سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :6

دروپدي:- مان نسچهه ٿي چوان ته ڪنيءَ ۾ ڪڻو به نه آهي. (ڪني آڻي کيس ڏيکاري چوڻ لڳي) ڀلائي ڪري ٿورو ترس ته مان ڪجهه تيار ڪري وٺان.

        ڪرشن:- نه، مان ترسي نٿو سگهان. بکه کان ڪجهه نٿو اُڄهي. (ڪني کسي، منجهس هيڏانهن هوڏانهن نهاري) هيڏانهن ڏس، هيءُ ڇا آهي؟ چانور ۽ دال جو ڪڻو ڪين پيو آهي. تو مونکي ڀنڀلائڻ ٿي چاهيو!

        دروپدي:- نه، نپٽ نه. مان ڪني پنهنجن هٿن سان ملي ڌوئي رکي آهي. مان سمجهي نٿي سگهان ته هيءُ ڪڻو آيو. ڪتان ۽ ڪيئن.

        ڪرشن:- سکه؛ جي توکي سڌ نه آهي ته ڀولو ڪونهي. هيءُ ڪڻوئي ڪيچ آهي، اگهي ته اوڄ ڪري ڇڏي، منهنجو ته اِن مان ڍءُ ٿي ويندو. شل هريِ، اُهو ايشور، سڀني يگين جو سوامي، هي منهنجو ڪڻو سڦلو ڪري. شل هيءَ منهنجي تڇ ڀيٽا هو انگيڪار ڪري.

        ائين چئي اُهو ڪڻڪو ڳهي ويو.

 

        دروپدي:- (کلي) هي وري ڪهڙو نئون مکر. تنهنجي بکه به عجيب چئبي جو هڪ اَڌ داڻي ڍءُ ڏيئي ڇڏيُءِ.

        ڪرشن:- انهن ڀرمن ته ڀلايو آهي نه. پر سکه. تو جو هنن مهمانن جي ڳالهه ٿي ڪئي سي آهن ڪٿي؟

        دروپدي:- اچي ويا ته پوءِ ڪيئن ٿيندو؟ مونکي ته کين کارائڻ جي ڪابه سمرٿي نه آهي.

        ڪرشن:- کين وراپو ڏينداسين ته ڇو ايترو دير سان آيا آهن ۽ چونداسين ته سڀاڻي صبوح تائين ترسن. ڀلي ته اِها سيکت هجين ته اڳتي اهڙي گسر نه ڪن.

        دروپدي:- ٺيڪ اهي. اتٿي ستڪار ته اهڙو چئجي.

        ڪرشن:- هڏهين. کاڌي کان پرايو ڀلو آهي. ڀلي ته اڄوڪو ڏينهن نرهه رهن ته ڪل پوين. هاڻي تون نرسنسي رهه. مان پاڻيهي ٿو سرچان.

        ڪرشن پوءِ ڀيمسين کي سڌي رشين کي نوترو ڏيئي اچڻ لاءِ چيو. ايتري ۾ رشين جا اشنان ڪندي اوچتوئي اچي پيٽ ڀريا ۽ اهڙو اچي آڦرين جو ساهه کڻڻ ئي مشڪل ٿي پين. وسمئ ۾ پئي هڪ ٻئي ڏانهن چتائي نهارڻ لڳا. ڳالهائڻ ئي نه پيو اُڪلين ۽ گروءَ ڏانهن منهن ڪري کيس چوڻ لڳا ”سوامي، اسين راجا کي رسوئيءَ جو چتائي هتي آيا آهيون اشنان ڪرڻ، ته اسانجا ڏيل اَچي ڏلهيا آهن. هاڻي اسين ڇا ڪريون؟ ڪيئن کائي سگهنداسين؟ پاندون جو کانو ڪروُ مروُ ٿيندو. ڀلائي ڪري اسانکي هن بڙ کان بچايو.“ درواسا رشي سهڪئ ۾ ڀرجي چوڻ لڳو ”ساري ڄمار ۾ ڪڏهين به مونسان ههڙي ويڌن نه ٿي. مونکي ڪل ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪهڙو اِسرار آهي. هينئر جيڪڏهين يڌشٽر اسانکي سڏڻ ٿو اچي ته پوءِ ڪيئن ڪنداسين! سندن کاڌو ويرٿ ويندو ۽ هو رنج ٿيندو. سڀيئي ڀائر ڪلپيندا. راج رشي يڌشٽر ڏاڍو پراڪرمي آهي. ائ برهمڻو! آءٌ هرئِ جي ڀڳتن کان ونئَه ويندو آهيان. مها پرش پانڊو ڏاڍا ڌرمشٽ ۽ دياوان آهن. وڏا وير ۽ ودوان آهن. مها تپشي ۽ واسديو جا پوڄارا آهن. هو

ڪريا ڪرم ۾ پورا رهتوان به هڪڙائي آهن. جي ڪوپ ٿيا ته جلائي ڇڏيندا جيئن باهه ڪپهه کي جلائي. چڱو ائين ٿيندو ته هتان هڪدم نڪري ڀڄي هلون. ششن وراڻي ڏني ”سوامي، اسين ته چري نٿا سگهون. ساهه ساهه ۾ نه پيو ماپي. اسانجا پيٽ نڪ تائين ڦوڪيا پيا آهن. ڀلائي ڪري اسانجو دکه نورت ڪريو. اسانجا ڏيل ٿا ڏرن.“ درواسا رشي ڏاڍو ششدر ٿيو ۽ پڇتائڻ لڳو، چي ”ڪهڙئ کٽئ کنيم جو هن چنڊال دريوڌن جي ور چڙهيس ۽ پاڻ کي ٻوهي ۾ وڌم.“ دپ ٿيس ته متان ڪا ڳري آپدا نه مٿان اچي ڪڙڪي. اڃان انهن ئي ٽلڪن ۾ هو ته ڀيمسين اچي سهڙيو ۽ رشيءَ کي پرنام ڪري چوڻ لڳو، ”سوامي، هاڻي اوهين سڀيئي هلو ۽ هلي پرساد ڇڪيو. روٽي تيار آهي. ڪرشن، منهنجا ڀائر ۽ دورپدي اوهانجي اوسيڙي لڳا ويٺا آهن.“ ڪرشن جو نالو ٻڌنديئي درواسا رشي سراپجي ويو. ڏڪڻي وٺي ويس ۽ پانڊون جي منهن تي چڙهڻ کان پئي ٽهيو. نيٺ بي وس ٿي چوڻ لڳو. ”بابا هلو، ڪيئن به رڙهيِ هلي پانڊون جي پکي پئون. ٻيو ڪو چاڙهو ڪونهي.“ رؤنشو به رؤنشي جهڙو هو؛ ڏسڻ وٽان هو. ويچارا ڀڀ نڪتل برهمڻ، نڪ تائين ڏلهيل، جن کي پاڻ کڻڻ ئي اَبوُبحر هو، هڄندا، سهڪندا، نانگن واريون ڦوڪون ڏيندا، پگهر ۾ شل ٿيندا، ڳاڙا ڳاڙيندا، پير پير ۾ ڪهندا، رڙهي جهڙي پانڊون جي آشرم ڏانهن وڌيا. ڀيمسين هي نرالي روبڪار ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ کانئن ساري حقيقت جي واقفيت ورتائين. يڌشٽر ۽ ٻين سندن ڏاڍو آءُ ڀاءٌ ڪيو. ڪرشن پاڻ درواسا رشيءَ جي ٽهل ۾ رهيو. رشي لڄ ڪنان ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪرشن کي جُهاري چوڻ لڳو، ”سوامي منهنجا اَپراڌ کميا ڪريو. مون وڏي ڀل ڪئي آهي جو دشٽ دريوڌن جي ڦندي ۾ وڃي ڦاٿس پر تڏهين به اِهو تسيو هوم ته پانڊوَ جي تنهنجا سچا شيوڪ آهن تن کي ڪو لوڏو ڪونهي.“ پوءِ پيرائتي ڳالهه ڪرشن کي ڪري ٻڌايائين. اِتي دروپديِ پڪاري چوڻ لڳي ته ائِ ڳوڙها ۽ ڇلي ڪرشن! مون هاڻي سهي ڪيو ته تون ڇو هڪ اَڌ داني لاءِ هيترو پاهه ٿي ٿئين. هڪڙي ڪڻي ئي سڀني رشين جو ڍڍ ڊاوانڊول ڪري ڇڏيو. اِنهي مان پرسڌ آهي ته تون ئي

ساري سرشٽيءَ جو آڌار ۽ پرم آتما آهين. سڀ جيوَ جنت ۽ پدارٿ تون ئي ٿو اُپائين، تون ئي ٿو نپائين ۽ تون ئي ٿو لين ڪرين. تون ئي سروَ وياپيِ آهين. تون هر هنڌ ائين رمي رهيو آهين جيئن هيري ۾ جوت، ترن ۾ تيل ۽ گل ۾ واس. تنهنجي مهما، تنهنجو پرتاب ڄاتو نٿو وڃي. تون ئيِ اسانجو اجهو آهين. تون ئي سوامي، تون ئي سڄڻ تون ئي، سونهون، تون ئي سچو متر ۽ سچو گرو آهين.

        هريءَ جي ڀڳتن کي ڪهڙي ڀير ڪهڙو ڀولو؟ ڪرشن جي پوُڄارين کي ڪهڙي لهر ڪهڙو لوڏو؟

        ٿوري ۾ ته رشين سان ٿورو ٿيو ۽ سڀيئي گڏجي ڪرشن جا ڪيرتن ڳائڻ لڳا.

        سامي – جن جي پرينءَ پت رکي، ڪير اُگهاڙي تن کي توڙي لکين لوڪ جکَن، ته ڀي وار نه ونگوتن جو

ڌڻيءَ جو درسن

        ڪنهن سمي پارپتيءَ کي اچي پنهنجي پتيءَ جي پسڻ جي پياس ٿي. هوءَ سدائين وٽس رهندي هئي تڏهن به ائين سمجهندي هئي ته مون کيس صحيح سڃاتو نه آهي. ٻڌو هوائين ته تپشيا بنا ايشور جي

سچي سروپ جي سمڪ نه ٿي پوي، تنهنڪري ايڪانت پائي ڏاڍي ڪٺن تپشيا ۾ لڳي رهي. ڪجهه ڪال کانپوءَ شوُ پنهنجي اَڇي ڏاند نندنيِ تي سوار ٿي، پريتن ۽ پساچن (ڀوُتن) جو پروار (اَٽالو) ساڻ ڪري اچي سندس اڳيان پڌاريو ۽ چوڻ لڳو ”اُما، تنهنجي تپشيا ساراهه جوڳي آهي. هاڻي مان آيو آهيان، درسن ڪري وٺ.“ پارپتي اکيون کولي پنهنجي پتيءَ کي ڌاند تي چڙهيل ڏسي، چوڻ لڳي ”مان ڏسان ويٺي تنهنڪري توکان وڏي آهيان. ٻيو ته، جيڪي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو سدائين هڪ جهڙو نه آهي ۽ پل پل پيو ڦري ۽ مٽجي سٽجي. مان اُهو روُپ ٿي ڏسڻ چاهيان جو اَچل (اَڻ ڦرندڙ) ۽ سم (هڪ) روُپ آهي. اُتي جو اُتي اُهو روُپ اَلوُپ ٿي ويو، ٻئي ڀيري سندس من ۾ هڪڙو ٻهڪندڙ مهانڊو ڏسڻ ۾ آيو جو چوڻ لڳو ”ڏس، مان ايشور آهيان.“ پارپتيءَ اُهو روشن روُپ به اندر مان اُکيڙي ڇڏيو، چي تون ايشور نه آهين. تون ته منهنجي من جو وهم آهين. منهنجو من جنهن ۾ تون سمايل آهين تنهن کان به تون ننڍو آهين. اُهو روُپ به انهي دم اَنتر ڌيان ٿي ويو. پوءِ ته جهڳمڳه جي اَجهاڳه اڇ لڳي ويئي جا بي انت ۽ اپار پئي ڀاسي. پارپتيءَ پهرين ڀانئيو ته اهو ايشور آهي، پر پوءِ دل سوچي چوڻ لڳي ته هتي ته ٻه شيون ٿيون بکن؛ هڪڙي آهي اَٿاهه اَڇ ۽ ٻيو آهي منهنجو من جو هئِ روبڪار ويٺو ڏسي؛ تنهنڪري اِها اَجهاڳه اَڇ به سرو وياپي ۽ بي انت ٿي نٿي سگهي. پوءِ ته ٻيا به گهڻيئي روپ ۽ رنگه من تي تري آيس، پر ڪنهن تي به ويسهه نه آيس. نيٺ سندس چت ٺهريو ۽ ٻاهرينءَ ورتڻ کان ورچي وڃي سهج سروپ ۾ سماڻو جتي سم سانت ۽ سڪوت لڳو پيو هو. نه هو اُتي وهم نه هو ويچار، نه هو لڙ، نه هو لٽاڪو. اٿاهه سکه ساگر لڳو پيو هو، جتي نه هو ڪال جو ڪليش، ته هو ديس جو ٻنڌڻ، نه هئي چنتا، نه هو چاهه. عين (سچ پچ) آنند جو آڙاهه هو. جيڪي هو سو پاڻ هو. پاڻيهي پاڻ ٿي ڄاتائين، پاڻ ئي پاڻ سمپورن سکه جو سروُپ هو، سورو نينهن هو، پريم جو پرڪاش، اٿوا ست چت آنند روُپ هو. پارپتيءَ کي نه رهي سرت تن جي، نه رهي جڳتر جي. ڳچ ويرم کان پوءِ (جنهن جي هنکي. ڪا سمڪ نه هئي) سندس چت چرڻ پرڻ لڳو ۽ کيس جڳتر جي سوجهي پيئي. هنکي اِنهي آنند روُپي اَوستا جي تمام

چٽي سانڀر هئي. جڏهين سامت ۾ آئي تڏهين (پاڻ سنڀاري) چوڻ لڳي، ”مان ئي ايشور آهيان، مان ئي پرم ايشور آهيان؛ پنهنجي سڀاءَ جي اَڻ ڄاڻائيءَ کان ائين پئي سمجهيم ته مان ئي جڳت جي جنني ۽ ديوتا آهيان. منهنجو تن ۽ منهنجو من ۽ هيءُ جڳتر، اندر جي جوت جائي ڀڳل ٽٽل اولڙا آهن. اهي اکر اهڙا آهن جهڙو روشنائيءَ جو چڪر، جو ڏياٽي ڦيرائڻ مهل ڏيکاري ڏيندو آهي ۽ سچو پيو ڀاسندو آهي؛ پر ڏياٽيءَ جو ڦيرو بس ڪبو آهي ته اِهو چڪر وري ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي؛ تيئن هي منهنجو من به جڏهين ٻاهر ڀٽڪڻ بس ڪري ٿو يعني انڇائن کان آجو ٿي افنتر ’مکه ٿئي ٿو، تڏهين هي ڪوڙو پسارو، هي من جي رچيل مايا، من منجهه ئي لين ٿيو وڃي. سچ پچ مان ئي سکه جو سروُپ، مان ئي آنند روُپ آهيان. مان ئي بي انت ۽ اَنادي آهيان. مان اُهو آدي پرش آهيان جنهنکي ويدويروتار (نت) پيا ورڙين (ڳولين)، مان اُهو آهيان جنهنکي مني پيا منائين، جنهنکي ديوتائون پيا ڏيائين. مان ئي سرب آڪار آهيان. مان ئي آڪار کان آجو آهيان. مان ئي ساري سرشٽيءَ جو سوامي آهيان. منهنجو مٽ ٻيو ڪونه آهي. مان ئيِ هڪ اهو هڪ آهيان.

                سامي سڀ ديدار، اٿيئي عجيبن جو؛
                ڏسي ٻڌي پاڻ ٿو، ٻولي ٻولڻ هار؛
                نراڪار آڪار، ڌاري آيو جڳه ۾.

 

                دوست جو ديدار، ڪامل آهي ڪهڙو؛
                چيو وڃي نه منهن سان، اَجگئبي اسرار؛
                نڪو روپ نه رنگه ڪو، نڪو انگه آڪار
                جڏيهن ملندءِ يار، تڏهين پونديه سڌ سروپ جي.

دان

        هڪڙي ڏينهن وشوامتر رشيءَ جي ڪل مان راجا اَشٽڪ وڏو اشوَ ميديگه ڪرايو. انهي يگيه ۾ سندس ٽي ڀائر پرتارڌن، وسوَمنس، ۽ شوي (سڀي) به اچي سهڙيا. جڏهين يگيه سماپت ٿيو، تڏهن راجا اَشٽڪ پنهنجن ڀائرن سان گاڏيءَ ۾ چڙهي گهمڻ ٿي ويو، ته واٽ تي نارد مني گڏين. سڀني کيس ڏنڊوت ڪئي ۽ گاڏئ ۾ چڙهي هلڻ لاءِ چيو. مني ”چڱو“ چئي ساڻن گڏ گاڏئ ۾ چڙهي ويٺو. واٽ تي ڪنهن پڇيو ”سوامي، مونکي هڪڙو پرشن ڪرڻو آهي، آگيا ٿئي ته چوان.“ آگيا پائي ان چيو ”اسان چئني ڀائرن کي وڏي آرجا جو ور مليل آهي. ڌرم ۽ نيتيءَ ۾ نپڻ ۽ سڀني ڪلائن (هنرن) ۾ ڀرپور آهيون. سرڳه ته اوس ماڻينداسون ۽ سو به ڳچ ڏينهن؛ پر ٻڌايو ته پهرين اسان مان هيٺ ڪير ڪرندو؟ نارد مني وراڻي ڏني ته پهرين اشٽڪ ڪندو، ڇو جو هڪ ڀيري مان ٿورڙن ڏينهن لاءِ اشٽڪ وٽ اَتٿي (مهمان) ٿي وڃي رهيس. هڪڙي ڏينهن مونکي رٿ تي چاڙهي ننگر کان ٻاهر رٽن ڪرائڻ (گهمائڻ) وٺي هليو، جتي سوين ڳئون جدا جدا رنگن جون چرنديون ڏٺيم. پڇيو مانس ته ڪنهنجون آهن، چيائين ته اِهي سڀ منهنجون ئي آهن. انهي پاڻ پڏائڻ ڪري هو پهرين هيٺ ڪرندو. وري ٻئي ڪنهن پڇيو ته سوامي، ڀلا اسان رهيلن ٽن مان پهرين ڪير سرڳه ڇڏيندو؟ رشيءَ ورندي ڏني ته پرتارڌن، ڪارڻ ته مان پرتارڌن سان هڪڙي ڏينهن چئن گهوڙن واري گاڏيءَ ۾ چڙهيل هوس ته واٽ تي هڪڙو برهمڻ گڏيس جنهن کانئس هڪ گهوڙو گهريو. راجا چيس ته موٽي اچي ڏيندو سانءِ. برهمڻ پنهنجيءَ تي ٿي بيٺو، چي ڏينم ته هينئر ڏي. راجا جهٽ اڳئين ساڄي ڦيٿي جي ڀر وارو

گهوڙو ڇوڙي کيس ڏنو ته ايتري ۾ ٻيو هڪ برهمڻ اُتي اچي سهڙيو ۽ گهوڙو گهريائين. راجا ترت اڳئين کاٻي ڦيٿي جي ڀر وارو گهوڙو ڇوڙي ڏنو. ٿورو اڳڀرو وڌيوئي مس ته ٽئين برهمڻ وارو ڏنس ۽ ساڳي گهر ڪيائين. راجا ٺهه پهه کاٻي اڳه وارو گهوڙو ڇوڙي ڏنس ۽ رڳوڻو هڪ گهوڙو جوٽي اڳتي هلڻ لڳو. ڪجهه ڪال کان پوءِ ٻئي هڪ برهمڻ درسن ڏنس تنهنجي به ساڳي گهر هئي. راجا چيس ته موٽي اچي ڏيندو سان3، پر هو نه مڙيو. راجا لاچار ٿي باقي گهوڙو به ڏيئي پاڻ پنجاري پائي گاڏي گهلڻ لڳو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ”هاڻي ته ڪجهه ڪونهيم جو ڪو برهمڻ گهريم.“ راجا ڏنو ته سهين پر نه انهي هيج ۽ پريم سان؛ تنهنڪري هو پهرين هيٺ اُسهندو. منئِ جا اِهي وچن ٻڌي، رهيل ٻن راجائن مان هڪ پڇيو ته ڀلا اسان ٻنهي مان پهرين ڪير هيٺ لهندو؟ منئِ آکيو، ”وسَومنس.“ چي ڪهڙي ڪارڻ؟ نارد چيو ته گهمندي ڦرندي ڪنهن ڏينهن آءٌ اچي وسَومنس جي پريِءَ ۾ پڌاريس. انهي ٽاڻي، برهمڻن راجا ڪاڻ پشپڪ وماڻ هٿ ڪرڻ لاءِ پوڄا پاٺ پئي ڪيو. مان به وڌي راجا اڳيان ويٺس. جڏهين سڀ ڪريا پوري ٿي ۽ پشپڪ وماڻ پرگهٽ ٿيو تڏهن وماڻ جي ڏاڍي واکاڻ ڪرڻ لڳس. راجا چيو ته مني جي، هي اوهانجي ملڪيت آهي. ائين چئي ماٺ ۾ رهيو. ڪن ڏينهن پڄاڻا وماڻ جي گهرج پيم. وسوَمنس وٽ لنگهي ويس ۽ پشپڪ وماڻ جي ساراهه ڪيم. راجا ورنايو، ”اهو ته مون اڳيئي اوهان کي ارپي ڇڏيو آهي.“ پر ڏيڻ تي دل نه وريس. ٽيون ڀيرو وٽس ويس ۽ وماڻ جي ڏاڍي ساکه ڪيم. راجا پشپڪ وماڻ گهرائي برهمڻن کي ڏيکاري ۽ مون ڏي نهاري چوڻ لڳو ”سوامي، اوهان وماڻ جي نهايت واکاڻ ڪئي آهي.“ پر وري به ڏيڻ جي ڪان ڪيائين. تنهنڪري هو اڳ ۾ هيٺ ڪرندو. تنهن تي منجهانئن هڪڙي پڇيو ”ڀلا، اوهان ٻن مان اڳ ۾ ڪير سرڳه مان لڏيندو؟ جيڪو اوهان سان گڏ هلندو اُهو يا اوهين؟“ نارد وراڻي ڏني ته شبي رهندو ۽ مان ڪرندس. مان شبئِ جو مٽ نه آهيان. ڇاڪاڻ ته هڪڙي ڏينهن ڪو برهمڻ شبيءَ وٽ آيو ۽ ڪجهه کائڻ لاءِ گهريائين. شبيءَ هٿ جوڙي چيس، ”سوامي، ٻانهو حاضر آهي؛ آگيا ڪريو. برهمڻ چيس ”هن پنهنجي پٽ ورهٿگرڀ کي پنهنجن هٿن سان پائي (ڪهي) رڌي کارائيم.“ اِهو ٻڌي مان اُتي ترسي پيس ته ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي. شبي پنهنجي پت کي نڙي ڪري (ڪهي يا ڪمائي)، رڌي پرڇي برهمڻ جا ڳولا ۾ ويو. اڃان پئي ڍونڍيائينس ته راڄمنترين مان ڪنهن چيس ”راجن، جنهنکي اوهين ڳوليو ٿا تنهن ننگر ۾ گهڙيِ سب مندر ۽ ماڙيون، ڏيرا ۽ ڏيڍيون (زنان خانه)، ڀنڊار ۽ ڀاڻا، وٿاڻ ۽ واڙا، باهه ڏيئي ڀسم ڪري ڇڏيا آهن. شبي ڏاڍي سانت ۽ سنتوک سان سڀ سڻي گهر ڏانهن موٽيو. برهمڻ کي ٻنڀي وٽ ڏسي نمرتائيءَ سان چوڻ لڳو ”سوامي، اوهانجو ڀوڄن ٺاهي کڻي آيو آهيان، پرساد ڇڪيو.“ برهمڻ کن پلڪ شبيءَ ڏي نهاري چوڻ لڳو، ”تون وڃي کاءُ.“ شبي آگيا پائي ڏاڍي اُتساه سان کائڻ ويٺو. برهمڻ هڪدم کيس ٻانهن کان جهلي روڪي چوڻ لڳو، ”ڀائي، توئي ڪاوڙ کي وس ڪيو آهي؛ توئي پاڻ ماريو آهي؛ تنهنجو مٽ ٻيو ڪونه آهي.“ ائين چئي شبئ جي اُستتي (واکاڻ) ڪرڻ لڳو. شبي اکيون مٿي کڻي جان سامهون نهاريو ته پنهنجي پٽ کي ديوتائن جي سروُپ ۾ ڏٺائين، جنهنجي سرير مان سڳنڌ پئي آئي. برهمڻ هيءَ وچتر ليلا پکيڙي پاڻ الوُپ ٿي ويو.

        ودارٿ (ايشور) پاڻ برهمڻ جو بيک ڌاري انهي راجه رشيءَ (شبيءَ) جي پريکيا وٺڻ آيو هو. جڏهين ودارٿ اَنتر ڌيان (گم) ٿي ويو تڏهين راڄمنترين (وزيرن) راجا کان پڇيو ”سوامي، اوهان ڏسي وائي ۽ ڄاڻي بجهي ههرو ڪٺور ڪم ڪيئن ڪيو؟“ چيائين ”نه نالي ناموس لاءِ، نه سنساري سکن ۽ پدارٿن لاءِ؛ پر ڇاڪاڻ ته ڌرم جو ڪم هو تنهنڪري

ئي انگيڪار ڪيم.“ سنتن جي واٽ وٺڻ، اُنهن جي ريت رهڻ ۾ پنهنجو ڀلو اهي؛ منهنجو چت سدائين ائين چاهيندو آهي. اهو شبيءَ جي وڏائيءَ جو اُتم آدرش آهي. مونکي انهيءَ ڳالهه جي سڌ آهي تنهنڪري پڪ سان چوان ٿو ته هو مونکان وڌيڪ سرڳه ۾ واسو ڪندو.

        اسانجي وڏن جا ڌرم ۽ ڪرم سندا ڪهڙا ويچار هوندا هوا، تنهنجو مٿين وارتا هڪ وڻندڙ درشٽانت آهي.

        ايسور پاڻ بيکاريءَ جو روپ ڌاري جڳتر ۾ رهي ٿو. سوامي وويڪ آنند پنهنجن سٺن ۽ چيڌن وچنن ۾ هيئن ٿو چوي: مٿي ڪوٺي (ٿلهي) ٽي بهي پئسو تڪو هٿ ۾ جهلي وڏي سڏ پڪاري نه چئو ”اڙي مڱڻهار! هان، هيڏانهن، هي وٺ.“ پر نئڙي هٿ جوڙي چئو ”نارائڻ، مونکي وجهه ڏي ته تنهنجي ٽهل ڪري ڪا آسيس پايان.“ انهي ۾ ڏيندڙ جو ڀلو آهي، نه وٺندڙ جو. ايسور جا ٿورا مڃ جنهن توکي شيوا ۽ اُپڪار ڪرڻ جي سگهه ڏني آهي ۽ وجهه ڏنو اهيس ته اهڙو اڀياس ڪري پاڻکي پوٽر ۽ پورن ڪرين. جيڪي به تون ڪرين ٿو سو سڀ پنهنجي ڀلي لاءِ؛ پنهنجي

ڪلياڻ ڪاتر. پرم ايشور ڪو کڏ ۾ ڪونه ڪريو آهي ته تون ۽ مان ڌرم شالائون، ناريِ شالائون، اَناٿ آشرم ۽ اوکد آليه (اسپتالون) کولي سندس سهائتا ڪريون. ايشور توکي پاڻ ڪارائتي ڪرڻ جو سونو وجهه ڏنو آهي. هي جڳتر هڪڙي ڪثرت شالا (آکاڙو) آهي، جنهن ۾ اڀياس ڪري تون پنهنجو اُڌار ڪر. ائين نه سمجهه ته ڪا ڪيئلي يا ماڪوڙي تنهنجي واهر بنا مري ويندي. ائين چوڻ نپٽ ايشور جي نندا آهي. ڪو ٽڪر ٽيرو ڪنهن ڪتي کي ڏين ته ائين ڄاڻ ته تو ڪتي جي روپ ۾ ايشور جي شيوا ڪئي آهي. ڪتي ۾ ايشور آهي. ڪتو ايشور جو هڪ روپ آهي. پاڻ ايشور آهي. سڀ ڪجهه هو پاڻ آهي. هو هر هنڌ ائين رمي رهيو آهي جيئن سورج ۾ پرڪاش، پاري ۾ پاڻي، ماکيءَ ۾ ميٺاج. اهرو ڌيان ڌري تون نمرٽا ڀاءَ سان جڳتر ۾ ورت ته نر موهي ٿي رهين. ڪنهن مهاپرش جو چوڻ آهي ته هي جڳتر ڪرم کيتر آهي، جهڙي ڪر تهڙي پاءِ؛ جهڙي پوکه تهڙي لڻ.

جڳتر مٿيا آهي

        ڪنهن ننگر ۾ هڪڙو سوامي رهندو هو. جو کپير ۽ ڦل ڦول تي نرباه ڪندو هو. هنکي کير سوامي ڪري سڏيندا هوا. هو ڪمر ڌارو ميري گيروءَ رتي لانگوٽي  ٻڌي ڏيس ڏيسانتر پيو ڦرندو ۽ پرچار ڪندو هو.

        ڪيترائي ماڻهون ڏهاڙي سندس اُپديش ٻڌڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا هوا. هڪڙي ڏينهن ”جڳتر مٿيا آهي“ تنهن وشئ تي ڪنهن مندر ۾ ويٺي وياکاڻ ڪيائين ته اوچتوئي مندر جو هاٿي اچي ڇڙيو ۽ ڇيڪا

(ٻؤٽاري) ڇنائي، ڏاوڻ ڏاري ڌوڪيندو اندر لنگهي آيو جتي کير سوامئ پئي پرٻوڌ ڪيو. مڪني (مست) هاٿي کي ڏسنديئي ساري سنگت ۾ ٽاڪورو پئجي ويو؛ ڪو ڪيڏانهن ڀڳو ڪو ڪيڏانهن. هئ سوامي مايا (مٿيا) مت جي آٿت هوندي به پنهنجي جند جوکي ۾ ڏسي سندن پٺ وٺي اُٿي ڀڳو. هاٿي به مڄاڻ، مايا مت تي اچي مٽيو ۽ ٻين کي ڇڏي سندس پٺيان پيو. ويچارو سوامي ڏاڙهي مٿو منڊيل، چوتو چيلهه تي، ڊپ ۽ هراس وچان ڊوڙندو وڃي ڪنهن گٽر (گندئ کڏ) ۾ ڪريو. هاٿيءَ به گٽر جي منهن تائين اچي جڏهين ڏٺو ته سوامي سندس پهچ کان ٻاهر آهي تڏهين کيس ڇڏي ٻيو رستو وٺي هليو ويو. ٿوري مدت کان پوءِ جڏهين ڊپ لٿو تڏهين سندس شش مڙي وٽس آيا ۽ اُتس چٿرون ڪرڻ

لڳا، چي تو چيو ته سارو جڳتر مٿيا آهي، پوءِ هي هاٿي مٿيا نه هو ڇا؟ سواميءَ وراڻي ڏني، ”ڀائرو، ڀلائي ڪري مونکي هن وڳنڌ پويءِ ٻي ڳالهه.“ گهڻي ليلائڻ تي ششن کيس گٽر مان ڪڍيو پر سڀيئي گڏجي ڄڻ هڪڙي سر کيس چوڻ لڳا ته اڳتي توکي کير ۽ ميوو ڪونه پهچائينداسون ۽ کير سوامئ بدران توکي ”گٽر سوامي“ ڪري سڏينداسون، ڇاڪاڻ ته تون پنهنجي اُپديش جي آڏو هلئين ۽ مٿيا روپي هاٿئ ڀر ڊڄي وڃي ڳرڻ (گپ) ۾ گتين. سوامي پاڻکي  گٽر کان ٻاهر ڏسي ڏاڍي ڌيرج ۽ ٺهر سان چوڻ لڳو ”اَڙي مورکه سڄڻو! هاٿي ته مٿيا هو، پر هاٿئ جو مست ٿيڻ به مٿيا، هاٿيءَ جو منهنجي پٺيان پوڻ به مٿيا، منهنجو گٽر ۾ ڪرڻ به مٿيا، سڀ مٿيا (سڀ ڪوڙ) سارو جڳتر مٿيا آهي.“ شش سندس ههڙو سندر ۽ ترت اُتر ٻڌي ڏاڍو پرسن ٿيا ۽ سرهائي وچان مئو کير ۽ ميوو آڻي اڳيان رکيائونس. منجهانئن هڪڙو جو تمام سڄاڻ ۽ سچيت

هو تنهن چيو ”سوامي، جي اهڙي ڳالهه ڪرين ها ته هوند هيتري هلاکي توکي ٻاهر ڪڍڻ جي به ڪانه ڪريون ها. پر هاڻي به…“ ايترو چئي اوچتو کيس ڌڪو ڏيئي گٽر ۾ ڪيرائي چوڻ لڳو، ”سوامي، هي ڀيرو گٽر ۾ ڪرڻ نه مٿيا اٿيئي.“ ويچارو سوامي، پنهنجي مايا مت تي وڌيڪ بهي ڪين سگهيو. سج به مرڪڻ تي هو ۽ کيس ڊپ لڳو ته متان اِهي وڌيڪ ويدانتي شش کيس اَتيئي ڇڏي هليا وڃن، سو لاچار مڃڻ تي هو ته گهٽر تنهن هوندي به مٿيا نه آهي. پر ڪيئن چوي ته رڳو گٽرئي سچو آهي ٻيو سڀ ڪوڙ! نيٺ نرنئه ڪيائين ته ”مايا“ جي پرچار مان ڪجهه ڪين ورندو، سو وڏي سڏ چوڻ لڳو، ”يارو، هاٿي ته سچو، هاٿئ جي مستي به سچي، گٽر به سچو، منهنجو ٻيو ڀيرو گٽر ۾ ڪرڻ به سچو، مان ئي ڀليل هوس. ڀلائي ڪري مون کي هن گند مان ڪڍو.“

        تات پرج:- جيڪي چون ٿا ته جڳتر جوٺ آهي تن سان به اهڙي جٺ ٿيندي جهڙي هن سواميءَ سان ٿي. ويدانت ائين ڪونه ٿو چوي ته جڳتر جوٺ آهي؛ نه نه؛ پاڻ چوي ٿو ته جڳتر ست آهي ۽ نت آهي، يعني ته، نه رڳو سچ پچ آهي پر سدائين (قائم) آهي. سندس هئڻ يعني هستي برهم (ايشور) منجهان ئي آهي، جو پاڻ اِسٿر ۽ اَچل آهي. برهم به ست آهي ۽ نت آهي، جڳتر به ست آهي ۽ نت آهي، پر برهم اِسٿر (قائم) آهي ۽ ڪجهه ٿئي نٿو، پر جڳتر نت پيو ٿئي، ارٿات جڳتر برهم مان ڦٽي ٿو ۽ وري برهم ۾ ئي لئِ ٿي وڃي ٿو. جڏهين ماڻهونءَ کي پورو آتم گيان ٿئي ٿو، تڏهين سڀ واشنائون وسامي وڃن ٿيون ۽ هو پاڻ ۾ ”پاڻ“ پسي ٿو ۽ ”مان مان“ چوڻ بدران چوڻ لڳي ٿو مان ڪي ڪين آهيان، مونکي هستي آهي ئي ڪانه. اسين سپني کي سپنو تڏهين چئي سگهنداسون جڏهين سجاڳه ٿينداسين؛ تهڙي ريت جيسين اسان برهم (ايشور) نه ڄاتو آهي ۽ ايشور روپ نه ٿيا آهيون يعني پاڻ نه ڄاتو اٿئون، تيسين جڳتر کي مٿيا چوڻ جو اسان کي ڪو اَڌڪار نه آهي.

        سامي -        جاڳئي جڳه سپني جو رهي نه راڻي

                سامي  سمائي  بوند  وڃي سرير  ۾

پرتک پرچو (ايشور درسن)

        رامداس نالي هڪڙو ويشنوُ ڀڳت هوندو هو. هن کي ايشور جي درسن جي اچي اُڪير ٿي. هڪڙي ڏينهن ڪن ڀڳتن سان آکاڙي ۾ ويٺو هو، جتي هن برهم ڀوڄن ڪرايو هو، ته اوچتو ڀڄن جي مٺي واڻي ڪن تي پيس. آلاپ جي اوٽ وٺي هو اوڏانهن هليو. ڏٺائين ته مشهور  ڪبيرداس ڀڳت پاڻ ايشور آراڌنا ۾ لِوَ ليِن آهي. سندس پيرن تي ڪري پيو. ڪشل منگل پڇڻ کان پوءِ رامداس سنت جن کي وينتي ڪئي ته ڀلائي ڪري مونکي يوگه (اڀياس) جي ٻُجهارت ڏسيو. ڪبير جن سندس ارداس اونائي ۽ رامداس به ڪي ڏهاڙا اَٽٿي ٿي اُتيئي رهي پيو. ٿورن ڏينهن پڄاڻا رامداس وري به کيس ساڳي پرارٿنا ڪئي. مهاتما جن ساڻس پرتک پرچي ڪرائڻ جي پرتگيا ڪئي ۽ چيائينس ته برهمڻن جو ڀنڊارو ڪراءِ ته ايشور پاڻ اچي پرگهٽي. جُهڳل لاءِ ڏاڍا سانباها ٿي ويا. بدرا چلم جو سارو ننگر جتي رامداس رهندو هو، ايشور جي آجيان لاءِ سينگاريو ويو. ڪئين برهمڻ اچي اُتي ڪٺا ٿيا ۽ سٺا سٺا ڀوڄن جن جي سڳنڌ ماڻهن جو وات ئي

پاڻي ڪري ڇڏيو سڀ تيار هوا؛ پر رڳو ايشور جي اچڻ جي ويرم هئي. مُکاميلي جو کُڻُ 12 بجا هو. پر هتي ته هڪ-ٻه-بلڪ ٽي ڀي لڳي ويا ته به ايشور نه آيو. رامداس ڪبير جي سچائيءَ ۾ شڪ آڻڻ لڳو. برهمڻ به ڀوڄن ۾ ڀنگه پندو ڏسي اچي ايشور ٽي آگميا ۽ ڪي جو ڪي بيبڻ لڳا. اوسيڙي لڳي، ماڻهون نراس ٿي اُٿڻ تي هوا ته هڪڙو جڙ پاڏو گپ ۽ گند ۾ ڀريل اندر آکاڙي ۾ ڌوُڪي آيو ۽ ليٿڙيؤن پائي ڀانت ڀانت جا ڀوڄن-کير-تسميون ۽ ڪرهيون – تيوڻ ۽ تلا – مٺايون ۽ ميوا – سڀ هاري ويري ساري سامگري ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيائين. پنهنجو کاڌو هيئن ڪرؤ مرؤ ٿيندو ڏسي سڀ برهمڻ اچي ڇڙيا ۽ رامداس تي اُلر ڪري آيا. پوءِ ته رامداس سوڌو سڀ ڪاهي پيا پاڏي تي ۽ ماري رتورت ڪري ڇڏيائونس. برهمڻ جي کاڌي کان رهت ٿيا هوا، تنهنڪري ٻيا چانور رڌائي کين کارايو ويو پر نه انهي ڊاءِ جيئن پهرين سٽيل هو – برهمڻ به سارن وچان رامداس کي سراپ ڏيئي جک کائيندا رمندا رهيا.

        رامداس کي ڀڳت جي ڀنڀلائڻ تي ڏاڍو ارمان ٿيو. تنهن وچ ۾ پاڏو لنگهي ويو ڪبير جن وٽ. ڪبير سندس ههڙو حال ڏسي ڏکه ۾ ڀرجي چوڻ لڳو، ”سوامي، هي اوهان سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي؟“ پوءِ ته سندس ڦٽ ڌوئي صفا ڪري ملم پٽي ڪرڻ لڳو. پاڏي وراڻي ڏني ”تنهنجي چوڻ تي مان رامداس وٽ ويس، پر اجها هيءَ ڪار مونسان ڪئي اٿس؛ پر تون ڪو ويچار نه ڪر. راوڻ سان جنگه جوٽيندي جيڪي چوٽون (ڌڪ) مون کاڌيون هيون تن جي ڀيٽ ۾ هي ته ڪي ڪين آهن.“ ايترو چئي پاڻ موڪلائي هليو ويو. سانجهيءَ ٽاڻي رامداس به آڪڙجي ڪبير جي آسٿان تي آيو، پر جڏهين ٻڌائين ته ڪيئن ايشور وٽس پيهي آيو هو، تڏهين ڏاڍو ڏکه ٿيس ۽ پنهنجي ڪرڻيءَ تي پڇتائڻ لڳو. ڪبير پوءِ کيس پر ٻوڌ ڏنو ته سارو جڳتر ايشور جو روُپ آهي ۽ ڀڳت جن نه رڳو مندرن ۾ پر سروَ آڪار ۾ ايشور پسن ٿا ۽ نمي وِرکَه (وڻ) جيان سڀ جي شيوا ڪن ٿا. يجَن واڪيه اُپنشد به اهڙا ئي ٻول ٿو ٻولي، چي سڀ ۾ ايشور رمي رهيو آهي. ڇا چنڊال ڇا گهوڙو. ڇا گانءَ، ڇا گڏهه، سڀ ۾ پاڻ ساکي اهي. هو سڀ هنڌ ائين سمائجي رهيو آهي جيئن وڃڻي ۾ واءُ، ماکيءَ ۾ ميٺاج ۽ سورج ۾ پرڪاش. ڪابه جڳهه کانئس اُوُرن (خالي) نه آهي.

لکيو نا ٽري

        آڌئ رات جو وڳڙو هو. بينگال پاسي سڀرن پور نالي ڳوٺ ۾ ڪنهن ڀنگئ ۾ جهڪي بتي پئي ٻري. گهر جا ڀاتي برهمڻ ۽ سندس

استري گهريءَ نند ۾ سمهيا پيا هوا. اوچتو برهمڻ جي اکه کلي پيئي ۽ ڏٺائين ته هڪرو ڪانو ڇت مان هيٺ پٽ تي ڪري پيو. اکه ڇنڀ ۾ اُهو ڪانو مٽجي ڪاريهڙ نانگ ٿي پيو ۽ زال کي ڪکي (ڏنگي) سراڪو پائي ٻاهر نڪري ويو. زال سڏڪا ڀريندي ساهه ڏنو. برهمڻ هي عجيب اسرار ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. زال جو اگني سنسڪار ۽ ٻيو ڪرتب پنهنجي مائٽن کي سؤنپي پاڻ ورتائين نانگ جي پٺ. ٿورو اڳبرو هلي، نانگه ڦري گدڙ ٿي پيو ۽ هڪڙو ڇوڪرو جو گهر کان ٻاهر ٿي نڪتو تنهنکي اُڦٽ ماري ڇڏيائين. پوءِ اُهو ڳوٺ ڇڏي گدڙ مان ڇتو ڪتو ٿي پيو ۽ ٻن واٽهڙن کي ڏاري ڦاڙي ڦٽو ڪيائين. برهمڻ به ماٺ ڪري سندس پٺ وٺندو ۽ لڪي ڇپي سندس ڪرتوت جاچيندو رهيو ۽ پڪو پرن ڪيائين ته تور تائين سندس پيڇو نه ڇڏيندس.

        مٿان اچي صبوح ٿيو. سج به ڪني ڪڍي هئي ۽ ساري جيوت ڄڻ نئين سر جاڳرتا ۾ آئي هئي. ڇتو ڪتو ديهه بدلائي سان ٿي پيو ۽ ڪيترن ماڻهن کي رتو رت ڪيائين. پوءِ اُهو هنڌ ڇڏي شاهي سڙڪ ورتائين. ڪجهه پنڌ هلي، هڪ سورهن ورهين جي سندريءَ جو سروپ ڌاريائين ۽ بڙ جي وڻ هيٺان ٿڌيءَ ڇانو ۾ ويهي رهيو. اَچانڪ ٻه راجپوُت ڀائر جي ڏيساور تان ڳچ ڏينهن کان پوءِ وطن وريا هوا، سي اچي اُتان لانگهائو ٿيا. اڃان سندن نگاهه اُن وينگس تي پيئي ڪين ته اُٿس اڪن ڇڪن ٿي پيا. ٻئي وڌي وٽس ويا. وڏي ڀاءُ کانئس پڇو ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿي جي ويٺل آهين؟“ هن وراڻي ڏني ”منهنجو اُڃ ۾ ٿو ساهه وڃي، ڀلائي ڪري مونکي پهرين پاڻي ڍڪ پيڻڻ لاءِ ڏيو، پوءِ ٻي ڳالهه.“ وڏو ڀاءُ ڏوري ۽ لوٽو کڻي ڀڳو ڀر واري کوهه مان پاڻي ڀرڻ ۽ ننڍي ڀاءُ کي پرپٺ اُن سندريءَ جي سنڀال لاءِ تاڪيد ڪري ويو. جڏهين پاڻي ڀري موٽيو تڏهين هو سندريءَ کي زار زار روئندو ۽ منهن مٿو پٽيندو ڏسي

وسميءِ ۾ پئجي ويو. سندريءَ (روئي) کيس ٻڌايو ته ڪيئن سندس ننڍو ڀاءُ پرپٺ ساڻس بي حرمتيءَ (گستاخيءَ) جي هلت هليو. ڪيتري به ليلائڻ تي کيس ڪو مرم ڪونه پيو. پر هنجي مهل سر اچي نڪرڻ تي ئي سندس ست سالم رهيو. وڏي ڀاءُ کي ڪروڌ چڙهي ويو، سو لوٽو ڦٽو ڪري ٺهه پهه ترار کپ مان ڪڍي پنهنجي ڀاءُ تي الر ڪري آيو. جيتوڻيڪ ننڍي ڀاءُ سمجهيو ته هو ڀليل آهي، پر کيس ورنائڻ جو وجهه نه مليو ۽ للڪار تي هڪدم ترار ڪڍي سندس سامهون ٿيو، هڪل سڻي ڪهڙو جوڌو ماٺ ڪري وهندو؟ ٻئي مڙس مانجهي هئا. لڙائي جا ڪوڏيا هئا. جڌ جبريِ لڳي. اڌ ڪلاڪ سانڌهه هلي. نيٺ ٻئي ڀائر ڦٽجي ساڻا

ٿي اُن سندرئ جي پيرن وٽ ڪري پيا. سندري سمورو وقت من ۾ مشڪندي رهي. هوءَ هاڻي اُتان اُٿي ڀر واري بن ڏانهن وڌڻ لڳي. جڏهين وچ بن ۾ آئي تڏهين ڪايا پلٽي هڪ ٻڍو برهمڻ ٿي پيئي. جوان برهمڻ جو هيسيتائين لڪ ڇپ ۾ سندس پار پرکيندو رهيو هو سو اڳڀرو وڌي آيو ۽ ان ٻڍي برهمڻ کان پڇڻ لڳو ته تون ڪير آهين ۽ ڇا ڪندو آهين؟ ٻڍي برهمڻ کيس ٻڌو اَڻ ٻڌو ڪري نٽائي ڇڏيو ۽ کسڪي نڪري وڃڻ لاءِ تڪڙي وکه وڌائين. جوان برهمڻ به ست پائي اچي ساڻس گڏيو. پوءِ ٻنهين جي پاڻ ۾ هيٺينءَ ريت گفتگو هلي:-

        جوان برهمڻ:- مان منڍ کان وچي تنهنجا ڪرتوت جاچيندو اَچان. ديا پالي ٻڌاءِ ته، تون پاڻ ڪير آهين ۽ ڪهڙي ڪرت اَنيئي؟ تو هيترا ڪڌا ۽ ڪور جا ڪم ڪيا، سو ڪهڙي ڪارڻ؟

        ٻڍو برهمڻ:- حيا! هتان هٽي وڃ. منهنجي ڪم ۾ اَر چڻ ڪندين ته پڇتائڻو پوندءِ.

        جوان برهمڻ:- جيڪڏهين ساهه جو سانگو هجيم ها، ته ڇو تنهنجي پٺ وٺي، هن اڪيلي بن ۾ اچي پوان ها؟ مان مؤت ڀر ڪونه ٿو ڊڄاڻ، ڀلائي ڪري منهنجي سوال جو جواب ڏي نه ته مان اِتي جو اِتي پاڻ گهات ڪري، اُها هچا تنهنجي سر تي مڙهيندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com