سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :2

دانتيِ وڻڪا

ويدانت جو متو

        سنجها جو ويلو هو. سن ۽ سانت اهڙي لڳي پيئي هئي جهڙي ساڌوءَ جي هردي ۾ وسندي آهي. ساري سرشٽي آنند روپي ڌُنِ ۾ اهڙي مگهن ٿي ويئي هئي ڄڻ ڪو رشي سماڌيءَ ۾ لين ٿي ويو آهي؛ پکي پنکڻ وڃي اکيرن ۾ آرامي ٿيا هوا؛ ڍور ڍڳو به وڃي وٿاڻ ٿائينڪو ٿيو هو؛ ۽ ماڻهون به ڏينهن جو پورهيو ڪري ڪي ڀڳتي ڀاءَ ۾ لڳي ويا هوا ته ڪي اُن شانتي روُپ سن ۾ ئي سميٽجي ويا. بلبل به پنهنجي مٺي لات جي اهڙي چڙهه ڪري ڇوڙي ڄڻ ته ڌُنُ (مٺي آواز) جو درياههَ پلٽيو آهي. گلن ڦلن جي هٻڪار ته هيڪاري من کي پئي موهيو. ٻيج جي چندرما به چوڌاري پنهنجي چانڊاڻ جي اهڙي ته اَڇ ڪري اوتي جو ڳالهه ئي ڪرڻ کان ٻاهر آهي. جمنا به ڏاڍي مؤج ۾ پئي وهي، ۽ سندس روپ جهڙي اُجل ريٽ تي ههڙي سندر سهائيءَ رات جو ڪرشن به راڌا، جانڪي، ساوتري ۽ ٻين گوپين ساڻ اُتي اچي سهڙيو. مرلي کڻي چپن تي رکيائين ۽ پوءِ جو سر آلاپيائين. آها-ها ڪير جو ورنن ڪري سگهي. ساريءَ منڊليءَ کي منڊي ڇڏيائين. اِها سم سانت ڪا ڳچ وقت ڪانه هلي ڇاڪاڻ جو ڪرشن جي اکه وڃي ڪنهن مڙهه تي پيئي. جڏهين ويجهو آيا تڏهين ڏنائون ته اُهو ڪرشن جو پيارو وڇيرو هو. سڀني جي من تي دکه ڇائنجي ويو، پر ڪرشن ويچار ڪري چيو ته ڀولو ڪونهي. جيڪڏهين اوهان مان هر هڪ جيڪي ويچار ۽ جيڪي اُمنگه ۽ انڇائون هن ٽاڻي سندس اَندر ۾ اُتپن ٿين ٿا سي سچيءَ دل سان کولي ٻڌائيندي ته هيُ وڇيرو وري جي پوندو. سچ ۾ ايتري سامرٿي آهي. سڀني کي اِها ڳالهه وڻي ۽ ڄڻي ڄڻي واري وٽيءِ پنهنجي دل جو راز (ڳجهه) هيٺين ريت کولي ٻڌائڻ لڳي:- هڪڙيءَ گوپيءَ چيو ”مان ته ڀانيان ته سدائين تنهنجيءَ من موهيندڙ مرليءَ جو مڌر شبد پيئي سڻان. مونکي ٻيو ڪجهه به مٺو نٿو لڳي.“ ٻيءَ ٻوليو ”منهنجي ته اها ئي منشا آهي ته هن رمنيڪ چانڊوڪيءَ رات جو چانديءَ وانگر چمڪندڙ جمنا جل ۾ تو ساڻ گڏ پئي تران ۽ تڙڳان.“ ٽينءَ چيو ”مان ته جيڪر مڙساڻا ڪپڙا ڪري، ڏنڊم ٿي، لڪڻ هٿ ۾ کڻي، بؤوٽ پائي، پڳڙي ٻڌي جڙاواڳه جيڏانهن وڻيم تيڏانهن پئي اچان وڃان، ۽ اِسترين جي لڇ ليهه ۽ مرم مرجات جا جيڪي پنگتي ٻنڌڻ ۽ سندن نرٻلائي جا جيڪي وهم ويٺل آهن سي سڀ: ٽوڙي ڇڏيان. زالن لاءِ جئڻ ئي جنجال آهي.“ چوٿينءَ چانگاريو ”مان ته هوند رشي ٿي هماليه جبل جي چوٽيءَ تي گنگا جي جنم اسٿان وٽ اشنان پاڻي ڪري پرميشوَر جي پرارٿنا ۾ لڳي رهان“. پنجينءَ پڪاريو ”منهنجي ته اهائي اِنڇا آهي ته اڌينن ۽ اَناٿن جي پرگهور لهان ۽ نڌرن ۽ نرٻلن جي شيوا ٽهل ڪري سڀڪنهن دکي گهر ۾ سکه ۽ سانتي ڦهلايان.“ ڇهين اَچي ڇلي چي ”منهنجو چت ٿو چوي ته اهڙي چتر مکه ٿي پوان جو وٽان پنگتي سڌاري ۽ ديس جي اُنتي ۽ واڌاري بابت ڏيهان ڏيهه پرچار ڪندي ۽ پر ٻوڌ ڏيندي ۽ پنهنجي چند ۽ چڀندر ويا کاڻين سان چؤڏس چؤڌار ڌاڪو وجهي ڇڏيان.“ ستينءَ سنڀاليو ”اِهي اِنڇائون سڀ تڇ آهن، مان ته جيڪر هن سن ۽ سانت سمي، سن سانت ۾ سمائجي سم (ساڳي) سانت ٿي وڃان.“ اهڙيءَ ريت ڪنهن مايا گهري ته ڪنهن مڻيا ته ڪنهن سونهن، تان جو ساوتريءَ جو وازرو آيو جنهن اُڪير مان اُنيو ”ائي ڳــوُڙها ۽ ڇلي ڪرشن، منهنجي ته اهائي آس آهي، ته توکي پائي نت پنهنجو ڪري ويٺي هجان.“ راڌا چيو ”اسانجا سرير گهڻا ئي سهڻا، پر منهنجي ته

اها ئي ترشنا آهي ته اهي سرير سميٽي جنهن پريم جي پرڪاشي لهر ۾ پاڻ ڀئي لڙهي رهيا آهيون، تنهن پوتر پريم ۾ سم پريم ٿي پوان. مان ته هوند سروَ پريم ٿي پوان. انهي کان وڌيڪ سهڻو ۽ مٺو ٻيو ڇا آهي؟“ پڇاڙيءَ جانڪيءَ جو وارو آيو، جنهن اکيو ”سوامي، هيُ ته توهان عجيب کيل رچيو آهي. سڀڪنهن ڀيڻ سچ چئي ڏنو آهي، پر جا شيءِ هڪڙيءَ کي وڻي ٿي سا ٻيءَ کي نه ٿي آئڙي، سو رڳو انهيءَ ڪري آهي جو شين ۾ سچو گڻ آهي ئي ڪونه. پر هڪڙي ڳالهه پڌري پئي آهي ته سڀڪو سکه کي ٿو سڪي ۽ واجهائي؛ سو به ڪهڙو سکه؟ اُهو سکه جو سدائين من ۾ پيو وسي، جنهن سکه جي ڄاڻڻ سان من ترپت ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ جي تمنا نه ٿو رکي ۽ جو سدائين جٽاءَ وارو آهي. اهو سدائين (جو) جٽاءُ، اهو پورن ڄاڻ، اهو آنند ئي آهي جنهن لاءِ اسين نهاري رهيا آهيون، پر اُتي پيا ڳوليون جتي آهي ٿي ڪونه. هي سڀ وستار ڪيل وٿون جي منهنجي ڀينرن گهريون آهن، ڪنهن ڪهڙي ته ڪنهن ڪهڙي، سي ڏيکارين ٿيون ته باهر ئين يعني جڳتر جي ڪنهن به پدارٿ کي ايتري سگهه نه آهي جو اسانجون انڇائون پوريون ڪري سگهي. مون کي انهي ڳالهه جي پوري سڌ آهي ۽ ڄاڻي ڪري مان ماٺ ۾ ٿي رهان. انهي ”پنهنجو پاڻ“ نه نه انهي ”پاڻ“ ۾ جو باقي وڃي رهي ٿو (ڇاڪاڻ ته ”پنهنجو“ ته پيو ڦري گهري) اِهي ٽيئي، پورن جٽاءُ، پورن ڄاڻ (گيان)، ۽ پورن آنند اچي وڃن ٿا. منهنجي ته اها ئي انڇا آهي ته منهنجي من ۾ ڪابه ڪامنا نه رهي ۽ مان ”پاڻ“ ۾ ”پاڻ ئي پاڻ“ ٿي وڃان.“ اڃا اِهي اکر هنجي واتون اُڪليا ئي ڪين ته هو وڇيرو ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ۽ سندر جاڳر وچم جهمريون پائڻ لڳو.

        مٿينءَ وار تا ۾ جانڪيءَ جا وچن ڏاڍو ڳوڙها ۽ مرم (معنيٰ) ڀريل آهن. اُنهن کي پوريءَ ريت سمجهڻ لاءِ ڳالهه کي وڌيڪ کولڻ گهرجي. گوٻي لڇميءَ کي مڻيا گهرجن. هنجي ليکي مڻيا کيس سکه ڏيندا. هن مان پڌرو آهي ته لڇميءَ کي مڻين جي لوڙ ڪانه آهي پر هنکي سکه جي لوڙ آهي جا هوءِ سمجهي ٿي ته مڻيا ڏيندم. گوپي سرسوتي

لڇمي جي گهر جو ويچار ڪري دل ۾ چوڻ لڳي ته مڻيا ته مون گهڻيئي پائي ڇڏيا آهن. سچ، مڻيا سکه ڏين ٿا پر رڳو ٿورو وقت. وڌيڪ جٽاءَ وارو سکه وديا پرائڻ ۾ آهي جا ڪو کسي نه ٿو سگهي، تنهنڪري مان وديا پرائينديس. وديا ئي مون کي سچو سکه ڏيندي. جيڪڏهين ڀيڻ لڇميءَ کي مون وانگر مڻين جي کِڻڀنگُــرُ سکه جي سڌ هجي ها ته هوءِ ڪا ٻي شيءِ گهري ها. اِنهي مان پرسڌ آهي ته من نه رڳو سکه جو ڪانکي آهي، پر اُنهيءَ سکه جو، جنهن ۾ جٽاءُ هجي. انهي ڪري هو وتي هڪ ٻئي پٺيان شيون ورتائيندو ۽ چوندو ”هيُ به نه“ ”هي به نه.“ جيڪڏهين مڻين جو سکه جٽاءَ وارو ۽ پورن سکه هجي ها، ته من جيڪر اُتيئي آرام ۾ رهي ها ۽ وديا يا وديا جي سکه جي ڄاڻڻ جي سڪ نه ٿئيس ها. ٿوري ۾ ته مڻين جو ڄاڻ پورن ڄاڻ (گيان) نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان مان جيڪو سکه پراپت ٿئي ٿو سو پوُرن (يعني سڌائين جٽاءَ وارو) سکه نه آهي. جتي پوُرن سکه آهي اُتي من سانت ۾ رهي ٿو ۽ وڌيڪ ڄاڻڻ جي اِنڇا نه ٿي ٿئيس؛ ڇاڪاڻ ته اِنڇا جي معنيٰ آهي ”اَڻپورڻتائي – گهرج“؛ جتي گهرج نه آهي، تتي انڇا وري ڇاجي؟ انڇا آهي ئي ڪانه. تنهنڪري پوُرن آنند (سکه) هو به هو پورن ڄاڻ (گيان) آهي ۽ ڪوبه آنند پورن نه آهي جيسين پورن ڄاڻ ۽ پورن جٽاءَ وارو نه آهي. پورن سکه اُهو آهي جنهن ۾ پورن جٽاءُ، پورن ڄاڻ ۽ پورن آنند آهي. من پل پل انهن ڀاوَ يا روپ هڪيا آهن.

جيوت پريکيا جي هڪ سَنگَهر (زنجيري) آهي ۽ اسين اندر جي اُڪير وچان اِنهي سچي سکه پرائڻ لاءِ وتون هڪ ٻئي پٺيان وٿون واپرائيندا ۽ پرکه لهندا، جهڙوڪ سمپدا (ڌن)، سکيا، سونهن، ساکه ۽ ٻيون انيڪ شيون تان جو ڪن ڪسابن جي اوکه ڊوکه (جاچ) کان پوءِ مس مس گوپي جانڪيءَ جي وچنن جي پوري پوري پروڙ پئي ٿي ته ڪوبه ٻاهريون پدارٿ اسانجون گهرجون پوريون نه ڪندو. سڌانت (نتيجو) اهو ٿو نڪري جو من پوءِ ٻاهر ڀٽڪڻ يعني ته دنيا ۾ کوجنائون ڪري پريکيا پائڻ جو ڌندو ڦٽو ڪيو ڇڏي. من جي لڙهه وچڙ بند ٿيڻ جي معنيٰ اِها نه آهي ته جيوت نپٽ ناس ٿيو وڃي. نه نه. من پٺيان سوجها يا سچيتيءَ جو پويون تهه آهي جنهن ۾ من وڃيو آرامي ٿئي جيئن ڏهاڙي سپني کان آجيءَ ۽ گهريءَ ننڊ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اُن کي ”چٽ“ يا ”چيتن شڪتي“ به سڏيندا آهن. اِها چت شڪتي اسٿر ۽ سدائين هڪي آهي. نه اهي کيس پاڻکان ٻاهر ڄاڻڻ جي تمنا، نه اهيس ڪنهن تٿ (وٿ) جي تانگهه؛ ڇاڪاڻ ته من، جنهن دوران هوءَ جڳتر سان وهنوار ۾ رهي ٿي تنهن پاڻمرادو پنهنجو ڌنڌو نپت نڪمو سمجهي ٿوڪاري ڦٽو ڪيو آهي. جڏهن اسين نوڪريءَ تي ويندا آهيون تڏهين سو ڪوٽ پٽڪو پائي ويندا آهيون، پر ڪم لٿي کان پوءِ لاهي رکندا آهيون. تهڙيءَ ريت جڏهين ٻين پدارٿن پٺيان ڊوڙڻ جي تانگهه لٿي تڏهن من کي پاسيرو ڪري، چت يعني چيتن شڪتي پنهنجي روءِ سوءِ رهڻ لڳي ٿي. پوءِ هنکي نه آهي ڪنهن شيءِ جي ٽانگهه، نه آهي ڪنهن شيءِ جي ڄاڻڻ جي تمنا، مگر سدائين هڪي آهي؛ يعني ته هوءَ سروَ جٽا، سروَ ڄاڻ ۽ سروَ آنند روپ آهي. اِهي ٿيئي اکنڊ روپ منجهس وياپڪ آهن. تنهنڪري هنکي ته سروُپي ستا يا ٽه مورتي سڏيندا آهن. اِها آهي ”آتما“، اهو آهي پنهنجو ”پاڻ“.

          من ٻاهرين پدارٿن جي پَــرَ کُـــرَ (پيٺيان پوڻ) ۾ سچ پچ انهي ٽه سروُپي سکه کي پيو ڳولي، پر ڳولي ٿو اوجهڙ پاسي، جئين مرگه يا هرڻ، کستوري دن ۾ ڌاري، وائڙن جيئان پيو ٻاهر نهاريندو ۽ سوجهيندو آهي. انهيءَ ڪري اُپنشدن جو چوڻ آهي ته پتيءَ جي ڪري پتي پيارو نه آهي پر اِنهي ”پاڻ“ (آتما) ڪري ئي پتي پيارو آهي؛ اِستريءَ جي ڪري اِستري پياري نه آهي پر اِنهي ”پاڻ“ (آتما) ڪري ئي اِستري پياري آهي.

          اِهو ”پاڻ“ نه آهي تون، نه آهي مان؛ ڇاڪاڻ ته تنهنجو ۽ منهنجو ته من سان ٿو لڳي. جڏهين من شانتي ۾ ٿو رهي، تڏهين آتما جو درسن ٿئي ٿو، ۽ تون پاڻ ۾ ”پاڻ“ پسين ٿو. اِهو آهي ”وڌو پاڻ“، اِهو آهي ”پرم پاڻ“، جنهن جي نت سيتل سوجهري ۾، تون ۽ مان جو ترورو به نه آهي. ويدانت ڏيکاري ٿو، ته اِهو ”پرم پاڻ“ (آتما ڪٿي آهي ۽ ڪيئن اُنکي پهچجي. مرن چاهي ڪي نه چاهي، تڏهين به هر ڪو پراڻي پنهنجن سڀني ڪمن ڪارين ۾، انهي پرم پاڻ کي پيو ڳولي ۽ ويدانت رڳو کيس دڳه لڳائڻ ۾ واهر ڪري ٿو.

سچو سک

        اڳئين پرڪرڻ ۾ ورنن ڪيل جمنا نديءَ واري رنگه ۾، وڇري جي جي پوڻ ڪري، ڪو ڀنگه ڪونه پيو. گوپي جانڪي واري ڳالهه تان ڳالهين ڪندي، گوپي ميتري چوڻ لڳي ”اي ڪرشن، ڀيڻ جانڪيءَ جي وچنن منهنجي چت ۾ شنڪا اُٿاري آهي. هن چيو ته سکه ئي اسانجو پر شارٿ آهي. اِهوئي اسانجو نڌان تور آهي. جڳتر ۾ جيڏانهن تيڏانهن دکه

اسان جي آڏو ٿو اچي، اُتي سکه جي آشا رکڻ اجوڳه ڪين چئبي؟ ڇو نه

پريم ۽ پڃ (پرمارٿ) اسانجو آدرش هئڻ گهرجي؟ تون ئي آهين جو منهنجي شنڪا دور ڪندين، تون ئي منهنجو ڀرم نواريندين.“ ڪرشن چيو ”پياري ميتري، ڪنهن ٻار پئي رنو ۽ رڙيو، ٻڌائي نٿي سگهيو ڇا کپندو هوس. پهرين ڪا ڀُوري آڻي ڏنائونس جا هن ٿورو وقت راند روند ڪري اُڇلائي ڇڏي. وري کيس ٽول ڏنائون سو به ٿورو کائي چڙ منجهان کڻي ڦٽو ڪيائين. پوءِ ته کيس ڪتاب ڏنائون، رانديڪا ڏنائون، پر ته به ٻار روئڻ کان بس ئي نه ڪري، جيسين کيس گهربل شيءِ نه ملي. اُنهيءَ ٻار وانگر توکي به سمڪ نٿي پوي ته ڪهڙيءَ شيءِ جي سچ پچ گهرج اَٿيئي؛ تنهنڪري وتين هڪ ٻئي پٺيان شيون واپرائيندي ۽ پرکبدي. پر جيسين توکي من گهري شيءِ نه ملي آهي تيسين تنهنجي من کي سانت نه ايندي. اِهو آهي ”سکه“، جنهن ۾ پورن جٽاءُ ۽ پورن ڄاڻ آهي. جيئن مٿي اُڇلايل پٿر ڌرتيءَ تي ڪرڻ بنا رهي ڪين سگهندو تيئن تون به اُنهي ”پرم آنند“، انهي ”پرم پاڻ“ (آتما) کي لوڙي لهڻ بنا رهي ڪين سگهندينءَ. سڀ پدارٿ جيڪي هن سرشٽيءَ تي آهن سي ويران وير اَوس انهي ڏانهن پيا کينچبا وڃن. اِهي سڀ شيون رڳو ٿورو وقت هرکائين ٿيون پر پوءِ نهار جين به ڪين. ڪيتريون نه شيون تو هنن ٿورن سالن ۾ ماڻي ڦٽيون ڪيون آهن؟ توکي سانڀر آهي ته تو هڪڙي ڀيري هن ساڳئي هنڌ، جمنا جي هن ساڳئي ڪنٺي تي، جهنگلي گلن جهڙن مڻين جي گهر ڪئي هئي، جي سڳنڌ سان ڀرپور هجن ۽ مون تنهنجي اِها ڪامنا پوري ڪئي هئي؟ پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪڪ ٿي پيئينءَ. هاڻي پريم ۽ پڃ (پر مارٿ) دواران جڳت جي سهائتا ڪرڻ ٿي چاهين. اِها تنهنجي اِنڇا پهرينءَ اِنڇا کان وڏيڪ سندر ۽ نر لوڀِي آهي، پر ٻنهي حالتن ۾ منورٿ

ساڳيوئي آهي ”سکه“؛ ڇاڪاڻ ته انڇا آهي گهرج، گهٽتائي، سکه جي اَڻ پورڻتائي – جيسين توکي سهائتا ڪرڻ جو وجهه نه مليو آهي تيسين توکي سکه نه ايندو. هن ٻار وانگيان توکي به پنهنجي گهرج جي پوري پرجهه نه آهي. چور جو چوري ڪري ٿو، هچارو جو خون ڪري ٿو، سورهه جو جنگه ۾ وڙهندي ساهه ڏئي ٿو ۽ ديس جو گهڻگهرو جو ڪٽنب کان به وڌيڪ ديس جي شيوا ڪري ٿو، پريمي جو پريم ڀريل راڳه رچي ٿو، اِهي سڀ سکه کي ٿا سوجهين پر جدا جدا وستن ۾. منشا ساڳي آهي پر وسيلا ٻيا ٻيا آهن؛ ڪي چڱا، ڪي مندا ته ڪي وري موچارا (پورا پنا)؛ پر پڪ ڄاڻ ته ٻاهرين ڪابه وَٿ تنهنجي تمنا پوري نه ڪندي. سچو ۽ نت جٽاءَ وارو سک تڏهين پراپت ٿيندو جڏهين من وشين پٺيان ڊوڙڻ جي پچر ڇڏيندو ۽ سانت ۾ رهندو.“

        ميتريءَ جا ته سڀ سنسا ميٽجي ويا، پر گوپي گارگيءَ آتر ٿي پڇيو، ”ڇو ڪرشن! جنهن سکه کي تون ”پاڻ يا آتما“ ڪري ٿو سڏين، سو ڍونڍڻ سوارٿ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟“

        ڪرشن وراني ڏڻي، ”نه پياري نه. جنهن سکه جي مان ڳالهه ٿو ڪريان، سو آهي، سروَ سکه، سرو گيان (ڄاڻ) ۽ سرو جٽاءُ. هنجو اَنت ڪنهن نه پاتو آهي. تون ڀانئين ٿي ته اِهو اَپار آنند ”تون“ ۽ ”مان“ ۾ اچي موڙهو آهي؟ نه، نه. سارو سمنڊ ڇو نه هڪ ڦڙي ۾ سمائجي وڃي، ساري

سرشتي ڇو نه هڪ اَڻي (ڪڻي) ۾ ماپي وڃي پر هيءُ اٿاهه ۽ اَڻ ميو ۽ اَننت آنند جنهنکي پرش يا آتما ٿا چون، سو ته هن ننڍڙي ديهي ۾ نٿو ماپي سگهي. هي سڀ رنگه ۽ روپ، هي سڀ انگه ۽ آڪار، هي سڀ نانا پرڪار جا پدارٿ، ننڍا توڙي وڏا، اِنهي ”تون ۽ مان“ جو کيل آهن؛ ڇاڪاڻ ته جيڪي ”تون“ آهين سو ”مان“ نه آهيان ۽ ”مان“ ”تو“ کان اَلڳه ۽ پيارو آهيان. تون پنهنجي تن ۽ من کي ”پاڻ“ (آتما) ڄاڻي ويٺي آهين، پر ”پاڻ“ کي ديهي، يعني هڪ اَلڳه پدارٿ سمجهڻ ۽ ٻيا اهڙا وهم ۽ وکاد (من جا مونجهارا) جسيسين ناس نه ٿيا آهن تيسين انهيءَ آتم سک جي سوجهي نه پوندي. جيسين تون پاڻکي ٻين کان الڳه سمجهين ٿي، تيسين تون ننڍڙو پاڻ آهين، ۽ توکي انهيءَ اَتي آنند جي اوش (روشني) نه پوندي. پنهنجو ننڍڙو پاڻ پري ڪر. اِهو اَهنڪار، اِها ممتا (مان ۽ مان) مار، ته ”وڏو پاڻ“ (آتما) پاڻيهي پر گهت ٿئي. اِهو اهنڪار ئي آهي جو اسانکي پاڻ سڃاڻڻ جي آڏو ٿو اچي. اِهو ئي اسانجو وڏو ويري آهي، جو اسانجي درشٽيءَ تي دوئيءَ (ٻيائيءَ) جا پردا ٿو چاڙهي؛ اسانکي ٻيائيءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٿو ٻڌي؛ اسان کي ننڍڙو بنائي ٿو ڇڏي؛ اسان کي ڪيٽ (ڪنئين) جهڙو ڪيو ڇڏي؛ پوءِ اسين ڪيئن اِهو ”پرم پاڻ“ پسي سگهنداسين؟ جيترو تون پاڻکي هن ننڍي پاڻ جي پاتال مان مٿي کڻندينءَ، اوترو تون انهي ”پرم پاڻ“ جي آڪاس کي ويجهو ٿيندينءَ. پريم ۽ پڃ ئي (پرمارٿ) توکي هوريان هوريان انهيءَ ننڍي پاڻ جي پاتال مان ڇڪي ٻاهر ڪندا. تنهنڪري تون پاڻ کان وڌيڪ ٻين کي پيار ڪرڻ تي پاڻکي هير. پريم ڇڏ ۽ پرمارٿ يعني پڃ جي ساڌنا سان تون اُنکي گسائي ڇڏ. جڏهين انهيءَ شڌ ساڌنا سان ننڍو پاڻ (اَهنڪار) گسي ويو ته ”پرم پاڻ“ (آتما يا پرش) پاڻهي پڌرو ٿي پوندو. پريم ئي اَهنڪار جي ڦٽ لاءِ چٽيئڏاڻ لؤکد (دوا) آهي. پريم تنهنجي چت کي چلڪائيندو، تنهنجي سمجهه کي چٽو ڪندو، ساري تنهنجي سڀاءَ کي سيتل ۽ اُجل ڪري ڇڏيندو. پريم مرونءَ کي ماڻهون ۽ ماڻهونءَ کي ديوتا بنايو ڇڏي. پريم بنا پرم ايشور جو پرڪاش نٿو ٿئي. پرم ايشور پريم جو پياسي آهي. جڏهين پنهنجو پاڻ يعني ننڍڙو پاڻ وساريندينءَ، تڏهين اِهو پرم آنند توکان پري نه آهي. سچي سکه ۽ پريم ۾ ڪوبه ڀيڌ ڀاءُ نه آهي.“

        سيتا:- (پڪاري) آها – آها! ڪرشن؟ مون ته هڪ تمام اچرج جهڙي کوجنا ڪئي آهي.

        ڪرشن:- ڪهڙي؟ ٻڌاءِ! اسين به ته ٻڌون ته ڪهڙي کوجنا ڪئي اٿيئي.

        سيتا:- مون کوجنا ڪئي آهي ته سکه نه رڳو سرو پريم آهي، پر سرو گيان (ڄاڻ) به آهي، ڇاڪاڻ ته جتي ٿوروئي ڪجهه ڄاڻڻو ٿو پوي ته من کي ونجهه وٺيو وڃي ۽ سکه ۾ ڪاڻ پئجو وڃي.

        ڪرشن:- واه! ٺيڪ ٿي چوين. سچ پچ اِها وچتر (عجيب) کوجنا آهي. ٻيو ڪير آهي جو اهڙي کوجنا ڪري سگهي؟

      ساوتري:- ڇا! تڏهين سهج (خوشي) ۽ سکه ساڳي ڳالهه نه آهي؟ ٻنهي ۾ وڏو ڦير آهي؟

        ڪرشن:- ها. اُهي آهن ڄڻ باهه ۽ پاڻي، ڄڻ سوجهرو ۽ اوندهه. هڪڙو آهي سرو گيان ته ٻيو آهي سرو اَگيان اُهي آهن ڄڻ باهه ۽ پاڻي، ڄڻ سوجهرو ۽ اوندهه. هڪڙو آهي سرو گيان ته ٻيو آهي سرو اَگيان. ڪو بکايل ۽ اَڏين ماڻهون سڄو ڏينهن ٽڪر ٽيري لاءِ ٽلڪيو، پر پوري اُدر پورنا نه ٿيس. نيٺ نراس ٿي گهر ڏانهن موٽيو ته اوچتو واٽ تي ڪنهن چانديءَ جهڙي چمڪندر شيءِ تي درششي پيس. ڏاڍو سرهو ٿيو. هٿ ۾ کڻي ڏٺائين ته چاندي نه هئي، پر سپ هئي. ڏاڍو ڏکه ٿيس ۽ پنهنجي

نڀاڳه کي روئندو، ڪرم پٽيندو گهر ڏانهن موٽيو. ماڻهونءَ جو ڀاڳه ته اِجهو

اهڙو آهي! هنکي کپي سکه؛ پڪ اٿس ته فلاڻي شيءِ کيس سکه ڏيندي؛ واجهائي ٿو؛ مليس ٿي ۽ سرهو ٿئي ٿو؛ پر ستتئي پروُن پونس ٿا، ته مون دوکو کاڌو آهي، ۽ جنهن سکه لاءِ سڪيس ٿي، سو ڪونه مليو اٿم. پوءِ ته

لڳي ٿو هڪ ٻئي پٺيان شيون واپرائڻ ۽ پرکڻ. سکه ۽ سهج (خوشيءَ) ۾

گهڻو ڦير آهي. سهج (خوشي) آهي، سکه جو ڪوڙو سڪو، ڄڻ پاچو. اِهو آهي ڀرم يا ڀرانت، جيئن سپيءَ کي چاندي سمجهڻ. ڏاڍو ڇلي ۽ ڇنڀنگر آهي، جنهنجي هڪ پڇاڙي ”گهرج“ آهي، ۽ ٻي پڇاڙي ”دکه“ آهي. سهج رڳو من کي ٿورو مرڪائي ٿو، پر جٽاءُ ڪونه اٿس. سکه سدائين جٽاءَ وارو يعني نت نيڀهه آهي. من، ٻڌيءَ ۽ واڻيءَ کان پري آهي. من کي وس ڪرڻ بنا، سکه پراپت ڪونه ٿيندو. سهج آهي اڳيان جو ٻار، يعني ڀرم يا ڀرانت. سکه آهي سرو گيان. سهج آپسوارٿي آهي ۽ آپسوارٿ ۾ ئي اُسري ٿو، سک سرو پريم آهي ۽ پاڻ مارڻ بنا هٿ نٿو اچي. سهجه ٻاهرين وشين (پدارٿن) مان پراپت ٿئي ٿو ۽ اُنهن تي ئي آڌار اَٿس. سکه ٻاهرين وشين کان مٿي آهي. ديهيءَ ۽ من کان به مٿي ۽ نرآڌين يعني ستنتر آهي. پياري ساوتري! سکه کي سهج سان نه ڀيٽ.

        راڌا:- ڪرشن! اڄ ڪهڙي نه سندر رات ڪاٽي اَٿئون! ڇا ڇا! نه سکيا آهيون! جڳت جا سڀ پدارٿ پاڻمرادو انهي سکه کي پيا وئڙين پر گهڻين حالتن ۾ ٻاهرين وشين ۾؛ ۽ گهرج، هرکه ۽ شوڪ، (دکه ۽ سکه) انهي حالت جو نتيجو آهن. من، جو سدائين ٻاهرين وشين سان وهنوار ۾ رڌل رهي ٿو، سو پهرين پنهنجو ڌنڌو ڌاري بند رکندو، تڏهين کيس سکه جي پروڙ پوندي. سکه، ٻاهرين دنيا کان پري آهي؛ تن کان پري آهي؛ من کان پري آهي؛ ٻڌيءَ کان پري آهي؛ ڪنهن به لکه يا ڄاڻ کان پري آهي؛

تون ۽ مان جي ڪلپت کان پري آهي؛ نت، اِسٿر ۽ سدائين جٽاءَ وارو، بي اَنت، سرو گياني، سرو پريمي، سرو سچه، ۽ پرم پاڻ يعني پرش يا آتما آهي. نه، نه، اِهو سڀ تون ئي پاڻ آهين، پيارا، ڇلي ڪرشن!

        ڪرشن:- (کلي) ها – ها – ها – هاڻي اوهين سڀ گيان وان ٿي

پيئون آهيو. منهنجي وس کان ٻاهر سروَ ستنتر آهيو، تنهنڪري مان ته وڃان ٿو.

          ائين چئي مرلي کڻي چين تي رکي ”مان ته وڃان ٿو“، ”گوپال ته وڃي ٿو“ ڳائيندو، وڄائيندو رمندو رهيو ته گوپيون کلنديون ڪڏنديون، ٽهه ٽهه ڪنديون سندس پٺيان ڊڪڻ لڳيون ۽ هو وڇيرو به هيج ۽ پريم وچان، ٽپ ڏيندو، دگه ڇڏيندو سندن پٺيان پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com