اِنڇائن جو اَنت
هڪڙو بيکاريِ برهمڻ ڪنهن ڏينهن تانجور
شهر جي شاهي سڙڪ تان گهمندو ڦرندو اچي راڄمندر
وٽان لانگهائو ٿيو ته اوچتو سندس
نگاه وڃي راجا جي ڌيءُ تي پيئي جنهن پنهنجين
سهيلين سان محلات جي ماڙيءَ تي پئي راند ڪئي.
هنجي سونهن سوڀيا ڏسي هو اُتس اَڪن ڇڪن ٿي پيو ۽
بيهي هڪ ٽڪ نهارڻ لڳو. ايتري به سمڪ نه رهيس جو
کڻي ويچاري ته هيئن راجائي محلات ڏانهن نهارڻ
مان جيءَ کي جوکو آهي. اَچانڪ راجا هنکي اهڙو بي
اَدبيءَ سان نهاريندو ڏسي ورتو ۽ هنکي پڪڙي وٺي
اچڻ آگيا لاءِ ڪيائين ۽ ڪاوڙ جي کانئس پڇيائين
ته تون ڪير آهين ۽ ڇو تو اهڙي گستاخيءِ سان
شهزاديءَ ڏي پئي نهاريو؟ برهمڻ وراڻي ڏني ته
”سوامي، سونهن سانڍڻ لاءِ نه آهي پر ماڻڻ لاءِ
آهي.“ اِهي ڊيٺائيءَ جا وچن ٻڌي راجا کي ڏاڍي چڙ
آئي ۽ آگيا ڪيائين ته هنکي ڏنڀ ڏيئي گڏهه تي
اُبتو چاڙهي شهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جڏهين هو
راڄڌانيءَ کان ٻاهر ٿيو تڏهين اچي رات پيس ۽
منهنجي بهي رهيو ته هاڻي ڇا ڪريان ۽ ڪاڏي وڃان.
اڃان ٿورو اڳڀرو ٿيو ئي ڪين نه پريان ڪاليءَ جو
مندر ڏسڻ ۾ آيس. اُمالڪ اندر گهڙي ويو. ڏٺائين
ته اندر پهرئي ڪانهي. ڪالي مائي به نڪري ويئي
هئي ٻاهر پسار ڪرڻ، سو ڪڙو پائي اندر سوگهو ٿي
ويهي رهيو. هنکي ننڊ ئي نه اچي. شهزاديءَ جي شڪل
هر هر سندس من تي پئي هري ۽ اکين اڳيان ڦريِ.
کيس هٿ ڪرڻ لاءِ گهاٽ پئي گهڙيائين ۽ پهه
پڇايائين پر نيٺ سوچيائين ته اِنهن حيلن وسيلن
مان ڪجهه ڪين ورندو. شهزاديءَ کي محلات مان
ڀڄائي وڃڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. پوءِ به ڪا پڪ
آهي ته هوُءَ مون جهڙي ڪوجهي ۽ اَڻ ڄاڻ کي پيار
ڪندي! اَچان اِنهي ڳڻ تور ۾ هو ته در تي کڙڪو
ٿيو. سمجهائين آهي ته ديوي، سو ڪن لاٽار ڪري
ويهي رهيو. ڀايائين ته جيڪڏهين مان در لاهڻ کان
ناڪار ڪندس ته ديوي اَوس من گهريوور ڏينديم.
جڏهين ٻه چار سڏ ٻيا به ٿيا تڏهين دل
ٻڌي اندران پڇڻ لڳو ”در لاهيان ته ديوي ڇا ڇا
ڏينديم.“ چيائينس ته
جيڪي گهرندين، پر ٽن ورن کان مٿي نه. پر سگهو در
لاهه مان ٿڪجي پيئي آهيان. برهمڻ خوشيءَ ۾ ڀرجي
چوڻ لڳو ”جي تون سچي ديوي آهين ته پهرين ور ڏينم
ته سڀاڻي صبوح سان تانجور جو راجا ٿيان، ٻيو ته
سڀاڻي سانجهيءَ سنئون مان شهزاديءَ سان شادي
ڪريان ۽ ٽيون ته جڏهين ٻيا ٽي ورکپندم تڏهين
گهري وٺندس. ديوي ”تٿاستوُ“ (ائين ئي ٿيندو) چئي
اندر لنگهي ويئي ۽ هو ڀاڳوان برهمڻ ٽپ ڏيئي باهر
نڪري آيو ۽ ديوي به تاڙي پائي اَندر وڃي سمهي
پيئي ۽ کونگهرا هڻڻ لڳي. ساڳيءَ رات تاجور جو
راجا مري ويو. پرهه ڦٽيءَ جو راڄ جي ريت پٽاندر
راڄمندر جو هاٿي راجا چونڊڻ لاءِ شهر کان ٻاهر
روانو ڪيو ويو، جو سڌو لنگهي ويو ديويءَ جي مندر
ڏانهن ۽ اُن برهمڻ کي ڳچيءَ ۾ هار وجهي پٺيءَ تي
چاڙهي موٽي راڄمندر ۾ آيو، جتي کيس راڄتلڪ ڏبئي
گاديءَ تي وهاريائون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هنکي
ديويءَ وارا ور ياد پيا. پهرين چاهيائين ته
منهنجي منهن جا سڀ کاڌ ۽ چٽا ميٽجي وڃن ۽ مان
اِتي روپوَنت ٿي پوان؛ ٻيو ته مان وڏو ودوان ٿي
پوان ۽ ٽيون ته جڏهين ٽي ور کپندم تڏهين گهرندس.
هو اُتي جو اُتي اهڙو سهڻو ۽ ودوان ٿي پيو جو
شهزادي پاڻمرادو ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ آتر ٿي.
ڪجهه ڪال ڏاڍو آنند ۾ گذاريائين پر پوءِ جلد ئي
ڪڪ ٿي پيو ۽ نون نون سکن لاءِ واجهائڻ لڳو. وري
ديويءَ وارا ور سنڀاري پهرين چاهيائين ته ساري
جڳتر جو راجا ٿيان، ٻيو ته شهزاديءَ کان به
مهاسندر هزار زالون هجنم، ٽيون ته ٻيا ٽي وه گرج
مهل وٺندس. سندس من جون ڪامنائون پوريون ٿيون پر
تڏهين به هو سکي نه هو. پوءِ اچي اٻلاکا ٿيس تي
ساري سرشٽيءَ ۾ تڏري جيت کان وٺي پري پري وڏن
وڏن تارن ۽ نکترن ۾ جيڪي به پيو وهي واپري
تنهنجي سڌ پويم، ٻيو ته سڀني رڌين ۽ سڌين جو
مالڪ بڻجان، ٽيو ته ٻيا ٽي ور گهرج مهل وٺندس.
جيئن ٿي چيائين تيئن ٿي ٿيو. هو هاڻي جڳتر ۾ هڪ
اَڌڀت جيوُ اٿوا اوتار ليکجڻ ۾ آيو. تڏهين به
سندس تمنا پوري نه ٿي. گرهست جا گهنگهر، ڪٽنب جا
جهيڙا ۽ جهٽا، گهپي ۽ ڪلڪل، وير ۽ ونجوڳه، ڏکه ۽
ڏوجهڙا جي اَوَج آهر آڏو اچن ٿا تن هنجي من کي
ڏاڍو پئي ڀٽڪايو. اَنيڪ اُڌما پئي آيس. هو ڪڏهين
خوش هو ته ڪڏهين اُداس، ڪڏيهن سکي ته ڪڏهين دکي،
ڪڏهين سرهو ته ڪڏهين اَرهو. هنجو من ائين پئي
ٻڏو ۽ تريو جئين سنهون ڪانو ڪانهن جو
ٿورڙيءَ هوا ۾ پيو لچڪندو ۽ لوڏا کائيندو آهي.
جئڻ ئي جنجال ٿي پيس. هو اکه ڇنڀ ۾ وڏا وڏا سمنڊ
اُڪري ويندو هو. آسمان ۾ اُڏامي ويندو هو. تڏهين
به سکيو نه هو. رڌيون سڌيون سڀ هنکي وهه سمان
ٿيِ پييون. هڪڙي شيءِ ٿي سرچايس ته ڏهن ٿي
ورچايس. ماڻهن جا ويچار ته جهٽ پروڙي ويندو هو
پر سندن آپسوارٿ، اَڀمان، اَنرٿ ۽ اپراڌ ڏسي کيس
ڏاڍو ڪهڪاءُ ٿيندو هو. ڪجهه به مٺو نٿي لڳس،
اهڙو ته اچي حياتيءَ کان بر ٿيو جو ڀايائين ته
آپ گهات ڪري ڇڏيان پر ڊپ ٿيس ته متان هن ڀوَ
ساگر جي ڀير (ڪن) ۾ جنمن جا گهوتا نه کائڻا
پونم. ڇا آڪاس ۾، ڇا پاتال ۾ ڇا پرٿوي تي، ڇا وچ
آسمان ۾ ڪٿي به سکه ڪونه آيس. هو شانتي ۽ سک
لاءِ پئي سڪيو، پر ساري سرشٽيءَ ۾ ڪٿي به سک ڏسڻ
۾ نه آيس. نيٺ هريِ آيس ته اِهو آنند روپي آڙاهه
ته اَندر ۾ پيو وسي ۽ ترشنائن کي تياڳڻ ئي
شانتيءَ جو دوار (دروازو) آهي. پر اِهي منشائون
ڪيئن مارجن ۽ ڪهڙي اگهور (گهري) اونگهه (ننڊ) ۾
وڃي پئجي جتان وري جاڳڻ نه ٿئي، نڪي وري اِهي
اِنڇائون اُتپن ٿين. اهڙي ڪا وٿ سجهيس ئي ڪانه
جنهنجي ملڻ سان سڀ منشائون ناس ٿي وڃن
۽
ڪنهن به وٿ (شيءِ) جي تانگهه نه رهي. اهڙي ڪا
شيءِ هئي ڪانه جا هن نه چوڙهي ماڻي هئي. تنهنڪري
هيڪاري هرکر ٿي پيس. نيٺ هڻندي هڻندي ککي آيس ته
پرم ايشور جو سڀني پدارٿن جو موُل ۽ ساري
سرشٽيءَ جو سرجنهار آهي تنهنکي ته مون سڃاتوئي
نه آهي. اُهو ”ڪير آهي ۽ ڪهڙو؟“ – انهي ڀيڌ لهڻ
جي اندر ۾ اُڪير ٿيس جنهن سندس ستل من کي
جاڳايو. پوءِ ته وري ديويءَ وارن ورن کي وارو
ڏيئي پهرين گهريائين ته من جي شانتي مليم، ٻيو
ته پرم ايشور پنهنجي اکين سان پسان، ٽيون ته ٻيا
ٽي ور کپ مهل گهرندس. اوچتوئي اوچتو ڪاليءَ اٿوا
”چت شڪتيءَ“ جي پرتاب سان هنکي اندر ۾ اهڙو ته
آنند جاڳيو جو چوڻ کان ٻاهر. سهي ڪيائين ته هن
ساري نانا روپ ۽ چمتڪار جو ڪرتار مون منجهه ئي
آهي، اٿوا مان پاڻ آهيان. جڏهين اهڙي سوجهي پيس
تڏهين وديائون ۽ ڪلائون، سڌيون ۽ رڌيون هيترا
سارا ڏيهه جن تي راڄ ڪندو هو، اڪيچار اَتي سندر
استريون، تارا ۽ منڊل جن ۾ هو سدائين پيو سئر
ڪندو هو، سندس آسون ۽ اُميدون، دکه ۽ سکه، هرک ۽
سوڪ، چنتا ۽ چاه سڀ هڪ کن ۾ اَلُوپ ٿي ويا.
ڄاٽائين ته جيڪي مون ڏٺو ۽ وائٺو، جيڪي مون
چوڙيو ۽ ماڻيو سو سڀ سپنو هو ۽ مان ئي انهن جو
ڪرتار هوس. سچ پچ ته نڪا آهي اُتپتي نڪا پرلئي.
گد گد ٿي چوڻ لڳو ”مان ئي آنند روپ آهيان. مان
ئي پرم ايشور آهيان. مونکان مٿي ٻيو ڪجهه نه
آهي.“ ڳچ ڏينهن کان پوءِ ديويءَ وري درسن ڏنس ۽
پڇائينس ته ڇو، تون اَڃا ٽيون ور ڇو نه ٿو وٺين؟
چيائين ته مون اُنکي پاتو آهي جنهن کان مٿي ٻيو
ڪجهه به پرائڻو نه آهي، جنهن ڄاڻ کان مٿي ٻيو ڪو
ڄاڻ (گيان) نه آهي، جنهن آنند کان مٿي ٻيو ڪو
آنند نه آهي. مون پرم پدارٿ، پرم لوڪ ۽ پرم آنند
پاتو آهي. هاڻي مونکي ٻي ڪابه تمنا نه آهي، رڳو
اِهائي انڇا اٿم ته سدائين انهي آنند روپ آڙاه ۾
پيو تران ۽ تڙڳان. ديويِ اتي پرسن ٿي آشيرواد
ڏيئي انترڌيان ٿي ويئي. جنهن من جيتيو تنهن جڳه
جيتيو. سامي – ترشنا تار ندي وهي تک تاوَ سان،
منجهس ڪڇ مڇ واگهو گهڻا سهسين سنٻنڌي.
سچيِ شرڌا.
ڪنهن سمي شوُ ۽ پارپتي آڪاس جو گمن
ڪندي اچي هردوار مٿان لانگهائو ٿيا، جتي پوتر
گنگا مٿانهن ٽڪرن تان گڙگاٽ ڪندي وهيو اچيو
ميدانن ۾ پوي. ڪنڀ جو ميلو هو، هزارين ماڻهون
ڀارت ورش جي سڀڪنهن ڪنڊ ڪرڇ کان نرمل گنگا جل ۾
ٽٻي ڏيئي پاڻ پوتر ڪرڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا.
چهچٽو به اَنوپ چهچٽو هو، ڏسڻ وٽان هو. جات پات
جو ته ليکوئي ڪونه هو. جدا جدا پنٿن ۽ نرالين
نرالين ٻولين جا ماڻهون. نر توڙي ناريون. ورن
ورن جي ويسن ۽ وسترن ۾ گنگا جي گهاٽ تي ڳاهٽ ٿيا
هئا. ڀاڳيرتي جي ڪنٽي تي هيتري چٽ ۽ گپا گيهه
ڏسي پارپتي ماتا جا اُن وقت پنهنجي پتيءَ سان
گيان چرچا ۾ ريڌي ويٺي هئي ۽ ”جوڻين“ بابت رهاڻ
پئي هلي، تنهن پڪاري چيو ته ”سوامي هيڏانهن ته
نهاريو، ڇا جهر مر لڳي پيئي آهي! ڪيترا نه
اڪيچار ماڻهون هن پوتر اسٿان تي اشنان ڪرڻ لاءِ
اچي ڪٺا ٿيا آهن. شاسترن سچه چيو آهي ته جو جيوُ
هڪ واريڀ گنگا ۾ ٽٻي ڏئي ٿو سو جنم مرڻ جي دکه
کان ڇٽي پوي ٿو ۽ وڃيو پرم گتيءَ کي پهچي. هاڻي
هيِ سڀ جيوَ جي هينئر هتي هڪيا آهن سي سڀ موکيه
پائي ويندا ۽ جيئن ته هيءُ ميلو ڇهين ڇهين ورهيه
لڳندو آهي تيئن هڪڙي سؤ ورهين جي اندر ڪروڙن جو
نيتارو ٿي ويندو. منکه ويچارو سدائين ڏکن ۽ پاپن
۾ ڀريو
پيو آهي تنهن لاءِ هي وڏو آٿت ۽ ڏڍ آهي.“ شوُ جي
مهراج چوڻ لڳو ”نه پياري، ائين نه آهي. اُنهن
سڀني جو اُڌار ٿيڻ جو نه آهي ڪروڙن ۾ ڪو هڪڙو
اَڌ مس لڀندو جو ڇوٽڪاري جو اَڌڪاري هوندو.“
تنهن تي پارپتيءَ پڇيو ”ڇا تڏهين شاستر سچا نه
آهن؟ هو جيڪي چون ٿا سو سڀ جوُٺ ۽ مٿيا آهي؟ سڀ
ڪوُڙ ۽ ڪساکه آهي؟“ شوَ وراڻي ڏني ته شاستر
ڪڏهين به ڪوُڙا ٿيڻ جا نه آهن؛ پر هاڻي مان توکي
پرتکه پرماڻ ڏيئي نرنئه ڪري ٿو ڏيکاريان. مان
ڪايا پلٽي هڪڙو بڍو شرير ٿي ٿو پوان، هلڻ کان
هلاکه، ڪوڙه جي مرض کان عاجز، هلي ٿو گنگا جي
ڪنٺي تي پئجي رهان. تون هڪ سورهن ورهين جي
مهاسندري ٿي پئه ۽ ائين هلاءِ ته مان تنهنجو پتي
آهيان آءٌ هردوار ۾ اشنان ڪري پاڻ پوتر ڪرڻ لاءِ
آيو آهيان. پوءِ ترت ئي مان سرير ڇڏيندس ۽ تون
روئي پٽي ورلاپ ڪري پڪارجانءِ ته آهي ڪو ايشور
جو پيارو جو هن منهنجي پتيءَ جو اُپڪار ڪري. پر
جڏهين اُنهن مان ڪو ويجهو اچي تڏهين کيس پريان
ئي روڪي چئجانءِ ته هن پرانيءَ کي اُهو هٿ لاهي
۽ لڪڙا ڏئي جو پاپن کان آجو ۽ پوٽر هجي. پوءِ
پاڻيهي توکي سڌ پوندي ته شاسترن جو چوڻ سچو آهي
ڪي ڪوڙو. ايترو چئي شو هڪڙي ٻڍي ماڻهونءَ جو
سروپ ڌاريو، پيريءَ جي پيڙائن کان
نستو، اکين کان جڏو، منهن ۾ گهنج ۽ ڪوڙه جي مرض
۾ سڄو وڪوڙيل، جنهنجي ڏسڻ سان ڪراهت پئي آئي.
کيس ٻانهن کان جهلي هڪڙي سورهن ورهين جي وينگس
اُتي اچي نڪتي. سندس چهرو اُداس ۽ ڏکه ۾ ڀريل
پئي ڏٺو. جوڙوئي اچي هر جي پئڙين جي ڪنڌيءَ وٽ
ويهي رهيو. پوڙهو بدن کان بيزار پئي ڏسڻ ۾ آيو ۽
اُتيئي ساڻو ٿي پئجي رهيو. ٿوريئي وقت ۾ هن دم
ڏنو. زال پاڻ جهلي نه سگهي ۽ زار زار روئڻ
۽
منهن مٿو پٽڻ لڳي. سندس ورلاپ ۽ وائويلا ٻڌي
سوين ماڻهون ڏانهنس ڊوڙي آيا. ڪي کيس دلداري ڏيڻ
لڳا. ٻيا وري سندس سونهن تي موهت ٿي هڪ ٽڪ سندس
منهن تڪڻ لڳا. ڪي ٿورا هئا جي ڪهل وچان سندس
سهائتا لاءِ
وڌي آيا. اڃا ڀانيائون ته پرانيءَ کي کڻي درياه
۾ اشنان ڪرائي چکيا تي چاڙهيون ته ايتري ۾ هوُءَ
مائي کين روڪي چوڻ لڳي ته هن سرير جي ويجهو اُهو
اچي جو من، ۽ واڻيءَ ڪري شڌ هجي ۽ مونکي اهڙي پڪ
ڏئي ته هوُ هن توڙي اڳين جنمن جي پاپن کان آجو ۽
نرمل آهي. اهڙا ڪٺن وچن ٻڌي سڀڪو هٽي پري ٿي
بيٺو. ڪيتروئي وقت هيءَ مائي اُتي ترسي ته من ڪو
ستي پرش جاڳي جو سندس پتيءَ جو سنسڪار ڪري. پر
سندس پرن ٻڌي ڪنهنکي به اڳيان اچڻ جي همٿ نه ٿي.
هنجون
درد ڀريون آهون ٻڌي گهڻن جي دل ڀرجي آئي پر سڀ
بي وس هئا. سڄو ڏينهن لنگهي ويو، سج به مرڪڻ تي
هو ۽ ڪانگه به وڃي وڻين ويٺا تڏهين به پرانيءَ
جي پوئواري ڪانه ٿي. هزارين ماڻهو اچي مڙيا پر
ڪنهنکي به پاڻ ۾ ايتري پرتيت ڪانه هئي جو کڻي
مڙه کي هٿ لائي. ويچاري ودوا پتيءَ جي اگني
سنسڪار جو آسرو نه ڏسي پرن ٽوڙڻ تي هئي ته پريان
هڪڙو ماڻهون پاڻ ڏانهن ڊوڙندو ايندو ڏٺائين. هن
ايند پئي مائي کي هٿ جوڙي چيو ”ماتا آگيا ٿئي ته
وڃي هن ديهيءَ جو اڪني داهه ڪريان.“ مائيءَ
اُڪِير مان چيو ”پٽ، مونکي ڪو اعتراض ڪونهي –
رڳو ايتري پڪ ڏينم ته تون پاپن کان آجو ۽ پوتر
آهين. توکي منهنجي سنڪلپ جي ته اڳيئي سڌ آهي.“
هن وراڻي ڏني ته مون جهڙو مهاهچارو هن جڳه ۾ ڪو
ورلو هوندو پر هن پوتر جل ۾ هڪڙي ٽٻي مونکي اُجل
۽ پاپن کان آجو ڪري ڇڏيندي. ائين چئي هو جهٽ ٽپي
پيو درياه ۾ ۽ ٽٻي ڏيئي ٻاهر نڪري چوڻ لڳو ”مان
هاڻ نسچي سان ٿو چوان ته هاڻ مان نردوش ۽ برف
جهڙو اُجل آهيان. هاڻي آگيا ڏي ته وڃي تنهنجي
پتيءَ جو اُڌار ڪريان.“ اڃا اِهي وچن هن واٽون
ورايائي ڪين ته هوءَ ودوا ۽ سندس مئل پتي اُتي
جو اُتي اَلوُپ ٿي ويا. پارپتي پنهنجي آدي
ايشوري سروپ ۾ پرتيءَ سان ملي چوڻ لڳي ته سوامي!
هي جو کيل اوهان ڪري ڏيکاريو تنهن منهنجي پرشن
جو پورو پورو اُتر ڏنو آهي. هاڻي سڀ منهنجا وهم
۽ سنسا ناس ٿي ويا آهن. مونکي اوهانجي وچنن ۾
پڪو نشچو آهي. هيترا هزارين ماڻهون گنگا ۾ ٽٻي
ڏيڻ لاءِ ڪنا ٿيا آهن پر ڪنهن ورلي کي گنگا جل
جي پوتر تائيءَ ۽ شڪتيءَ ۾ ويساهه آهي. ائين پيو
ڏسڻ ۾ اچي ته ڄڻ مڪتيِ ته انهنجي خواب خيال ۾ به
ڪانهي. هيترن لکن ۾ رڳو اِهوئي هڪڙو جيو آهي
جنهن کي گنگا جل ۾ پورن وشواس آهي ۽ هن کي مڪتيِ
لاڀ ٿيندو. سچو صدق ئيِ مڪتيءَ جو مارڳه آهي.
ٿوري ۾ ته پارپتي ۽ مهيشور مانکي ديهه
ڌاري ان ماڻهونءَ اڳيان اچيِ پر گهٽيا ۽ کيس
وماڻ ۾ چاڙهي پاڻ سان ڪئلاس ڏانهن وٺيِ ويا.
ٻنڌڪ (ماري) ۽ نانگه
گوتميءَ نالي هڪڙي مائي هوندي هئي.
هڪڙي ڏينهن ڪنهن نانگه سندس پٽ کي ڪکي ماري وڌو.
اَرجنڪ نالي ٻنڌڪ، نانگه
کي نوڙيءَ سان سوگهو ٻڌي گوتميءَ وٽ وٺي آيو ۽
چوڻ لڳو، ”هن پاپيءَ تنهنجي پٽ جو ساهه ورتو
آهي؛ ٻڌاءِ ته هنکي ڪهڙي سيکت ڏجي؟ چوين ته
جيئروئي جلائي ڇڏيانس، چوين ته ٽڪر ٽڪر ڪري
ڇڏيانس، هي هچارو جيئڻ جو اَڌڪاري نه آهي.“
گوتميءَ وراڻي ڏني ”ائي آرجنڪ! هن
نانگه کي ڇڏي ڏي. هو اسانجي هٿان مرڻ جي لائق نه
آهي. هنکي مارڻ ڪري منهنجو پٽ جيئرو ڪونه ٿي
پوندو ۽ نڪي کيس ڇڏي ڏيڻ ڪري ڪو توکي ئي هرج
آهي.
اسانکي ڪهڙي پيئي آهي جو جيو هچا ڪري جنم مرڻ
جا دکه سهون. جي جيوَ پڃ ڪرم ڪري پاڻکي هلڪو ڪن
ٿا سي هي جيوت جو مها ساگر سهجيئي اُتري پار پون
ٿا، پر جي پاپ ڪرم ڪري پاڻکي ڳؤرو ڪن ٿا سي
پاڻيءَ ۾ اڇلايل تير وانگر وڃيو تر وٺن. ساڌو
پرشن جو سڀاءُ سدائين سيتل رهي ٿو.
ٻنڌڪ:-
مان ڄاڻان ٿو ته مهاتما پرش ٻين کي دکي ڏسي پاڻ
به دکي ٿين ٿا. جي شانتي ۽ سک جا ڪانکي آهن سي
ڪال کي سڀڪنهن ڳالهه جو ڪارڻ ٿا سمجهن؛
پر سنساري جيون کي وير وٺڻ ڌاران ڌيرج نٿو اچي.
تنهنڪري، ماتا، تون هنکي مارائي پنهنجو من ٺار.
گوتمي:- اُتم پرش ڪهڙئِ به اؤکيءَ ۾
آجهڙن نٿا. چڱن جو چت سدائين پڃ ڏي مائل رهي ٿو.
تنهنڪري نانگه کي مارائڻ ۾ مونکي ڪا رچي نٿي
ٿئي. منهنجي نينگر جو مؤت اڳيئي لکيل هو. برهمڻ
وير ونجوڳه من ۾ رکن ئي ڪونه، ڇاڪاڻ ته وير وکاد
ئي دکه جو ڪارڻ آهي. تنهنڪري ڀلائي ڪري هن نانگه
کي ڇڏي ڏي.
ٻنڌڪ:-
ٻل (جي) دان ڪري دان ڪندڙ ۽ ٻل ٻنهي جو ڀلو آهي،
تيئن اسانکي به هن ندوري نانگه کي ماري جس جو
ڀاڳي ٿيڻ گهرجي. شترؤءَ کي ناس ڪرڻ پڃ جو ڪم
آهي.
گوتمي:-
شترو کي مارڻ مان اسان کي ڇا هٿ ايندو؛ ڇو نه
کيس اوسراڻ (معافي) ڏيئي ڪو جس کٽون؟
ٻنڌڪ:-
هن هڪڙي پاپيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري ڪيترن جيون جو
ڪلياڻ ٿي پوندو. ست پرش ڇڏي ڏيندا آهن ڀل ته
پاپي پنهنجو ڪيتو لوڙين. تنهنڪري موڪل ڏينم ته
هنکي ناس ڪري ڇڏيان.
گوتمي:-
هنکي مارائڻ ڪري منهنجو پٽ جيئرو ڪونه ٿي پوندو،
نڪي ڪو ٻيوئي ڪارج سڌ ٿيندو، تنهنڪري اي ٻنڌڪ!
تون کيس ڇڏي ڏي، هو اسانجي آگيا پائي جيوت ڪانه
وٺي آيو آهي، تنهنڪري کيس مارڻ جو اسانکي ڪو حق
نه آهي.
ٻنڌڪ:-
هنکي وري تنهنجي پٽ کي مارڻ جو حق هو ڪيئن؟
گوتمي:-
منهنجي پٽ جو ديهانت (مؤت) ائين ٿيڻو هو. ڀڳونت
جو ڀاڻو اهڙو هو. نانگه ته فقط هڪ هٿيار هو. پر
جي چئجي ته نانگه ئي منهنجي پت جي مؤت جو سچو
پچو ڪارڻ هو، ته به اسانکي پاپ ڪرڻ نه جڳائي. هو
ته اَڻ ڄاڻائيءَ کان ڀليل هو؛ پر اسانجو کيس
مارڻ ڪا ڀل ڪا نه ليکبي.
ٻنڌڪ:-
ورتاسر
کي ماري
اِندر
ٻل (جي) دان جو ڳپل ڀاڱو هٿ ڪيو. اهڙيءَ ريت
مهيندر
به پاپ جو يگيه ناس ڪري چڱو ڦل پاتو. تنهنڪري
تون به نرسنسي ٿي نانگه کي ناس ڪرائي ڇڏ.
جيتوڻيڪ ٻنڌڪ هر هر کيس نانگه کي ناس
ڪرڻ لاءِ پئي چوريو تڏهين به سريشٽ مائي گوتميءَ
جو چت نه لڏيو. نانگه جو نوڙيءَ سان سوگهو ٻڌو
پيو هو سو سور سهيِ ڏاڍي ڏکويل آواز ۾ ڌيري ڌيري
مانکي واڻيءَ ۾ هيٺينءَ ريت چوڻ لڳو، ”ائي مورکه
اَرجنڪ! هن ڳالهه ۾
منهنجو ڪو ڏوهه نه آهي، مان ته پروَس آهيان.
مونکي پنهنجي اِنڇا ڪابه نه آهي. مرتيو ديوتا
مونکي هن ڪم پٺيان موڪليو. سندس اِنڇا آهر مون
ٻار کي ڏنگيو ۽ نه چڙ ۾ يا چاهه پئي. جي ڪو ڏوهه
ٿيو آهي ته اُهو هن ڪنان ٿيو آهي.“
ٻنڌڪ:-
جي تو ٻئي جي چوڻ تي هيِ اَپراڌ ڪيو آهي ته توتي
به پاپ پئي چڪو. جيئن مٽيءَ جي ٿانون جوڙڻ مهل
ڪنڀر جو چڪ، لٺ ۽ ڪنيرو سندن ڪارڻ آهن، تيئن تون
به هڪڙو ڪارڻ آهين.
نانگه:-
جيئن چڪ، لٺ ۽ ڪنيرو، اُهي ستنتر (پاڻ وهيڻو)
ڪارڻ نه آهن، تيئن مان به اُنهن جيان هڪڙو بيوس
ڪارڻ آهيان، تنهنڪري مونتي ڪا ميار نه آهي. پر
جيڪڏهين اڃان به سمجهين ٿو ته ڏوهه ٿيو آهي ته
انهيءَ جا ڪارڻ گهڻا آهن ۽ نه هڪڙو.
ٻنڌڪ:-
تون ڇو پيو اجائيِ بڙ بڙ ڪرين؟ ڪنهن به ريت تون
مونکان جيئرو ڪونه ڇٽندين.
نانگه:-
اي ٻنڌڪ! جيئن پروهت کي يگيه جو ڦل نٿو ملي،
تيئن هن نتيجي ۾ به منهنجو اَهڙو ئي سنٻنڌ آهي.
نانگه جي واتان اهي وچن چوارائي،
مرتيوُ
به اچي اُتي سهڙيو ۽ نانگه کي سنمک ٿي چوڻ لڳو،
”اي نانگه!
ڪال
(وقت) جي آگيا تي مون توکي هن ڪم پٺيان ڇڏيو
تنهنڪري نڪي تون، نڪي مان هن ٻار جي موت جو ڪارڻ
آهيون. جيئن ڪڪر، هوا جي لڳڻ ڪري هيڏانهن
هوڏانهن پيا ٽلڪن ۽ بل ڏين تيئن مان به ڪال
جي آڌين آهيان. ڪال جي پرٽاب هيٺ مول
پتڪرتيءَ جا ٽي گڻ، ستو- (جو ۽ تمو، سڀني جيون ۾
پيا کيل ڪن ۽ پنهنجو ڀاءُ سڀاءُ ڏيکارين. ساري
سرشٽي، اي نانگه! ڪال جي رنگه ۾ رتي
پيئي آهي. سج، چند ۽ تارا – هوا، پاڻي ۽ باهه –
پرٿويِ ۽ آڪاس – ننديون ۽ نارا – سمنڊ ۽ ساگر ۽
سڀ ست توڙي اَست پدارٿ ڪال ٿو سرجي ۽ اُهوئيِ ٿو
سنگهار ڪري. اِهو ڄاڻي ڪري به تون ڇو ٿو مونتي
ڏوهه مڙهين؟ جيڪڏهين مون تي ڪو ڏوهه آهي ته تون
به ڇٽلن گڏ نه آهين.
نانگه:-
مرتيوُ، مان توکي ڏوهه ڪونه ٿو ڏيان. مان رڳو
ايترو ٿو چوان ته مون تننهنجي ڏس پٽاندر اِهو ڪم
ڪيو. ڪال تي ڏوهه آهي يا نه سو منهنجو ڪم
نه آهي چوڻ. پوءِ منهن ورائي ٻنڌڪ کي چوڻ لڳو،
”مرتيوُ جيڪي چيو سو تو ٻڌو، تنهنڪري مون بي
ڏوهيءَ کي نوڙيءَ سان هيئن سوگهو ٻڌي ستائڻ توکي
نٿو جڳائي.“
ٻنڌڪ:- مون توهان ٻنهي جي واد وواد
ٻڌي آهي. اوهين ٻئي ٻار جي مؤت جا ڪارڻ آهيو.
مار پئي هن مها هچاري مرتيوُءَ کي جو هيئن ست
پرشن کي ٿو ستائي. پر توکي ته مان مور ڪين
ڇڏيندس، جو تون پاپي آهين ۽ پاپ ڪرم تنهنجي ڪرت
ٿي رهي آهي.
مرتيوُ:-
اسين ٻئي ستنتر نه آهيون. سمورا ڪال جي
آڌين آهيون. سندس آگيا انوسار سؤنپيل ڪم
پيا ڪريون. جيڪڏهين تون چڱيءَ پر ويچاريندين ته
اسانکي ڪو ڏوهه نه ڏيندين. اڃا اِهي وچن هنجي
واتون وريائي ڪين ته ڪال به اچي اُتي
پرگهٽ ٿيو ۽ پنگت کي چوڻ لڳو:-
ڪال:-
نه نانگه، نه مرتيوُ، ۽ نڪي مان، جيؤ جي مؤت جا
ڏوهاري آهيون. اسين ته رڳو ترت ڪارڻ آهيون. سچو
ڪارڻ جيو جا اڳيان ڪرم آهن. هيءُ ٻار پنهنجن
اڳين ڪرمن جي ڪري ئي مئو. جيئن ماڻهون مٽيءَ جي
چاڻي مان جيڪي وڻين سو ٺاهين ٿا، تيئن منک به
ڪرمن جي پرڀاءَ هيٺ پنهنجو ڪيتو ٿو لوڙي. جهڙو
جوت ۽ پاڇي جو پاڻ ۾ سنٻنڌ آهي تهڙوئي منش جي
ڪرتوتن (ڪرمن) جو ڪرم ڦل (اڳين ڪرمن) سان ناتو
آهي. تنهنڪري اسان مان ڪوبه ٻالڪ جي مؤت جو ڪارڻ
نه آهي، پر هو پاڻ ئي پنهنجي مؤت جو ڪارڻ آهي.
گوتمي:-
يٿارٿ- نه ڪال، نه مرتيوُ نڪي نانگه ئي هن ڳالهه ۾
تلاهي آهي. ٻالڪ جو مؤت سندس ڪرمن ڪريئي ٿيو آهي.
مون به اڳين جنمن ۾ اهرو ڪو اُگر پاپ ڪيو آهي،
جنهنڪري منهنجي نينگر جو هيئن چالاڻو ٿيو. هاڻي
ڀلي ڪال ۽ مرتيوُ موٽي پنهنجي ماڳه وڃن ۽ تون به
نانگه جا پلؤ آجا ڪر. پوءِ ته ڪال- مرتيوُ- نانگه
۽ ٻنڌڪ سڀڪو پنهنجي پنهنجي اسٿان ڏانهن اُسهيو.
گوتمي جا ڏاڍي ڳاڻوُ ۽ ٻڌوان هئي سا پنهنجي من ۾
سوچڻ ۽ مشڪڻ لڳي؛ چي، هي به هڪڙو کيل آهي. ڪرم جو
ته رڳو نالو آهي. رڳوڻو بهانو آهي. ايشور جي هڪ
رچيل نيتي آهي. سچ پچ هڪرو پن به اُنهي اَلک جي
آگيا بنا نٿو چري. هڪ اَڻي به کانئس ٻاهر نه آهي.
پوءِ مؤت ۽ جيوَت جي ڪهڙي ڳالهه؟
سامي – سڀڪو پنهنجو ڪيو ڪيتو ٿو پائي
ائين بڻي آهي نيتيِ نرنجن
ديوُ جي
سچو
سنياس
آڳاٽن اِتها هي توڙي ڌرمي لاڳاپن ڪري
جمنا نديِ هاڪاري آهي. کانئس گهڻو وڏيون نديون
اميزان، مسسپي ۽ مسوري مشهوريءَ ڪري جهڙيون آهن
تهڙيون نه آهن.
هڪڙي ڀيري سنجها جي ويلي جمنا جي رمڻيڪ
ريٽ تي راڌا ۽ ڪرشن راند روند پئي ڪئي، ته اوچتو
ويدن جي مڌر واڻيءَ جو پرلاءُ سندن ڪنن تي پيو.
راڌا وائڙي ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاري پڇڻ لڳي ته
اِهو آلاپ ڪٿان ٿو اچي. ڪرشن وراڻي ڏني ته ڀر واري
بن ۾ هڪڙو سنياسي آشرم اَڏي ويٺو آهي، نڄاڻاڻ
اُتاهين ٿو اچي. راڌا چيو، ”اِهي سنياسي جي پنهنجا
گهر تڙ ۽ ٻار ٻچا ڇڏي اچي بن ۾ رهن ٿا سي سچ پچ
پوتر پرس آهن. اُتن سديو ايشور جي ڪرپا آهي، ۽ آهن
به ڪريپا جا لائق. باقي ويچارا گهرستي جي گهرو
گهنگهرن ۾ ڳيٿا پيا آهن، سي ڪهڙا به ڌرمشٽ ڇو نه
هجن ٿي به سندن نيتارو ڪونهي.“ ڪرشن ”او نه“ چئي
ماٺڙي ڪري مرلي کڻي ويهي وڄائڻ لڳو. پر
راڌا جنهنکي بن جي اَوستا جو گهڻو پرڀاءُ پيل هو
تنهنکي سکه نه آيو. سا وريِ ڳالهه کي چوري چوڻ لڳي
”ڌن ڀاڳه آهن اهڙن جيون جا. سنياسين جي اَجهي ۽
ڀڳئن ڪپرن ۾ ڪهڙيِ نه عجيب مڻيا آهي! ماڻهون، جي
وڏين وڏين ندين وٽ اُتاهن وڻن جي وچ ۾ ڪٽيا ٺاهي
رهن ٿا، سي نسچي اُتم پرش آهن. ايشور جو ڌيان به
جيڪو بن جي نويڪلائيءَ ۾ لڳندو، سو گرهست جي گهپي
۽ ڪلڪل ۾ مور نه ٿيندو. بن جي رشين کان وڌيڪ پوتر
ٻيو ڪو شري مونکي ڪونه سجهي. جيڪڏهين آگيا ٿئي ته
هلي هن سنت جو درشن ڪريون، جو ههڙي سن ۽ سانت سمهي
ويدن جي مڌر واڻي ويٺو اُچاري. اهڙن مها پرشن جو
درشن سڀ پاپ نورت ڪيو ڇڏي.“ ڪرشن وراڻي ڏني ”راڌا،
پياري، جا تنهنجي اِنڇا سا منهنجي، هلو ته هلون.
پر ڀڳتيءَ جي ڀڳتي ۽ وندر جي وندر؛ کيس هڪڙي کل
جهڙي ڳالهه ٺاهي ٿا هلي بڌايون. مان هڪڙي ٻڍي
شڪاريءَ جو بيکه ٿو ڌاريان ۽ تون جهڙي سهڻيِ ۽
سڀريِ (ڌن واريِ) راڄڪماريِ آهين تهڙيِ رهه، ۽
پوءِ هلي ٿا راتوڪي رات جهنگه جي مرن کان پاڻ
بچائڻ لاءِ آشرم ۾ اجهو وٺون. مان هڪڙي وچتر وار
ٽا ڪري ٻڌايندوسانس، پر تون جيئن کلين يا مشڪين
نه.“ |