پارٽنر
در جي کڙڪي تي منھنجي اک کلي پئي. ڏٺم تھ ھو وھتو پئي آيو.
سرديءَ ڪري ھن جي ٿلھي ۽ ڦيڦي بدن جي ٻوٽي ٻوٽي
پئي ڦرڪي. سندس تئي جھڙو ڪارو رنگ ھفتن کان پوءِ
ھنجڻ ڪري ڳاڙھيرو پئي لڳو. در زور سان بند ڪرڻ جي
ڪني عادت، ھن کي اصل کان ھئي. ھو ڪمري کان ٻاھر يا
اندر ايندي ويندي اھڙو تھ در جو تاڪ ڇڏيندو ھو، جو
روم ۾ ويٺلن کان ڇرڪ نڪري ويندو ھو. ٻھ ٽي ڀيرا در
جا شيشا بھ ڀڄي پيا ھئا، جنھن تي وارڊن کيس گھرائي
چڱي دٻ ڪڍي ھئي، پر اھو ڏينھن گذريو تھ وڏي ساڳي
ڪار. مان بھ ھوريان ھوريان سندس ان عادت تي ھرندو
ويس ۽ کيس ٽوڪڻ ڇڏي ڏنم، پر اسر سان ننڊ ڦٽن ڪري
مون کي ڏاڍا جڪ آيا، پر اھو سوچي تھ ڪھڙو ويٺو
صبوح مرداني سان ڪر ڪر ڪيان، چپ ڪيو ھنڌ تي پاسا
بدلائيندو رھيس. ھو دريءَ ڏانھن وڌيو. ڪنڊ ۾ رکيل
پنھنجي ڪڙي تيل جي شيشيءَ کي ھڪ نظر ڏسي؛ منھنجي
ميز ڏانھن وڌيو ۽ پنھنجي ”برل ڪريم“ مان ٻڪ ڪڍي
پنھنجي ڀنڊولن کي ھڻڻ لڳو. پنھنجي ڪريم جو اھو حشر
ڏسي مون کي ڏاڍي خار آئي. در زور سان بند ڪرڻ جو
بھانو تھ مون کي ھو، سو رھڙ ڏئي کيس چيم:
”پارٽنر، جڏھن در بند ڪرين تھ ٻين جي ننڊ جو تھ خيال ڪندو ڪر!“
پر ھن ڄڻ تھ منھنجو ڳالھائڻ ٻڌو ئي ڪونھ. ماٺ ڪري ڦڻي کڻي،
پنھنجي وارن کي پوئتي بيھارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ
لڳو. ھن جي جواب نھ ڏيڻ تي ويتر مون کي خار آئي.
پنھنجي پاڻ کي پٽڻ لڳم تھ ڪھڙيءَ کٽيءَ کنيو ھو،
جو ھن جزا کي پاڻ سان رھايم، ھن سان رھڻ کان انڪار
ڪيان ھا تھ وارڊن پاڻھي کيس ٻئي ڪمري ڏي اماڻي ھا.
دل ۾ پاڻ کي چيم تھ ”پٽ، ھاڻي ڀوڳ.“
مان جڏھن وھنجي موٽي آيم تھ ڏٺم تھ ھو ڌوٻيءَ کان رڱايل چاڪليٽي
سوٽ پائي ڪرسيءَ تي ويٺو ھو. ھميشھ جي خلاف سندس
ڪوٽ جي کيسي مان اڇي رومال جي ڪنڊ بھ ظاھر پئي ٿي.
مون کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ اڄ آچر ھوندي بھ
ايترو ساجھر ڇو اٿيو آھي ۽ اھڙو ٺٺ ٺانگر ڇو ڪيو
اٿئين؟ ان عجب ۾ منھنجي ساجھر واري ڪاوڙ بھ لھي
وئي. ڪجھھ کولڻ جي ارادي سان پڇيومانس:
”پارٽنر، خير تھ آھي، ڪاڏي پيو وڃين؟“
”کرل صاحب! ڪئين ٿو لڳان؟“ ھو منھنجي سوال جو جواب کائي ويو. ھن
کي پنھنجي سونھن جي ڳڻتي لڳي.
”ڪافي سمارٽ پيو لڳين.“ مون سندس دل رکڻ لاءِ چيومانس، نھ تھ
ڪارو ماڻھو ۽ چاڪليٽي رنگ!
”سچ!“ ھن جون واڇون خوشيءَ ۾ ٽڙي ويون.
“You know seldom I steak to alien.”
”ٿئنڪ يو.“ ھو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ لڳو.
”پر پارٽنر، وڃين ڪاڏي پيو؟“ مون وري پنھنجو سوال دھرايو.
”پوءِ ٻڌائيندوسانءِ، پھرين ھڪ انجام ڪر.“
”چئھ.“
”ھڪ ٽاءِ ڏي پر ٻڌندين بھ، پاڻ کي تھ ٻڌڻ بھ ڪانھ ايندي آھي.“
”قبول“ مون ”ٽوٽل“ جي ھڪ اڌ وراڻي ڏئي، ٽاءِ پيتيءَ مان ڪڍي کيس
ٻڌي. ڪو خيال ڪري ٽاءِ پن بھ ھڻي ڇڏي مانس.
”ٿئنڪ يو ويري مچ.“ ھو سنھري پن جي زنجيريءَ کي ھٿ لائڻ لڳو.
”ھاڻي ٻڌائيندين بھ، ڪن ڪونھ.“
”ٻڌايانءِ ٿو.“ ھن پنھنجي ھنڏ ھيٺان ٻھ لفافا ڪڍي، مون ڏي
وڏائيءَ سان اڇليا ۽ پاڻ کي نيپولين بونا پارٽ
وانگر ٻئي ھٿ پوئتي، ڪنڌ سيني سان ھڻي ٽنگون ٽيڙي
بيھي رھيو.
ٻئي لفافا کليل ھئا. ھڪڙي مان مون خط ڪڍيو. خط واقعي ھن لاءِ
خوشين جو پيغام ھو. خط جو مضمون ھن طرح ھو:
محترمي ومڪرمي!
اشتھار بعد ٻئي ڏينھن توھان جو خط مليو. مون کي پنھنجي ڌيءَ نور
چشمي سعيده خانم سلمھا جي شادي جلدي ڪرڻي آھي، جو
ان بعد ڪعبة الله شريف ۽ ڪربلا معليٰ وڃڻ جو ارادو
اٿم. اوھان براه ڪرم
14
تاريخ اٺين بجي ھيٺين ائڊريس
تي ايندا. الله ڪندو تھ ڀلي ٿي پوندي، وغيره
وغيره.
ٻيو ڀاڻس جو خط ھو. لکيو ھئائينس تھ ھن لاءِ ٻانھن ڳولي وئي
آھي. جي شادي ڪرڻي ھجيس تھ جلد اچي.
ھان تھ ھيءَ ڳالھھ آھي جنھن پارٽنر کي صبح جو ساجھر ٺٺ ٺانگر
ڪرايو آھي. مون دل ۾ سوچيو ۽ ٽھڪ ڏنو.
”پارٽنر، ڊبل مبارڪون ھجني – پر ڪاٿئون شادي ڪندين؟“
”شادي تھ ڳوٺان ڪندم، پر دل ٿي چئيم تھ ھيڏانھن بھ سٽ ھڻي
اچان.“
”ھائو سائين، ڀلي وڃ. موجون ڪر. منھنجي لاءِ بھ دعائون گھرج.“
”تنھنجي شاديءَ ۾ ھڪ منٽ جي بھ دير نھ ٿئي، پر تون پنھنجي مائٽن
ڏي نٿو لکين. چڱو يار! دير ٿي ٿئي.“
“O.K”
ھو روم مان ٻاھر نڪري ويو. مان
بھ ٻاھر نڪري کيس ويندو ڏسڻ لڳس. ھن ھڪ ھٿ سوٽ جي
کيسي ۾ وڌو ھو. ھن جي چال ۾ ھڪ نئين لوڏ ھئي. مان
روم ۾ واپس اچي بي اختيار کلڻ لڳس.
ھن جو نالو تھ ٻيو ھو، پر سندس طبيعت ۽ ڍنگ جي مطابق اسان کيس
”مومن“ سڏيندا ھئاسين. صفا سادو ھو. ھر روم ۾ ھو
ڀوڪ ۽ چريي جي نالن سان ياد ڪيو ويندو ھو. شاديءَ
جي چيڙ تھ مٿس مقدم ھئي. پنھنجي روم مان جان
نڪرندو ھو تھ ڇوڪرا مٿس کلندا ۽ ٽوڪون ڪندا ھئا.
”اچو مومن صاحب“ ھڪ چوندو.
”شاديءَ جو ڪڏھن خيال اٿو؟“
”ھاڻي ھي ويچارو ڇا شادي ڪندو؟ ڪنوارو رھي سڙي ويو آھي.“ ٽيون
چوندو ۽ پوءِ ڪو ھن جو چڙڻ ڏسي. کين ڳالھائيندو،
رعب ڏيکاريندو.
”توھان بد تھذيب آھيو. توھان جو ٻين جي پرائيويٽ معاملن ۾ ڇا
وڃي؟“
ھاڻي ھن کي ڪير سمجھائي تھ ”اڙي چريا، جي اھي تنھنجا ”پرائيويٽ“
معاملا آھن تھ ٻين کي ٻڌائين ڇو ٿو؟“ ھن جي اھا
عادت ھئي تھ جي ڪو ڇوڪرو ساڻس ٿورو گھرو ٿيندو ھو
تھ ان کي پنھنجا گھرو معاملا، پنھنجا ناڪام عشق ۽
ٻيون حرڪتون مطلب تھ ”الف“ کان ”ي“ تائين ٻڌائيندو
ھو، جنھن ۾ اھو بھ سور سليندو ھو تھ سندس عمر
پنجٽيھھ ورھيھ کن ٿي آھي، پر شادي ڪانھ ٿي ٿئي.
ھاسٽل جي ڇوڪرن کان الله امان ڏي. اھڙيون ڳالھيون
ڪٿي ٿا رکن، ان وقت ئي مرچ مصالا گڏي پيا ھڪ ٻئي
کي ٻڌائيندا. تانجو سڀني ڇوڪرن کي خبر پئجي ويندي
ھئي. ھن کي چيڙائڻ جو ھڪ ٻيو بھ سبب ھو. اھو ھو
سندس مھانڊو. خدا ”مومن“ جي صورت ٺاھڻ ۾ انتھائي
ڪنجوسي ڪئي ھئي. قد بندرو، نڪ چنر (بينو) مٿو
لوٽيءَ وانگر، وات ننڍو، پر چپ ٿلھا، رنگ جي وري
ڪھڙي ڳالھھ ڪھي. ڪارا ماڻھو بھ گھڻا، پر ”مومن“
جھڙو بھ ڪو پئدا ٿئي. منھنجو سنگتي شيخ صاحب مون
وٽ آيو. مون موھن جي دڙي بابت ھڪ مشمون لکيو ھو.
کيس ڏنم تھ پڙھي. ھو اڃا پڙھي رھيو ھو تھ ”مومن“
آفيس کان واپس آيو. ڪمري ۾ اچي ڪپڙا بدلائي کٽ تي
ويٺو. ھن کي مضمون پڙھندي ڏسي پڇيائين: ”پارٽنر،
ڇا پيو پڙھين؟“
”کرل صاحب جو لکيل مضمون پيو پڙھان.“
”عنوان ڇا اٿس؟“ مومن ٿورو رعب سان پڇيو.
”موھن جو دڙو.“
”پارٽنر ”موھن جي دڙي“ جي تھذيب ۾ ڪا ساڳي ڳالھھ آھي؟“ ھن کي
اچي بحث جو شوق جاڳيو.
ھائو گھڻيئي ڳالھيون ساڳيون نھ آھن.“
”مثلا“ مومن مغروريءَ مان ڪنڌ مٿي کنيو.
”ھڪ سائنسدان موھن جي دڙي جي لڌل ھڏائن پڃرن مان اندازو ٿو
لڳائي تھ اھي ماڻھو رنگ جا ڪارا، نڪ جا بينا ۽
بدصورت ھئا.“
”تھ پوءِ؟“ مومن اڃا نھ سمجھيو.
”تون بھ انھن جھڙو ئا آھين.“ شيخ صاحب کلندي چيو. ”مومن“ صفا
چڙي ويو. جھلڻ ۾ نھ پي آيو، رڙ ڪري چوڻ لڳو:
”موھن جي دڙي جا ماڻھو ڪافر ھئا، انھن سان منھنجي ڀيٽ ٿو ڪرين،
پارٽنر توکي شرم نٿو اچي.“
مان وچ ۾ پيس ۽ مس مس ”مومن“ کي ٺاريم. ڀؤ پي ٿيم تھ متان وارڊن
کي دانھن نھ ڏي. اھڙي قسم جون جھڙپون ڪڏھن ڪڏھن
اسان ٻنھي ۾ بھ ٿينديون ھيون. ھڪ دفعي تھ ھن مون
سان ٻھ ڏينھن نھ ڳالھايو. ھن کي گھڻو ڪري سيريئس
انگريزي فلمون وڻنديون ھيون، جن جو ترجمو سنڌي
اخبارن ۾ ”پيرس جي مستاني“، ”خوبصورت پريون“ يا
اھڙي قسم جا ٻيا نالا ٿيندو آھي. ھڪ دفعي ھو اھڙي
قسم جي فلم ڏسي آيو. اچي روم ۾ تعريف شروع ڪيائين.
مون کي چيائين تھ: ”پارٽنر، ڏسي آءُ، نھ تھ ھلي
وئي تھ پڇتائيندين.“ مان بھ فلم ڏسڻ جو شوقين
آھيان، سو منھنجي دل بھ ھرکي. مان ڏسڻ ھليو ويس.
عريان ناچ، عريان جسم ٽيرو مٽيرو، ڏاڍو بور ٿيس.
روم ۾ پير رکيم تھ مومن پڪچر بابت پڇيو، مان تھ
ڀريو آيو ھوس، سو کيس ٽوڪيندي چيم:
”پارٽنر، اھڙي پڪچر ڏسڻ لاءِ صلاح ڏئي ٻين کي اھو ڇو ٿو جتائين
تھ توکي شاديءَ جي ضرورت آھي.“
”ڪنھن کي آ شادي جي ضرورت؟“
”اھو جيڪو وھي وھانوي جا ناول پڙھندو آھي.“
صفا باھ ٿي ويو. مون ”وھي وھانوي“ جي ناولن جو ذڪر ڪري مٿس ڄڻ
ٽھڪندڙ تيل وڌو.
”پارٽنر، تو بنا اجازت منھنجي ٽيبل تان ڇو ڪتاب کنيو؟ توکي ڪھڙو
حق آھي؟“
مون کيس ڪو جواب نھ ڏنو. ٻھ ٽي ڏينھن منھن سڄايو ويٺو رھيو،
ٽئين ڏينھن ھن کي منھنجي ھڪ ڪتاب جي ضرورت پئي،
مجبورا گھرڻو پيس. مون بھ ڏنومانس. ان ڏي وٺ کان
پوءِ وري اڳي جيان ٿي وياسين، ڄڻ جھيڙو ئي ڪونھ
ٿيو ھو.
ھو منھنجو ڪلاسي ھو تھ بھ ھن سان ايتري واقفيت ڪانھ ھئي، جو ھو
نوڪريءَ ۾ ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪاليج ايندو ھو. ھڪ ٻئي
جي نالي جي خبر بھ انٽر آرٽس جي امتحان ويري ۾
پئي. منھنجو سيٽ نمبر ناظم آباد لڳو ھو، سو روز
صبوح جو ساجھر بس تي وڃڻو پوندو ھوم. ھڪ ڏينھن مون
جيئن بد ۾ قدم رکيو تھ ڏٺم تھ ھو بھ اتي ويٺو ھو.
سندس ڀرسان سيٽ خالي ھئي، ان ڪري مان اتي وڃي
ويٺس. ڪنڊيڪٽر آيو. جيسين مان پئسا ڪڍان، تنھن کان
اڳ ھن ٻن ٽڪيٽن جا پيسا ڪڍيا ۽ منھنجي بھ ٽڪيٽ
ورتي. رستي ۾ ھڪ ٻئي جي نالن جي خبر بھ پئجي وئي.
وڌيڪ خير سلا. ان واقفيت کان ھن ھاسٽل ۾ داخلا وٺڻ
جي وقت دوستيءَ جو روپ ڏنو. جڏھن ھن ھاسٽل ۾ داخلا
ورتي تھ وارڊن کانئس پڇيو تھ جي ڪو سندس دوست ھن
ھاسٽل ۾ رھندڙ ھجي تھ ان جي ڪمري ۾ کيس جاءِ ڏئي.
ھن کي منھنجي ھت رھڻ جي ڪا خبر ھئي، سو ھن جھٽ
منھنجو نالو ڏنو. ”الاٽمنٽ چٽ“ وٺي مون وٽ آيو،
ڏاڍي بيتڪلفيءَ سان ڀاڪر پائي خوشخبري ٻڌايائين تھ
ھو مون سان گڏ رھندو. ڏٽيون ملائڻ لڳو تھ گڏ رھي
بي – اي جي تياري ڪنداسين. منھنجو اندر سڙي ويو،
پر ساڻس انڪار نھ ڪري سگھيا. شام جو ئي ھو پنھنجو
سامان کڻي آيو. ٻھ پراڻيون ٽرنڪون، نوڙيءَ سان ٻڌل
ميرو بسترو، ھڪ ڇلي جنھن ۾ ڪونرو، گلاس، پراڻيون
شيشيون جن ۾ الاجي ڇا جو ڇا پيل ھو، ٻھ جوڙيون کٿل
بوٽ ۽ پلاسٽڪ جو پراڻو ٿيلھو، جنھن جون وڍيون ڇڄڻ
بعد نوڙيءَ سان ڳنڍيون ويون ھيون ۽ ان ۾ ڌوٻيءَ وٽ
وڃڻ وقت ڪپڙا ۽ ڪاليج وڃڻ وقت ڪتاب، نوٽ بڪ ۽ ڦڻي
وجھندو ھو. ڦڻيءَ جا ٻٽي ڏنڊا ڀڳل ھئا، پر تڏھن بھ
نھايت پابندي ۽ آب تاب سان ڇوڪرين جي ڪامن روم جي
اڳيان لنگھڻ وقت وارن کي ڏني ويندي ھئي.
مان اڃا گھل ۾ ھوس تھ دروازي بند ٿيڻ جو آواز آيو، بتي ٻري. مون
اکيون کوليون تھ ھو بيٺو ھو. سندس حالت ڏسي مان
ڊڄي ويس. اکيون ڳاڙھيون، وار منھن تي ڪريل، ڪپڙن
جي استري چٽ. مون ڏي ڀرپور نگاھن سان نھاري، ھن
پاڻ کي پنھنجي کٽ تي اڇلايو.
”آئين پارٽنر.“ مون دل جھلي کانئس پڇيو.
ھن ڪو جواب ڪونھ ڏنو. چپ ڪيو ليٽيو رھيو. مان سمجھي ويس تھ کيس
جواب ڏنو ويو آھي.
”پارٽنر – پرواھ ڇو ٿو ڪرين؟ ھنن سڱ نھ ڏنو تھ وڃي ڌوڙ پائين.
تنھنجي ڀاءَ تنھنجي شاديءَ جو بندوبست ڪري رکيو
آھي. ھڪ ڏينھن ويندين تھ ٻئي ڏينھن تنھنجي شادي
ٿيندي.“
”ڪير ٿو چوي تھ انڪار ڪيو آھي؟“ ھن رڙ ڪري چيو.
”پر تو اھڙا حال ڇو ڪيا آھن؟“
”ٻڌايانءِ!“ ھن آھستي چيو، ”مان ھن سان ھن ھفتي شادي ٿو ڪيان.“
”ٺيڪ ڪيئي، ان ۾ ڏک ڪرڻ جي ڪھڙي ڳالھھ آھي؟“
”ھوءَ پنگلي آھي.“ ھن جي لھجي ۾ ٿوري مايوسي ھئي.
”ھان“ مون کان رڙ نڪري وئي. من کان وڌيڪ ھڪ اکر بھ نھ نڪتو.
ٿورو سانت ۾ رھي ان بعد ھن آھستي مون کي سڏ ڪيو.
”پارٽنر“
”ھون“ مان اڃا پنھنجي حالت سڌاري نھ سگھيو ھوس.
”ھڪ ڳالھھ پڇانءِ.“
”پڇ“ مون آھستي جواب ڏنو.
”تون جو منھنجي جاءِ تي ھجين ھا تھ ڇا ڪرين ھا؟“
مان سندس سوال ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويس. جواب ظاھر ھو، پر مون ۾
ايتري ھمت ڪانھ ھئي جو کيس جواب ڏيان، گھڻي دير
کان پوءِ کانئس پڇيم:
”پر توکي ڪھڙيءَ کٽيءَ کنيو آھي، جو ان سان شادي ٿو ڪرين؟“ مون
رڙ ڪري ڏاڍيان چيو، ڄڻ منھنجي پنھنجي شادي ان
پنگليءَ سان ٿيندي ھجي.
”ڪاوڙ نھ ڪر پارٽنر، ٻڌ! خيال ڪر تھ ھو پنگلي آھي، ھن جا مائٽ
بھ ايترا شاھوڪار ڪونھن جو کيس جھجھو ڏاج ڏئي کيس
ڪنھن شاھوڪار سان پرڻائين ۽ ان حالت ۾ جي مون جھڙو
بدصورت ماڻھو بھ کيس قبول نھ ڪري تھ ٻيو ڪري ساڻس
شادي ڪندو؟ تون نھ ڪندين تھ ٻيو ڪو ڪندو؟“
سندس جواب ٻڌڻ کان بعد مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ منھنجا عضوا چرن
پرڻ کان بيڪار ٿي ويا آھن، منھنجي زبان تارونءَ
سان چنبڙي پئي ھجي. مون کان ھڪ اکر بھ نھ اڪليو.
ھن ساھي کڻي مون ڏي منھن ڪري چيو:
”پارٽنر، تون سڀاڻي ڪاليج نھ وڃج.“
”ڇو؟“ مون ھن ڏي نھاريو.
”سڀاڻي ٻئي ڪنھن سستي فليٽ جي جانچ ڪنداسين ۽ تنھن کان سواءِ ھن
موقعي لاءِ مون ٻٽي ڏوڪڙ بھ جمع ڪيا آھن. ڪجھھ
خريداري بھ ڪيون. ھن لاءِ پنھنجو لٽو ڪپڙو بھ خريد
ڪرڻو آھي. گھر لاءِ ضروري شيون مثلا اسٽو
(Stove)،
ڇو تھ چلھھ تي ماني وغيره پچائڻ ۾ کيس تڪليف
ٿيندي.“
مان ھن فرشتي کي تڪيندو رھيس. ھن ڳالھھ جو سلسلو جاري رکيو:
”پارٽنر، تون منھنجو دوست بھ آھين، ڀاءُ بھ آھين،
ڄاڃي بھ تون ئي آھي، منھنجو
Bestman
بھ تون ئي ٿيندين.“ ڪو خيال ڪري ھن پڇيو: ”پارٽنر،
توھان ۾ انر جي رسم آھي ڪن نھ؟“
”آھي“
”تھ ٺيڪ، پوءِ تون اسان وٽ رھج. آچر جي شام جو تھ ضرور پيو
اچجانءِ. اسان ٻئي رات جي مانيءَ تي تنھنجو انتظار
پيا ڪنداسين. آچر جي رات جو تھ ھت ماني بند ھوندي
آھي نھ، تون ھوٽل تي ماني کائيندو آھين، پر منھنجي
شاديءَ بعد تون مون وٽ ماني کائيندين.“ ھن کلندي
چيو. ھن جي کل ۾ ھزار سور ھزار درد لڪيل ھئا. مون
کيس ڪو جواب نھ ڏنو. ھن بوت لاھي پنھنجا ڪارا ۽
ميرا پير کٽ تي سڌا ڪيا، ھو ڇت کي تڪڻ لڳو. ان وقت
الاجي ڇو منھنجي دل چاھيو تھ انھن ڇوڪرن کي جيڪي
مٿس چٿرون ۽ ٽوڪون ڪندا ھئا، تن کي ڳچيءَ کان پڪڙي
سندس قدمن ۾ ڪيري کانئس معافي پنان.
چوٽيھون در
باک مھل پاڻيءَ جي ماپ وٺندي، ھن جي اوچتي نظر وڃي ھڪ لاش تي
پئي، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي ڳچي
آروپار ڪپيل ھئي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان
ڳنڍيل ھئي. لاش ڏسي ھو ھراسجي ويو ۽ ڪي گھڙيون ڀت
کي ھٿ وجھيون چپ چاپ بيٺو رھيو. ڳپل مھل کان پوءِ
ھن تان ٿورو ھراس لٿو تھ وري لاش کي غور سان ڏسڻ
لڳو. لاش ڪنھن زائفان جو ھو، جنھن کي ڳاڙھو گھگھو
پيل ھو، جنھن جا ڊگھا وار پاڻيءَ ۾ لڙھڻ ڪري کلي
پيا ھئا ۽ جنھن جو ڀورو باھ جھڙو رنگ ان لڙئي
پاڻيءَ ۾ بھ ڪوڏ جيان پئي جرڪيو. ھن جي ھڪ دل
گھريو تھ جيڪر ان ڦڏي ۾ ئي نھ پوي ۽ در کولي لاش
کي ھيٺ لوڙھي ڇڏي، پر وري ٻيءَ دل ھن کي ائين ڪرڻ
کان جھليو ۽ کيس رب جي ڏاڍي سرڪار ياد ڏياري، جا
اھڙين ڳالھين ۾ راضي ڪانھ ھئي. ھن دل ئي دل ۾ پڪو
پھھ ڪيو تھ ھو پاڻ وڃي ٿاڻي تي فريادي ٿيندو ۽
صوبيدار کان ڪرڙي جانچ ڪرائي، خونين کي سوگھو
ڪرائيندو. اھو ارادو ڪري پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽
ڪلف کڻي در بند ڪرڻ لڳو. در بند ڪري اوچتو ھن کي
پور پيو تھ جيڪر پنھنجي ترتي عملدار، سروير کي اھو
سمورو مذڪور ٻڌائيندو وڃي. ان پور تي ھن وڃي سروير
جو ڪوارٽر جو ڪڙو کڙڪايو. پر سروير جو سڄي رات سکر
گھمي ۽ فلم ڏسي اسر موٽيو ھو، سو ڪيئن پيو اھي
اٺين ٻارھين آنين وارا کڙڪا ٻڌي. پر ھن در کي
ايستائين نھ ڇڏيو، جيستائين سروير اچي در نھ
کوليو. اکيون مھٽيندي کانئس پڇيائين: ”ڇو ڙي ڪو
کنڊ پيو آ ڇا؟“
”نھ سائين، کنڊ ڪونھي پيو، پر ھڪ لاش اچي در ۾ ڦاٿو آ.“
”پوءِ مون کي ڇو جاڳايئھ، مان ڪو صوبيدار آھيان؟“
”سائين، ٿاڻي تي وڃان ٿو، پر توکي اطلاع ڏيڻ آيم جو متان دير ٿي
وڃي.“
”دير، شام تائين موٽي آئين ڄڻ لک کٽيئھ. پوءِ تھ روز حاضريون
کارئيندءِ.“
”ھا سائين، مٿئون جو اچي پئي، منھن تھ ڏبو نھ.“
”ڀلي وڃي منھن ڏي، پر ٻي ڳالھھ ٻڌ، متان فرياد ۾ منھنجو بھ نالو
شاھدي ۾ لکائين.“
”نھ سائين، تنھنجو نالو ڪونھ ايندو. چوندس تھ لاش ڏسي، سڌو ٿاڻي
تي آيو آھيان.“
”ٺيڪ آ، ائين چئجانءِ.“ سروير در بند ڪيو.
ھو وري بئراج تي آيو ۽ سکر طرف ھلڻ لڳو. ھن اڃا سڏ کن پنڌ ڪيو
ھو جو پوئتان کيس ٽرڪ جون بتيون نظر آيون. ٽرڪ
ڊرائيورن جي وڏائيءَ جي کيس چڱيءَ طرح خبر ھئي. ھو
ھھڙي تھڙي کي تھ سگنل بھ ڪونھ ڏيندا آھن، پر ھن کي
بھ سکر جو پنڌ سجھيو تھ ھن بھ کڻي ھٿ ڏنو. ڊرائيور
بھ ڪو اشراف جو پٽ ھو، جو کڻي ٽرڪ جھليائين. ھو
خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ ڊرائيور جو ٿورو
مڃڻ لڳو، جنھن ٽرڪ جھلي کيس ڄنگھن ھڻڻ کان بچايو
ھو. ان ٽرڪ کي بيھارڻ ۽ کيس پنڌ کان بچائڻ ۾ مرضي
بھ مولا جي ھئي، جو سندس ان ڪم ۾ راضي ھو. ٿاڻي جي
دير کان ٿورو پرتي ھو ٽرڪ جھلائي لٿو ۽ گيٽ اندر
ٿيو. سامھون بيٺل سپاھيءَ کان صوبيدار جي پڇا
ڪيائين.
”صاحب جانچ ۾ ويل آ.“ سپاھي کيس ڪياڙيءَ سان ورندي ڏني.
”جمعدار، مون کي صوبيدار وڏي سان ضرور ملڻو آھي. اھي ڳالھيون ڇڏ
ميان!“
”ڇو، ڪا فرياد آ ڇا؟“
”ھا ميان، فرياد آ.“
”ھينئر فرياد داخل نھ ٿيندو. ٻٽي ڏينھن رکي پوءِ اچجانءِ، سال
جي پڇاڙي آھي، ڏوھ اڳ ۾ ئي وڌيل آھن.“
”ميان، ڪا چوريءَ کاٽ جي ڳالھھ ٿوري آھي. خون ٿيل آ خون!“
”تون ڪيو آ ڇا خون؟ ڪٿي آھن ھٿيار؟“
”ھٿيار صوبيدار ئي وٺندو، مون کي ڇڙو ساڻس ملاءِ.“
”اھي سنھا ڪم بھ صوبيدار وڏو ڪندو تھ باقي مان ھي مڇون اس ۾
اڇيون ڪيون آھن؟ جلد پيروي ٻڌاءِ.“
”جمعدار، تڪڙ گھٽ ڪر، مان بھ ڌڻڪو آھيان ۽ تو جھڙو ئي سرڪاري
ملازم آھيان.“
”کڻي آسمان تان اڏري لٿو ھجين، توکي حقيقت ٻڌائڻي ئي پوندي.“
”جمعدار، ھروڀرو ٿو ضد ڪرين. صوبيدار وٽ تون بھ ٻڌجانءِ.“
سپاھي ھن مان ڪو چاڙھو نھ ڏٺو تھ لاچار کيس صوبيدار جي ڪوارٽر
ڏانھن وٺي ھليو. صوبيدار بھ ھينئر تازو اٿيو ھو ۽
چانھھ پئي پيتائين. سپاھيءَ سلوٽ ھڻي صوبيدار کي
چيو: ”سائين، ھي فريادي آيو آ.“
صوبيدار ڪرڙي اک کڻي پنھنجي سپاھيءَ ڏي ڏٺو ۽ خار مان کانئس
پڇيائين: ”اڙي عقل جا دشمن، ٿاڻي تي منھنجي آمد
آھي جو مون ڏي وٺي آئينس!“
”سائين، مان تھ ھن کي ٻڌايو تھ صاحب گناھ نمبر
224 جي جاچ ۾ مصروف آھي، پر ھن جو ڳوري ڳالھھ
ٻڌائي تھ لاچار کيس وٺي آيس. پاڻ بھ سرڪاري ملازم
آ.“
”ڇا ٿو ٻڌائي؟“
”سائين، چئي ٿو تھ خون ٿيل آ.“
”خون، چڪلي ۾ ڇا؟ پر اتي تھ سڄي رات رائونڊ ۾ ھوس.“
”نھ سائين، مون کي تھ جاءِ واردات جي خبر ڪانھي، اوھان کي پاڻ
ٻڌائيندو. اڙي ميان، ويجھو اچي صاحب کي سموري
حقيقت ٻڌاءِ. ڊڄ ڊپ نھ، سچ ٻڌائيندين تھ فائدو
پوندءِ.“ سپاھيءَ ھن کي سڏي چيو.
ھو اڳتي وڌي صوبيدار جي ڀرسان آيو تھ صوبيدار کائنس پڇيو:
”ميان، تون ڪھڙي کاتي ۾ آھين؟“
”سائين مان گيج ريڊر آھيان سکر بئراج تي.“
”ھا، حقيقت ڪر.“
”سائين، مان صبوح جو دستور موجب پاڻيءَ جي ماپ پئي ورتي تھ ھڪ
لاش ٠ٺم، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي
ڳچي آروپار ڪيل آھي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ
سان ڳنڍيل آ.“
”لاش مرد جو آ يا عورت جو؟“
”عورت جو.“
”لاش پڪ مڇيون کائي ويون ھونديون ۽ شناخت کان زور ھوندو.“
”نھ سائين، اڃا سلامت آ.“
”ھون، ڪا خبر چار؟ ڪو آيو، ڪو ويو؟“
”نھ سائين، اسان وٽ تھ ڪو ڪونھ آيو.“
”ڪوڙا خان، ٿاڻي تي تھ ڪو وارث وصي ڪونھ آيو؟“ صوبيدار پنھنجي
سپاھيءَ کان پڇيو.
”نھ سائين، ھتي بھ نھ جن نھ ڪن.“
صوبيدار وري ڏانھنس ڪنڌ ڦيرايو: ”ھا ميان، ڪھڙيءَ مھل لاش
ڏٺئھ؟“
”سائين، باک پي ڦٽي.“
”اتي ٻيو ڪير ھو؟“
”ڪوئي ڪونھ، مان اڪيلو ھوس.“
”پوءِ ڪنھن کي ٻڌائيھ؟“
”ڪنھن کي ڪونھ، سڌو ٿاڻي تي آيو آھيان.“
”تون پاڻ ڪٿي رھندو آھين؟“
”سائين، سکر بئراج تي ڪوارٽر مليل آ.“
”اڪيلو رھندو آھين يا ٻارين ٻچين؟“
”سائين اڪيلو.“
”ھا ميان، اڪيلو ڇو نھ رھندي، مڙس بھ شوقين ٿو ڏسجين!“
”شوقين ڪيئن سائين؟“
”ميان لبِ مھراڻ تي روز ھڪ ٻئي کان اور ٿيون اچي گڏ ٿين، تو بھ
ھڪ کن تھ تاڙي ھوندي.“
”نھ سائين، مان انھن ڳالھين کان پري آھيان.“
”انھن ڳالھين کان پري ھجين ھا تھ خون ڇو ٿئي ھا، لاش ڇو لڀي
ھا!“
”سائين مان نھ سمجھيو.“ گيج ريڊر کي پگھر اچي ويا.
”برابر، تون ھاڻي ائين سمجھندين بھ ڪونھ، پر اھا مھل آئي تھ
پاڻھي طوطي وانگر ٻوليندين.“
”سائين، توھين مون ۾ اجايو شڪ ٿا رکو. مان اھڙو ڪم ڪيان ھا تھ
لاش ھيٺ نھ لوڙھي ڇڏيان ھا. آخر مون کي ڪنھن پئي
ڏٺو؟“
”ھا، اھا ڳالھھ تنھنجي فائدي ۾ آھي، ان کي ضرور خيال ۾ رکبو.
چڱو لاش جو حليو تھ ٻڌاءِ.“
”سائين، مان ھيٺ لھي تھ ڪونھ ڏٺو جو ھراس پئي ٿيو. باقي فوتڻ
رنگ جي ڀوري، ڊگھن ڪارن وارن سان، ڳاڙھو گھگھو ڀرت
سان......“
”وئي، وئي!“ صوبيدار ڳوٺ ڀڳي.
”ڪئين وئي سائين؟“
”پڪ ڪنھن گھگھيلي ڪاري ماري، پنھنجو منھن ڌوتو.“
گيج ريڊر اڃا اھو گفتو نھ سمجھيو، سو صوبيدار کان پڇيائين:
”سائين، ڪنھن منھن ڌوتو؟“
”ميان، تون ڄٽ ماڻھو، توکي انھن ڳالھين جي ڪھڙي خبر؟ اھي غيرتون
گھگھيلن کي، جو ڪو مھڻو ڏئين تھ ان تي ئي آءُ ڪن.“
گيج ريڊر ھينئر اھا ڳالھھ سمجھي ويو، سو صوبيدار کي چيائين:
”سائين، اھي ڪھڙي قرآن ڪتاب ۾ جائز آھن؟“
”ٻروچ ھن قانون کي ڇا ٿا سمجھن، اھڙا خون تھ ھنن لاءِ جائز
آھن.“
”پر سائين، قانون ۾ تھ ڏوھي آھن.“
”ھا ميان، قانون ۾ تھ سڌو سنئون
302
آھي، پر ڪير فريادي ٿئي ۽ ڪير باڪو ٿئي؟ ان ڪاريءَ
جو ڀاءُ ۽ پيءُ بھ جوڻي نھ کڻندا. ٻيا مائٽ تھ پري
ٻڌ.“
”پر سائين، اوھان اکيون وجھون تھ اھي ڏوھ ڪيئن ٿا لڪي سگھن؟“
”ھا، جي ڊگھي جاچ ڪبي تھ اٽي مان وار بھ ڪڍي ڇڏبو. مون کي تھ
اھڙو آزمودو آھي، جو ڪو خوني٤ کي کڻي گلاب جي عرق
۾ وھنجاري سؤ ماڻھن سان گڏ بيھاري، تھ بھ مان ھڪ
پل ۾ ڪن کان وٺي ٻاھر ڪڍندوسانس تھ پٽ ماءُ جا،
ھتي ٿي بيھھ!“
”واه سائين واه، اھو وري ڪيئن؟“
”خون جي ڌپ! خوني مان ڪا رت جي ڌپ ويندي؟“
”پوءِ تھ سائين وارو ڪيو.“
”ميان، ھن ڪاريءَ جي ڪيس ۾ ڪنھن کي پڪڙي ڪنھن کي پڪڙيان؟ جنھن
ٻروچ ۾ ھٿ پوندو تنھن مان خون جي ڌپ ايندي!“
”پر سائين، اھو بھ تھ ٿي سگھي ٿو تھ فوتڻ ڪاري نھ ھجي ۽ واٽ
ويندي، پاڻي ڀريندي، ڪنھن شڪاريءَ کي ھٿ اچي وئي
ھجي ۽ ان پوءِ ڀو کان ماري کيس لوڙھي ڇڏيو ھجي.“
”ھا، ائين بھ ٿي سگھي ٿو، پر اھڙو امڪان اٽي ۾ لوڻ برابر آھي.“
”سائين، ھڪ ڀيرو جانچ شروع ٿي تھ پاڻھي دڳ ٿيندو ويندو. خون ۽
کٿوريون ٿورو لڪنديون آھن.“
”ميان، ھھڙي خون جي مولا نھ جاچ ڪرائي. ھيءَ جاچ تھ رھندو گھر
جا ٽپڙ بھ گھليندي.“
”ڪيئن، سائين؟“
”بابا، لاوارث لاشن جون جاچون ڪي سوليون آھن. پھريون لاش ڪڍائڻ
تي مزوري، پوسٽ مارٽم جو خرچ، فوٽو گرافر، جيپن جا
ڀاڙا ڪرايا، لاش جو دفن ڪفن، ان کان پوءِ بالا
آفيسرن جا سھما، روز پيا پڇائون ڪندا، جيستائين ٻھ
ڏوڪڙ سندن منھن ۾ نھ ھڻبا. ميان، در کولي، لاش
لوڙھي ڇو نھ پئي ڇڏيئي؟“
”سائين، اھڙو پاپ مون کان ڪئين پئي پڳو. مولا الائي ڪھڙين
ڳالھين ۾ راضي، شل حقؤن بھ رکي ناحقؤن بھ.“
”پر ھاڻي تو گناھ ڪيو يا مان، جو ٻئي پيا رولڙا پسون. ميان، خون
جو فرياد ڪا چرچي جي ڳالھھ ڪانھي. روز روز حاضريون
کائي ٿڪين تھ پاڻھي بان ڪندي.“
”سائين، مون کي اھي حاضريون چڱيون آھن، پر اھڙو ڪڌو ڪم مون کان
نھ ٿيندو، منھنجي فرياد وٺ.“
”ھا ميان، تو مان جندڪانھ ڇٽيندي. ننڍي ھوندي مائٽن ڪو گڏھ جو
کير پياريو ھيئي الائي ڇا.“
”سائين، جيئن سمجھين.“
”ڪوڙا خان، منشيءَ وڏي کي سڏ ڪر تھ ھي فرياد وٺون.“ صوبيدار
پنھنجي سپاھيءَ کي چيو.
منشي وڏو پنا، ڪاربان، رول، پينسلون کڻي آيو ۽ اچي صوبيدار جي
ڀرسان موڙي تي ويھي، رول سان پني تي ليڪا ڪڍي،
صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، پھريون ڪچي پني تي
ٺاھيون تھ پوءِ ٿا
154
تي آڻيون.“
”وڏا، مڙيئي ڌوڙ وجھينس، يا جيئن وڻئي تيئن ڪر، ڀلي پھريون ڪچي
ٺاھ.“
منشي وڏي بنا ڪاربان ٺاھي پينسل ھٿ ۾ کڻي، صوبيدار ڏانھن ڏٺو.
”وڏا لک فرياديءَ جو نالو، ڇا ٿي نالو؟“
”سائين، غلام محمد پٽ نور محمد.“
”وڏا، لک – فريادي غلام محمد پٽ نور محمد، گيج ريڊر سکر بئراج،
ڏوھ قلم
302
وقت اطلاع صبوح جو ڇھھ بجي،
وقت رپورٽ...... وڏا، بيھھ تھ، روزنامچو ڪيستائين
لکيو اٿئي؟ ھينئر تھ ڏھ ٿيا آھن.“
”روزنامچو رات کان بند آ، ھينئر وڃي لکندس.“
”ٺيڪ آ تھ پوءِ لک – وقت رپورٽ داخلا جو سوا ڇھ بجا، وقت جانچ
جو، بروقت پوليس طرفان ڪا دير ڪونھ. ھا بابا، لاس
ڪٿي ڦاٿل آ؟“
”سائين، سکر بئراج جي چوٽيھين در ۾.“
”وڏا، وارو ڪر، ڏس تھ اسان جي ٿاڻي جي حد ڪھڙي در تائين آھي؟“
منشي وڏو تڪڙو ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ پري کان رجسٽر کنيون ٻھڪندو آيو ۽
چوڻ لڳو: ”سائين، اسان جي ٿاڻي جي حد ڪانھي.“
”واه قلندر! ميان، وڃ روھڙي ٿاڻي. ان حد ۾ نھ اسان جو اڌ نھ
ٽھائي.“ صوبيدار مرڪندي چيو.
”سائين، ائين ڪيئن ٿا ڪيو؟“
”ميان، اعتبار نٿو اچئي تھ کڻي پاڻ رجسٽر ڏس.“
”سائين، فرق تھ رڳو ھڪ در جو آھي.“
”بادشاھ، ھڪ در جو فرق تھ وڏي ڳالھھ آ، پر ھڪ تِر جو ھجئي تھ بھ
وک نھ ھلانءِ. مان آخر پرائو سور پنھنجي مٿي ۾ ڇو
وجھان؟“
”مڙئي سائين مھر ڪر.“
”اڙي ڪو چريو چئبين. ليلھڙاٽ تھ ائين ٿو ڪرين، ڄڻ ڪا پنھنجي سڳي
ھجئي. ميان، تنھنجو ڇا؟“
”پوءِ سائين، مان ڇا ڪيان؟“
”بابا، تون توھڙي ٿاڻي تي وڃ، اتي وڃي اھا رپورٽ ڏي.“
”اھو جو رپورٽ نھ وٺي؟“
”ڪيئن نھ وٺندو؟ سندس حد آ.“
گيج ريڊر وري روھڙيءَ ڏانھن کڙي ڪئي ۽ ذري گھٽ منجھند اچي ٿاڻي
تي پھتو. ڪلاڪ ڏيڍ جي انتظار کان پوءِ مس مس
صوبيدار سان ملاقات ڪيائين ۽ کيس خون ٿيل لاش جي
لڙھي اچڻ جي خبر ٻڌايائين.
”لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
”سائين، سکر بئراج جي چوٽيھين در ۾.“
”منشي وڏا، اھو چوٽيھون در اسان جي حد آ يا سکر جي؟“
”اسان جي.“ منشيءَ وڏي منھن ڀيلو ڪري ٻڌايو.
”ڪھڙيءَ مھل لاش ڏٺو ھيئي؟“
”سائين، باک مھل.“
”پوءِ ايتري دير ڪاٿي ھئين؟ ھينئر تھ ذري گھٽ منجھند اچي ٿي
آھي!“
گيج ريڊر چپ.
”ميان، جواب ڏي نھ تھ اھا دير توکي ڏکي پوندي.“
اتي گيج ريڊر ڦاٽ کاڌو، پرائيءَ عزت کان نيٺ پنھنجي عزت پياري
ھئي. ”سائين، مان تھ پنھنجي سر ڪا دير ڪانھ ڪئي.
مان تھ ان مھل ئي سکر ٿاڻي تي ويو ھوس، پر ان
صوبيدار مون کي ويھاري ويھاري نيٺ پوءِ جواب ڏنو.“
”ڇو جواب ڏنائين؟“
”چيائين تھ منھنجي حد ڪانھي.“
”ھن جي حد ھجي يا منھنجي ھجي. جھڙو ھو گورنمينٽ جو نوڪر، تھڙو
مان نوڪر. ھن کي پھريون خون جي خبر پئي ھئي. قانون
مطابق ھن کي رپورٽ وٺڻي ھئي ۽ مشير نامو ٺاھي لاش
پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلڻو ھو. ان کان پوءِ مون تي
ڪاغذ موڪلڻا ھئس.“
ھا سائين، مان تھ کيس گھڻا ئي ايلاز ڪيا، پر اصل ڪونھ مڙيو.“
”ڇا پئي چيائين؟“
”سائين، چيائين پئي تھ ھھڙي جاچ ڪير ڪري. ھيءَ جاچ تھ رھندو گھر
جا ٽپڙ گھليندي.“
”ھا، پر جي مٺو کائبو آ تھ ڦڪو بھ کائبو آ. جي ان لاش جا وارث
پئدا ٿن ٿا تھ پوءِ اھو لاش کيس ڏاڍو مٺو لڳي ھا.
پوءِ انھن حدن ٻدن جو خيال ئي ڪونھ اچيس ھا.“
”الائي، سائين.“
”الائي وري ڇو؟ توکي اھا خبر نٿي پوي؟“
گيج ريڊر ڇا ڪڇي.
”چڱو ڀلا، ھاڻي ھي ٻڌاءِ تھ توکي ڪيئن خبر پئي تھ لاش چوٽيھين
در ۾ آ؟“
”مان پاڻ ڏٺو ھو.“
”تو لاش ڏٺو ھو يا در ڳڻيا ھيئي؟“
”در ڳڻڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي سائين، درن جا نمبر تھ منھنجي دل تي
لکيل پيا آھن.“
”پر ميان، ڀل چڪ تھ ٿي سگھي ٿي.“
”نھ سائين، اھڙو انڌو مان بھ ڪونھيان.“
”ڀلا، ھينئر جو ھن ٿاڻي تي آئين تھ وري لاش ڏٺئي؟“
”ھن ڀيري تھ اھو رستو آيس ئي ڪونھ. مان تھ سڌو اچي روھڙي واري
پل ٽپيس.“
”اوڏانھن اچين ھا تھ گھٽ ۾ گھٽ پڪ تھ ٿئي ھا. الائي وري لاش
لڙھي ڪنھن ٻئي در ۾ تھ نھ ڦاٿو.“
”اھا الله کي خبر، پر ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“
”چڱو، اھا وري ٿا کڻي جاچ رکون...... وڏا، او منشي وڏا!“
”جي سائين!“ منشيءَ وڏي جواب ڏنو ۽ اچي صوبيدار جي سامھون بيٺو.
”يار، لاوارث لاش جي فرياد آھي تھ ڏکي، پر ھن مڙس کي ھروڀرو
ڪونھ رلائبو. تون ھن کان فرياد وٺڻ جي تياري ڪر.
پر ان وچ ۾ پنھنجو ڪو ماڻھو موڪلي اھا تھ خاطري
ڪر، متان لاش اسان جي حد ۾ ئي نھ ھجي ۽ اسين ويٺا
اجايا خفا ڪيون.“
”اھي خفا اجايا ٿا ڪيو سائين، لاش چوٽيھين در ۾ آ.“ گيج ريڊر
صوبيدار کي وري پڪ ڏني.
”ميان، اسان کي پڪ تھ ڪرڻ ڏي. متان درياھ جي وھڪري تي لاش لڙھي
ڪنھن ٻئي در ۾ نھ ڦاٿو ھجي.“
”ڀلي سائين.“
”منشي وڏا، تو بھ ڳالھھ سمجھي نھ؟“
”ھا سائين، خاطري ڪيو.“
”پر ڪنھن بني بشر کي خبر نھ پو! مھاڻي کي بھ جھلجانءِ تھ ان
ڳالھھ جو پڙھو نھ ڏي، رڳو ماٺ ميٺ ۾ لاش ڏسي، در
ڳڻي اچي.“
”ھا سائين، بس نھ؟“
”بس، پر ھن ھمراھ کي پاڻ سان ورتيون وڃي. ھن ويچاري ماني بھ
کاڌي آھي الائي ڪونھ.“
”سائين، مون کي طلب ڪانھي.“
”ميان حجاب نھ ڪر، ماني مولا جي آ. وڏا، منھنجي کنڌي ھوٽل مان
گھرائي کارائينس. ھي مڙس ماڻھو اٿئي، پرائي خون تي
ڪينھن ڀاڙي ڀتي کي ڪھڪاءُ ڪونھ ايندو آ. وڏا، ھھڙن
مڙسن جو شل ڪال نھ پوي.“
”بيشڪ سائين، مڙساڻا اکر اٿس. ھل ادا، اٿي ڪو ڳڀو کاءُ.“
صوبيدار ۽ وڏي منشي جي ان تعريف گيج ريڊر جا مڙئي ٿڪ لاھي ڇڏيا.
ھن کي سکر واري صوبيدار تي وڏي خار ھئي، جنھن کيس
اجايو رلايو ھو ۽ ساڻس خوديءَ سان ڳالھايو ھئائين.
جو منشي وڏي جي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ماني کائي، ڄنگھون
ڊگھيون ڪيائين تھ کيس ننڊ کڻي وئي. ٽپھريءَ مھل
منشيءَ وڏي ٽنگ لوڏي جاڳايس ۽ صوبيدار وٽ ھلڻ لاءِ
چيائينس. ھو صوبيدار جي ڪوٺيءَ ۾ گھڙيو تھ صوبيدار
کيس چيو: ”ميان، لاش تھ ٽيٽيھين در ۾ آ، اھا اسان
جي حد ڪانھي.“
”اھو وري ڪيئن سائين؟ مان پاڻ چوٽيھين در ۾ ڏٺو ھو!“
”ميان، يا تھ تون ڀلو آن يا لاش پوءِ وري لڙھي وڃي ٻئي در ۾
ڦاٿو ا.“
”سائين، مان تھ رلي مري ويس!“ گيج ريڊر کي رلڻ جو جيڪو خيال ھو،
سو تھ کڻي ڇڏيو، پر کيس سکر واري صوبيدار جا سور
بھ پئي سجھيا.“
”ميان، پرائيءَ حد ۾ مان ڪيئن دخل ڏيندس؟“
”پر سائين، در ۾ ڦاٿل لاش ڪئين وري لڙھندو. منھنجو تھ مغز ئي
نٿو ڪم ڪري.“
”ميان، پر تون وري کڻي بئراج ڏانھن ٿيندو وڃ. چڱيءَ طرح در
ڳڻجانءِ. جي چوٽيھون در ھجي تھ مون کي کڻي نياپو
موڪليندين تھ مان اچي ٺھڪو ڪندس.“
گيج ريڊر آگ قبولي، وري سکر طرف ھليو ۽ سڌو رستو ڇڏي سکر بئراجڏ
ڏانھن ڦريو. ھن ڀيري ھن پڪو پھھ ڪيو تھ لاش چڱيءَ
طرح خاطري سان ڏسي، پوءِ سکر واري صوبيدار سان
ملندو. ھو ھلندو ھلندو چوٽيھين در وٽ پھتو تھ
ڏٺائين تھ ڪاريءَ وارا ڪک ھئا ۽ وري اڳتي وڌي
ٽيٽيھين در ۾ جھاتي پاتائين تھ اتي لاش برابر ڦاٿل
ھو. اھا خاطري ڪري ھو سکر ٿاڻي پھتو تھ صوبيدار
پري کان کيس ڏسي پڇيو: ”پٽيا خدا جا، وري ڇو آيو
آھين؟“
”سائين، لاش ٽيٽيھين در ۾ آ، اھا اوھان جي حد آ.“
”اڙي، اھو وري ڪيئن؟“
”سائين، صوبيدار روڙي واري جو لاش ڏسڻ لاءِ مھاڻو موڪليو تھ اھو
ٽيٽيھين در ۾ ڦاٿو پيو ھو، سو توھان ڏي
موڪليائون.“
”ھتي ويھھ گيج ريڊر جا پٽ.“ صوبيدار گجگوڙ ڪندي چيو: ”تنھنجي حد
۾، تنھنجي ڊيوٽي ۾ خون جو ڏوھ ٿيل آھي. ان کان
پوءِ تون لاش کي ھڪ جاءِ تان ٿيڙائي وري ٻي جاءِ
واردات ٺاھي آھي. اھو ڏوھھ بھ خون جيترو ئي آھي.
وڏا، ڏيکارينس ان ڏوھ جو قلم.“
”ھيڏي آ ميان تھ قلم ڏيکاريانءِ.“ منشي وڏي کيس سڏ ڪيو.
”ڇڏ منشي وڏا، مان برابر گناھي آھيان.“ گيج ريڊر روئڻھارڪو ٿي
ويو.
”بلڪل تون گناھي آھين. ان کان سواءِ تون ٻن ٿاڻن، ٻن عملدارن کي
ٿو پاڻ ۾ ويڙھائين. ان ويڙھ ۾ تون ائين پيسجي
ويندين جيئن ان سان گڏ گھڻو.“
”سائين، اعتبار ڪر. مان توھان کي ڪونھ ٿو ويڙھايان ۽ نھ مون ڪو
لاش ئي ٿيڙيو آھي.“
”پوءِ لاش ٽيٽيھين در ۾ ڪيئن آيو؟“
”سائين، خدا جو قسم، مون کي ڪا خبر ڪانھي. منھنجون تھ پاڻ وايون
بتال ٿي ويون آھن. صبوح جو مان ھن گنھگار اکين سان
لاش چوٽيھين در ۾ ڏٺو ھو، پر وري روھڙي کان موٽندي
ڏٺم تھ ٽيٽيھين در ۾ پيو ھو.“
”پوءِ لاش جن ٿيڙيو ڀوت ٿيڙيو؟“
”سائين، روڙي واري صوبيدار تھ چيو پئي تھ لاش درياھ شاھ ٿيڙيو
آھي.“
صوبيدار سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ڪي گھڙيون ٽٻيءَ ۾ پئجي، ڪنڌ مٿي
کنيائين: ”ھا اھا ڳالھھ ٿي سگھي ٿي، درياھ بادشاھ
آھي.“
”ڀلا سائين، ھاڻي رپورٽ وٺو، دير ٿي ٿئي.“
”ضرور وٺبي، پر ھينئر تھ سانجھي ٿي وئي آھي. ھن مھل لاشو ڪير
ڪڍندو؟“
”پوءِ ڇا ڪيان؟“
”تون ساجھر اچجانءِ، رپورٽ مان رات ئي ٺاھي ڇڏيندس. صبوح جو ڇڙي
تنھنجي صحي پوندي.“
”پر سائين، لاش کي ٻي بھ رات پوندي تھ شناخت کان زور ٿي ويندو.“
”ميان، رات ۾ ڪجھھ ڪونھ ٿيندس. تون باک مھل اچي پھچجانءِ.“
رات جو تھ نھ، البتھ باک مھل ھو وري سکر ڏانھن پئي آيو تھ
ٽيٽيھين در جي سامھون پھچي، ھن کي دل ۾ خيال آيو
تھ جيڪر ھو لاش کي وري ھڪ نظر ڏسندو وڃي. ھن کي پڪ
ھئي تھ لاش شناخت کان زور ٿي ويو ھوندو. ھن ڀت کي
ھٿ وجھي جو ھيٺ نھاريو تھ ھن جي اکين ۾ ترورا اچي
ويا. لاش ٽيٽيھين در ۾ ڪونھ ھو. ھن وري ڊڪي وڃي
چوٽيھين در ۾ جھاتي پاتي تھ لاش اتي ڦاٿو پيو ھو.
ھو ڪي گھڙيون فٽ – پاٿ تي بيھي رھيو. ھن نھ سکر طرف قدم وڌايو ۽
نھ روھڙي طرف موٽ کاڌي. ٻئي پاسا ڳورا ھئا. اڳيان
باھ ھئي تھ پٺيان پاڻي ھو. ڪا مھل سوچي سوچي ھن
ھيڏي ھوڏي نھاريو، پرتي اورتي ڪوئي ڪونھ ھو. ھن ڀت
تي چڙھي در جي چاٻيءَ ۾ وڃي ھٿ وڌو.
نيرن مھل گيج ريڊر پنھنجي ڪوٺيءَ ڏانھن پئي ويو تھ سروير کانئس
پڇيو: ”غلامو، لاش ڪھڙي صوبيدار جي حوالي ڪيئي؟“
”بابل، ٻنھي صوبيدارن لاوارث لاش ڪونھ ورتو، سو ان کي ان بادشاھ
جي حوالي ڪيم، جنھن جون حدون تمام وڏيون آھن.
ھيڏانھن سکر بئراج تھ ھوڏانھن عربي سمنڊ.“ |