڪامنائون
پوريون ٿين ٿيون. اِها منشا پائي اچي هتي رهيا
آهيون. پرجا پتئِ کين ورنايو ”بابا، جو جيءُ اوهين
پنهنجي اکه اندر ڏسي رهيا آهيو، سوئي آتما آهي.
اُهوئي برهم آهي. اُهوئي ڊپ ۽ مؤت کان آجو آهي.“ |