اَنڀئي جوت
دِبِ درشن
هڪڙي ڏينهن پراتڪال ويلي دل گهريو
پستڪ ويٺي پڙهي. پڙهندي اچي ڪنهن تڪ تي پيس، چي
”من نه مئَو آهي جن، ڪڇڻ ڪم نه آهي تن.“ منهجي
بهي رهيس. تڪ جو ڀاءُ پورو سمجهه ۾ نه آيم. ڇا!
من جو مؤت؟ من جي مئَو ته ماڻهون ڪيئن
ڳالهائيندو! ڌاڍي ويچار ۾ پئجي ويس ۽ هرکر ٿي
پيم. ڪتاب واري لاءِ ڏاڍو مان هوم. تڪ سچي به نه
ٿي لڳي ته ڪوڙي به نٿي ڀاسي. سڄو ڏينهن اِها تڪ
منهنجي من تي پئَي هري ۽ ڪنن ۾ پئَي ٻري.
سانجهيءَ ٽاڻي ڪنهن مڙه جي چڪاس تي هڪيو هوس ۽
بيٺي اُن جي وڍ ڪٽ ڏٺيم ته اُهي رشئي وارا وچن
من تي ٽري آيا ۽ انڇا ٿيم ته هن ٻاهرين ديهيءَ
وانگيان، ماڻهونءَ جو سوکيم سرير به ڦولهي ڏسجي
ته ڇا آهي. پر اهڙيءَ مهين (نازڪ) وڍ ڪٽ لاءِ
گهربل سامگري هيم ئي ڪانه؛ تنهنڪري منشا ماري
وڃي پئجي رهيس. ڀنڀرڪيءَ جو اٽڪل چئين بجي ڌاري
سپنو لڌم. ڇا ٿو
ڏسان ته هڪڙو سهڻو قداور رشي، ڊگهئي ڏاڙهيءَ
سان، گيڙوءَ رتي ويس ۾ منهنجي اڳيان بيٺو آهي.
مستڪ تي ڀڀوت لڳل اٿس ۽ سندس جٽائون مٿي تي ور
وڪڙ ڪيو ائين ويڙهيؤن پيون آهن، ڄڻ ته واسينگه
نانگه ڦڻ ڪڍيو ڏاڍي شان شؤڪت سان بيٺو آهي. مان
۽ منهنجو پريتم جنهن سان ويٺي ريجهه رهاڻ ڪيم،
ٻئي اُٿي کڙا ٿياسين ۽ پرنام ڪري، سندس پيرن تي
ڪري پياسين. رشيءَ اسانکي اُٿڻ جي آگيا ڪئي، ۽
ڀيوٽ کڻي ٿوري مونکي ڏنائين ۽ هڪڙي چپٽيِ ڀري،
ڪجهه پڙهي منهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين؛ پر ڇا عجب!
منهنجي سنگتي اُتيئي ڍيري ٿي پئجي رهيو، ۽
منهنجون اَکيون چڪر کائڻ لڳيون. ايتري ۾ منهنجي
اَندر جا ڪپاٺ کلي پيا، ۽ انهي ماٺ سنڌي مهران
جي مهما ڏسي، اَهڙو گد گد ٿي ويس جو سرير جي به
سوجهي ڪانه رهيم. مورڇا ٿيڻ تي هوس ته هن
يوگيءَ، جو منهنجي ڀرسان بيٺو هو، پنهنجي سوني
جادوءَ جي لڪڙي ڌيري مون تي گهمائي، ۽ هيٺين
طبقن ڏانهن نهارڻ لاءِ آگيا ڪيائين. انهن پنجن
ئي مها منڊلن جي نرالي نرالي جهاڳه جهڳمڳه، سچ
پچ عجيب ديدار هو. منهنجي نئين اَندر جي درشٽي
به سندن اَنت نه پائي سگهي. خاص ڪري جڏهين،
اُنهيءَ سڀ کان وڏي ۽ مٿئين پرڪاش ڏي نماڻا نيڻ
کڻي گهڻوئي نهاريم ۽ اکيون ڦاڙيم تڏهين مس مس
اِنهي پريم وري پرڪاش جو درسن پائي سگهيس. هن سڌ
پرش، پنهنجي سوني لڪڙي کڻي هيٺين ڳاڙهيءَ
روشنائيءَ تي گهمائي ۽ چيائينس ته اُنهيءَ جوتي
سروپ جي شڪتيءَ سان مان توکي آگيا ٿو ڏيان ته
اِها پنهنجي باندر واري هڻ هڻ بس ڪر ۽ مونکي
ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ نالو ڇا اٿيئي؟ جهٽ پٽ
اُنهيءَ روشنائي يوگيءَ کي پرنام ڪري وراڻي ڏني،
”سوامي، اوهانجي چرنن ۾ نمشڪار آهي. مان،
اوهانجو ٻڌو ٻانهون منس (من) آهيان (اُها شڪتي
جا اِندرين جي وسيلي دنيا سان وهنوار ۾ رڌل رهي
ٿي). مان هيل سوڌو پنهنجي ڌڻيءَ جي آگيا اَنوسار
ڪم پيو ڪريان. منهنجو ڏنڌو آهي ٻاهر ڀٽڪڻ ۽
ڍونڍڻ؛ ۽ جيڪي به ڏسان وائسان سو سڀ آڻي اندر
ڪٺو ڪريان. اندريون منهنجا دوار آهن، جن مان
لنگهي ٻاهر ويندو آهيان سئل ڪرڻ. هڪ کن به مونکي
سانت نه آهي. توهان جيڪا مونکي سگهه ستيا ڏني
آهي ۽ وڏڙن جي برڪت ۽ ڪرپا سان هي سوين سج ۽
چنڊ، هي اَنيڪ تارا ۽ منڊل، ماڻهون ۽ مرون پکي ۽
پنکر جيت ۽ جنتر، وڻ ۽ ٻوٽا، اَرٿات، هي سارو
برهمانڊ مان ئي نت اُپايان ٿو، مان ئي ٿو
بنايان، اَنت سمي مان ئي ٿو لين ڪريان. مان ئي
توهانجا اَننت کيل کلول پيو کيليان. جوڳيءَ چيس،
”چڱو؛ تون پنهنجي ڪرت ڪندو رهه، جيسين مان توکي
بس نه چوان.“ پوءِ لٺ ڦيرايائين ٻئي پيلي چڪر تي
۽ ڏاڍيءَ ڀرڪيءَ سان کيس اَنت ڏيڻ لاءِ چيائين.
پنهنجو ڌنڌو ٿورو وقت بس ڪري، پيلو چڪر نمي چوڻ
لڳو، ”سوامي، اوهانجي چرنن ۾ وندنا، منهنجو نالو
ٻڌي يعني مهت آهي، ۽ ماڻهون مونکي پرٿويءَ تي
تنهنجوسروپ ڪري ليکيندا آهن. منهنجو ڪم آهي، ته
جيڪي منس يعني من لابارو هڻي آڻي اندر ڪٺو ڪري،
تنهنجي ڇڙهه ڇانڊ ڪري، چڱي کي مندي کان اَلڳه
رکان. پڇاڙيءَ جو، تو ۾ لئي ٿي وڃڻ کان اڳ ۾ مان
ئي آهيان جا سڀني ڀر وارن منڊلن کي سڌ ٿي ڏيان
ته تون ڪير آهين، ۽ ڪٿي ٿو وسين. مون کان سواءِ
توکي سڃاڻڻ سٿرو ڪم نه آهي.“ پوءِ لٺ هلي ٽئين
نيريءَ روشنائيءَ جي چڪر تي، تنهنکي به ساڳيءَ
ريت آگيا ڪيائين. هن چيو، ”اوهان جي چرنن ۾
نويدن. مان اوهانجو داس، ٻڌيءَ جي چئي پٽاندر،
سٽون سٽي ڪم ڪريان ٿو. ٻڌي ۽ مان ٻيئي ساٿي ٿي
پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳي رهون ٿا. توهانجي در
جا پورهيت آهيون. اِنڇا ۽ ڪرم مون منجهان آهن.
مونکي سنڪلپ شڪتي ڪري سڏين ٿا.“ پوءِ لٺ
ڦيرايائين تنهن کان مٿين سوسنيءَ روشنائيءَ تي.
جنهنکي به ساڳي ريت للڪاريائين. پر هو ڏاڍو مڳه
۽ مواس (هٺيلو) هو. کيس ليکيائين به ڪين، ۽ مان
(اڀمان) ۾ ڀرجي چوڻ لڳو، ”هوُن! مان آهيان
”هيٺيون پنهنجو پاڻ.“ منهنجو نالو اهنڪار آهي.
هي سڀ هيٺيان چڪر منهنجي جنم جو حق آهن. مان ئي
سندن سوامي آهيان. مان ئي سندن راجا آهيان.
راجائن وانگر مون مٿي به ڏاڍي چنتا آهي. سڄو
ڏينهن هڻ ڌڻ ۾ ئي پورو آهيان. پل پل پؤر ۽ اُڌ
ما پيا اُٿن. هو آهي سڀني راجائن جو ڪرم (نصيب).
مون ئي پاڻکي اُپايو، پر مان مرڻ جوئي نه آهيان.
مون ئي پاڻکي اُپايو، پر مان مرڻ جوئي نه آهيان.
مان ٿو توکان پڇان؛ ٻڌاءِ! تون پاڻ ڪير آهين؟“
جوڳيءَ مشڪي چيو، ”هائو! ڇو ڪين!“ ۽ کڙو ٿي
بيهي، ڏاڍي ڌيرج سان ڀر ڪري اهڙي ته لٺ اَهنڪار
کي هنيائين (جنهن اُٽلو اُتس هڪل ٿي ڪئي) جو
منهنجي ڌرن ئي ڏڪي ويئي جنهن منجهه هي سڀ اسرار
اُسريو هو. ڏاڍو ڌڪاءُ ٿيو. ويچاري اَهنڪار جو
ته چهروئي سڪي ويو ۽ اُتيئي سمئي ڪيائين (مري
ويو). پر مار! ساڻس گڏ ٻيا به چڪر انهي ساعت
ميٽجي ويا (ڳاڙهو، پيلو، نيرو ۽ سوسنو)؛ رڳي
اَٿاهه اَڇ وڃي رهي، جا وڌيل پئي ڀانئين، ۽ جنهن
جي سانده سهائيءَ ۾، سهسين سج، چنڊ ۽ تارا ۽ سڀ
مها منڊل ڪي ڪين هئا. ههڙي سونهن، ههڙي سوڀيا،
ههڙي سم سانت ۽ ههڙي سيتلتائي ڪنهن به ديش جي
ڪوتا هيٺ نه آيل آهي. ڇا سندس نرمل ۽ سيتل جوت؛
ڇا نج نمرتا جا ڪرڻا، جن جي ڏني منهنجا نيڻ ڦرڪڻ
لڳا ۽ جن ڏانهن مان اِئين ڇڪجي ويس ڄڻ ڪنهن غئبي
چمڪ پٿر ڏي. سڌ پرش، جو منهنجي اڳيان بيٺو هو،
سو هي اَپار ۽ نر آڪار اُهاءُ (روشني) ڏسي، ٽپ
ڏيئي اُٿيو، ۽ گد گد ٿي، ڏاڍي مٺي للڪار سان چوڻ
لڳو،
”توُن ئي مان؛ مان ئي توُن.“ اِها اور اوري هو
اُنهي جوت ۾ ملي، سروَ جوت ٿي ويو. مان اُتيئي
منڊجي بهي رهيس؛ ۽ اندر ۾ اَهڙي ته اچي اُڪير جا
ڳيم جو اُنهي اُڪنڊ جي لهر ۾ لڙهي، ڌيري ڌيري،
اُنهي آنند روپي آڙاه ۾ لئي ٿي ويس، جيئن ڪ جل
پپٽو (ڦوڪڻو) جل ۾ سمائجي هڪ ٿي وڃي. مان نٿو
چئي سگهان ته اِها آنند روپي اَوستا ڪيترو وقت
هلي، پر جڏهين سجاڳه ٿيس، تڏهين صبوح جا ست لڳا
هوا، ۽ سج جا ڪرڻا منهنجي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي آيا
هوا، ۽ منهنجا ٻار جي مڙيئي*پنج
هوا سي منهنجي سيني تي چڙهيا ويٺا هئا، ۽ مون کي
هن مرتيو لوڪ ۾ جاڳائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا هئا.
مان لاچار اُٿيس، پر ڀانيم ته جيڪو وريِ وڃيِ
اُنهيءَ سندر سپني جو واسيِ ٿيان. سڄو ڏينهن
ڏاڍو آنند ۾ مگهن رهيس. انهيءَ رات وارو عجيب
سپنو اڄ ڏينهن تائين منهنجي من تي اهڙو چٽيو پيو
آهي، ڄڻ اڃان ڪلاڪ به ڏٺي ڪونه ٿيو اٿم.
شاهه عبدالطيف اِنهيءَ سچ کنڊ جو ساکي
ٿي، هيٺين ريت پلٽيو آهي:-
ڪي جو ڪنهن پار، اَکيون2
پسيِ آيون؛
ٽيون ديوانيون دل ۾، اَپر3
لڳين آر؛
تنها نپوءِ قرار، ستيون ڪين سيد چوي.
ڪي جو وڃي اَڄ، اکيون پسي آيون؛
سيڻن جي سهج1؛
لالون ڪيون لطيف چئي.
ڪي جو وڃي ڪالهه، اکيون پسي آيون؛
لاتون ڪيون لطيف چئي، جانب جي جمال2؛
ٿيا نيڻ نهال، جنهن دلبر ديکيو.
وسن ۽ وهسن3،
ڏهاڻي ڏسڻ لئي؛
جئن جئن پرين پسن، تئن تئن نشا نينهن
جا.
وسن ۽ وهسن، ڏهاڻي ڏسڻ لئي؛
ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪن؛
ڍايون نه ڍاپن، پسڻ منهجان پرينءَ جي.
ڏسن ڏهاڻي، توءِ ترسن اوڏاهين؛
آيا سڃاڻي، نيڻ نهاري پرينءَ کي.
اکڙيون اکڙين تي، ڏمر تکه ڳرين؛
جيلانهن سڪڻ سکيون، تي دعويٰ منجهه
دڙين4؛
کلن ۽ کرين، رسن پرچن پاڻ ۾.
اکين کي آءٌ، جانڪي جهلون پائيان؛
لوڪ لتاڙي ننڊ ۾ ساجن6
سوٺيائون7“
مونکي ماريائون، پاڻ پرچي آئيون.
اکڙين پنهنجي مت، پاڻ سين پاڻهين ڪئي؛
اُتي وڃي لڳيون، جتي جان کپت؛
نڪا ڳالهه نه ڳت1،
جيءَ ڏني ريءَ نه جڙي2.
اکڙين آرو3،
مونهان پڇي نه ڪيو؛
اُتي وڃي اَڙيون، جت چوڻ نه چارو4؛
هنئڙو ويچارو، واٽون جهليو وجهلي5.
نڪو ڊيگهه نه ويل ڪو، نڪو منهن نه
مهاڙڪا؛
اِيُ اِهوئي کيل، ڪوُر6
پروڙي ڪين ڪي.
حوصلو7
حيرت ۾، ڪري ڪين درڪ8؛
جو حسن سندو حق، سوڪور پروڙي ڪين ڪي.
حصلو حيرت ۾، وڃي ٿيو ويڇون9؛
محبت جون ميڇون10،
ڪور پروڙي ڪين ڪي.
حوصلو حيرت ۾، وڃيِ لڄاڻو؛
ويچارو ڪاڻو، وڃي ٿيو وڃڻ کي.
اُپٽار – اِنهي ديدار اٿوا (سچ پچ)
سپني واريِ ڳالهه تي سوچ ويچار ڪيم. ”من جي مؤت“
وارو وسوسو (وهم) ته ويندو رهيو ۽ ڄاتم ته
منس، ٻڌي ۽ سنڪلپ شڪتي اِهي ٽيئي، آتما يعني
اِيشوَر جوئي تت يا سار آهن، (جنهن ۾ اوُ سڌ پرش
۽ مان ٻئي لين ٿي وياسين)، پر رڳو اَهنڪار ڪري
اِهي سڀ اَلڳه ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جڏهين اهنڪار
جادوءَ جي لٺ سان ناس ٿي ويو، تڏهين اُهي سڀ
موٽي پنهنجي آديِ سروپ ۾ سمائجي هڪ روپ ٿي ويا.
سڀني ڌرين جي وارتا تي ويچار ڪندي ڏٺم ته منس،
ٻڌي ۽ سنڪلپ شڪتيِ ۽ اهنڪار سڀيئيِ سڀاءَ ڪري هڪ
آهن، پر رڳو جدا جدا ورتڻ ڪري هيترو ونجوڳه ۽
وکاد ڏسڻ ۾ اچي ٿو. منس آهي ٻاهرينءَ دنيا جو
ڄاڻ، ٻوجهه يا سوجهي. ٻڌيِ آهي من جو ڄاڻ، ٻوجهه
يا سوجهي وڌيڪ سوڌيل يا صفا ٿيل. ڇاڪاڻ ته من
ٻاهريان سنسڪار آڻيو اَندر ڪٺا ڪري، ۽ ٻڌي اُنهن
جي چڙهه ڇانڊ ڪري، چڱن سنسڪارن کي پڇڙن کان
اَلڳه ٿي رکي. من ٻاهرينءَ دنيا کي ٿو پرکي ته
ٻڌي وري من کي ٿي پرکي، يا هيئن چئجي ته من آهي
اِندرين دواران ڄاڻ ۽ ٻڌيِ آهي اُنهي ڄاڻ جو به
ڄاڻ. اهڙيئي ريت سنڪلپ شڪتي وريِ آهي ٻڌيءَ جو
به ڄاڻ. اهنڪار وري، منس (من)، ٻڌي، سنڪلپ شڪتي،
اِنهي ٽنهي جو گڏيل ڄاڻ آهي. انهن چئن ئي ۾ پل
پل پيئي مٽ سٽ ۽
اُٿل
پٿل ٿئي. انهي ڪري اهنڪار اهڙو مچلو ۽ چلولو آهي.
اِهو اَهنڪار آهي اسانجو ننڍڙو پاڻ، مان ۽ مان جي
سوجهي يا ڄاڻ، جنهنکي ممت يا ممتا به ڪري چوندا
آهن ۽ جنهن سرشٽيءَ ۾ ايترو ڏڦير ۽ رولو وڌو آهي،
۽ جو ”توکي“، ”مونکان“ اَلڳه رکي ٿو. اِهو آهي من
جي جدا جدا اوستائن (حالتن جو جوڙ؛ جهڙوڪ دکه ۽
سکه، هرکه ۽ شوڪ، ۽ ٻيا اهڙا ٻٽا آڏا جوڙا. ڪڏهين
ڪڏهين هو (اهنڪار) پاڻکي ديهي سمجهي چوڻ لڳي ٿو،
”مان چڱو ڀلو آهيان“، ”مان ناچڱو آهيان“. ڪڏهين
وري پاڻکي من سان پيو لڳائي ۽ چوڻ لڳي ٿو، ”مان
دکي آهيان“ يا ”مان سکي آهيان“، جڏهين اسين چئون
ٿا، ”مان ڪريان ٿو“، ”مان چاهيان ٿو“، تڏهين
اهنڪار سنڪلپ شڪتيءَ سان هڪ ٿيو وڃي.
اهنڪار جي چڪر کان مٿي جيڪا روشنائيءَ
جي اَٿاهه ۽ ساندهه اَڇ ئي اَڇ لڳي پيئي آهي، سو
”سرو ڄاڻ“ آهي، جو اَهنڪار جو ولڇڻ سڀاءُ ۽ نانا
وَهم ڏسي ۽ جاچي ٿو. هو اسٿر (هڪ ٿائينڪو) آهي، نه
ته جيڪر من جي جدا جدا اوستائن جي لاڳاپي جي سوجهي
يا ڪل ئي ڪانه پويس. اِهو آهي ”سچو ڄاڻ“ جو
(اسانجو) مان ۽ مان جو ماڻ (اڀمان) سهي ڪري ٿو.
اِهو آهي ”پرم (وڏو) پاڻ“. اِهو آهي ”آتما يا پرش“
جو اسانجي اندر ۾ ساکي ٿي رهي ٿو. جيوت جي پل پل
۾، اِهو اَندر وارو، جنهنکي اسين ”پرم گيان“ يا
”پراگنا“ ڪري سڏيون ٿا، سو ساڳئي وقت پنج ڪرم ٿو
ڪري. پهريون آهي، ٻاهران سنسڪار آڻي اندر ڪٺا ڪرڻ؛
ٻيو آهي انهن کي سوڌڻ؛ ٽيون آهي انهن کي گهڙي
نگاري (صاف ڪري) نروار ڪرڻ؛ چوٿون آهي پاڻکي انهن
جو ڪرتا سمجهڻ ۽ چوڻ ”مان ٿو ڪريان“ ”مان ٿو
اڏيان؛“ ۽ پنجون آهي انهن سڀني ڪمن جو ساکي ٿي
رهڻ. اِهوئي آهي نرمل ڄاڻ (پرم گيان).
منس، ٻڌي، سنڪلپ شڪتي ۽ اهنڪار، اِهي
چارئي من جا ڀاو يا روپ آهن. انهن سڀني کي گڏي
اسين من ٿا چئون سو به ڄاڻ آهي پر اهنڪار جي سڀاءَ
ڪري مروٽجي جدا جدا روپن ۾ ڏيکاري ڏئي ٿو؛ اَرٿات،
جئن بلوري شيشي مان هڪڙي روشنائي ڪيترن روپن ۾ ڏسڻ
۾ اچي ٿي، تيئن اَهنڪار به پنهنجو ڄاڻ، جوئي سچو ۽
سمپورڻ ڄاڻ آهي ۽ جنهنجي برابر ٻيو ڪو ڄاڻ نه آهي،
سو جدا جدا روپن ۾ پکيڙي ٿو. جڏهين اهنڪار ناس ٿي
وڃي ٿو، جڏهين اَڳلو سهي ڪرڻ لڳي ٿو ته ”پاڻ“ يا
آتما، پرماتما يا پراگنا هڪ ٻئي کان الڳه نه آهن
پر هڪ ئي هڪ آهن ۽ رڳو ڏسڻ ۾ الڳه ٿا اچن تڏهين
منس (من)، ٻڌي ۽ سنڪلپ شڪتيءَ انهن ٽنهي جي ڪوڙي
هستي ناس ٿيو وڃي ۽ رڳو نلو ۽ نجو ڄاڻ وڃيو رهي.
اِهوئي پورن ۽ نرمل ڄاڻ آهي جنهن کان مٿي ٻيو ڪو
ڄاڻ نه آهي. اِهوئيِ ڄاڻ آهي جنهنکي اسين آتما يا
ايشور ڪري ٿا سڏيون. ”من جي مؤت“ جي معنيٰ آهي ته
من جي ٻيائي جا ٻنڌڻ ٽٽن ٿا ۽ من پروُڙڻ لڳي ٿو ته
مان، پرم ڄاڻ يعني پر اگنا اٿوا سرو سچيتي کان
الڳه نه آهيان، پر رڳو ڏسڻ ۾ ڦير ٿو اچي. جڏهين من
جي اهڙي اَوستا (حالت ٿئي ٿي، تڏهين ڄڻ من ٻيو جنم
وٺي، وڃيو ايشور گتيءَ کي پهچي. |