ڀاڱو پهريون
عرب جون نيڪ
۽
مشهور عورتون [17]
بيبي
خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها
حضرت محمد صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن تي پهرين
اسلام آڻڻ واري ۽ سندن پهرين بيبي ”خديجہ“ هئي.
هوءَ حضرت محمد ﷺ جن کان پندرنهن ورهيه اڳي ڄائي
هئي، ۽ خويلد جي ڌيءُ هئي، جو عرب جي وڏي خاندان
گهراڻي مان هو. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ، سڀ دولت هن
کي ملي. سندس ماءُ جو نالو ”فاطمہ“ هو. هن ٻه دفعا
اڳي شادي ڪئي هئي، پر خدا جي قدرت سان ٻئي مڙس مري
ويس، تنهن کانپوءِ گهڻن ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش
ڪئي، پر هن قبول نه ڪئي. پاڻ ڏاڍي دولت واري هئي،
۽ عزت آبروءَ سان پئي رهندي هئي. قريش جي قوم ۾
هن جهڙي مالدار ٻي ڪا زال ٿوري هئي. هوءَ غريب ۽
هوشيار ماڻهن کي واپار ڪرڻ لاءِ مال يا پئسا ڏيندي
هئي، ۽ جڏهن اُهي ٻين ملڪن ۾ وڃي وڪرو ڪري ايندا
هئا، تڏهن انهن کي نفعي مان چڱو انعام ۽ عيوضو
ڏيندي هئي. حضرت محمد ﷺ جن اڃا رسول الله نه ٿيا
هئا، ته به امانت ۽ ديانت ڪري اهڙا مشهور هئا، جو
”امين“ جي لقب سان سڏيندا هئن. کين بيبي خديجہ سڏي
پنهنجي مال نيڪال ڪرڻ لاءِ شام ڏي موڪليو ۽ ساڻن
پنهنجو غلام ”ميسره“ به گڏي ڏنائين. حضرت محمد ﷺ
جن اهو مال نفعي سان وڪڻي ۽ ٻيو مال خريد ڪري آيا،
جنهنڪري بيبي خديجہ نهايت خوش ٿي. شام جي رستي ۾
هڪڙي عيسائي راهب، ”نسطورا“ نالي، حضرت محمد ﷺ جن
کي ڏسي، پنهنجن پاڪ ڪتابن ۾، جي نشانيون آخر زماني
جي نبيءَ جون ڏيکاريل هيون سي معلوم ڪري، اُهي
پنهنجيءَ پر ۾ غلام ”ميسره“ کي ٻڌايائين، جنهن کي
هو سڃاڻندو هو. جڏهن هو موٽي مڪي ۾ آيا، تڏهن غلام
بيبيءَ کي اها ڳالهه ٻڌائي. بيبي ڏاڍي عقل ۽ فهم
واري زال هئي. حضرت محمد ﷺ جن جي سچائي ۽
ايمانداريءَ جي اڳيئي خبر هيس، تنهن ڪري ساڻن نڪاح
کڻي ڪيائين. بيبيءَ جو چاچو عمرو بن سعد سندس وارث
ٿيو، جو پيءُ جيئرو نه هوس، ۽ حضرت محمد ﷺ جا
چاچا: هڪڙو ابو طالب ۽ ٻيو حمزه سندن پاسي ٿيا، ۽
دستور موجب، ويهن اُٺن يا پنجن سَون درهمن (يعنيٰ
هڪ سئو ايڪٽيهن رپين) جي حق مهر تي نڪاح ٿيو. هن
نڪاح جي ڪري. قريش جا گهڻا وڏا ماڻهو، جن کي
بيبيءَ جواب ڏيئي ڇڏيو هو، سي ڪاوڙيا، ۽ کلڻ لڳا
ته بيبيءَ اجايو هڪڙي مفلس ماڻهوءَ سان کڻي شادي
ڪئي آهي، پر بيبيءَ انهن ڳالهين تي ڪوبه خيال نه
ڏنو. پاڻ جيڪي ڪيو هئائين، تنهن تي خوش ٿي ۽ فخر
ڪرڻ لڳي بيبي حضرت محمد ﷺ جن کي ڏاڍي تعظيم ڏيندي
هئي ۽ سندن حڪم تي ۽ سندن مرضيءَ موجب هلندي هئي.
ٻيئي هڪٻئي سان نهايت گهڻي محبت رکندا هئا. هن
شاديءَ جي ڪري حضرت محمد ﷺ جن کي مفلسيءَ ۽ احتياج
جو انتظار سڀ لهي ويو ۽ پاڻ آزاديءَ ۽ فراغت سان
عبادت ۾ مشغول رهيا.
بيبي خديجہ کي هڪ ڌيءُ ۽ هڪ پٽ، پهرئين مڙس
مان اڳيئي هئا. حضرت محمد ﷺ جن مان پنجن ورهين
کانپوءِ، هڪٻئي پٺيان چار نياڻيون: زينب، رقيہ،
اُم ڪلثوم ۽ فاطمه ۽ ٻه پٽ، قاسم ۽ عبدالله ٿيا.
اهو سڀ اولاد، حضرت محمد ﷺ جن جي نبوت کان اڳي
ٿيو. انهن مان پهرين ٽن نياڻين جي شادي ڪئي ويئي.
ننڍي نياڻيءَ فاطمہ بيبي رضه جي شادي، ٻئي هجري
سال حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه، سان ٿي، جو
حضرت محمد ﷺ جن جو سئوٽ هو. انهن کي امام حسن،
امام حسين ۽ ٻيو اولاد ٿيو، ۽ حضرت محمد ﷺ جن جو
نسل انهن مان ئي اڄ تائين جاري رهيو، جن کي
”سادات“ چوندا آهن. بيبي فاطمہ رضه، پيءُ جي وفات
کان ڇهه مهينا پوءِ وفات ڪئي. حضرت محمد ﷺ جن جا
ٻه پٽ ته ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا. ڪي ورهيه
پوءِ، بيبي ”سلمہ ماريہ“ مان کين هڪڙو پٽ ابراهيم
نالي ٿيو، پر اُهو به جلد وفات ڪري ويو.
حضرت محمد ﷺ جن جي پهرين شاديءَ کي پندرهن ورهيه
گذري ويا، تنهن کانپوءِ کين نبوت ملڻ جي خوشخبري
ملي. پهرين ته اُنهيءَ بابت سچا خواب ڏسڻ ۾ آين،
پوءِ ”حرا“ جي غار ۾ حضرت ”جبرئيل“ ڏيکاري ڏنين، ۽
خدا تعاليٰ جي طرفان نبوت جي خوشخبري ڏنائين،
پهرين ته شڪل شبها ۽ ڊپ ٿيڻ لڳن، پر پوءِ پَڪ
ٿينِ. حضرت محمد ﷺ جن اهو پنهنجو حال پهرين پنهنجي
بيبيءَ سان ڪيو، جنهن کي پنهنجو سچو خير خواهه ۽
همدرد رفيق سمجهندا هئا. بيبيءَ سندن ڳالهه تي
اعتبار ڪيو، ۽ گهڻو ئي دڙ دلاسو ڏنائين. ۽
همتايائين. هوءَ پنهنجي سئوٽ ”ورقہ“ وٽ وٺي وين،
جو ”انجيل“ ۽ ”توريت“ مان چڱيءَ طرح واقف هو.
انهيءَ به سندن تصديق ڪئي، جيڪڏهن بيبي حضرت محمد
ﷺ سان شامل ۽ سندن مددگار نه ٿئي ها ، ته البت
زياده مشڪلات درپيش ٿئي ها، پر مسلماني ظاهر ٿيڻ ۽
ان جي پکڙجڻ ۽ سندن جان بچائڻ ۾، بيبيءَ حضرت محمد
ﷺ جن کي گهڻي قدر مدد ڪئي. خاص ڪري جڏهن ٻيا سڀ
عزيز خويش، بلڪ ساري قريش جي قوم سندن برخلاف هئي،
۽ کين جان جو خوف هو.
حضرت محمد ﷺ جن جو چاچو” ابو طالب“ جو ظاهري شرم
کان مسلمان نٿي ٿيو، پر هر طرح کين مدد ڪندو ۽
بچائيندو آيو، سو به اسي ورهين جي عمر ۾، نبوت جي
ڏهين ورهيه وفات ڪري ويو. انهيءَ جو حضرت محمد ﷺ
جن کي نهايت گهڻو ڏک ٿيو. سگهوئي پوءِ، بيبي خديجہ
رضه پنجهٺ ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن جي جدائيءَ
ڪري، حضرت محمد ﷺ جن کي جيڪو ڏک ۽ غم ٿيو، سو
ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. انهن ٻنهي جي وفات ڪرڻ
ڪري، حضرت محمد ﷺ جن اڪيلا ٿي پيا. بيبي صاحبه
حضرت محمد ﷺ جن سان چوويهه ورهين ۽ ڇهه مهينا رهي،
جو عرصو هنن پاڻ ۾ ڏاڍيءَ محبت ۾ گذاريو. انهيءَ
جي وڏي نشاني اها هئي، ته انهيءَ عرصي ۾ حضرت محمد
ﷺ جن ٻي شادي ڪانه ڪئي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن جي رسم
موجب، ماڻهو گهڻيون ئي زالون پرڻجندا هئا، تنهن
کانپوءِ حضرت محمد ﷺ جن ٻيون شاديون ڪيون ته به
هميشه بيبي خديجه رضه جي تعريف ڪندا رهيا. جيتوڻيڪ
بيبي عائشہ سان حضرت محمد ﷺ جن جي پوءِ گهڻي محبت
ٿي، ته به انهيءَ کي به صاف چوندا هئا ته ”خديجہ
کان بهتر زال مون کي ڪانه ملي، ڇالاءِ جو جڏهن ٻيا
سڀ مون کي ڪوڙو ڄاڻندا هئا، تڏهن هن مون تي ايمان
آندو، ۽ جڏهن مون وٽ ڪي به ڪين هو، تڏهن هن مون کي
پنهنجي مال ملڪيت سان مدد ڪئي، ۽ خدا هن مان مون
کي گهڻو اولاد عطا ڪيو“، ۽ هي به پاڻ فرمايو اٿن
ته ”خديجہ زمين ۽ آسمان جي بهترين زالن مان آهي“.
هيءَ بيبي، ديني فضيلتن کانسواءِ، عقل ۽ ڏاهپ
هوشياري ۽ رحمدليءَ، سخا ۽ ادب، اخلاق ۽ عالي
همتيءَ جي زيورن سان سينگاريل هئي، تنهن ڪري
مسلمان ٿيڻ کان اڳي ئي هن کي ”طاهره“ جو لقب مليل
هو. سوداگريءَ جو ڪم پنهنجي عقل جي زور تي چڱيءَ
طرح هلائيندي هئي، ۽ انهيءَ مان چڱو فائدو حاصل
ٿيندو هوس. حضرت محمد ﷺ جن سندس نسبت ۾ چوندا هئا
ته ”جڏهن آءٌ ڪافرن کان ڪا ڳالهه ٻڌندو هوس ۽ مون
کي ڏکي لڳندي هئي يا نا پسند هوندي هئي، تڏهن اها
آءٌ خديجہ سان ڪندو هوس. اها مون کي اهڙيءَ طرح
سمجهائيندي هئي، جو انهيءَ کان منهنجيءَ دل کي
تسلي ٿيندي هئي، ۽ مون کي اهڙو ڪوبه ڏک يا رنج نه
ٿيندو هو، جو خديجہ جي ڳالهين سان هلڪو ۽ آسان نه
ٿيندو هو“. انهيءَ حديث مان ظاهر آهي، ته هوءَ
ڪهڙي نه مستقل مزاج ۽ وڏي دل واري هوندي هئي، جو
انهيءَ کان رسول الله ﷺ جن جهڙي شخص کي همت ملندي
هئي! انهيءَ طرح، هوءَ نه رڳو رسول الله ﷺ جي
حياتيءَ جي ڀائيوار هئي، پر سڀ ڪم ۾ هن جي گويا
مددگار هئي. انهيءَ هوندي به هوءَ سندن ڏاڍي
فرمانبردار هئي. رسول الله ﷺ جي هن سان ايتري محبت
هئي، جو بيبيءَ جي وفات کانپوءِ جڏهن پاڻ ڪا
قرباني ڪندا هئا، تڏهن پهرين بيبيءَ جي سهيلين کي
گوشت موڪليندا هئا، تنهن کانپوءِ ٻئي ڪنهن کي
ڏيندا هئا. هن جو مائٽ مٽ ڪو وٽن ايندو هو، ته
انهيءَ کي ڏاڍي عزت ڏيندا هئا، ۽ انهيءَ جي گهڻي
خاطرداري ڪندا هئا. بيبي خديجہ توڙي حضرت محمد ﷺ
جن جي ٻين بيبين کي، مسلمان ادب کان ”ام المؤمنين“
يعنيٰ ”مومنن جي ماءُ“ سڏيندا آهن.
بيبي خديجة الڪبريٰ جا گهڻا شعر آهن، جي خاص حضرت
محمد ﷺ جي مدح ۾ آهن.
هي ٻه بيت انهن مان آهن:
بذڪر ڪم يطفي الفواد من الوقد،
و رويتڪم فيها شفاءِ اعين الرمد،
ومن قال ”اني اشتفيٰ من هوا ڪم“
فقد ڪذبوا لومت فيہ من الوجد.
(يعنيٰ
اوهانجي يادگيريءَ سان دل جي باهه اُجهامي ٿي ۽
اوهان جي ديدار ۾ اُٿيل اکين کي شفا حاصل ٿي ٿئي،
جنهن چيو ته آءٌ اوهان جي محبت کان ٿڪجي پيس، تنهن
بيشڪ ڪوڙ ڳالهايو، جيتوڻيڪ آءٌ محبت جي مستيءَ ۾
مري پوان.) |