خنساء بنت عَمرو
عرب جي شاعرن مان مرد ته گهڻائي مشهور ٿي گذريا
آهن، مگر زالن مان .خنساءَ“ ڌيءُ ”عمروءَ“ جي،
عربي شاعريءَ ۾ جا ڪماليت حاصل ڪئي. سا ٻئي ڪنهن
کي حاصل نه ٿي، هوءَ قبيلي ”بني سيلم“ جي سردار،
عمرو بن شريد“ جي ڌيءُ هئي. حضرت محمد ﷺ کان ڏهه
ورهيه اڳي هوءَ ڄائي هئي. ننڍي هوندي ئي، عربن جي
رواجي دستور موجب، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ٻه _ چار شعر
چئي ويندي هئي. جوانيءَ ۾ ڏاڍي حُسن واري ٿي ۽
”دريد بن الصمتہ“ ”هوازن“ جي قبيلي جو مشهور ٻڍو
شاعر، مٿس عاشق ٿيو، انهيءَ سندس تعريف ۾ وڏا وڏا
قصيدا لکيا، شاديءَ جي لاءِ هن کي چوايائين، پر هن
جواب ڏنو ته ”آءٌ پنهنجي قبيلي جا خوبصورت جوان
ڇڏي، تو ٻڍي سان شادي نه ڪنديس“. تنهن تي ڪاوڙجي،
هن ٻيو هڪڙو قصيدو لکيو. انهيء جي جواب ۾ وري
خنساء پنهنجو قصيدو لکيو، انهيءَ ۾ ٻن بيتن جو
مطلب هي آهي ته ”بيشڪ تون ڏاڍو فياض آهين- هن کان
وڌيڪ ٻي ڪهڙي فياضي ٿي سگهي ٿي، جو تو پنهنجن ڏندن
جا موتي به ڏيئي ڇڏيا! جهڙيءَ مشڪلات سان ڪو ٽوٻو
سمنڊ مان ڳولي موتي لهي ٿو تهڙي مشڪلات سان،
ماڻهوءَ جي نگاهه، تنهنجي منهن تي تنهنجون اکيون
ڳولي ٿي! پر اها اڃا خنساءَ جي شعر گوئيءَ جي
شروعات هئي، پوءِ جو هن جا ڀائر قتل ٿيا، ۽ درد غم
مٿس ڪاهي آيا، تڏهن ته سندس شاعري ڪماليت کي پهتي،
انهيءَ جو مختصر قصو هيئن آهي: انهيءَ قبيلي”بني
سليم“ جو، قبيلي، ” بني اسد“ سان وڙهڻ جو اتفاق
ٿيو. ان خنساءَ جو ڀاءُ، معاويي نالي، مارجي ويو،
۽ ماٽيجو ڀاءُ ”صخر زخمي ٿيو، ۽ نيزي جي سيني ۾
لڳڻ ڪري ڦڦڙ ئي نڪريا آيا هئس. انهيءَ صخر سان
خنساء جي ڏاڍي محبت هئي، جو ڏاڍو عقلمند ، سخي ۽
بهادر هو. بيماريءَ ۾ هن جي گهڻي ئي خدمت ڪيائين.
پر ورهيه کن کانپوءِ هو به مري ويو. انهيءَ ڏک ۾
هن صخر جي غم ۾ شعر لکڻ شروع ڪيا. اهي مرثيا اهڙا
دردناڪ هئا، جو ٻڌندڙن جي دل ڪباب ٿئي ٿي. شاعريءَ
جي اها شاخ، يعني! مرثيي گوئي، اصل کان خاص زالن
جو ئي حق آهي. جي مرثيا مڙسن لکيا آهن، تن ۾ به
هنن رڳو زالن جي پيروي ڪئي آهي. رسول الله ﷺ جي
ڏينهن ۾ ”بدر“ جي جنگ ۾ گهڻن ڪافرن کي قتل ڪيو ويو
هو ۽ جدا جدا شاعرن پنهنجن پنهنجن سردارن لاءِ
مرثيا لکيا. ليڪن جهڙا مرثيا ”فتيله“ هڪڙي قريشي
ڪنواري ڇوڪري چيا آهن، اهڙا ٻي ڪنهن جا نه آهن. هن
اهي پنهنجا مرثيا پنهنجي پيءُ جي قتل ٿيڻ ڪري لکيا
هئا. هو اهو مرثيو پڙهندي اچي لنگهي. حضرت رسول
الله ﷺ جن اصحابن سان گڏ، مسجد ۾ ويٺا هئا: هن جو
مرثيو ٻڌي ڏاڍو رنائون، ۽ فتيله کي سڏي ڏاڍا دلاسا
ڏنائونس، ۽ اڳتي لاءِ حڪم ڏنائون ته جيترو ٿي سگهي
اوترو قريشن کي نه ماريو. ”خوله“ جا مرثيا به
مشهور آهن، جي پنهنجي ڀاءُ ”ضرار“ جي قيد ٿيڻ تي
لکيائين. اهڙن مرثين، بعضي وقت عرب ۾ دنگا، فساد
۽ جنگيون مچائي ڏنيون. مثال لاءِ ٻن _ ٽن بيتن جو
مضمون هتي ڏجي ٿو. ”اي منهنجون ٻيئي اکيون! اوهين
روئو. انهيءَ خوبصورت بهادر جي لاءِ ڇو نه ٿيون
روئو، انهيءَ جوان مرد سردار لاءِ ڇو نه ٿيون
روئو؟“
عرب ۾ دستور هوندو هو، ته ٺهرايل وقت تي
هر سال ميلو لڳندو هو، جنهن کي ”سوق عڪاظ“ چوندا
هئا، ۽ جتي سڀ قبيلن جا ماڻهو اچي گڏ ٿي، پنهنجو
شعر پڙهندا هئا، ۽ منصف فيصلو ڪندا هئا، ته ڪنهن
جو شعر سڀن کان بهتر آهي. انهيءَ ميلي يا قومي
مجلس ۾ به خنساء جو شعر لاجواب ۽ لاثاني ثابت ٿيو.
جڏهن اهڙن ميلن ۾ هوءَ اُٺ تي چڙهي ايندي هئي،
تڏهن ٻيا سڀ شاعر هن جي چوڌاري ڦري بيهندا هئا ۽
منتظر هوندا هئا، ته هن جو ڪو نئون شعر ٻڌون. هڪڙي
ڀيري، ٻي هڪڙي مشهور شاعره عورت، ”هنده بنت عتبہ“
به اُتي آئي، ۽ خنساءَ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجا
مرثيا پڙهيائين، جو هن تي به خنساء وانگي مصيبتون
پيل هيون، ۽ سندس پيءُ، چاچو ۽ ڀاءُ ٽيئي جنگ ۾
مارجي ويا هئا، مشهور مرد شاعر ”نابغه“ سندس وچ ۾
امين ۽ منصف ٿيو. خنساء جو شعر، يعني مرثيو ۽
قصيدا ٻڌي هو حيران ٿي ويو، ۽ فيصلو ڪيائين ته
خنساء اڄوڪي زماني ۾ سڀني شاعرن کان مٿي آهي.
خنساءَ ڏاڍي شريف ۽ اعليٰ طبيعت جي عورت
هئي. ڀاڻس”صخر“ به اهڙو ئي وڏيءَ دل وارو هو.
ننڍيون ننڍيون تڪليفون هو پنهنجي نفس تي خوشيءَ
سان سهي ويندا هئا. انهيءَ ڪري هنن ٻنهي ڀاءُ _
ڀيڻ جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي، جا عرب ۾ ضرب المثل
ٿي وئي هئي. عرب ۾ دستور هو ته هڪڙي قبيلي جو
شاعر، ٻئي قبيلي جي شاعر جي هجوَ يا سِٺ ڪندو هو،
پر خنساء ڪنهن جي به ڪڏهن هجوَ نه ڪئي. پنهنجي
ڀاءُ جي قاتل، هاشم لاءِ ماڻهن گهڻو ئي چيس ته
انهيءَ جي هجوَ شعر ۾ ڪر، پر هن ائين ڪرڻ کان
انڪار ڪيو. ۽ انهيءَ جي بدران هڪڙو مزي جهڙو قصيدو
چيائين، جنهن جو پهريون بيت هي آهي:
وقالوا الا تهجو فوارس هاشم
ومالي و اهدا انحنا ثم ماليا.
(يعنيٰ ماڻهو ٿا چون ته هاشم جي سوارن جي
هجوَ ڇو نٿي ڪرين. ڀلا، مون کي اجائي بڪ ڪرڻ مان
ڪهڙو فائدو_ ۽ پوءِ به ڪهڙو فائدو؟)
عرب هجوَ کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا، جو
انهيءَ جي ڪري اهو قبيلو ساري ملڪ ۾ بدنام ٿيندو
هو. اهڙو هجوَ ڪرڻ وارو جڏهن ڪنهن تجويز سان قيد
ٿي ويندو هو، تڏهن انهيءَ کي گهوڙي وانگي لغام
چاڙهيندا هئا، انهيءَ هوندي به هو ڪين رهندا هئا.
هڪڙي هجوَ ڪندڙ شاعر کي، خليفي حضرت عمر رضه، ٽي
هزار درهم ڏنا هئا، ته مسلمانن جي هجوَ نه ڪري.
خنساءَ، پوءِ نيٺ پنهنجي قبيلي سوڌي
مسلمان ٿي. ۽ حضرت محمد ﷺ جن اڪثر سندس شعر ٻڌندا
هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. خنساء اڪثر بيبي عائشہ رضه
وٽ وڃي ويهندي هئي، ۽ انهيءَ کي به پنهنجا شعر
ٻڌائيندي هئي. خنساء همت واري به ڏاڍي هئي. حضرت
عمر رضه جي زماني ۾ ”قادسيه“ جي جيڪا مشهور جنگ
ٿي، تنهن ۾ هوءَ پاڻ به حاضر هئي، ۽ سندس چار پُٽ
به، جنگ کان هڪڙو ڏينهن اڳي، هن اهڙن جوش وارن
لفظن ۽ شعرن ۾ پُٽن کي وڙهڻ لاءِ ترغيب ڏني، جو
هنن کي جنگ جي انتظار ۾ رات گذارڻ ڏکي لڳي. صبح
ٿيڻ سان، سڀني کان اڳي هو وڃي وڙهيا، ۽ چارئي
هڪٻئي پٺيان، هڪٻئي جي ڏسندي، قتل ٿي ويا. هيءُ
حال ڏسي خنساء پنهنجي جگر تي هٿ ڏيئي، ڏاڍو روئڻ
لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته : ”خدا جو شڪرانو آهي، ته شهيد
ٿيا! آءٌ هنن کي انهيءَ هنڌ ملنديس، جنهن هنڌ خدا
جي رحمت جو پاڇو هنن جي مٿان هوندو،“ حضرت عمر
رضه هنن جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ سندس چئني پُٽن جو
پگهار هن کي مقرر ڪري ڏنائين. انهيءَ کانپوءِ
خنساء پنهنجو سڄو وقت گوشہ نشين ٿي، خدا جي عبادت ۾ گذاريو. سنه 41 هجري
(سن 661ع) ۾، 84 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
|