بيبي فاطمة الزهريٰ رضه
بيبي فاطمہ رضه، جنهن جولقب ”زهرى“ يا ”بتول“ يا
”خير النساء“ هو، سا حضرت محمد ﷺ جي سڀ کان ننڍي
نياڻي هئي، ۽ بيبي خديجہ سندن ماءُ هئي. هوءَ نبوت
کان هڪ ورهيه پوءِ ڄائي هئي. هوءَ، رسول الله ﷺ
جهڙي پيءُ ۽ بيبي خديجہ رضه جهڙي ماءُ وٽ ناز سان
پلجي وڏي ٿي، جڏهن سندس ماءُ بيبي خديجہ رضه وفات
ڪئي، تڏهن هوءَ چوڏهن ورهين جي هئي. ٽن ورهين کان
پوءِ حضرت محمد ﷺ جن، دشمنن جي تڪليف کان پنهنجو
وطن مڪو ڇڏي، مديني ۾ اچي رهڻ لڳا. هن بيبيءَ جي
سڱ لاءِ خليفي ابوبڪر رضه توڙي خليفي عمر رضه حضرت
محمد ﷺ جن کي عرض ڪيو هو، مگر پاڻ قبول نه ڪيائون،
حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنہ، جو حضرت محمد ﷺ جن
جو سئوٽ هو، ساڻن گڏ هڪ گهر ۾ پلجي وڏو ٿيو هو، ۽
بيبي خديجہ رضه کان پوءِ پهريون ئي مڙس هو، جنهن
مٿن ايمان آندو هو، تنهن به اڃا شادي ڪانه ڪئي
هئي. اهو انهيءَ وقت ايڪيهن ورهين جو هو. دوستن
جي صلاح سان، هن بيبي فاطمہ الزهريٰ رضه جي ٻانهن
لاءِ حضرت محمد ﷺ جن کي عرض ڪيو، ۽ پاڻ قبول
ڪيائون. پڇيائون ته ”حق مهر لاءِ ڪي اٿئي؟“ چيائين
ته ”هڪڙو گهوڙو ۽ هڪ زرهه اٿم، ٻيو ڪي به ڪين
اٿم“. فرمايائون ته ”گهوڙي جي توکي ضروت ٿيندي.
زرهه وڪڻي آءُ“. حضرت علي اها وڪڻي آيو، انهيءَ جي
پئسن مان ٿوري خوشبوءِ وغيره بيبي فاطمہ رضه جي
لاءِ گهرايائون. پوءِ، اصحابن کي گڏ ڪري، پاڻ نڪاح
پڙهيائون. مهر ”چار سئو مثقال چانديءَ جا“ مقرر
ٿيو(يعنيٰ ڏيڍ سئو رپيا ڪلدار)، ۽ کارڪن جو هڪڙو
طباق ڀريل ماڻهن ۾ ورهائي ڏنائون. اها شادي، مديني
۾ اچڻ کانپوءِ ٻئي ورهيه، رمضان جي مهيني ۾ ٿي.
ڏاج هو: هڪڙي چادر، هڪڙو وهاڻو کجيءَ جي نرم گلن
سان ڀريل، ٻه سانداريون، ۽ هڪڙو جنڊ، جنهن گهر ۾
صبر ۽ شڪر جو آسرو هو. مهينن جا مهينا چُلهه ۾
باهه نه ٻرندي هئي، فقر ۽ فاقو فخر سمجهڻ ۾ ايندو
هو، ۽ جتي حضرت محمد ﷺ جن پاڻ دين ۽ دنيا جا سردار
ٿي، عمر هڪڙي تڏي تي گذاريندا هئا، جنهن ڪري بدن
تي نشان ٿي ويندا هئن، اتي شاديءَ جو سامان ٻيو
ڪهڙو هوندو؟ متان بيبي فاطمه دل ۾ ڄاڻي ته سندس
شادي هڪڙي مسڪين ماڻهوءَ سان ٿي، تنهنڪري حضرت
محمد ﷺ جن دلاسو ڏيئي چيس ته ”مون تنهنجي شادي
اهڙي شخص سان ڪئي، جو دنيا ۾ به سردار آهي ۽ آخرت
۾ به. تون دنيا ۾ مسڪين ٿي گذار، ته بهشت جي عورتن
جي سردار ٿين!“ ٻڌندڙن کي حيرت لڳندي ته رسول الله
ﷺ جي ڌيءُ ۽ سندس سئوٽ ۽ ناٺي، گهر ۾ ڪيئن
گذاريندا هئا: بيبي فاطمہ رضه پاڻ جنڊ پيهندي هئي،
ڪڏهن پاڻ ۽ ڪڏهن سندس سس، يعني حضرت علي رضه جي
ماءُ ماني پچائيندي هئي ۽ پاڻ حضرت علي رضه
ڪاٺيون، پاڻي ۽ اَنُ آڻي موجود ڪندو هو. اهو ڪم هو
سڀ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ڪندا هئا. جيتوڻيڪ جنڊ پيهي
پيهي، بيبيءَ جي هٿن ۾ لڦون پئجي وينديون هيون، ۽
باهه کي ڦوڪا ڏيئي ڏيئي، سندس اکين اُٻرجي پونديون
هيون! هڪڙي ڀيري حضرت محمد ﷺ جن وٽ ڪي ٻانها آيا،
بيبي وٽن ويئي، انهيءَ لاءِ ته عرض ڪري ڪو هڪڙو
ٻانهو وٺان ته گهر جي ڪم ڪار ۾ هلڪائي ٿئي. حضرت
محمد ﷺ جن چيس ته ”بابا، ٻانها ۽ نوڪر دنيا ۾ آرام
ٿا ڏين، ۽ آءٌ توکي هڪڙي چڱي صلاح ٿو ڏيان، جنهن
مان توکي آخرت جو فائدو ٿيندو: سمهڻ مهل ٽيٽيهه
ڀيرا ”سبحان الله“ ٽيٽيهه ڀيرا الحمد الله“ ، ۽
چوٽيهه ڀيرا الله اڪبر، پڙهندي وڃج!“ بس،
فرمانبردار ڌيءُ ٻانهي جي ڳالهه وساري ۽ دنيا جي
تڪليف جو ڪوبه خيال نه ڪري، آخرت جي چڱائيءَ جي
اميد تي، اڳتي ائين ڪندي رهي. حضرت علي رضه بيبي
فاطمہ رضه جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هو، انهيءَ هوندي به
حضرت علي بيبيءَ کي گهڻي تعظيم ڏيندو هو، جو هوءَ
رسول الله ﷺ جي پياريء ڌيءُ هئي.
بيبي فاطمہ رضه کي ٽي پٽ ٿيا: حَسن، حُسين
۽ مُحسن، ۽ ٽي نياڻيون، زينب، اُم ڪلثوم ۽ رقيه،
جي بيبيءَ جي ٽن ڀيڻن جا نالا هئا. امام حسن رضه ۽
امام حسين رضه ته مشهور شهيد آهن. هڪڙي کي ته
معاويي جو چورت تي سندس زال زهر ڏيئي ماريو، ۽ ٻيو
ڪربلا ۾ شهيد ٿيو، محسن ننڍي هوندي ئي وفات ڪئي.
اڄ تائين رسول الله ﷺ جن جو اولاد، انهن ٻن امامن
مان هليو اچي.
حضرت محمد ﷺ جو پنهنجي ڌيءُ فاطمه رضه سان
تمام گهڻو پيار هو، جڏهن پاڻ سفر تي ويندا هئا،
تڏهن سڀ کانپوءِ هن سان ملي ۽ هن کان موڪلائي
ويندا هئا، ۽ جڏهن موٽندا هئا، تڏهن سڀني کان اڳي
هن سان اچي ملندا هئا. هن کي ٿورو ڏک يا ايذاءُ
ٿيندو هو، ته پاڻ بي آرام ٿيندا هئا، ۽ ظاهر ظهور
چوندا هئا ته ”جيڪو هن کي ايذاءُ رسائيندو، تنهن
ڄڻ ته مون کي ايذاءُ رسايو، جو هيءَ منهنجي جسم جو
ٽُڪر آهي، ۽ منهنجي جگر جو پارو آهي.“ انهيءَ
مدنظر تي، جيسين هيءَ بيبي جيئري هئي، تيسين حضرت
علي رضه ٻي شادي نه ڪئي. جيتوڻيڪ انهيءَ وقت گهڻين
شادين ڪرڻ جو عام رواج هو. حضرت رسول الله ﷺ جي
جهڙي محبت نياڻيءَ سان هئي، تهڙي حضرت علي رضه ۽
سندس پٽن سان هئي. چوندا هئا ته ”جو منهنجو دوست
آهي، سو علي رضه جو دوست آهي ۽ علي دنيا ۽ آخرت ۾
منهنجو ڀاءُ آهي.“ ڏهٽن سان ته ايتريقدر محبت هين،
جو ڪلهي تي چاڙهي گهمائيندا هئن، ۽ کين جهوليءَ ۾
ويهاري ڏاڍو خوش ٿيندا هئا.. بيبيءَ جي پيءُ سان
محبت به ايتريقدر هئي، جو سندن وفات کانپوءِ بيمار
ٿي پيئي ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ پاڻ به، ٻارهين هجري
سال (633ع) ۾، وفات ڪري ويئي. عمر فقط 28 يا 29
ٿيس. سندس
وصيت موجب، حضرت علي رضه ۽ حضرت عباس رضه ۽
سندس ٻن پٽن، رات جو غسل ڏئي، کيس ”بقيعا“ ۾ دفن
ڪيو. سندس وفات ڪري، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه
توڙي ٻنهي پٽن کي ڏاڍو صدمو پهتو.
بيبي فاطمہ رضه ڏاڍي حيا ۽ قناعت ۽ صبر
واري هئي. هميشه صبر ۽ شڪر ۾ رهندي هئي. سچائي
منجهس ايتري هوندي هئي، جو بيبي عائشہ رضه جو چوڻ
آهي ته ”رسول الله ﷺ جن کان سواءِ، فاطمه رضه کان
وڌيڪ مون ڪنهن کي سچو نه ڏٺو. ۽ حضرت محمد ﷺ جن
پاڻ فرمائيندا هئا ته ”خديجہ رضه“ فاطمہ رضه،
مريم(حضرت عيسيٰ جي ماءُ) ۽ آسيه (فرعون جي زال)
اهي دنيا ۾ سڀ کان بهتر زالون آهن، ۽ بيبي فاطمہ
رضه جي نالي چيائون ته ”بهشت جي عورتن جي سردار
آهي“. علم واري به گهڻي هئي شعر به چوندي هئي. ڀلا
حضرت محمد ﷺ جن ”علم جا شهر“ هئا، ۽ حضرت علي رضه
ان جو دروازو ڄاتل هو ۽ شعر به چوندو هو، تڏهن
سندس بيبي علم کان ڪا خالي رهي ٿي سگهي؟ ننڍي
هوندي ئي هن جي طبعيت شريفن جهڙي هئي. هن جون ٻيون
ڀيڻون راند ڪنديون هيون، پر هن جي راند سان نه
پوندي هئي. ٻيون قبيلي جي گهرن ۾ هليون وينديون
هيون، هيءَ هميشه پنهنجي ماءُ وٽ رهندي هئي، ۽
ڪيڏانهن به نه ويندي هئي. هن جون اهي خصلتون ڏسي،
رسول الله ﷺ جن هن کي ”بتول“ سڏيندو هو. يعنيٰ
دنيا کان تارڪ، ۽ محبت ٻين ڀيڻن کان هن سان زياده،
هيس، جيتوڻيڪ اهي هن کان زياده خوبصورت ۽ تيز فهم
هيون. هوءَ کائڻ ، پيئڻ، اُ)ٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ
ٻولهائڻ، لباس، ۽ ٻين ڳالهين ۾ بلڪل پيءُ جي پيروي
ڪندي هئي. بيبي عائشہ رضه چوي ٿي ته ”سڀني ڳالهين
۾، حضرت رسول الله ﷺ جن سان سڀ کان زياده مشابهت
فاطمہ رضه جي هئي.“ انهن ڳالهين ڪري، حضرت ﷺ جن
هن کي ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئا، ايتريقدر جو جڏهن
هوءَ وٽن ايندي هئي، تڏهن پاڻ اُٿي بيهندا هئا، ۽
سندس مٿي ۽ اکين تي چميون ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ
حضرت علي رضه جي بيبي فاطمہ رضه سان ڏاڍي محبت
هئي ۽ سندس گهڻي خاطري ڪندو هو، ته به حضرت رسول
الله ﷺ جن وقت بوقت تاڪيد پيا ڪندا هئس، ته هن
سان چڱيءَ طرح هلجئين، ۽ هوڏي وري پاڻ ڌيءُ کي
چوندا هئا، ته مڙس جو سڀ کان وڏو فرض آهي، تنهن
ڪري انهيءَ جي فرمانبردار رهجئين. بيبي فاطمہ رضه
شعر به چوندي هئي. حضرت علي رضه ته تمام گهڻو شعر
چوندڙ هو. سندس ڪلام، نثر توڙي نظم ۾ گهڻو آهي.
گهڻن شعرن ۾ بيبي فاطمہ رضه جي تعريف ڪئي اٿس ۽
نصيحتون ڏنيون اٿس، جن جي جواب ۾ بيبي فاطمہ رضه
پاڻ به شعر چيا آهن. ٻه _ چار شعر بيبي فاطمہ رضه
جا هتي ڏجن ٿا:
”اني اعطيه ولا ابالي، واوثر الله علي عيالي،
امسوا جياعا و هم اشبالي، اصغر هم يقتل باغتيالي،
للقاتل الويل مع الوبالي.“
(يعني، آءٌ يتيم کي طعام ڏيان ٿي ۽ فُقر
جي پرواهه ڪانه ٿي ڪريان، ڇا لاءِ جو خدا منهنجي
عيال تي گهڻي بخشش ڪئي آهي، هو منهنجا شينهن جا
ٻچا شام جو بک ۾ رهن ٿا، انهن مان ننڍو اوچتو قتل
ڪيو ويندو، انهيءَ جي قاتل لاءِ ويل ۽ وبال آهي.)
امرڪ سمع يا عم و طاعت: اطعمہ ولا ابالي الساعت،
ارجوُ اذاشبعت ذا المجاعت، ان ادخل الخلد ولي
شفاعت،
(يعنيٰ، اي منهنجا سئوٽ، تنهنجي حڪم جي آءٌ
فرمانبردار آهيان، آءٌ هن (مسافر) کي کاڌو ڏينديس،
۽ ساعت جي تنگيءَ جي پرواهه نه ڪنديس، مون کي اميد
آهي ته جڏهن آءٌ بکئي کي ڍئو ڪرائيندس، تڏهن آءٌ
بهشت ۾ داخل ٿينديس ۽ منهنجي لاءِ ڇوٽڪارو ٿيندو. |