ٻڍو برهمڻ:-
ڀائي، مان ته جسم جو دوُت آهيان ۽ پنهنجي ڌڻيءَ
جي آگيا پٽاندر مون اِهو سڀ ڪم ڪيو. جڏهين ڪڏهين
ڪو ڪم سڀاويڪ طرح ٿيڻ کان ٻاهر هوندو آهي تڏهين
پوءِ اُنهيءَ ڪم جي پورائيءَ لاءِ اسان جسم جي
دوتن جي گهرج پوندي آهي. هاڻي چپ چاپ (ماٺڙي
ڪري) هتان هليو وڃ. مونکي وڌيڪ هلاکه نه ڪر.
جوان برهمڻ:- ڀلا هڪڙي ڳالهه مون
کي سڻاءِ، پوءِ تون ڇٽين. ٻڌائينم ته ڪيئن،
ڪڏهين ۽ ڪٿي منهنجو مؤت ٿيندو؟
ٻڍو برهمڻ:- نه، مان نٿو ٻڌائي
سگهان. ڀلائي ڪري منهنجي جند ڇڏ.
جوان برهمڻ:- نه، مان ڪين ڇڏيندو سانءِ،
جيسين تون مونکي اِها ڳالهه نه ٻڌائيندين.
جڏهين ڏٺائين، ته هي اَهند منهنجي پچر
نه ڇڏيندو، تڏهين جم جو دوت کيس هيئن چئي پاڻ
الوپ ٿي ويو:-
”پنجهاهه ورهين جي ڄمار ۾، ڀاڳيرتي
نديِءَ ۾، توکي هڪ مانگر مڇ ڳڙڪائي کائي
ڇڏيندو.“
جوان برهمڻ پنهنجي ههڙي دکدائڪ کٽئ
(تقدير) جو ٻڌيِ سراچجي ويو. هيءَ آپدا ٽارڻ
لاءِ هن موٽي گهر وڃڻ جو ويچار لاهي ڇڏيو ۽ وڃي
ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ نڪتو، جتي ڪنهن ورلي
ڀاڳيرتيءَ جو نالو ٻڌو هو. اُتي هو ڪنهن شاهوڪار
جي گهر ۾ وڃي ٽڪيو، جنهنکي ڪو سنتان ڪونه هو.
برهمڻ جي اَچڻ کان پوءِ، شاهوڪار کي هڪڙو سندر
پٽ ڄائو، جنهنڪري هن برهمڻ جو پير سڀاڳو سمجهي
گهر جا ڀاتي
کيس وڌيڪ مان ڏيڻ لڳا. ڇوڪر جڏهين وڏو ٿيو،
تڏهين برهمڻ کي سندس کيا گرو ڪري رکيائون. ٿورڙي
ئي وقت ۾ ٻنهي جو هڪ ٻئي ۾ پيار ٻجهي ويو.
ڀاڳيريتيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ جو مها يوگه جلد
اچڻ وارو هو. انهيءَ يوگه تي جيڪي وڃي اُتي ٽٻي
ڏين ٿا، تن جا هن توڙي پورب (اڳين) جنمن جا پاپ
نورت ٿيو وڃن. شاهوڪار به ههڙي شڀ پرڀ تي ٻارن
ٻچن سوڌو وڃي ڀاڳيريتيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ جو پڪو پهه
ڪيو. سندس مرضي هئي ته گرو به ساڻن گڏجي هلي؛ پر
برهمڻ هلڻ جي ڪانه ڪئي. ڇوڪر به
جڏهين ڏٺو ته گرو هلڻ جي نٿو ڪري تڏهين پاڻ به
هلڻ کان نا بري واريائين. ماءُ به چوي ته مان پٽ
کان سواءِ ڪانه هلنديس. شاهوڪار اچي منجهاڻو ته
ههڙو سونو وجهه پاڻ پوتر ڪرڻ جو ٿو هٿان وڃي.
گهڻي ستائڻ تي گروءَ کي پنهنجي اندر جو راز
(ڳجهه) کولي ٻڌائڻو پيو. شاهوڪار سمجهايس ته
اِهي اڳڪٿيون سدائين سچيون ڪونه نڪرنديون آهن.
تنهن هوندي به کيس تسليٰ ڏنائين ته سنان واري تڙ
کي لوڙهو ڏياري ڇڏيو، پاڻي ڇڪي اندر آڻبو،
جنهنڪري ڪنهن به قسم جو خطره نه رهي. گروءَ کي
لاچار مڙڻو پيو. مقرر وقت تي اُهي ڀاڳيرتي ماتا
جي پوتر ڪنٺي تي اچي سهڙيا ۽ سڀني اِشنان پاڻي
ڪيو. گرو به درياهه ۾ گهڙيِ، اڃان ٽٻي ڏني ڪين
ته ڇوڪر به ٽپي پيو درياهه ۾ ۽ مانگر مڇ جي ديهي
ڌاري. گروءَ کي ڳچيءَ کان جهلي گهلي اندر ٿي
ويو. چي ٻانڀڻ تنهنجو عرض اونايم تنهنڪري ئي
هيتري تڪليف سهڻي پيم. پر ڏس ڪرم ڪنهنجي به
ميٽجڻ جو نه آهي.
توڻي ولاڙون1 ڪرئين، توڻي
هلين وکه؛
لکئي منجهان لک2، ذرو ضايع3
نه تئي.
لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪئاڙيءَ ڪيم ٿئي؛
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح4
۾.
قضا5 جا ڪريم جي، تنهن کان
ڪنڌ ڪڍيو ڪيئن؟
هڪ لکئي ٻئي نينهن، آڻي اوليس6
اول ۾.
ڇاجي ڏنگا ڏير؟ منهنجو ڏينهنِ ڏنگو ۾
ٿيئي؛
اُٺن ۽ اونيئڙن جو، ڇا وَهيڻو وير؟
هيءَ ڪميڻي ڪير، جا اَمر7 کي
آڏو ڦري
ڪيرڪن، آءٌ ڪير، ڪير ڏمر سهي ڏم8
جا؛
قضا ريِءَ9 ڪير ڌري، پاڻئ
مٿي پير؛
ڀينر ڀنئِ وير10، آءٌ لڌو11
ٿي لوڙهيان.
جڳت جو اُڌار
ڪنهن اڏين کي اچي پئسي جي لوڙ ٿي. ٻڌو
هوائين ته جيڪڏهين ڪو ڀوت هٿ اَچي وڃي ته پوءِ
جيڪي چاهه سو ڀاءَ. جيڪي گهر سو ٺهپهه تيار.
ڏاڍي اُڻ تڻ ٿي پيس. گهڻيئي ڳولا ڦولها ڪيائين،
پر اهڙو ماڻهون ڪونه گڏيس جو ڏس پتو ڏئيس. نيٺ
لنگهي ويو ڪنهن رشيءَ وٽ، جوپڄڻاتيءَ وارو هو.
تنهنکي وڃي لڳو، چي، منهنجي واهر ڪر، جيئن وڻيئي
تيئن ڪو ڀوت هٿ ڪري ڏي. رشيءَ پڇيس ”تنهنجو ڀوت
سان ڪهڙو ڪم؟“ چي، هو منهنجي ڪم ايندو؛ جيڪي
چوندو ساڻس سوڪندو، جيڪي گهرندس سو ڏيندو. سڌ
پرش وراڻي ڏني ته بابا، پاڻ کي اجايو هلاک نه
ڪر، وڃي گهر سکي ٿيءُ. ڀوتن سان هٿ اٽڪائڻ چڱو
نه آهي. هي ڏاڍا نيٺ ڪڪ ٿي رشيءَ کيس هڪڙو منتر
لکي ڏنو ۽ چيائينس ته هن اُچارڻ سان جهٽ ڀوت اچي
ٿو وٽ هڪيو ٿيندو. پر سنڀالجانءِ جيئن ڏينهن رات
پيو وهي، هڪ پل به جيئن واندو نه رهي، نه
ته توکي به جيئرو نه ڇڏيندو. چيائين ته ڪم ڪو
کٽڻ جو آهي، هڪڙو نه ٻيو ڪم ڏيندو سانس جو ساري
ڄمار پيو وهي ته به پاندي پوري نه ٿيئي. پوءِ ته
لنگهي ويو جهنگ ۾، جتي منتر پڙهڻ سان هڪدم هڪڙو
ڀيانڪ
ڀوت وڏن ڏندن سان اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ چيائينس
ته تنهنجي منتر جي وس آهيان. جيڪي چوين سوڪريان.
جيئن هڪ پل به واندو نه رهان، نه ته توکي به
کائي کپائي ڇڏيندس. هن چيس ته چڱو؛ هڪ دم مونکي
هڪڙو عاليشان محلات بنائي ڏي. چي، ”اِجهو وٺ
هيءُ محلات، ٻيو ڇا کپيئي؟“ چي، ”ڌن کپيم.“ چي،
”وٺ ڌن، ٻيو ڇا؟“ چي، ”هن هنڌ بن پٽائي هڪڙو
شاهي سندر شهر اَڏي ڏيم.“ چي، ”اهو به تيار، وٺ،
ٻيو ڇا کپيئي؟“ ويچارو اچي ششدر ٿيو ته هاڻي ڇا
چوانس؟ ڪهڙو ڪم ڏسيانس؟ جيڪي ٿو چوانس سو اکه
ڇنڀ ۾ تيار. ڀوت به اچي سوڙهو جهليس، چي، ”سگهو
ٿيءُ، ڪم چؤ نه ته اماڻيانءِ نه پيٽ ۾.“ ويچارو
بي واهه نه ڏسي اُٿي ڀڳو ۽ ڊوڙندو سهڪندو اچي
رشيءَ جي شرن پيو، چي، ”ڀلائي ڪري مونکي بچاءِ.
هي ڀوت مونکي کائڻ ٿو اچي. مونکي ٻيو ڪوبه ڪم
ڪونه ٿو سجهي جو کيس ڏيان.“ ستتئي ڀوت به اچي
اُتي سهڙيو ۽ ماري کائڻ تي هوس ته رشيءَ
ماڻهونءَ کي هڪل ڪري چيو ”هو ڪتو ڏسين ٿو؟ جهٽ
ڪر، هن جو پڇ ڪپي ڀوت کي ڏي ته سنئون ڪري.“
ماڻهونءَ به ترار ڪڍندي ٿي پڇ ڪپي ڏنو ڀوت کي ته
سڌو ڪري ڏئي. ڀوت پڇ وٺي هوريان هوريان سنڀالي
هن کي ڊگهو ته ڪيو، پر اڃان هٿ ڇڏيائين ئي ڪين
جهٽ وري ويڙهجي ويو. وري ٻيهر ڪوشش ڪيائين. پر
ساڳي ڪار. اهڙيءَ ريت ڏينهن جا ڏينهن لنگهي ويا
ته به پڇ سنئون نه ٿئي. نيٺ وري چوڻ لڳو ”مان به
جهونو جن آهيان، گهڻئي طبقا ڏٺا اٿم، پر ههڙي
(ويڌن) ڪڏهين به نه سنڀرلن. هاڻي مان توسان ٻول
ٿو ڪريان ته جيڪي مون ڏنو سو توکي مباح آهي، پر
منهنجي جند ڇڏ، مان توکي وري هلاکه نه ڪندس.“
اُن ماڻهونءَ به خوش ٿي اِها ڳالهه قبول ڪئي.
سچ چوندا آهن ته ڪتي جو پڇ سؤ ورهيه نڙ
۾ پيو هجي ته به سنئون نه ٿئي. تيئن هي جڳتر به
ڪتي جي پڇ وانگيان سدائين وريل آهي. هزارن ورهين
کان ماڻهون جڳتر کي سڌارڻ لاءِ يتن ڪندا رهيا
آهن، ته به اَهڙي جو اَهڙو. اڃا هٿ ڇڏينس ئي ڪين
ته وري ور چڙهيو وڃيس. ڀلا ٻيو وري ڇا ٿيندو؟
جيسين ماڻهو نهڪام (ڪامنا کان آجو) ۽ نرموهي ٿي
ڪم نه ڪندو تيسين ڪڏهين به سچو سڌارو ڪري نه
سگهندو. جڏهين اسانکي سڌ پوندي ته جڳتر ڪتي جي
پڇ وانگر ڪڏهين به سڌو ٿيڻ جو نه آهي، تڏهين
اُهو ڪٽرپڻو، اُهو ڌرمي ڪڏ، ته اسين ٿا سڌارو
ڪريون، اسانجي اندر ۾ نه رهندو. اِهو ڪٽرپڻو
(ڪوڙو ڪڏ) نه هجي ها ته جڳتر گهڻي اُنتي
(واڌارو) پائي ها. ڪٽر پڻوئي جڳت جي ڦيٽاري جو
ڪارڻ آهي. ڪاوڙ ۽ ڪراهت، جهيڙا ۽ جهٽا ۽ هڪ ٻئي
کي نه سهڻ، اِهي سڀ اُنهيءَ جا نتيجا آهن. جيڪي
پاڻ ڪريون ۽ ماڻهون، سو آهي سڀ ۾ سٺو ۽ سلم،
جيڪي پنهنجو نه آهي ۽ پاڻ نه ڪريون مگر ٻيا ڪن ۽
ماڻين سو آهي ڪين جهڙو، ڪنهن نه ڪم جو. جڏهين
ڪنهن ڪم ڪندي اهڙو ڪڏ کڻي تڏهين هميشهه اِهو ڪتي
جو پڇ ياد رکو. اجايو پاڻ نه پتوڙيو ۽ ننڊون نه
ڦٽايو. جڳت کي جيئن هلڻو آهي تيئن اوس هلندو. نه
ڪنهنجي روڪڻ جو آهي، نه ڪنهنجي مدد لاءِ سيڙيو
بيٺو آهي. ڳاڻؤ، ويچاروان، ڌيرج وارو، دياوان ۽
سيتل سڀاءَ جو ماڻهوئي جڳت جو اُڌار ڪري سگهندو.
ڪٽر جيؤ کي نه آهي ڪهل نه ڪڪيس، نه مرم، نه
مرجات.
ڌرم ڇا آهي
ڪنهن سمي هڪڙو جوان سنياسي ان ۾ مڃي
ڏاڍي ڪٺن تپسيا ۽ يوگه ساڌنا ۾ لڳي رهيو. ٻارهن
ورهين جي ساندهه ساڌنا کان پوءِ هڪڙي ڏينهن ڪنهن
وڻ هيٺان ويٺو هو ته اوچتو سندس مٿي تي اچي ڪي
سڪل پن ڪريا. اکيون مٿي کڻي ڏناءِ ته ڪانءُ ۽
ڪونج پيا پاڻ ۾ لڙن. ڏاڍي چڙ لڳيس. چي، ”هي ڪير،
جو منهنجي مٿي تي پن اُڇلائين!“ ۽ ڪروڌ ۾ ڀرجي
جيئن مٿي نهاريائين تيئن سندس مستڪ (مٿي) مان هڪ
قسم جي ڄڀي (يوگه شڪتي) نڪتي جنهن ٻنهي پکين کي
جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو. پاڻ ۾ ايتري سامر ٿي سمايل
ڏسي ڏاڍو آنند ۾ برجي ويو، چي، ”رڳو نهارڻ سان،
هڪڙيءَ جهلڪ سان، ڪانءُ ۽ ڪونج چٽ! بنهه پسم!“
ڪنهن ٽاڻي هنکي ڀکيا لاءِ شهر ۾ وڃڻو پيو. اچي
ڪنهن در وٽ سئن هنيائين ”مائي بکيا.“ اندران
جواب آيس، ”بابا، ٿورو ترس.“ مائي بکيا.“ اندران
۾ اورڻ لڳو، ”هون! هيءَ ڪميڻي ڪير جا مون کي چوي
ترس. هن کي منهنجي شڪتيءَ جي سڌ نه آهي.“ اڃا
انهي اَؤٽار ۾ هو ته اندران وري آواز آيو ”ٻچا.
ڇا تي آڪڙيو آهين؟ هتي به ڪو ڪانءُ ۽ ڪونج ڏٺي
اَٿيئي ڪين؟“ وسو ٿي ويو، پر ڪڇائين ڪين. ترسي
بهي رهيو. جڏهين مائي ٻاهر آئي، تڏهين سندس پيرن
تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو ”مانا، ڀلائي ڪري ٻڌاءِ ته
توکي هن ڳالهه جي سڌ ڪيئن پيئي.“ مائيءَ وراڻي
ڏني، ”بابا، مونکي ته نه آهي سڌ تنهنجي يوگه جي،
نه ساڌنائن جي. مان ته هڪڙي ساڌارڻ اِستري
آهيان. مون توکي اِنهيءَ ڪري ترسايو، جو منهنجو
هي ماڻهون مونکي ڪهڙي سکيا ڏيندو؟ هيءَ ته سچو
پچو دئت جو روپ آهي.“ اتي اُن ماڻهونءَ ڪنڌ مٿي
کنيو ۽ سنياسيءَ کي ڏسي چوڻ لڳو ”سوامي، اوهانکي
هن مائيءَ موڪليو آهي ڪيئن؟ اچو، ڀلي آيا، جيءُ
آيا. ويو، جيسين مان پنهنجو ڪم لاهي رهان.“
سنياسي ويچار ۾ پئجي ويو، چي، ”مان ڪٿي اچي پيو
آهيان؟“ پر پوءِ نيٺ ويهي رهيو ۽ هو ماڻهو به
پنهنجي ڌنڌي جي ڌن ۾ ئي لڳو رهيو ۽ جڏهين سڀ ڏي
وٺ لاهي پوري ڪيائين تڏهين پنهنجا پئسا سنڀالي
سنياسيءَ کي چيائين ”سوامي، هاڻي اُٿو، هلو ته
گهر هلون.“
جڏهين اُهي گهر پهتا تڏهين ڪاسائيءَ کيس
ٻاهر دالان ۾ وهاري پاڻ ويو اندر گهر ۾، جتي
سندس ماءُ پيءُ رهندا هوا. اُنهن کي سنان پاڻي
ڪرائي، کرائي پياري، سندن ٽهل تڪور ڪري جڏهين
واندو ٿيو تڏهين اچي سنياسيءَ جي ڀر ۾ ويٺو ۽
چوڻ لڳو ”سوامي، هاڻي آگيا ٿئي، مان هر طرح حاضر
آهيان.“ سنياسيءَ ڪي ٿورا سوال آتما ۽ ايشور
بابت کانئس پڇيا. پوءِ ته ڪاسائي اچي اُپديش ۾
پلٽيو جو اُپديش (وياکياڻ) وياڌگيتا جي
نالي سان مشهور آهي. اُهي ويدانت جو اونچي ۾
اونچو ڏاڪو آهي ۽ تتوَ گيان جي حد چوٽيءَ تي
رسيل آهي. ڀڳونت گيتا، ”ڪرشن جي سنواد (واڪ)“
بابت ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ پهرين ته، اُن جو چڱيءَ
طرح اَڀياس ڪجي؛ تنهن کان پوءِ وياڌگيتا جو پاٺ
ڪجي. وياڌگيتا آهي پڇاڙيءَ جو ڏاڪو. ويدانت
وگيان وڃي اُتي ڇيهه يا ڇيڙو ڪيو آهي.
جڏهين ڪاسائي اُپديش ڪري بس ڪئي تڏهين
هي ساڌ وائڙن جيان عجب ۾ پئي پڇڻ لڳو ته هيتري
گيان هوندي به توهان ههڙو ليچ جنم لڌو آهي سو
ڪيئن؟ ڇو اوهان کي هي مليڇڪي ديهي ملي؟
چنڊال چيو، ”بابا، ڪابه ڪرت، ڪوبه ڌنڌو،
ڪوبه ڌرم نيچ ۽ نکميد (ڪنو) نه آهي. منهنجو جنم،
منهنجي ڏسا (اوستا) ۽ منهنجو اوڙو
پاڙو اَهڙو آهي. ڪچيءَ کان ئي انهي ڌنڌي ۾ نپنو
آهيان، پر مونکي ڪوبه موهه يا ڪامنا نه آهي.
گرهستي ٿي پنهنجو ڌرم پائيندو اَچان ۽ پڄنديءَ
آهر پنهنجي پتا ۽ ماتا جي شيوا ڪندو رهان ٿو.
مون نه ڪڏهين تنهنجو يوگه ڪمايو آهي، نه ڪڏهين
ڪو سنياسي ٿي رهيو آهيان ۽ نڪي دنيا ڇڏي وڃي
جهنگه بن ڀوڳيو اٿم. پر جنهن اَوستا (درجي) ۾
مونکي ايشور رکيو آهي، تنهن اَوستا جا نيم ۽ ڪرم
(ڌرم) پوريءَ ريت پالڻ ڪري ئي مونکي ايترو
سوجهرو (گيان) ٿيو آهي.
پهرين اسانکي پنهنجي جنم جا حق پاڙڻ
گهرجن. جڏهين اُهي پاڙي رهون، تڏهين پنهنجي
اَوستا (حالت) آهر جيڪي فرض اَچن تن کي نڀاهجي.
هر ڪو ماڻهون دنيا ۾ ڪنهن اَوستا ۾ رکيو ويو
آهي. هنکي پهرين انهي درجي جا فرض پوريءَ ريت
پالڻ گهرجن. اِنسان جي سڀاءَ ۾ هڪڙي وڏي وڏ اِها
آهي جو هو پاڻڏي ته نهاري ئي ڪونه (پنهنجون
اوڻايون ڏسيئي ڪونه). هو سمجهي ٿو ته مان
راجائيءَ جو اَهڙو ئي لائق آهيان جهڙو راجا پاڻ.
ائين هجي به، پر پهرين هنکي ڏيکارڻ گهرجي ته
جنهن اَوستا ۾ هنکي ايشور رکيو آهي تنهن اَوستا
جا نيم ۽ ڪرم هن پوريءَ پر سنڀاليا آهن. جڏهين
اهڙي پرکه پوندي تڏهين وڌيڪ جوابدارَيءَ جو ڪم
پاڻ کان پاڻيهي اچي پلءِ پوندو.
جيوت جو جهر جهنگه
وروکيتر جي مهاڀاري لڙائي جنهن ۾و
سورداس مهاراجا ڌرتراشٽر جي سڀيئي (سؤئي) پٽ
سرڳواسي ٿيا تنهن کان پوءِ ودر سندس ماٽي جو
ڀاءُ ساڻس پرچاڻي ڪرڻ ويو. آٿت ڏيندي هڪڙو پرماڻ
(اُپما) ڏنائين، چي،
”هڪڙو برهمڻ جهنگه ۾ جهوتون ڏيندو، وڃي ڪنهن
گهاٽي لؤ جهر بن ۾ پيو. جتان نڪرڻ جي واٽ ئي
ڪانه هئي. سڄو بي شمار ڏاريندڙ مرن سان سٿيو پيو
هو. اڪيچار شينهن ۽ چيتا، واگهه ۽ مڪنا هاٿي مؤج
۾ پئي آيا ۽ ويا (ڊوڙيا) ۽ ٽپ ڇڏيائون ۽ وڏين
وڏين ڪرڙين بلائن ۽ واسينگه نانگن ور وڪر ڪيو
پئي وارا ڦيرا ڪيا. جيڏانهن وري تيڏانهن اِهي
ڀوائتا جهنگه جا مرون ڳاٽ ڪڍيو، اُڇانگه ماريو
سندس پٺيان ڪاهيو پون. ويچارو ڏاڍو عاجز ۽
پريشان ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳو؛ سندس وار ڊپ
۽ هراس وچان کڙا ٿي بيٺا. جيئن اڳڀرو پئي
جاڳايائين، جن هيڪاري کيس حيران ڪري ڇڏيو.
ڊوڙندي ڊڪندي، گوهيون ڏيندي کيس ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن
مان لنگهڻو پيو جتي سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا ۽ رهڙجي
ڇلجي اچي بن جي ڇيڙي وٽ نڪتو. ڏٺائين ته سڄو بن
چؤڦير وڏيءَ مها ڄار ۾ وڪوڙيو پيو آهي، ۽ سندس
سامهون ٿورو پرڀرو هڪڙي مها ڀيانڪ ڏئتڻ
(راڪسياڻي) وات ڦاڙيو، ٻانهون ڊگهيڙي کيس کائڻ
لاءِ آتر بيٺي آهي. سندس چؤڌاري وڌيون پوائتيون
پنج منهنيون بلائون جي سولائيءَ سان چري به نٿي
سگهيون، تن سوساٽ پئي ڪيا. هن اگهور بن ۾
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندي سهڪندي، ويچارو ڏهڪايل
برهمڻ وڃي ڪنهن اونهيءَ کڏ ۾ ڪريو، جنهن جو منهن
ولين ۽ وڻ ويڙهين سان ڳتيو پيو هو. جيئن هيءُ
ڪريو تيئن ولين جي گهاتن جهڳٽن ۾ وڃي اڙيو،
ٽنگون مٿي ۽ مٿو هيٺ، ائين ٽنگيو پيو هو ڄڻ ته
ڦڻس (ميوو) وڻ ۾ لٽڪيو پيو آهي. هيٺ کڏ جي تري ۾
ڏٺائين ته هڪ وڏي شاهي اَرور بلا ڦڻ ڪڍيو ڦوڪون
پيئي ڏئي. سندس اکيون ائين پئي پريون جهڙا
اِلياس. مٿي نهاريائين ته هڪڙو ڪارو هئبتناڪ
هاٿي، جنهنکي ڇهه منهن ۽ ٻارهن پير هئا، سو
هوريان هوريان، پير پير ۾ کڏ ڏانهن وڌندو پيو
اچي. هوڏانهن کڏ جي منهن وٽ هڪڙو اُتاهون وڻ هو،
جنهنجي هڪ ٽاريءَ تي ماکيءَ جو وڏو مانارو هو،
جنهنکي مکيون چهتي وييون هيون ۽ پئي ماکي
چوسيائون. سندس ڪرڻ جي ڌڌڪاءَ تي منجهن اچي
ٽاڪوڙو پيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن اُڏامڻ لڳيون. کيس
هيٺ
ڪريل ڏسي، سڀيئي کيس ورائي وييون ۽ ڏنگي سڄائي
ڇڏيائونس. ساڳئي وقت ٻه ڪئا، هڪ اڇو ۽ ٻيو ڪارو،
جن ولين ۾ هو اٽڪيو پيو هو، سي ڪترڻ لڳا. اڃا
اِنهيءَ دردشا ۾ هو ته ماکيءَ جي مکين جي ڦڙڦوٽ
ڪري ماناري مان ماکيءَ جا ڪي ڦڙا ڳڙي اچي سندس
مک ۾ پيا. چپ چٽيندو چوڻ لڳو ته واه، ڪهڙو نه
مٺو! ۽ وڌيڪ لاءِ واجهائڻ لڳو. هوڏانهن خوفناڪ
مرن جو ڀؤ، هوڏانهن ڏائڻ ڏئتڻ جو ڏهڪاءُ. هيٺ کڏ
جي تري ۾ ڀيانڪ اَروڙ بلا کيس تڪي رهي هئي ته
مٿانئس هيبت ناڪ هاٿي هڪيو بيٺو هو. هڪڙي پاسي
ماکيءَ جي مکين جو آزار ته ٻئي پاسي ولين جي ڃڄڻ
۽ سندس هيٺ ڪرڻ جو ڊپ. سڀڪجهه ڄاتائين ٿي تڏهين
به هن لؤکيءَ مان پاڻ ڇڏائڻ جو ڪو بلو ڀيڻي ڪرڻ
بدران رکي رکي، جڏهين ڪو ماکيءَ جو ڦڙو اچي ٿي
سندس چپن تي ڪريو ته ڏاڍي اُڪير مان آکڻ پئي لڳو
ته واهه، واهه، ڪهڙو نه مٺو! ڪهڙي نه مٺي جيوَت!
۽ اهڙو ته مؤج ۾ محو ٿي ويو، جو ڏکن سورن جي سيڪ
ئي لهي ويس.
اِتي ڌرڙاشٽر رر ڪري چيو ته هان! ههڙو
مورکه؟ ههڙو موڍ؟ نه نه، ٿيڻي نه آهي. هو ڪير
هو؟ اُهو ڀئنڪر بن ڪٿي آهي؟ هو اَڃان جئرو آهي؟
اَهڙو ڪو آهي ئي ڪونه، جو کيس بچائي؟ مان کيس ڪم
اچي سگهان ٿو؟ مونکي سندس حال تي ڏاڍو رحم ٿو
اچي. آهيس ڪا نڪرڻ جي اُميد؟ ودر ورنايو ته اِهو
هڪڙو درشٽانن آهي، جو مڪتيءَ مارڳه جا ماهر اڪثر
مثال طور ڏيندا آهن. انهيءَ تي پوريءَ طرح غور
(ويچار) ڪرڻ سان ماڻهو انند پائي سگهي ٿو. برهمڻ
ڪو ٻيو نه آهي، اسين پاڻ آهيون. هي جڳتر مهاڀاري
بيابان (برپٽ) ليکيو وڃي ٿو، ۽ اگهور بن اسانجي
اَؤڌ (آرجا) آهي. اننگه، بلائون، ڪنڊا ۽
ڪانڊيرا، شينهن ۽ چيتا ۽ ٻيا جهنگلي مرون، اِهي
آهن، هن دنيا جا ڏکه ۽ ڏوجهڙا، سور ۽ سختيون،
وگهن ۽ ويچار، روڳه ۽ ٻيا اندر جا اَليڪ وڪار،
جي جوڻين جي چڪر هيٺ اسانکي ڀوڳڻا ٿا پون. هوءَ
ڏنديري ڏئتڻ آهي اسانجي پيري (نستائي ۽ نٻلائي)
جا اسانجي سونهن، سمجهه ۽ سگهه نپوڙيو ڪڍيو ڇڏي.
هوءَ اونهي کڏ آهي اسانجو پنڊو يعني سرير. ڀيانڪ
۽ ڪرڙي ارور بلا جا سندس تري ۾ رهي ٿي، سا آهي
موت، جو اسان سڀني جي مٿان قهار ٿيو بيٺو آهي.،
وليون ۽ وڻ ويڙهيون آهن اسانجون اِنڇائون
(ڪامنائون) جن اسان کي ديهيءَ سان ٻڌي ڇڏيو آهي.
برهمڻ جو اُبتو ٽنگيو پيو آهي، ٽنگون مٿي ۽ سر
هيٺ، سو آهي هي منک (ماڻهو) جو سچ پچ ايشور جو
روپ بلڪ ايشور پاڻ آهي، پر دنيا جي وشين ۾ ڦاسي
پاڻکي اُبتو لڙڪائي رهيو آهي. ڇهه منهون هاٿي جو
هوريان هوريان کڏ ڏانهن وڌندو رهي ٿو، سو آهي
ورهيه. سندس ڇهه منهن آهن ڇهه رتيون، ۽ ٻارنهن
پير آهن ٻارهن مهنا. اَڇو ۽ ڪارو، ٻه ڪئا جي
ولين کي پيا ڪترين سي آهن ڏينهن ۽ رات، جي
اسانجي جيوت کي پيا ٽڪين ۽ کاٽ هڻن. ماکئي جون
مکيون آهن جيوت جي جکه جکه، وهم ۽ ويچار، جهل ۽
جذبا، سنڪٽ ۽ سنسا جي پل پل اسانکي ستائي رهيا
آهن. ماکئ جا ڦڙا جي رکي رکي سندس چپن تي ٿي
ڪريا، سي آهن اسانجون ٿوريون ٿوريون
خوشيون، سک ۽ سهنج جي لؤکئ ۾ اچيو اسانجي دل کي
تقويت ڏين ۽ جن ڪاڻ اسين هيترو سڪون ۽ واجهايون
پيا. مها پرش ڄاڻن ٿا ته جيوت جو چڪر اِجهو ائين
پيو هلي. اُهي گيان جي وسيلي پنهنجن جوڻين جا ٻنڌڻ
ٽوڙيو ناس ڪيو ڇڏين. |