نسيم جي سوچ ۽ تخيل
اسان ازلي مرده - پرست آھيون. پنھنجي دل گھرئي
فنڪارن ۽ من – پسند ليکڪن ۽ شاعرن جي قدر شناسي
سندن مئي پڄاڻان ڪندا آھيون. سندن لاشن کي
سنواريندا سينگاريندا آھيون، مٿن سنگ مرمر جا
مقبرا ۽ سماڌيون جوڙيندا آھيون، چراغان ڪندا
آھيون، نياز ورھائيندا آھيون، ريڊيو ۽ ٽيليويزن
تان سندن فن کي عظيم ھئڻ جي ليبل لڳائيندا آھيون،
اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن سوڳ ۾ سياھ حاشيا ڇاپيندا
آھيون ۽ پوءِ ھر سال ورھيون ملھائي، جلسا ڪوٺائي،
اخبارن رسالن جا خاص نمبر ڪڍي، ريڊيو ٽيليويزن تان
خاص پروگرام جي تحت کين خراجِ عقيدت پيش ڪندا
آھيون، شرڌا انجليون ڏيندا آھيون. اسان انھن جي
جيئري سندن موت جو ڏاڍو انتظار ڪندا آھيون، جيئن
جلد از جلد پنھنجو فرض ادا ڪري ثواب جا حقدار ٿي
سگھون. اسان وڏا قدردان آھيون. اسان آدجڳاد کان
پنھنجا فرض نباھيندا اچون. اھا اسان جي عظيم روايت
آھي، اسان جو عظيم ورتو آھي، جو زمانن کان پنھنجي
سپنن ۾ سانڍيو اچون. اسان ھميسھ سندن ”مؤت جي
ڏينھن“ تي سندن جنم ڏينھن ملھائيندا آھيون، پوءِ
ھي طارق اشرف وري ڪير آھي جو جيئرن جا ٿو نمبر
ڪڍي. ھن اڳ بھ ”جليل نمبر“ ڪڍيو ھو ۽ اسان جي
ورھين پراڻي رسم ڀڳي ھئي. نسيم ۽ امر تھ اڃا جيئرا
آھن، طارق سندن نمبر ڪڍي اسان جي روايتن کان بغاوت
ڪئي آھي ۽ اسان جي عظيم ورثي کي للڪاريو آھي. پاڻ
کي الائجي ڇا ٿو سمجھي؟ اسان انھن سڀني کي ڏسي
رھنداسين ۽ پڄي وٺنداسين.
سھڻيءَ جي ”جليل نمبر“ شايع ٿيڻ کان پوءِ جڏھن
”نسيم کرل نمبر“ جو اعلان ٿيو ھو، تڏھن کان ڪجھھ
مٿئين قسم جي چؤٻول جا پڙاڏا منھنجي ڪنن ۾ ٻري
رھيا آھن. وچ ۾ طارق اشرف جڏھن جيل روانو ٿيو ھو،
تڏھن پڙاڏن ۾ ٽھڪ بھ گونجيا ھئا. ھن ۾ انتقامي
خوشيءَ جو اظھار ھو ۽ مون کي ”نسيم نمبر“ نڪرڻ جي
ذري بھ اميد نظر نٿي آئي، پر طارق اشرف واپس ورندي
ئي تِٿ تاريخ جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو ۽ مون کي
چيائين تھ: ”نمبر ضرور نڪرندو ۽ تون بھ نسيم تي
ضرور لکي.“ کيس ھر وقت اھو فڪر لڳو پيو آھي تھ
نمبر نڪري تھ مڪمل ۽ جامع قسم جو نڪري، پر آءٌ
انھيءَ ٻڏ تر ۾ آھيان تھ لکان تھ ڇا لکان؟ ڀلا
نسيم اڳيان منھنجي ڪا حيثيت آھي؟ ڪٿي راجا ڀوڄ ۽
ڪٿي گنگو تيلي. ھن يغادري رائيٽر اڳيان منھنجي ڪا
مجال آھي. گھڻو ئي نٽايم، بھانا ڪيم، ڪوڙا آسرا بھ
ڏنم پر دال نھ ڳري. جولاءِ جي پرچي ۾ نسيم نمبر
ڪڍڻ جي اعلان ۾ نسيم تي لکندڙن ۾ منھنجو نالو بھ
شامل ھو ۽ پوءِ تھ طارق اشرف ھر ملاقات ۾ مضمون جي
گھر کلم کلا شروع ڪري ڏني تھ ”ھاني نالو بھ اچي
ويو اٿئي ۽ پڙھندڙن کي
Miss guide
ڪرڻو ناھي. مٿان خود نسيم اچي
وارد ٿيو. ساڻس اڳ ۾ ٻھ ٽي مختصر رسمي ملاقاتون
ٿيل ھيون. مون کي چيائين تھ: ”ڀاءَ! ڇا جي ڀير
آھي؟ لکي وٺ، ھاڻي دير نھ جڳائي.“ ھن يڪساھي، ھٿن
جي اشارن سان زوردار نموني پئي چيو. نسيم جي جسم
جي اڏاوت وٺي اٿو؟ ديو جيڏو مڙس آھي. سندس اڳيان
پنھنجي پاڻ کي جيتامڙو محسوس ڪيو ھئم ۽ ناڪار ڪري
نھ سگھيس. قد بت بابت اعتبار نھ اچيو تھ روبرو کڻو
ڏسجوس، پنھنجو پاڻ جادو جي چراغ واري علاوالدين جي
جن اڳيان بيٺل محسوس نھ ڪريو تھ مون کي کڻي چئجو.
نسيم بابت سندس نمبر لاءِ ھي جو ڪجھھ لکيو اٿم،
فرمائش تي لکيو اٿم. فرمائش تي لکيو اٿم يا ائين
کڻي چئجي تھ خنجر جي نوڪ تي لکيو اٿم، پر نسيم جون
ڪھاڻيون ڪنھن جي فرمائش يا خنجر جي نوڪ تي نھ، پر
پنھنجي پسند تي پڙھيون اٿم. نسيم جون ڪھاڻيون مون
کي پسند اينديون آھن، تنھن ڪري پڙھندو آھيان. جڏھن
ڪنھن رائيٽر جي لکڻي پسند ايندي آھي، تڏھن سندس
Close Study
ڪبي آھي ۽ انھيءَ رائيٽر جي ھر
لکڻي گڏ ڪري سانڍي سنڀالي رکبي آھي ۽ پوءِ ٻي
لکڻيءَ جو انتظار ۽ تلاش جاري رکبي آھي، جيئن وات
ويندي ڪا سونھن پري نظر چڙھي وڃي تھ نگاھون سندس
پيڇو تيستائين ڪنديون آھن، جيستائين اھا اکين کان
اوجھل ٿي نھ وڃي ۽ پوءِ ھن جو عڪس ۽ اثر ذھن ۾
قائم ٿي ويندو آھي.
سنڌي ادب جي باب ۾ جڏھن نسيم پير ڌريو ھو، تڏھن
ڪھاڻيءَ جي افق تي جمال ابڙو، شيخ حفيظ ۽ غلام
رباني وارن جي جماعت ڇانيل ھئي. پر نسيم پنھنجي
انفرادي اسٽائيل ڪري آغا سليم ۽ امر جليل سان گڏ،
انھن جي جاءِ والاريو بيٺو آھي. نسيم سنڌ جو ڄائو
آھي، سندس ڪھاڻين مان سنڌ ڌرتيءَ جي سڳند اچي ٿي.
سنڌي ماڻھو ۽ ماحول، واقعا ۽ وارداتون پنھنجي فطري
انگ ۽ رنگ سان پسجن پيا.
مون کي ياد آھي تھ مون نسيم جي پھرين ڪھاڻي ڪھڙي
پڙھي ھئي، پر جڏھن ”ڪافر“ پڙھي ھئم، تڏھن ڏاڍو
متاثر ٿيو ھوس ۽ محسوس ڪيو ھئم تھ سندس ڪھاڻي ۾
سندس گھري مشاھدي، اونھي مطالعي ۽ وسيع تجربيڪاري
جي ڪارفرمائي آھي. ھو روزمره جي زندگي ۽ ان جي
ماحول کي فطري ڍنگ سان يڪجا ڪري سموئڻ جي شعوري
ڪوشش ڪري ٿو. ماحول جي سچائي سان اڻت ڪري، ڪردارن
۽ واقعات کي سندن اصلي شڪل ۾ بنا ڪنھن تصنع ۽
بناوٽ جي، قالين مان ڪڍيو ٻاھر ڪري، جنھن ڪري اھي
پاڻيھي حقيقي ۽ فطري بنجي اڀريو اچن.
نسيم
Objective
ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي
ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن
مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ
آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي.
حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو
حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان
استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل
ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو
احساس ڏياريندو رھندو آھي. جيڪڏھن پڙھندڙ ڪھاڻي
پڙھندي کلي ٿو ويھي تھ اتي نسيم بھ کلي ٿو، روئڻ
مھل ھو توھان سان گڏ روئندو ۽ ھراس يا ھيسجي وڃڻ
مھل ھو ھيسيل نظر ايندو. ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ اھو
ظاھر نٿو ڪري تھ سندس ھمدردي ڪٿي لڪل آھي يا ڪھڙي
ڪردار سان آھي؟ پر پڙھندڙ ٿورو سوچڻ سان اھو راز
ھڪرم پروڙي وٺي. وٽس لکڻ جو اھو ڏانءُ اھي، جنھن
جي وسيلي جو پنھنجي
Objectivision
سان ويجھائپ محسوس ڪرائيندو
رھندو آھي ۽ اھڙيءَ طرح ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ لطيف
پيدا ڪندو آھي.
نسم ڪھاڻيون لکي، ھڪ طرف پنھنجي فطري تخليقي اساٽ
کي مطمئن ڪلرڻ ٿو چاھي تھ ٻئي طرف معاشري جي
ناسورن ۽ انسانين بيچيني ۽ ٽڪراءُ جي اظھار ۾ نشتر
زني بھ ڪري ٿو، انھيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جا موضوع
خيالي، مدي خارج سا فرسوده ناھن، پر انھن جي چونڊ
موجوده ماحول ۽ سماج مان، وڏي سوچ ۽ فڪر کان پوءِ
ڪري ٿو. عام ماڻھو سماجي مسئلن ۾ جڪڙيل ماڻھوءَ جي
بيچيني کي ڏسيو بي دليو رد عمل تھ اظھار ڪندو آھي،
پر متاثر نٿو ٿئي. پر رائيٽر بنيادي طور تي حساس
ھجڻ ڪري ڪڏھين بھ حقيقتن کان چشم پوشي نٿو ڪري،
بلڪھ حقيقتن تان پردو کڻي اگھاڙو ڪيو ڇڏي. نسيم
پيدائشي طور تي سنڌي وڏيرو ۽ زميندار ھئن جي
باوجود پنھنجي ڪھاڻين ۾ نرالو ۽ يگانو آھي. ڪھاڻين
۾ سندس لڪل شخصيت موجود رھي ٿي، جنھن مان سندس ٻھ
گڻ ظاھر ٿين ٿا. پھريون تھ ھن زندگي جي دنياوي
ضرورتن کي چڱيءَ ريت پروڙيو ۽ پرکيو آھي ۽ ٻي سندس
فطري بيچيني آھي جا ھر اندر اجڙيل ماڻھو ۾ ڪوڙ،
جبر ۽ ناحق خلاف آواز اٿارڻ جي ھوندي آھي، تنھن
ڪري انھيءَ لھاظ کان سندس اھي صفتون
Posetive
آھن.
نسيم پنھنجي ڪھاڻين ۾ زوال پذير سنڌي وڏيرڪي ذھنيت
۽ نئين اڀرندڙ ٽھيءَ جي سوچ جي تصوير ڏاڍي ذھانيت،
فطري بيساختگي ۽ بي باڪيءَ سان عڪس ٿو ڪري. ھن سنڌ
جي وڏيري، سردار، ڪاموري، مذھبي، جنوني ھارين،
فرسٽيٽڊ جوانن، وڏي سوسائٽي جي فردن جي نفسيات کي
جنھن ڍنگ سان پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو آھي، انھيءَ
جو مثال نٿو ملي. ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ شھري ماحول کي
ھڪ جھڙي قابليت سان پيش ڪرڻ جو ڍند گقط نسيم کرل
کي ئي اچي ٿو.
نسيم جون ڪھاڻيون بيشڪ ننڍيون آھن، پر منجھن
گھٽائڻ وڌائڻ جي گنجائش اصل نھ ھوندي آھي. اھري
پوريون ڪوريل ڪٽيل ۽ مڪمل ھونديون آھن، جن ۾ يگ
رنگي يا
Repeatation
اصل نٿي ملي ۽ واقعات يا
ڪردارن جي لحاظ کان ڪنھن بھ ڪھاڻي ۾ ھڪجھڙائي
ناھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين جا ڪردار چٽا ۽ نرالا، پر
مڪمل شخصيت سان پيش ڪري ٿو. کيس پنھنجي ڪردارن
بابت پوري ڄاڻ آھي تھ اھي ڪھڙي ماحول مان اسريا
آھن، ڪھڙي ماحول ۾ اٿن ويھن ٿا؟ سندن دلين جي
ڪيفيت ڪيئن آھي ۽ پنھنجو رد عمل ڪيئن ٿا ظاھر ڪن؟
سندس ڪردارن کي، نسيم جي من ڇيد جي ڪاڻ ڪڍڻي نٿي
پوي.
نسيم جي ڪھاڻين ۾ مون محسوس ڪيو آھي تھ ھو پنھنجي
ڪردارن کي جيڪا ٻولي ڏي ٿو، اھا سندن ماحول سان
ٺھڪندڙ ۽ فطري آھي، جا حقيقت ۾ ڳالھائي ويندي آھي.
انھيءَ ڪري سندس ڪردار فطري ۽ ساڌارڻ لڳن ٿا. سندن
ٻولي اڌاري نٿي لڳي. سندن ذھن اڌارو ڪونھي، کانئن
مصنعي بناوٽ واري ٻولي نٿي ٻڌجي. ڪو ٽانگي وارو
فيلسوفاڻو مڪالمو ڪونھ ٿو ٻولي ۽ نڪي وري ڪو ھاري
پنھنجي سوچ جي دائري کان وڏي ڳالھھ ڪندو ڏسجي ٿو.
انھيءَ کان سواءِ سندس ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪردار
نعريباز ناھي، پر ماحول مطابق آھي. ھو ڪٿي بھ
ڪھاڻيءَ ۾ نعريبازيءَ کي پنھنجي مقبوليت جو ھٿيو
ڪري استعمال نٿو ڪري ۽ مروج لاڙن کان پرڀرو ٿي
شھرت حاصل ڪرڻ جو آسان فارمولو ڪم نٿو آڻي. سندس
ڪھاڻين ۾ آکاڻي جي عنصر کي وڏي اھميت آھي. شايد
انھيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جون آکاڻيون گھڻي ڀاڱي ياد
رھن ٿيون.
نسيم ڪھاڻيون تخليق نٿو ڪري، پر زنده حقيقت تان
پردو پري ڪري، اصلي صورت ٿو ڏيکاري، ڄڻ وٽس ڪو
اھڙو خاص اوزار آھي، جنھن سان ھو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو ۽
محسوس ڪري ٿو، جن جي ٻين کي ٻيٽ بھ نٿي پوي ۽ جڏھن
انھن تان ڍڪ پاسيرو ڪري ٿو، تڏھن کين خبر پوي ٿي
تھ اھي غير حقيقي ناھن، ھٿرادو يا بناوٽي ناھن، پر
زندگي جي ڄاتل سڃاتل حقيقتن جھڙا آھن. يا وري ائين
لڳو ٿو، ڄڻ اسان جي آس پاس بيسمار ماڻھن مان ڪن کي
اسان لاءِ جدا ڪري، پنھنجي ذھن جي ڪئميرا سان
Close up
جي صورت ۾ ڏيکاري ٿو، جن جون
ڌنڌليون شڪليون چٽيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
اڄڪلھھ اڪثر ڪري ادب کي جنسي لذت جو ذريعو بنائڻ
جو لاڙو زور وٺندو پيو وڃي، پر نسيم انھيءَ ڏس ۾
پنھنجي سوچ ۽ تخيل جا نوان رستا ڳوليا آھن، انھيءَ
جو بھترين مثال سندس ڪھاڻي ”ڪرنٽ“ (پيار جو ڇھاءُ)
آھي.
نسيم برابر ڪھاڻي لکڻ لاءِ جگر جو رت ولوڙي ٿو،
پيڙا ڀوڳي ٿو، جيئن ڪا ماءُ نون مھينن تائين پيٽ ۾
ٻار کي پالي جنم ڏيڻ کان پوءِ اوچو ڳاٽ ڪري فخر
محسوس ڪندي آھي ۽ ٻئي کي پنھنجو جيس نھ سمجھندي
آھي. شايد اھا سندس فطري ڪمزوري ھوندي آھي.
ولي رام ولڀ |