سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو؛ 2

صفحو :22

زمانيه بيگم ۽ قدسيه بيگم

 

هي ٻيئي بيگمون ائوڌ جي بادشاهه نصير الدين حيدر جون بيبيون هيون، جنهن جو تختگاهه لکنوءَ ۾ هو، ۽ جو ڏاڍو فياض بادشاهه ٿي گذريو آهي. يورپ  جا ماڻهو جي لکنوءَ ۾ ايندا هئا، تن به هن جي گهڻي تعريف لکي آهي. هن بادشاهه کي ته گهڻيون ئي بيبيون هيون، ليڪن انهن مان ٻه مشهور ٿي گذريون آهن. هڪڙي نواب ملڪه زمانيه بيگم، ۽ ٻي نواب قدسيه بيگم.

                زمانيه بيگم جو عروج، هن بادشاهه جي راڄ جي شروعات ۾ هو. جنرل سليمن، لکنوءَ جو ريزيڊنٽ پنهنجي ڪتاب ۾ هن بيگم کي سچو پچو  ائوڌ جو حڪمران ٿو سڏي. هو لکي ٿو ته، هيءَ بيگم اصل هڪڙي ڪڙميءَ جي ڌيءُ هئي. سندس نالو ”دلاري“ هو. هڪڙي ماڻهوءَ، فتح مراد نالي، هن جي پيءُ کان قرض ۾ انهيءَ جي ٻانهن ورتي هئي، ۽ فتح مراد جي ڀيڻ ڪرامت النساء انهيءَ کي پنهنجي ڌي ڪري پاليو. جڏهن هوءَ جوان ٿي، تڏهن انهيءَ جي شادي هڪڙي شخص رستم خان نالي سان ڪيائون، جو نواب مجيب خان سپهه سالار جو نوڪر هو. هو رستم ننگر  ۾ رهندا هئا. دلاريءَ کي هڪڙو پٽ محمد علي، ۽ هڪڙي ڌيءُ زينت النساء ڄائي. مڙس مري ويس. تنهن ڪري ڏاڍو تنگ  گذاريندي هئي. بادشاهه نصير الدين کي انهن ڏينهن ۾ هڪڙو پٽ ڄائو. اِهو اُهوئي ”منا جان“ هو، جنهن جي تخت نشينيءَ تي ڏاڍي خونريزي ٿي، ۽ جو باقي عمر بادشاهه بيگم سان چنار ڳڙهه جي قلعي ۾ قيد رهيو.  انهيءَ جي لاءِ دائي گهربل هئي، ۽ ”دلاري“ دائي ٿي محل سراءِ ۾ داخل ٿي. هن جي لياقت ۽ چالاڪي ۽ ٻيا اخلاق ڏسي، بادشاهه هن کي ڏاڍو پسند ڪيو، ۽ بادشاهه بيگم کان موڪل وٺي، انهيءَ سان نڪاح ڪيائين، ۽ ”نواب ملڪه زمانيه“ خطاب مليس.

                 هي بيگم ڏاڍي عقل واري ۽ دور انديش هئي. ڪن ڏينهن تائين لکنوءَ جي قسمت هن جي هٿ ۾ هوندي هئي. هڪڙي وڏي جاگير هيس، جنهن جي پيدائش ڇهه لک رپيا هئي، شاهي انعام اڪرام تنهن کان سواءِ. پٽس محمد علي کي ”ڪيوان جاهه“ خطاب مليو، ۽ بادشاهه انهيءَ کي  ولي عهد ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر انگريز سرڪار اها رٿ منظور نه ڪئي. سندس ڌي زيب النساء جي شادي نواب ممتاز الدوله سان ٿي، جنهن ۾ ٽيهه لک رپيا خرچ ٿيا. هڪڙي ڀيري بادشاهه حڪم ڪيو ته سڀ عزيز اقربا حاضر ٿي، بيگم جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪن. سڀني لاچار ائين ڪيو، ليڪن نواب نصير الدوله (يعني محمد علي شاهه) جي اکين مان پاڻي پئي وهيو. جڏهن نصير الدوله پاڻ تخت تي ويٺو، تڏهن بيگم حيات هئي. بادشاهه گهڻو ئي سڏيس پر هوءَ بيماريءَ جو عذر ڏيئي حاضر نه رهي ۽ باقي عمر گوشي نشينيءَ ۾ گذاريائين. هو ڏاڍي فياض هئي.  سَون هزارن ماڻهن جي هن جي وسيلي پرورش ٿيندي هئي. هن جي سخاوت لکنوءَ ۾ اڃا تائين مشهور آهي. اولاد نه ٿيندو هوس. تنهن ڪري حضرت عباس جي درگاهه تي هر سال ويندي هئي. ۽ ڏهه  هزار رپيا نذر نياز ۾ خرچيندي هئي. نيٺ، 22 ڊسمبر سنه 1259هه (1843ع) ۾ وفات ڪيائين. لکنوءَ ۾ هڪڙو عاليشان امام واڙو ۽ مسجد، سندس جڙيل، اڃا موجود  آهن.

                 ملڪ زمانيه بيگم جو عروج، جو جلد پورو ٿيو. سو انهيءَ ڪري جو ملڪه قدسيه بيگم جو عروج شرع ٿي ٿيو.  هيءَ بيگم  به ڪنهن وڏي خاندان مان نه هئي. پهرين ملڪه زمانيه وٽ اچي نوڪرياڻي ٿي. هڪڙي ڏينهن بادشاهه نصير الدين حيدر، راڻيءَ وٽ آيو، ۽ پاڻي گهريائين، قدسيه سوني گلاس ۾ ٿڌو پاڻي کڻي آئي. بادشاهه پاڻي پِي، ٿورا پاڻيءَ جا ڦڙا قدسيه تي کڻي وڌا. قدسيه بلڪل جي ڊڄي ٿي. بادشاهه تي بهکڻي پاڻيءَ جا ڦڙا وڌا. تنهن تي بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين ته ”بادشاهه سان ايتري گستاخي“ قدسيه چيو ته ” راند ۽ چرچي ۾، بادشاهيءَ ۽ غريبيءَ جو ڪهڙو تفاوت آهي“ بادشاهه کي هن جي حاضر جوابي پسند آئي. تنهن کانپوءِ، جڏهن محلات ۾ ايندو هو، تڏهن هن سان زور ڪري به ٻه ٽي ڳالهيون ڪندو هو. نيٺ ڪن ڏينهن کانپوءِ، هن سان شادي ڪيائين.

                قدسيه تمام حسين هئي، ۽ طبع جي ڏاڍي سخي هئي. بادشاهه کيس ويهه لک رپيا فقط زيورن وغيره جي لاءِ ڏنا ۽ ڇهن لکن رپين جي جاگير ڏنائينس. هن کي پڙهڻ لکڻ جو ڏاڍو شوق هو. هڪڙي مغلياڻي بيگم هن کي تعليم ڏيندي هئي. عقل ۽ سمجهه ته اصل خدائي مليل هيس. انهيءَ ڪري، ملڪي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندي  هئي، ۽ عملدارن جي مقرريءَ، موقوفيءَ ۾ به هٿ هوس. هڪڙي ڀيري بادشاهه ٽن لکن رپين کي سٿائي انهن جو ٿلهو ٺهرائي، انهيءَ تي هن کي ويهاري، اهي رپيا خيرات ڪري ڇڏيا. هوءَ ايترو گهڻو خرچ ڪندي هئي، جو ڪن اميرن کي ڊپ هو ته جي هيءَ وڌيڪ جيئري رهي ته ائوڌ جو خزانو خالي ٿي ويندو. هيءَ بيگم طبع جي شوخ ۽ ڪاوڙ واري هوندي هئي. جيتوڻيڪ باداهه جي ڏاڍي محبت ساڻس هئي ۽ سندس سڀڪا مرضي رکندو  هو، ته به هوءَ ڪڏهن ڪڏهن  هن سان شوخي ڪندي هئي، ۽ تکو ڳالهائيندي هئي. نيٺ انهيءَ ڪري هن کي نقصان پهتو. ان جو مختصر قصو هيئن آهي:

                هڪڙي ڏينهن بادشاهه ۽ بيگم ”دلڪشا“ محلات ۾ هئا. بادشاهه ٻاهر ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. دريءَ مان هڪڙي وڻ تي ڪي ڀولڙا ويٺل ڏٺائين. سو اندران بندوق گهرايائين. انهيءَ لاءِ ته ڀولڙن کي هڻي. راجا بختاور سنگ به حاضر هو، تنهن چيو ته اهو پاپ جهڙو ڪم آهي، نه ڪجي ته چڱو. پر بادشاهه بندوق هڻي ٻه _ چار ڀولڙا شڪار ڪيا، پوءِ محل سراءِ ۾ هليو ويو. اندر ويندي ئي، قدسيه بيگم سان جهيڙي ڪرڻ جو اتفاق ٿيس. بيگم چڙ ۾ چيس ته ”انشاءَ الله، آءٌ هونديس ئي ڪانه“ بادشاهه ڪاوڙ ۾چيو ته ”وات سان چوڻ سولو آهي، ڪرڻ ڏکيو آهي“. ائين چئي، ٻاهر هليو ويو. بيگم ڏاڍي غيرت واري ۽ تند مزاج هئي. هڪدم وڃي پيٺل سنکيو کائي. مٿان کٽي ليمي جو عرق پي ڇڏيائين.  ستت ئي رت جا دست ٿيس. محلات ۾ گوڙ مچي ويو. بادشاهه ٻاهران  ڊوڙي محلات ۾ آيو. راڻي چيس ته ”ڏٺوَ، جيڪي چيم سو ڪيم يا نه“ بادشاهه ڏک جي گهڻائيءَ کان اتي وڌيڪ رهي نه سگهيو، لکنوءَ کان پرڀرو هڪڙو بنگلو هو. تنهن ڏي هليو ويو. طبيبن گهڻوئي علاج ڪيو، پر ڪجهه نه ٿيو. آخر بيگم، چوويهن ورهين جي عمر ۾، سنه 1250هه (1834ع) ۾ وفات ڪئي. شهر ۾ هٽتاڙ ٿي ويئي. بادشاهه توڙي امير، غريب سڀ چاليهن ڏينهن تائين ماتم ۾ سياهه پوش رهيا.

                ”بادشاهه بيگم“ کي به گهڻو افسوس ٿيو. مادري محبت جي ڪري، بادشاهه وٽ دڙ دلاسي ڪرڻ لاءِ ويئي. مگر ڪارا ڪپڙا نه هئس، انهيءَ ڪري بادشاهه کي رنج ٿيو، چيائينس ته توکي قدسيه بيگم جو ڏک ڪونهي، پاڻ خوش ٿي آهين“ آخر اهڙو ڪاوڙيو، جو بيگم کي چيائين ته ”هي محل سراءِ ڇڏي وڃي الماس ۾ رهه، بيگم چيو ته هيءَ محلات منهنجي مڙس جي آهي، آءٌ ڪين ڇڏينديس“ انهيءَ تي ماءُ، پٽ ۽ سندس طرفدارن جي وچ ۾ بندوقون لڳيون. بيگم جون ڪيتريون ئي ٻانهيون مارجي ويون، ۽ شاهي فوج  جا به ماڻهو ماريا، تنهن کان  پوءِ بادشاهه غم ۾ رهندو هو ۽ ڪيترن مهينن تائين راڻيءَ قدسيه بيگم، جي قبر تي پيو ويندو هو. نيٺ، سنه 1250هه (1834ع) ۾، وري جڏهن عزيزن خوشين جي زور تي ٻي شادي ڪيائين، تڏهن ڪنهن حال ۾ آيو، تنهن کانپوءِ ته ٻيون به ڪيتريون شاديونو ڪيائين.

                جنرل سليمن ۽ سيد محمد مير انهيءَ لڙائيءَ جو مفصل بيان لکيو آهي، ۽ مسز پارڪ هڪڙي سياح مئڊم، به محل سراءِ جو احوال لکيو آهي، پر هتي هن کان زياده احوال ڏيڻ جو ضروري نٿو ڏسجي. 

****

 

شاهجهان بيگم

 

نواب شاهجهان بيگم،  ڀوپال جي جهانگير خان، شمشير جنگ ۽ نواب سڪندر بيگم جي نياڻي هئي. هوءَ سنه  1254هه (1838ع) ۾ ڀوپال ۾ ڄائي، ۽ 15 محرم سنه 1263هه (1846ع) ۾، نون ورهين جي ڄمار ۾ انگريز سرڪار جي حڪم سان، پنهنجي پيءَ جي تخت تي ويٺي. هن بيگم جي خاندان جو باني سردار دوست محمد خان هو، جنهن جي هوءَ نائين پيڙهي هئي. انهيءَ سنه 1139هه (1726ع) ۾ ڀوپال جي حڪومت جو پايو وڌو. هو اصل ڪري پٺاڻ هو، سنه 1108هه (1696ع) ۾ هندستان آيو، اورنگزيب جي راڄ ۾ ڀوپال جو صوبيدار ٿيو، ۽ اورنگزيب جي مرڻ تي هو خودمختيار ٿيو. جڏهن هو مئو تڏهن سندس پٽ گاديءَ تي ويٺو. آسپاس وارن مرهٽن سردارن جي مرضيءَ جي برخلاف، سنه 1192هه  (1778ع) ۾، هن انگريز سرڪار جي لشڪر کي بنگال مان بمبئيءَ ڏي وڃڻ ۾ مدد ڪئي، تنهن ڪري مرهٽا ساڻس ڪاوڙيا، ۽ سندس ملڪ تي ڪاهيائون. نواب وزير محمد خان، جو انهيءَ وقت گاديءَ تي هو، تنهن ڀوپال کي بچايو. انهيءَ جر مرڻ تي، سندس پٽ نواب نظر محمد خان انگريزن سان دوستيءَ جو عهد نامو ڪيو، جو اڃا تائين قائم آهي. سنه 1857ع ۾ جڏهن هندستان جو بلوو ۽ فساد ٿيو، تڏهن نواب سڪندر بيگم، جا  انهيءَ وقت ڀوپال جي گاديءَ تي ويٺل هئي، تنهن سرڪار کي چڱي مدد ڏني. هوءَ پندرهن ورهيه حڪومت ڪري، سنه 1285هه (1668ع) ۾ مري وئي، جنهن کانپوءِ سندس نياڻي ”نواب شاهجهان بيگم“ گاديءَ تي ويٺي.

            هن بيگم پنهنجيءَ ماءُ جي خاص نظر هيٺ پرورش ۽ تعليم حاصل ڪئي، ۽ فارسيءَ ۽ عربي علم ۾ چڱو مايو حاصل ڪيائين. خط وڪتابت چڱي ڪندي هئي. مُلڪرانيءَ ۽ حڪومت جي انتظام جو ڪم چڱيءَ طرح  ڪندي هئي. جيتوڻيڪ پردو ڪندي هئي، ته به ملڪ جو گشت به پاڻ ڪندي هئي، ۽ سرڪاري ڪم به پاڻ ڪندي هئي. سنه 1288هه(1871ع) ۾، سرڪار جي منظوري سان هن جي شادي نواب صديق حسن خان بهادر سان ٿي، ۽ ٻئي سال ۾ هن کي ”گرانڊ ڪمانڊر، اسٽاف آف انڊيا“ جو خطاب، بمبئي  سرڪار  جي طرفان عنايت ٿيو. سنه 1292هه ( 1875ع) ۾، جڏهن شهزادو”پرنس آف ويلس“ ڪلڪتي ۾ تشريف فرما ٿيو هو، تڏهن بيگم صاحب پنهنجي مڙس سان گڏ اُتي ويئي، ۽ ”پرنس آف ويلس“ هن کي هڪڙو نئون تمغو عنايت ڪيو. نواب صديق حسن خان قنوج جي بخاري سيد خاندان مان هو، ۽ وڏو علامہ قابل شاعر ۽ مصنف هو. شعر ۾ سندس تخلص ”نواب“ هو. شروعات ۾ ڀوپال ”امير الانشائيءَ“ جي عهدي تي مقرر ٿيو هو.

            نواب شاهجهان بيگم ڏاڍي ديندار ۽ مذهب جي پابند هئي. شعر جو گهڻو شوق هوندو هوس. هڪڙو اڙدو ديوان لکيو اٿس، جنهن ۾ سندس تخلص ”شيرين“ آهي. فارسي شعر به چڱو چيو اٿس _ انهيءَ مان ڪي بيت نموني لاءِ هيٺ ڏنا ويا آهن:

            نواب شاهجهان بيگم جي وفات کانپوءِ، سندس ڏوهٽي ”نواب سلطانه بيگم“ گاديءَ تي ويٺي جا اڃا حيات آهي. اُها به ڏاڍي قابل ۽ هوشيار آهي. تعليم جو سڌارو تمام گهڻو ڪيو اٿس. دواخانا، طبي مدرسا ۽ سردارن جي پُٽن جي تعليم لاءِ مدرسا برپا ڪيا اٿس. پاڻ ڪي ڪتاب به لکيا اٿس، جي ڇاپيا اٿن. حج به ڪيو اٿس. ۽ هاڻ تازو انگلينڊ ۽يورپ جو سير به ڪري آئي آهي. قسطنطنيہ ۾ وڃي سلطان سان به ملاقات ڪئي هئائين. انگريز سرڪار مان ڏاڏايَس وارو ساڳيو خطاب مليو اٿس. هن سال (1912ع) جڏهن بادشاهه ايڊورڊ پنجون ۽ ملڪه معظمہ هندستان ۾ آيا هئا، تڏهن بيگم جي ملڪ ۾ به ويا هئا ۽ شڪار ڪيو هئائون.

نواب شاهجهان بيگم جو فارسي ۽ اردو شعر:

(فارسي)

افتاد بگورم گذر آن سرو روان را،
من مرده خوشم زيست، مبارڪ د گران را.
اي چرخ چ
ہ ڪردي بسليمان و سڪندر،
ڪز تو هوَس عيش بود ”شاهجهان“ را.
       ***

از بو زاهدان بوي ريا آمد بجان،
بهرِ نمازِ عاشقان باشد مصلاي دگر!
من ميدوم سوي حرم، دل ميڪَشد سوي صنم،
من ميدوم جاي دگر، دل مي برد جاي دگر.
اي مونس و عمخوارِ من، خلقي پيءِ آزار من،
بس مهرِ ايزد يار من، دارم نه پرواي دگر.
شاهه جهانه بيگمان، هم تاجور در هنديان،
جز يادِ داور درجنان، دارم ن
ہ سوداي دگر.

 

(اردو)

اُگي گا خاڪ سي ميري درخت مهندي ڪا،
هوا هون بسمل و ڪشت
ہ حنائي هاٿون ڪا.
خسروا، غره نه هو، اڪ دن جدا هو جائينگي

جان ڪوتن تن ڪو سر، اور سر ڪو افسر ڇوڙ ڪر.
نه مجهي تخت ڪي خواهش هي، نه افسر ڪي تلاش،
هان، مگر دل ڪو ميري رهتي هي دلبر ڪي تلاش.

 

آدمي ڪيا هماري جانين قدر،
نور چشمِ ”فرشته خان“ هين هم.

 

هماري لب سي نه نڪليگا رنج مين ناله،
وه هم جرس هين ڪه هر گز صدانهين رکهتي.

 

دنيا و عقبيٰ هين دو ڀينين سگي،
شرع مين هي اجتماع ان ڪا غلط.
گرچه صندل هي درد سرڪي دوا،
ليڪ گِهسنا هي درد  سر ديکا .

 

 

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org