سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو؛ 2

صفحو :23

بهو بيگم

هيءَ بيگم  محمد شاهه بادشاهه جي ڌيءُ، ۽ ائوڌ جي حاڪم شجاع الدوله جي بيبي هئي. ڏاڍي لائق، قابل ۽ فياض عورت هئي. آصف الدوله انهيءَ جو پٽ هو، جو پڻ ڏاڍو فيض وارو هو. هن بيگم وٽ وڏو خزانو هوندو هو، جو هوءَ خير جي ڪم ۾ خرچيندي هئي. هڪڙي ڀيري پٽ کي چوٽيهه لک رپيا نقد، ۽ ڇٽيهن لکن جو سامان ڏنائين. خود آصف الدوله جي سخاوت بابت لکنوءَ ۾ هيءَ پهاڪو مشهور ٿي ويو آهي ته ”جنهن کي ڏئي موليٰ، تنهن  کـــي ڏئــي آصف الدوله“ ”بهو بيگم“ وٽ پيادا ۽ سوار هوندا هئا سوين هاٿي، گهوڙا ۽ سون جا توڙي جڙائو ساز سامان هوندا هئا، ۽  لک کان زياده سندس نوڪر ۽ ملازم هئا.

انهن ڏينهن ۾ ائوڌ جو تخت، شهر فيض آباد هو، جتي بهو بيگم رهندي هئي، هن بيگم، دور انديشي ڪري، انگريز سرڪار (يعني ايسٽ انديا ڪمپني) سان دوستيءَ جو رستو رکيو، ۽ انهيءَ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنائين. انهيءَ لاءِ ته کانئس پوءِ سندس عزيزن ۽ ملازمن کي سرڪار مان پينش ملندي رهي. ان موجب اڄ تائين لکنوءَ جي سفيد پوشي قائم آهي، ۽ هزارين ماڻهو بَهو بيگم جو مقرر ڪيل وظيفو حاصل ڪن ٿا. انهيءَ کانسواءِ، بَهو بيگم، ٽي لک رپيا پنهنجي مقبري لاءِ هڪ لک رپيا پنهنجي ماتمداريءَ جي لاءِ ۽ ڏهن هزارن رپين سالياني جي جائداد پنهنجي قبي جي مجاورن جي پرورش لاءِ، مقرر ڪيا. اهو قبو داراب علي خان جوڙائڻ شروع به ڪيو، پر افسوس ته اُهو اڻپورو رهجي ويو، ۽ رپيا خورد برد ٿي ويا. جي اهو قبو سندس خواهش موجب عمدو نه ٺهيو ته حرڪت ڪانهي، سندس نالو ته اڄ تائين قائم آهي. اُردو شعر چڱو چوندي هئي. تخلص ”جاني“ رکندي هئي. نموني لاءِ، فقط هڪڙو بيت هتي ڏجي ٿو:

دل جس سي لگايا،  وه هوا دشمنِ ”جاني“،
ڪچهه دل ڪا لگانا هي همين راس نه آيا.
****

 

 عزيز النساء بيگم

هيءَ بيگم، خواجه فريد الدين احمد ”دبيرالدوله“ جي نياڻي هئي _ جو اڪبر شاهه ثانيءَ جو وزير هو _ ۽ مرحوم سر سيد احمد جي والده هئي. هوءَ  ڏاڍي عقلمند، عالي دماغ ۽ قابل بيبي هئي. عربي فارسي چڱي پڙهيل هئي. پنهنجين ڏوهٽين ۽ پوٽين کي پاڻ پڙ هائيندي هئي. هوءَ ڏاڍي فياض ۽ رحمدل هئي. پنهنجي پيدائش مان پنج رپيا فيصدي خدا جي نالي ڌار ڪري رکندي هئي، ۽ انهيءَ مان غريبن، يتيمن ۽ بيواهه زالن کي مدد ڪندي هئي. غريب مائٽن کي ڳجهيءَ طرح شادي وغيره ۾ مدد لاءِ ڏيندي هئي. هن کي مذهبي تعليم چڱي مليل هئي، جنهن ڪري تعويذ، جهاڙ ۽ نذر نياز وغيره تي گهڻو اعتقاد ڪونه هوندو هوس _ بلڪه انهيءَ کي شرڪ سمجهندي هئي. هن جو ڀروسو سڄو خدا تي هوندو هو، نڪي سعد ۽ نحس ڏينهن جي ڳڻتي رکندي هئي. هوءَ ماڻهوءَ جي نيت، سچائي ۽ ڪم جي حقيقت ڏي نهاريندي هئي. ظاهري راهه رسم وغيره جي بلڪل پرواهه نه رکندي هئي. جڏهن سندس وڏي پٽ، سيد محمد خان، ستٽيهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس، پر  سواءِ اکين مان هُنجن هارڻ جي، ٻيو ڪي به ڪين ڪيائين.  پاڻ انهن ڏينهن ۾ ٻيو ڪم ڪار ڇڏي به، نماز ۽ خدا جي بندگيءَ ۾ مشغول رهي. اتفاق سان ڪنهن عزيز جي ڌيءُ جي شادي انهن ڏينهن ۾ مقرر ڪيل هئي، جا انهن هن قضيي جي ڪري مهمل رکڻ ٿي گهري. پاڻ پُٽ جي ٽيجهي تي هنن جي گهر ويئي، ۽ چوڻ لڳي ته ٽن ڏينهن کان وڌيڪ ماتم ڪرڻ جو حڪم ڪونهي، اوهان گهڻو خرچ ڪيو آهي. شادي مهل تي  نه ڪرڻ ۾ گهڻو نقصان ٿيندو. خدا جي جيڪا مرضي هئي سا  ٿي، مون اُنهي تي صبر ڪيو، اوهين بيشڪ شادي ڪريو: آءٌ پاڻ اوهان کي شاديءَ جي موڪل ٿي ڏيان، ۽ انهيءَ ۾ پاڻ شامل ٿينديس“ هيءَ ڏاڍي عقل واري، دور انديش ۽ نيڪ صفات بيبي هئي. هندستان جي فساد وقت هوءَ دهليءَ ۾ هئي. جڏهن انگريز سرڪار فساد بند ڪري دهلي ورتي، تڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ سميت هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾وڃي ويٺي، سندس پٽ سر سيد احمد، جو انهيءَ وقت ميرٺ ۾ هو، سو اچي وٽس نڪتو. ٽي ڏينهن برابر هن کي کاڌو پاڻي نه مليو هو. اهي تڪليفون هن صبر ڪري ڪاٽيون. سر سيد هن کي ماني ۽ پاڻي موجود ڪري ڏنو. ۽ سرڪار کان موڪل وٺي کيس ميرٺ وٺي ويو، جتي هن بيبيءَ سنه  1874هه مطابق سنه (1857ع) ۾ وفات ڪئي.

****

 

سيد النساء بيگم

هوءَ شيخ قاضي بدر الدين احمد جي نياڻي هئي، هن جو ڏاڏو، مغلن جي عهد ۾، ”قاضيءَ“ جي عهدي تي هو. هن جي ماءُ ”محمدي جان“ يا ”عباسي بيگم“، شيخ امان الله قريشي پاڻيپٽ واري جي ڌيءُ هئي، هي پاڻ ڏاڍي قابل ۽ شاعر عورت هئي. هوءَ سنه 1285هه (1867ع) ۾  ڄائي هئي. انهن ڏينهن ۾  هن جا مائٽ غريب هئا. هن جي ماءُ بيمار ٿي پيئي. ميرٺ ڏي ماءُ سان گڏ ويندي، نديءَ ۾ ڪِري پيئي. هن لاءِ ماڻهو ٽپايائون. ڏاڍيءَ مشڪلات سان هوءَ جيئري، نديءَ جي ڪناري تي لُڙهي اچي نڪتي. اُتي رهي، هن تعليم حاصل ڪئي. پوءِ هوءَ پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ هلي ويئي. سندس ماءُ سبڻ _ ڀرڻ تي گذارن ڪندي هئي. سنه 1292هه ۾، هوءَ زناني نارمل اسڪول ۾ داخل ٿي. اتي هن جي استاد ”فاطمہ سلطان بيگم“، مرزا فرخ جي ڌيءُ هئي. گهڻيون امير زاديون ۽ نوابزاديون انهيءَ مدرسي ۾ پڙهنديون هيون. انهن جي وچ ۾ سيد النساء بيگم پڙهي هوشيار ٿي، ۽ شعر به چوندي هئي، جنهن ۾ هن جو تخلص ”خفي“ هو. سنه 1877ع ۾ هن جي شادي، سندس استادڻ جي معرفت، پاڻيپٽ ۾ حڪيم خواجه جعفر حسن سان ٿي، جو پاڻيپٽ جو رئيس هو ۽ شاعر به هو. شاديءَ کان پوءِ، جيتوڻيڪ هوءَ مدرسي ۾ نه پڙهندي هئي، مگر زالن جي تعليم لاءِ هميشہ ڪوشش ڪندي هئي، ۽ اخبارن ۾ توڙي ڪتابن ۾ مضمون لکندي رهي، ۽ تقريرون به ڪندي هئي. سنه 1896ع تائين حيات هئي. سيد النساء بيگم جا ٻه _ ٽي بيت، هڪ غزل مان ڪڍي، لکن ٿا. جي حضرت محمد جي مدح ۾ آهن.

گرچه ظاهر هي مديني ۾ قيام احمد،
عرش اعليٰ سي ڀي اعليٰ هي مقام احمد.
ٿا يه اعجاز ڪي ڪفار ٿي لائي ايمان،
سنگدل موم ٿي سُن سُن ڪي ڪلامِ احمد.
جائي اس طرح مديني مين”خفي“ هويه دعا،
دل مين صلواة هو، اور لب په هو نام احمد
****

 


 

 

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org