سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :7

 

اسلام عليڪم

ھاسٽل جو شيخائون در لنگھي اندر ٿيس. ڏسان تھ جھل جھوٽا، ڇوڪرا منھنجي ڪمري اڳيان ميڙ ڪيو بيٺا ھئا. پنھنجا سنگتي بھ نظر پئي آيا. ناريجو پنھنجي مڇن کي، جيڪي ھن تازو پرنسپال شاھ صاحب جي ٺھندڙ شھپرن کي ڏسي ريس تي رکيون ھيون، موڙي رھيو ھو. ٺٽي جو محمد خان پنھنجي سائي سوٽ جي کيسي ۾، جنھن جو رنگ ھوبھو مولوي..... جي دستار جھڙو آھي، کٻو ھٿ وجھي جنھن ۾ ويچاري کي پنجن جي بجاءِ ڇھھ آڱريون آھن، سگريٽ مان دونھان ڪڍي رھيو ھو. عبدالرحمان بھ چشمي پٺيان اکيون پئي مٽڪايون. مان ايترو ميڙ ڏسي انومان ڪڍيو تھ پڪ سپريڊنٽ کي منھنجي پارٽنر جي مھمان جي خبر پئجي ويئي آھي ۽ کانئس ٽپڙ ٿو کڻائي. منھنجي منھن تي مشڪ اچي وئي. ڪيو بھ پارٽنر ڪڪ ھو. اھو سڀاڳو ڏينھن گٿل ئي ڪونھ ھو، جڏھن سندس ڪو مھمان نھ آيو ھجي. روز شام جو ھن جي ڪنھن ڀاءُ، سوٽ، ماسات سان ملاقات ٿيندي ھئي. تعارف وقت پارٽنر منھنجي ڏاڍي ساراھ ڪندو ھو، جنھن جو روحاني راز يعني ڳجھو مطلب اھو ھوندو ھو تھ پنھنجي کٽ بستري سوڌو سندس مھمان جي حوالي ڪري پاڻ وڃي شيخ سان سمھان. مان ٿلھو ماڻھو سڄي کٽ تھ پاڻ والاري ويندو ھوس ۽ ويچاري شيخ کي سڄي رات ٻانھيءَ تي سمھڻو پوندو آھي. ”آخر ھاسٽل آ ڪن ويرومل جو آشرم.“ صبوح جو شيخ لال پيليون اکيون ڪري مون کي چوندو ھو. مان بھ ڇا ڪيان؟ مان تھ پاڻ وڏا پڳڙ ۽ وڏيون وڏيون شلوارون ڏسي ڪڪ ٿي پيو ھوس. مھمان وري تھ اھڙا سريلا ايندا ھئاس، جن کي اھا بھ خبر ڪانھ ھئي تھ پرائو ڏندڻ استعمال نھ ڪبو آھي. تنھن ڏھاڙي جي ڳالھھ کي ئي وٺو. مامھنس آيو ھو، سڳو الائي ويڳو. صبح جو ننڊ مان اٿيو تھ ڇوڪرن کي ڳاڙھا، پيلا، نيراٽٿ برش ھڻندو ڏسي، ھن کي بھ شوق جاڳيو. منھنجي خاني ۾ ڪو ڏٺو ھئائين. بس نھ پڇا نھ ڳاڇا، بسم الله ڪري پنھنجي پيلن پيلن ڏندن کي صاف ڪرڻ لڳو. مان ٻئي ڪمري ۾ سمھيل ھوس. جيستائين اچان، تيستائين ھمراھ ڏند اڇا ڪري گرڙي پئي ڪئي. باھ وٺي وئي. اھو برش پارٽنر کي ڏنم تھ پنھنجي مامي کي ڏي تھ کيس ڳوٺ ڪم ايندو. اھڙا تھ کوڙ واقعا، ڪھڙا ڳڻي ڪھڙا ڳڻجن؟ گذريل ڳالھين کي ياد ڪرڻ بھ ٺيڪ ڪونھي. ”اڄ پٽ جي خبر پوندي.“ مان اھو سوچي دل ۾ خوش ٿين لڳس. جيئن روم جي ويجھو ٿيندو ويس، تيئن منھنجون واڇون ٽڙنديون ويون.

”اڃا ٿو کلين کرل!“ ناريجو مون کي ايندو ڏسي مون ڏي وڌي آيو ھئو. ”ڇو ڇاھي؟“ ناريجي جي منھن تي گنڀيرتا ڏسي منھنجا مشڪندڙ چپ ڀيڪوڙجي ويا.

”توکي منھنجو نياپو ڪونھ پھتو ڇا؟“

”نھ“ مون کي پريشاني وٺي وئي.

”تنھنجي ڪمري ۾ ڪاٿي خون ٿي پيو ھو.“ ڄڻ ڪنھن مون کي ٻھ ھٿڙو سوٽو ھڻي ڪڍيو. صفا ڍڪر اچي ويا. اوچتو مون کي پارٽنر جي انھن غنڊن دوستن جو خيال آيو، جي اسان جي ڪمري تي قدم رنج فرمائي اسان جي وڏن تي احسان ڪندا ھئا. اشرافي نموني ۾ تھ ڳالھائڻ ڪونھ ايندو ھو. گار جو زيپٽ، ڀونڊي جو ٽڙڪو پيو پوندو ھو. ”ڀڙوا ڀانن جا“، ”ٿڪ لعنت جا پھاڪا ٻڌانءِ“ منھنجو تڪيو ڪلام ھو. مان ڪيترا ڀيرا پارٽنر کي انھن کي نھ آڻڻ لاءِ چيو ھو، پر ھو چوندو ھو: ”تون آھين ٻار، اھڙن سان چڱي آھي. دنيا ۾ دوست بھ آھن دشمن بھ. ڪنھن آئي ويل مدد ڏيندا.“

”پڪ پاڻ ۾ جھڳڙو ٿيو ھوندن. جھيڙي کان پوءِ چاقن ۽ ڇرن نڪرندي ڪا دير ٿيندي؟ ٽڙڪ، چاڪو سڌو ٿي ويندو. ٺپ ٺپ، پوءِ رت جا ريلا.“ مان سوچيو.

”ڪنھن کي چاقو لڳو؟“ مان ٿوري ويرم رکي ناريجي کان پڇيو. ان ويرم ۾ انھن غنڊن مان ھڪ ڪاري حبشي غنڊي کي تڪيو. صلاتون پڙھڻ لڳس، الله ڪري ان کي چاقو لڳا ھجن. ھو مون کي سڀني جو پيءُ نظر ايندو ھو. سندس ڳاڙھيون اکيون اھڙيون تھ خوفناڪ ۽ بڇڙيون ھونديون ھيون جو دل چوندي ھئي تھ سندس نڙگھٽ تي ننھن ڏيئي سندس اکيون ڪڍي ڇڏيان.

”اسلام عليکم کي.“ ناريجي جي منھن مان غم جي صاف جھلڪ ظاھر ھئي.

”ھان!“ منھنجو عجب ۾ وات ڦاٽي ويو. ”ان کي وري ڪيئن ڌڪ لڳا؟“

”مٿئين بلاڪ وارو قلندر پٽيوالو ڏٺو اٿئي نھ؟“

”ھا“ مون آھستي جواب ڏنو.

”ان کي چوري جي عادت آھي. ڀرسان ڪنھن کي موجود نھ ڏسي تنھنجي ڪمري جو ڪلف کولي اندر گھڙي ويو. تنھنجي پيتيءَ جي ڪلف کي سٽ سان ڀڃي ڏوڪڙ ڪڍيائين.“ ايترو چئي ناريجو مون ڏي ڪرڙي نظر سان نھارڻ لڳو. ھن کي ھميشھ مون کان شڪايت ھوندي ھئي تھ مان ميس جي مئنيجري جي لائق نھ آھيان، جو مان وڏ – ماڻھپي ڏيکاري ايترا سارا پئسا اتي ڪمري ۾ رکندو آھيان ۽ ڪلف بھ ٽڪي ٽين پئسي وارا ھڻندو آھيان. ”کرل! ياد رکجانءِ منھنجو چوڻ، جيڪڏھن ڪنھن ھمراھ کي وارو اچي ويو تھ ٽڪو بھ نھ بچائيندءِ، جو ڀڳڙا ويھي ڦڪين.“ ھو ھميشھ مون کي چوندو ھو ۽ ان خونين نگاھن سان نھاري مون کي پنھنجا چيل لفظ ياد ڏياري رھيو ھو.

”ٻيلي الله جو نالو اٿئي اڳتي ٻڌاءِ.“ منھنجو بدن پگھر سان شل ٿي ويو. پراون پئسن جي ڳڻتي اچي لڳي.

”اڳتي ڇا ٻڌايانءِ؟“ ناريجو اندر چيريندڙ لفظ استعمال ڪري رھيو ھئو. ”انڌو بھ سمجھي سگھي ٿو. ظاھر آھي تھ ھن چوري پئي ڪئي ھوندي، جو ھن دستور مطابق تنھنجي ڪمري ۾ جھاتي پاتي ھوندي، کيس چوري ڪندي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندائين ۽ ھن بچاءُ ۾ کيس چاقو ھنيا ھوندا.“

”قلندر پڪڙيو؟“ دراصل مان اھو پئي پڇڻ گھريو تھ پئسا تھ ڪونھ ويا، مگر ان سوال جو پاڻ ۾ ست نھ سمجھي مان ھي پڇي ويٺس.

”تون خالي ھٿين ھجين ۽ ٻئي کي ستن انچن جو ڇرو ھجي تھ پڪڙي سگھندين؟“ ناريجي خار مان پڇيو.

منھنجو منھن پيلو ٿي ويو. قلندر ڀڄي ويو، معنيٰ تھ پئسا بھ ويا. مون کي ان ٽوٽ جي فڪر اچي ورايو. ناريجو منھنجي فڪر کي سمجھي ويو. منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي چيائين:

”پئسا کانئس ويڙھھ ۾ ڪري پيا. اھو بھ شڪر ڪر نھ تھ ڪيڏي چٽي ڀرڻي پوي ھا.“

پئسن جي بچاءَ جو ٻڌي منھنجي منھن تي رت وري آيو. دل کتي قدري فرحت آئي. ڪا ڳالھھ ياد ڪري کيس چوڻ لڳس:

”پر يار قلندر تھ ھن جو مائٽ ھئو نھ؟“

”مائٽ ھئس تھ ڪھڙي ڳالھھ، ڪيائين تھ چوري پئي.“ ناريجو وري تيز ٿي ويو.

منھنجي ڏندن ۾ آڱريون اچي ويون. ڪو ائين نھ ڪري. ڀلا مان ھن جو ڪير ٿيندو ھوس جو ھن پنھنجي مائٽ کي چوري ڪندي نھ سٺو. پنھنجي جان جوکم ۾ وجھي بھ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر مان تھ کيس ليکيندو بھ نھ ھئس. ھڪ قسم جي ساڻس نفرت ڪندو ھوس، ھن قلندر کي چوري ڪندي ڏٺو ھو. کانئس ڏوڪڙن جو ڳپل حصو وصول ڪري ٿي سگھيو. ڪنھن کي خبر پئي ھا؟ ناريجي جو چيل جملو منھنجي دماغ ۾ ڦرڻ لڳو: ”مائٽ ھئو تھ ڪھڙي ڳالھھ، ڪيائين تھ چوري پئي.“ ايتري ۾ ناريجي منھنجو ھٿ پڪڙي چيو: ”ڇڏ سوچ کي، ھلي پئسا سنڀال ۽ اندر انسپيڪٽر بھ ويٺو آھي، شايد توکان بيان وٺي.“

اندر ڪمري ۾ اچي مان پئسا سنڀاليا. بلڪل پورا نڪتا. انسپيڪٽر بھ اھڙي قسم جو بيان وٺي ھليو ويو. ناريجي کان وڌيڪ پڇڻ تي معلوم ٿيو تھ ھن کي چاقو جا ٻي ٽي گھرا ڌڪ لڳا آھن، ان ڪري کيس اسپتال اماڻيو اٿن.

چوندا آھن تھ جي ڪنھن مشحور ماڻھوءَ جو نالو ڪنھن ٻئي تي رکبو اھي تھ ان جي خوبين جو گھٽ ۾ گھٽ ڏھون حصو ان نالي جي ڪري منجھس پيدا ٿي ويندو آھي. ھن جي مائٽن بھ شايد ان ڪري سندس نالو ”رانجھو“ رکيو ھو تھ پٽ وڏي ھوندي ھير جي رانھي وانگر عشق ڪمائيندو، ڪو وارث شاھ ان تي گيت لکندو ۽ ماڻھو اھي گيت سوچ سان جھونگاريندا. ھير جي رانجھي بابت تھ ٻڌو اٿئون تھ ڏاڍو سھڻو ھئو، پر ھي رانجھو؟ توبه الله جي در. اھڙو تھ بدشڪل ھئو، جو ڪھڙي ڳالھھ ڪجي. قد گوگڙو، ڏاڙھي ٻچي، جنھن کي ڪيس لائيندو ھو تھ ڪاري، جي ميندي ھڻندو ھو تھ ڳاڙھي ڳٽول نظر ايندي ھئي. اک ۾ پائيءَ جيترو ڦلو، جنھن لاءِ ويچارو ھميشھ ڇوڪرن کي اعتبار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو ھو تھ کيس ان ۾ بھ ديد آھي. ڇوڪرن ئي ڏٽا ڏيئي اٺ کي مسيت تي چاڙھيو ھو. سو ھن کان سڄي اک بند ڪرائي کيس بجو ڏئي پڇندا ھئا. چوڪيدار گھڻيون ”آڱريون آھن؟“ ھڪ مٽ سڄيل ٻئي ۾ کٻ. اھو کٻ بھ ڏندن ڀڃڻ ڪري ٿيو ھوس. ڏندن ڀڃڻ جو قصو بھ ليلا مجنون، عمر مارئي جي قصي وانگر ھاسٽل ۾ پشت بھ پشت ھلندو آيو. ڳالھھ ٿي ھئين تھ سپريڊنٽ جي ڇوڪرن راند پئي کيڏي. راند بھ ٻي ڪا ڪانھ اھا نڀاڳي ڪرڪٽ پئي کيڏيائون. ڪرڪيٽ جو بال جھڙو پٿر. ھن کي جو کٽي کڻي تھ ڀرسان وڃي ٿو بيھي. ”آءُ گداڙي ٻن ۾“ ٺڪاءُ جو بال لڳس ڏياڙي ۾ ست ڏند اتي جو اتي ڪري پيس. اٺون ڏند وري ڊاڪٽر شريف ھاسڪار ڪڍيو ھوس، جو ھن جي مرضي ھئي تھ سپريدنٽ تي ڪيس ڪري کانئس ڏندن جي رقم وٺي. ڊاڪٽر شريف جو تھ سپريدنٽ سان ساڙ ھو، جو پٽھنس کي ھاسٽل ۾ داخلا نھ ڏني ھئائين، پر ھن تھ سپريڊنٽ جو نمڪ پئي کاڌو. نمڪ حرامي ڪرڻ تي ڪتي جو بھ وڙ ڪونھي. ماٺ ڪري ويھي رھيو.

ھن جا جڏھن بھ پئسا کٽندا ھئا تھ ھر ھڪ ڇوڪري جي ڪمري تي اچي در کولي منڍي اندر ڪري ڪڙڪيدار آواز ۾ ”اسلام عليڪم“ چوندو ھو. ان ”اسلام عليڪم“ ڪيترن ڇوڪرن کان ڇرڪ ڪڍيو ھئو. پنھنجي خرچي وٺڻ وقت اھا خبر نھ پوندي ھيس تھ روم ۾ رھندڙ ڇوڪرو جاڳي ٿو يا ننڊ پيو آھي؟ ھن کي رڳو ”اسلام عليڪم“ چئي خرچي جا ڏوڪڙ وٺڻا ھئا. ڄڻ ڪي منجھس لھڻا ھئا. ڇوڪرا دل ۾ کيس گاريون ڏئي بھ خرچي ڏيندا ھئا. ھن سان سدائين جو ڪم ھئو، کيس خرچي نھ ڏين تھ ڪير جو ٻارھين بجي رات کان پوءِ کين ھاسٽل ۾ اچڻ لاءِ گيٽ کولي؟ ڪير کين سؤ سؤ جي پاور جا بلب ٻاريندا ڏسي سھي ۽ سپريڊنٽ کي خبر نھ ڏئي. ڪنھن جو مھمان ايندو ھئو تھ ساڻس رسائي ڪرڻي پوندي ھئي. پير علي نواز کيس خرچي نھ ڏني ۽ مھمان رھايو تھ ان دم سپريڊنٽ کي خبر پئجي وئي. باھ ٿي آيو ھڪدم پير کي ٽپڙ کڻڻ لاءِ چيائين. پر پير ھو ڪارساز ماڻھو، سو ڀڳو ھاسٽل جي سيڪريٽري ڏي. کانئس سفارشي چٺي آندائين تھ بھ کيس ويھھ روپيا ڏنڊ ڀرڻو پيو. جي چوڪيدار کي چار آنا کن خرچي ڏئي ھا تھ ايڏي انداز تي ڳالھھ نھ پھچي ھا.

ھو خرچي وٺي، پنھنجي ڀڳل ڏندن جو ديدار ڪرائي اتان نڪري وري ڀر واري ڪمري ۾ ويندو ھو. ”اھا ئي اسلام عليڪم“ ٻڌبي، ٿوري دير چپ، تيستائين ڇوڪرو شايد ھن لاءِ ڏوڪڙ ڪڍندو ھو. وري ”اسلام عليڪم“ ۽ تنھن بعد ھن جو ڇڳل بوٽ جو گيھو. اھي گشت تيستائين پيا ھلندا، جيستائين کيس يقين ٿي ويندو ھو تھ وٽس ھفتي کن جي چرس ۽ آفيم جا پئسا گڏ ٿيا آھن. جيڪي ڇوڪرا کيس خرچي ڏيندا ھئا، تن کي سو گيٽ کان اندر ايندي يا ٻاھر ويندي سلام ڪندو ھو. باقي ٻين کي آڱوٺو. ھڪڙن کي سلام ڪري ٻين کي نھ، اھا بھ بي عزتي، ان ڪري ھن کي خرچي نھ ڏيڻ وارا ڇوڪرا بھ گھڻو ڪري خرچي ڏيڻ شروع ڪندا ھئا، جيئن ھو کين بھ سلام ڪري ۽ پئنٽ جي کيسي مان ھٿ ڪڍڻ جي تڪليف نھ ڪن، پر اتي جو اتي وڏائي سان ڪنڌ ڌوڻين. چون ٿا تھ عمر جاگيراڻي بھ کيس ان ڪري خرچي ڏيڻ شروع ڪئي ھئي. ھن جي ھر وقت ”اسلام عليڪم“ کيس ”اسلام عليڪم“ جي نالي سان مشھور ڪيو ۽ سندس اصلي نالي ”رانجھي“ کي ھرڪو وساري ويٺو. ”ڪھڙو پٽيوالو؟“ ”اسلام عليڪم“. ”رات ڪنھن در کوليھءِ؟“ ”ڪئنٽين تان چانھن ڪنھن کان گھرايھءِ؟“ ”اسلام عليڪم آندي.“ ڇوڪرن جي اھڙن قسمن جي گفتن ۾ ھن جو نالو مشھور ٿي ويو، تانجو ھاسٽل جا ٽي پتيون ڇوڪرا کيس ”اسلام عليڪم“ سان سڃاڻڻ لڳا.

ڪي ڇوڪرا اھڙا بھ ھئا، جن کي ھن کان سخت نفرت ھئي. پنھنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيندا ھئا، جيئن اندر نھ اچي. ھو دروازو کڙڪائي کڙڪائي پنھنجو بنڊ ڪڍندو ھئو، پر مجال جو اڳيان بھ دروازو کلي. مان بھ انھن مان ھئس. پھريون تھ مان بھ کيس جام خرچيون ڏنيون، پر ھن جي ھڪ نھ ٻئي ڏينھن جي اچڻ ۽ اويل سويل کان لاپرواھيءَ مون کي بھ دروازو بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. خرچي ڏيڻ جو بھ ڪھڙو ضرور؟ ڀلي دروازو نھ کولي، پوئين شو تي کڻي پڪچر نھ ڏسبي. نھ مھمان ٽڪائيندو ھوس ۽ نھ وري اھڙو ڪو ڪم ڪندو ھوس، جو ھن کان ڊڄجي. ھن جي ”اسلام عليڪم“ بھ مون کي ڪانھ گھربي ھئي. ڪنن ۾ آڱريون وجھي وجھي مان ٿڪجي پيو ھوس.

ٽي چار ڏينھن ٿيا، جو ھو اسپتال مان چاق ٿي موٽي آيو آھي. ايترا ڏينھن خاموش ھئڻ ڪري منھن گھڻو لھي ويو اٿس. ھن جي ڳٽي جو کٻ اڳي کان وڌيڪ نمايان ٿي پيو آھي. ان کي واقعي ڇڳل بوٽ جي گيھي وانگر ھرڪو سڃاڻي ٿو. ھو ٽيون ڏينھن مون وٽ آيو ھو، وري اڄ اچڻ جو وارو اٿس. ھي وقت ھن جي اچڻ جو آھي. شايد تھ ھو اچي ٿو. ھن جي لٺ جو کڙڪو، ھن جي بوٽ جو گيھو مان ٻڌان ٿو. ھو ھن وقت چاليھين نمبر ڪمري وٽ آھي. اتان ايڪيتاليھين ۾ ايندو ۽ پوءِ مون وٽ. منھنجي ڪمري جو در کليل آھي. مان ان کي اڳي وانگر بند نٿو ڪيان ۽ نھ ڪنن ۾ آنڱريون وجھڻ لاءِ تيار ٿو ٿيان، پر خاني ڏانھن ھٿ وڌائي، ھن جي لاءِ اڳيئي روڪڙ ڪڍي مٺ ۾ ٿيو جھليان. مان ائين ٿو سمجھان ڄڻ مون کي ھن جي لالچ، ھن جي ”اسلام عليڪم“ سان محبت ٿي وئي ھجي. مان ھن جو قدر سڃاتو آھي. شايد تھ ھر ڪنھن سڃاتو ھجي.

 

 

 

دار الفلاح

صبوح جو ساجھر، جڏھن سڀ اڃا سمھيا پيا ھئا، تڏھن ھوءَ گھر مان نڪتي ھئي ۽ ڪورٽ کي گذارش ڪئي ھئائين تھ ھو يتيم ۽ لاوارث آھي، کيس دارالفلاح ۾ امان ڏني وڃي. ماجسٽريٽ کانئس دستوري بيان وٺي دارالفلاح اماڻيو ھو.

ست مھينا اڳ جڏھن اڃا کيس سامائي مھينو ڏيڍ ٿيو ھو ۽ ھڪ اھڙي انب جيان ھئي، جو پيلاڻ باوجود ڪچو ھوندو آھي ۽ ذائقي ۾ کٽڙو ھوندو آھي، سندس ماءُ ھڪ وڏو جشن ڪيو ھو. ڪوٺي جي ھيٺان پڌر ۾ وڏو شاميانو ھڻايو ھئائين، جنھن ۾ قالين ۽ چاندنيون وڇائجي ويون ھيون، برادريءَ جون سڀ چونڊ چونڊ ڳائڻيون ڪوٺيون ھئائين، جن سڄي رات مجرو ڪيو ھو. وڏي اسر مھل کيس ھڪ سيٺ جي حوالي ڪيو ويو ھو، جنھن سندس جوڀن جي قيمت پنج ھزار روپيا ڏني ھئي. سيٺ کي وٽس برابر پندرھن ڏينھن رھڻو ھو، پر ھن پھرين رات جي ئي بچت، ٽن چئن ڪلاڪن ۾ کيس اھڙي طرح ڇيڇاڙيو ھو، جو سندس ڪاري رنگ جي ڪاراڻ ھن جي سون جھڙي رنگ ۾ ملي ھن جي ڳلن ۽ سيني تي ڪارا ڪارا دٻڪ ڇڏي وئي ھئي ۽ ڪا مھل کيس داغيل انب جيان ڪري ڇڏيو ھئائين. پوءِ کڻي ٿوري دير بعد جواني٤ جي رت انھن ڪارن ڪارن دٻڪن کي پنھنجي تيز وھڪري ۾ گم ڪري ڇڏيو ھو، پر تھ بھ ماڻس کي اھا ڳالھھ ڪانھ وڻي ھئي ۽ سيٺ کي پنھنجي منھن ڇنڊ ڪڍي ھئائين. عام حالتون ھجن ھا تھ ماڻس کي ھرو ڀرو ايتري تڪڙ ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونھ ھو. ھن کي مس مس سڪي سڪي اھا ڌيءُ ڄائي ھئي ۽ کيس پنھنجي ڪراڙپ جو توشو سمجھي وڏي ناز انداز سان پاليو ھئائين. ھوءَ پنھنجي گل جھڙي نازڪ ۽ سھڻي ڌيءَ ڪنھن جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ڏھ ڀيرا سوچي ھا ۽ خريدار کي روڪ روپئي وانگر وڄائي وڄائي پوءِ ئي ماڻڻ ڏئي ھا، پر ان حالت ۾ کيس وڌيڪ ترسڻو ڪونھ ھو. ھن کي حڪومت جي ان بندش واري قانون جي خبر پئجي وئي ھئي، جنھن جون ڪاروايون مولوين جي فتوائن سان گڏ اخبارن ۾ اينديون ھيون ۽ جن سڄي برادريءَ مي چوٻول وجھي ڇڏيو ھو. منڍ ۾ تھ ھن ان قانون جي ڪا خاص پرواھ ڪونھ ڪڍي ھئي. رڳو ڊني ڀؤ کان ايترو ڪيو ھئائين جو ٽائيپ واري کان پندرھن ويھھ درخواستون ڪڍرائي مٿي موڪلي ڇڏيون ھئائين. پھرين تھ برادري وارين بھ ان قدم سان اتفاق ڪري چندو ڏنو ھو ۽ درخواستن تي صحيحون ڪيون ھيون، پر پوءِ ھو بھ ڍريون ٿي ويون ھيون ۽ ان قانون کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ وقت وڃائڻ بدران سمورو وقت ڌنڌي جي بلي ڪري ڇڏيو ھئائون. اڳي رات جا ٽي چار ڪلاڪ ڌنڌو ڪري ٻانھن سيراندي ڪيون، سمھي پونديون ھيون ۽ صبوح جو دير سان اٿي ھار سينگار ڪري ٽولا ٺاھي بازار جا چڪر ھڻنديون وتنديون ھيون، پر پوءِ ھر ڪنھن کان ننڊ آرام وسري ويو ھو ۽ ان بچت واري عصي ۾ گھڻي کان گھڻو ڪمائڻ خاطر پنھنجي ڌنڌي جو وقت بھ وڌائي ڇڏيو ھئائون ۽ ريٽ بھ گھٽائي ڇڏيا ھئائون. پر ھن کي تڏھن بھ پنھنجي درخواست تي وڏو ڀروسو ھو ۽ پنھنجو نيم ڪونھ مٽيو ھئائين. پوءِ ھڪ ڏينھن وٽس رمضان دلال آيو ھو ۽ کيس ان گھري ننڊ تي ڇينڀيو ھئائين. تڏھن بھ اھا ڳالھھ وزن ۾ ڪونھ آندي ھئائين ۽ وڏي مگر سان چيو ھئائين: ”ھون، اھڙا قانون بھ ڪڏھن پاس ٿيا آھن. رمجو اڳي انگريزن جي وقت ۾ جو ملن اھڙا بيان ڏنا ھئا تھ پوءِ ڇا ٿيو ھو؟“

”ان وقت ڪرستانن جي حڪومت ھئي شمشو ٻائي، ھاڻي مسلمانن جي آھي.“

”ھون، ڄڻ تھ مسلمان سڀني کي بندش ۾ پاڪ ڪري ڇڏيندا.“

رمجو کي شمشاد ٻائي جي ان انڌي عقل تي جک آيا ھئا. ھن جو عقل کاڄي ويو ھو. ھوءَ پنھنجو بھ ٽِڀو اونڌو ڪري رھي ھئي تھ سندس دلالي بھ وڃائي رھي ھئي. ھن لاچار واپس موٽڻ جو ارادو ڪيو ھو تھ اوچيو کيس کيسي ۾ پيل اخبار ياد ائي ھئي، جا ھن خبر پڙھي خار ۾ مروڙي سروڙي کيسي ۾ وڌي ھئي. ھن سٽ ڏئي اخبار ڪڍي ھئي ۽ کيس قانون جي ٽين پڙھڻي جي خبر ٻڌائي ھئائين.

”اھا وري ڇاھي“ شمشو ٻائي کانئس پڇيو ھو.

”بس چون ٿا تھ ان ٽين پڙھڻي کان پوءِ قانون پاس ٿي ويندو.“

”تھ حڪم مولا سان اھا مئي ٽين پڙھڻي ئي ڪانھ پڙھبي. منھنجون رجسٽر درخواستون بھ وڃي پھتيون ھونديون.“

رمجو مايوس ٿي اخبار وري کيسي ۾ وجھڻ تي ھو جو شمشاد ٻائي جي نظر ان خبر جي وچ ۾ ڇپيل فوٽي تي پئجي وئي ھئي. اھو ڦوٽو ايمبلي جي اسپيڪر جو ھو ھو، جو مولانا ٽائيپ ھو ۽ کيس باشريعت سونھاري ھئي. شمشو ٻائي فوٽو ڏسي بڇڙو ٻوٿ ڪيو ھو ۽ رمجو کان پڇيو ھئائين: ”ھي ماريو ڪير آ، رمجو؟“

”اسيمبلي جو اسپيڪر آ، جيڪو قانون پاس ڪندو.“

اھو ٻڌي شمشو ٻائي جي منھن مان رت ڇڏي ويو ھو، ھوءَ روئڻھارڪي ٿي وئي ھئي ۽ ذري گھٽ روئندي رمجو کي چيو ھئائين:

”رمجو...... رمجو، جي ھي ماريو ملو اسپيڪر آ تھ قانون پڪ پاس ڪندو.“

”مان بھ تھ ان ڪري ئي پئي رڙيون ڪيون.“

”پوءِ ڇا ڪيون رمجو؟“

”ٻيو ڇا ڪندينءَ شمشو ٻائي؟ ڪو نيلم جو بلو ڪر.“

”پر رمجو، ھوءَ تھ اڃا ننڍي آھي.“

”تنھنجي مرضي، پر پوءِ ھٿ ھڻندينءَ.“

”مون کي تھ ڪجھھ ئي سمجھھ ۾ نٿو اچي، جيڪي توکي وڻي سو وڃي ڪر.“

رمجو اھو ڪيو ھو جو ٽن چئن ڏينھن ۾ ڊڪي ڊوڙي سيٺ ڪريم کي ھٿ ڪيو ھئائين، جو اھڙين ڳالھين جو شوقين ھو. شمشو ٻائي بھ ٻ٠ي ٻيڙيءَ جون ھريڙون بھ ڀليون سمجھي پنھنجي سھڻي ڌيءُ کي سيٺ جي حوالي ڪيو ھو. سيٺ بھ ھر حال ۾ راضي ھو. انب ڪچڙو ھو تھ بھ انب ھو ۽ سٺيءَ جنس مان ھو. ھونئن بھ ڪچو انڀ ٿڌو ٿيندو آھي ۽ خيال سان کائجي تھ مٺو تھ ٿيندو آھي. مربا ۽ چٽڻيون بھ ڪچن انبن مان ٺھنديون آھن؛ ھو عادي بنيادي واپاري ھو ۽ سڄي عمر عقل ۽ ٽپڻي جي مدد سان لکين روپيا ڪمايا ھئائين. ھن کي ٽن سالن اڳ جي ڳالھھ ياد ھئي، جو کنڊ ۽ لوڻ تي ڪنٽرول لڳو ھو تھ بازار مان مال بلڪل غائب ٿي ويو ھو ۽ پوءِ جي چور بازار مان ملندو ھو تھ واپاري ٽيڻن چوڻن اگھمن کان سواءِ مال ڏيکاريندا بھ ڪونھ ھئا. ھن جنس تي بھ ڪنٽرول پوڻ وارو ھو. ھو نيلم کي ڏسڻ شرط صحيح ڪري ويو ھو تھ ھن سودي مان گھاٽي جي بجائي نفعو ئي نفعو ھو. ھن ھڪدم سودو کرو ڪيو ھو ۽ سوٿي جي رقم ڪڍي ڏني ھئائين.

نيلم بھ کڻي ٿوري ڪچي ھئي، پر ھروڀرو ايتري اڻ ڄاڻ ڪونھ ھئي. ھن کي اھا خبر ھئي تھ ھن سان بھ اھا ئي ڪار ڪئي ويندي، جا برادريءَ جي ٻين ڪنوارين ڇوڪرين سان ٿيندي ھئي، جن جي نڪن ۾ سونيون بولڙيون پيون ھونديون ھيون. ھنن جو نڪاح بھ اھو ھو تھ لائون بھ اھي ھيون. پر ھن جي ذھن ۾ يا تھ ڪاليج جو ڪو ڀورو ڳاڙھو ڇوڪرو ھو يا ڪنھن فلم جو ھيرو، جو ھيروئن جي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي نچندو ڪڏندو گانا ڳائيندو وتندو ھو. ھن جو انھن جي بجاءِ ھڪ ڪاري رم بدصورت واپاري کي ڏٺو، جنھن کيس ائين اٿلايو پٿلايو ۽ مروڙيو سروڙيو جيئن ھر جنسن ڏسڻ وقت ان کي ھٿ ۾ زور سان مھٽي، ڏرائي، چڱي ۽ چٻاڙي ڏسندو ھو تھ ھن کي ان واپاري مان رتي جيترو مزو اچڻ بدران مورڳو نفرت ٿي وئي ھئي. پر جيئن تھ پندرھن ڏينھن جو ڪاٻارو لکيل ھو، ان ڪري ھن کي لاچار اکيون ٻوٽي اھي ڏينھن گذارڻا ھئا، پر ان مدت گذارڻ کان پوءِ بھ ماڻس کيس ڪا مھلت ڪونھ ڏني ھئي ۽ باقي بچيل ٿورن ڏينھن ۾ گھڻي کان گھڻو ڪمائڻ خاطر کيس بنا ساھيءَ جي خوب وھايو ھئائين. پوءِ سندس جند مس مس تڏھن ڇٽي ھئي، جڏھن قانون پاس ٿي ويو ھو ۽ سڄي بازار ۾ پوليس بيھجي وئي ھئي. ان ڏينھن ھوءَ تھ ڏاڍو خوش ٿي ھئي، پر ماڻس جا تھ کنڊ جا جھاز ٻڏي ويا ھئا ۽ ٻئي ڏينھن مٿو ٻڌيون ھنڌ ۾ پئي ھئي.

پوءِ بھ اھا ساڳي بازار ھئي، اھي ئي ساڳيا ڪوٺا ھئا، اھي ئي ساڳيا شرابن ڪبابن جا دوڪان ھئا ۽ اھي ئي ساڳيون سؤ پاور جي بلبن جون تيز روشنيون ھيون، پر تنھن ھوندي بھ ڳالھھ ٻي ٿي ويئي ھئي. اڳي ھر ڪنھن ڪوٺي جا در پندرھن منٽن يا اڌ ڪلاڪ کان پوءِ پيا کلندا ۽ بند ٿيندا ھئا، بتيون ٻرنديون وسامنديون ۽ وري ٻرنديون ھيون، ماڻھو ماڪوڙن وانگر سوڙھين سوڙھين ڏاڪڻين تي پيا چڙھندا ۽ لھندا ھئا ۽ ڪا روڪ ٽوڪ ڪانھ ھوندي ھئي، پر پوءِ ڏھ ٻارھن سپاھي سرنھن جو تيل پيتل لٺيون ۽ ڏنڊا کنيون پيا رائونڊ ھڻندا ھئا. ڪنھن ڪوٺي ۾ ٿورو شڪ پوندو ھون تھ ھڪدم ڇاپو ھڻندا ھئا. جي ٻنھي ڌرين کي شڪي حالت ۾ ڏسندا ھئا تھ پوءِ بي عزتيون ٿينديون ھيون، گرفتاريون ٿينديون ھيون ۽ سزائون ملنديون ھيون. پر جي ڪنھن کي ايلازن منٿن تي ڇڏيندا ھئا، ايترو تھ ڦريندا ھئا جو ٻئي ڌريون ان عيش ۽ ڪمائيءَ کان توبھھ ڪري وينديون ھيون. ھوريان ھوريان سڄي بازار خالي ٿيندي پيئي ويئي ۽ باقي اھي بچيون ھيون، جن جي آواز ۾ جادو ھو ۽ جن جي پيرن ۾ پيل گھنگھرن ۾ مستي ھئي. شمشو ٻائي بھ پھريون سازندا گڏ ڪري ان قسم جي ڪاروبار جي شروعات ڪئي ھئي، پر سندس بدنصيبي جو ڌيڻس ۾ سونھن تھ ھئي، پر سر ڪونھ ھو. ھونئن ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ سندس آواز اھڙو ھو جو ڄڻ ڪنھن ستار کي آڱرين سان ٿورو ڇيڙي ڇڏيو ھجي، پر ڳائڻ ۾ اھو ئي آواز بدلجي ڪنھن تارن ڇڳل ستار وانگر بي سرو ٿي پئي ويو. ماڻھو تھ مفت ۾ ريڊين ۽ فونن جي سريلن آوازن تي ھريل ھئا، تن پئسا ڏئي ڪيئن پئي اھڙو بي سرو راڳ ٻڌو. ماڻھن اچڻ بند ڪيو تھ سازندا بک مرڻ لڳا ۽ ھوريان ھوريان پنھنجا طبلا ۽ ھارمونيون ويڙھي جو گھر ويا تھ وري موٽ ڪونھ ڪيائون. شمشو ٻائي انھن ڏينھن ۾ وري مٿو ٻڌي ھنڌ ۾ ڪرڻ تي ھئي جو ھڪ ڏينھن سندس ساھيڙي سروري ڌيءُ سوڌو وٽن آئي ھئي. سروري جي ڌيءَ مٿي کان پيرن تائين سون ۾ ڳتي پئي ھئي. شمشو ٻائي سندس اھي ٺٺ ڏسي حيران ٿي پئي ھئي. اھڙا ٺٺ تھ سروري وارين انھن ڏينھن ۾ بھ نھ ڪيا ھئا، جڏھن ڌنڌو چالو ھو، بازار ۾ رھنديون ھيون. ٻئي گھريون ساھيڙيون ھيون. ٻنھي راز نياز ۽ ڪن ڳالھيون ڪيون ھيون، جن جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو جان سروري واريون کائن موڪلائي ويون تھ شمشو ٻائي سامان ۾ ھٿ وڌا ۽ ٽن ڏينھن ۾ سوسائٽي جي ھڪ اھڙي بنگلي ۾ لڏ لاٿي ھئائين، جنھن جي ٻاھران سلائي جي اسڪول جو بورڊ لڳل ھو. نيلم جنھن سڄي عمر ننڍڙي سوڙھي ڪوٺي ۾ گذاري ھئي، تنھن ايڏو ڪشادو بنگلو ڏسي خوشيءَ مان ماءُ کان پڇيو ھو:

”امان اسان ھاڻي ھتي رھنداسين؟“

”ھا، توکي وڻي ٿو نھ ھي گھر.“

”ڪنھن کي نھ وڻندو – ڪيتري مسواڙ آ ھن جي؟“

”چار سؤ روپيا مھينو.“

”ايترا پئسا ڏئي سگھندينءِ؟“

”روزي وارو پاڻھي ڏيندو – تون جو ويٺي آن.“

پر نيلم تنھن ھوندي بھ اھا ڳالھھ ڪونھ سمجھي ھئي. ھن ليکي تھ ماڻس وري ناچ گاني جو ڌنڌو شروع ڪندي. ھن کي تھ ان ڳالھھ جو خيال خواب بھ ڪونھ ھو تھ ماڻس ان بندش واري قانون کان پوءِ بھ کانئس ڌنڌو ڪرائيندي. ھن کي تھ تڏھن خبر پيئي ھئي جڏھن ھڪ سومھڻي جو ڀاڻس منظور، کيس پنھنجي ڪمري مان اٿاري گول ڪمري ۾ وٺي آيو ھو، جتي ھڪ نوجوان پنھنجي ھوسناڪ اکين سان سندس انگ انگ کي تڪي رھيو ھو. ھن جون ڳاڙھيون اکيون ان ڪسوٽي وانگر ھيون، جن تي سون، سون ٿيندو آھي ۽ ڪچ ڪچ ٿيندو آھي. ھن جون اکيون نيلم ۾ ئي کتيون رھيون ھيون ۽ زبان منظور سان ڳالھائڻ لڳي ھئي: ”گھڻو وٺندين رات جو؟“

”ھتي رھندؤ يا وٺي ويندؤ؟“

پر سيٺ جي اڌ ڄمار ان شوق ۾ گذري ھئي. پرائي ۽ پنھنجي گھر ۾ وڏو تفاوت آھي. پنھنجو گھر نيٺ پنھنجو گھر آھي. ھونئن بھ ھي داڻو تھ وري اھڙي ھنڌ وٺي وڃڻ جھڙو ھو، جتي ٻئي ڄڻا اڪيلا ھجن ۽ ڪوھن ۾ ڪو ڪونھ ھجي. پوءِ ڪا ٽين شيءِ ھجي تھ پراڻي شراب جي بوتلن جي ڀريل ٽوڪري ھجي. ھن چيو ھو: ”پنھنجي گھر وٺي ويندو سانس.“

”ڇڙو ٽي سؤ روپيا صاب.“

اھا سموري بازي ٻڌي نيلم لاءِ وڌيڪ ويھڻ مجال ھو. ھن کي پنھنجي ماءُ ۽ ڀاءُ تي جڪ آيا ھئا. ھوءَ پنھنجي ڪمري ۾ ھنڌ تي اچي ڪري ھئي ۽ پنھنجي بيوسي تي روئڻ لڳي ھئي. ٿوري دير کان پوءِ ماڻس سندس ڪمري ۾ اچي کيس تيار ٿيڻ لاءِ چيو ھو تھ ھن تکائي سان چيو ھو: ”نھ، مان ڪونھ ويندس.“

شمشو ٻائي سمجھو تھ شايد نيلم ٻاھر اڪيلو وڃڻ کان گھٻرائي ٿي. ھن کي ڌيءَ سان رھندو ھمدردي ٿي ھئي، جو اڳي برابر ائين ڪونھ ٿيندو ھو. بازار ۾ تھ ڪوٺي ۾ ئي رھڻو پوندو ھو ۽ ٻاھر وڃڻو نھ پوندو ھو، پر بنگلن ۾ اھڙو ئي رواج ھو. نيلم کي سمجھائيندي چيو ھئائين: ”من، جھڙو ديس تھڙو ويس. پر توکي مان اڪيلو نھ موڪليندس، ڀاڻين گڏيو ھلندءِ.“

”تون سمجھين ئي ڪونھ ٿي – مان ڌنڌو ئي نھ ڪنديس.“

”ھان!“ شمشو ٻائي جي پيرن ھيٺان زمين، مٿان ڇت ڦرڻ لوي.

”ھا، مان ھي ڌنڌو نھ ڪنديس.“ نيلم انھيءَ پختي ارادي سان چيو ھو.

”اھو وري ڪيئن؟“ شمشو ٻائي اکيون ڪرڙيون ڪيون ھيون.

”ڪنو ڪم آھي.“

”ماڻھين ۽ نانھين ڇا ڪنديون ھيون؟“

”انھن سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ مون کي نٿو وڻي.“

”وڻڻ سا نھ وڻڻ جو ڪھڙو سوال آ ڇوري – اسان کي تھ ڪرڻو آھي، ڌنڌو جو ٿيو.“

”حڪومت جي بندش آ.“ نيلم کي ٻيو سريلو جواب سجھيو ھو.

 

”پوءِ ھتي ڌنڌي ڪرڻ جي موڪل پڻھين ڏني آ ڇا؟ پورا پنج سؤ منٿلي ٻولائي آ، اٿ حرامزادي، ڇڏ نخرا.“

”نھ مان ڪونھ وينديس.“

اتي شمشو ٻائي کي چوچڙي وٺي وئي. اھڙو ضد ۽ ھٺ تھ اھي ڇوڪريون بھ نھ ڪنديون ھيون، جي دلال گھر مان زوري ڀڄائي کڻي ايندا ھئا ۽ بازار ۾ وڪڻندا ھئا. اھري پھريون پھريون ٿورو گوٿ ڪنديون ھيون تھ شمشو ٻائي جي ھڪ ئي ھڪل ڪافي ھوندي ھئي. شمشو ٻائي خار ۾ نيلم کي چوٽيءَ کان جھلي ٻھ ٽي ٿڦوڙا ھنيا ھئا. ھٿ سور ڪرڻ لڳا ھئس تھ وري چمپل کنئي ھئائين، پر نيلم کي ان مار بھ ڪو اثر ڪونھ ڪيو ھو. لاچار شمشو ٻائي کيس ڇڏي منظور کي سڏيو ھو. ھو اھا ڳالھھ ٻڌي گرم ٿي ويو ھو ۽ ٻانھون کنجيندي چيو ھئائين: ”امان مون کي ڇڏ تھ ھن کي ٺاھيان.“

شمشو ٻائي سياڻي ھئي ۽ سڄي عمر ان ڌنڌي ۾ آندي ھئائين. ھن سمجھو ھو تھ مارڻ ڪٽڻ مان ڪو فائدو نھ پوندو. سو پٽ کي ٻاھر گھلي ھوريان سمجھايو ھئائين:

”منظور، ٽنگ ڀڳي مان ويل ڪونھ ويندي، پر دل ڀڳي کي مار مان بھ ڪجھھ ڪونھ ورندو. مان اڳ ۾ ئي کيس گڏھ وانگيان ڪٽيو آھي، رھندو تون ماريندينس تھ ڦاسو کائي مرندي.“

”پوءِ؟“ منظور ڳالھھ ھنڊائيندي پڇيو ھو.

”تون گراھڪ کي ڪو بھانو ڏيئي موٽاءِ - مان ھن کي پاڻھين گھيتاري گھيتاري راھ تي آڻيندس.“

ھن جو لڱ لڱ سنڌ سنڌ سور ۾ ٻريو پيو ھو تھ بھ ھن کي پرواھ نھ ھئي. ھوءَ يڪو ان سوچ ۾ ھئي. ھن کي ان ڌنڌي سان سخت نفرت ھئي. پھريون پھريون بازار ۾ ان ڌنڌي جي عام اجازت ھئي تھ ھن کي ان مان نڪرڻ جي ڪا واٽ ڪونھ ھئي. پوءِ ھن کي ان بندش واري قانون جي خبر پئي ھئي تھ ھن دل ئي دل ۾ وپقت جي حڪومت کي لکين دعائون ڪيون ھيون. ھوءَا گراھڪن سان منھن ڏيندي بھ ان مبارڪ ڏينھن جو انتظار ڪندي ھئي، جڏھن اھو ڌنڌو قانوني طور بند ٿيڻو ھو. پر ھن کي ان ازل جي تھ خبر ئي ڪانھ ھئي تھ وري ماڻس پوليس سان بندوبست ڪري کانئس ڌنڌو ڪرائيندي. جي پھريون ئي کيس اھا خبر ھجي ھا تھ ھوءَ ان وقت ئي گھر ڇڏي ڀڄي وڃي ھا. پر کيس ڪو ھڏ – ڏوکي مائٽ بھ تھ ڪونھ ھو. ھن جو پيءُ تھ الاجي ڪھڙي ڪاپار ۾ لڪل ھو. الائي جيئرو بھ ھو يا نھ. ٻيو تھ ڪير ئي ڪونھ ھو – جي ماما ھئا تھ بھ اھو ئي ڌنڌو ڪندا ھئا ۽ جي ماسيون ھيون تھ بھ اھو ئي ڌنڌو ڪنديون ھيون. ھن لاءِ ھتان ڀڄڻ بھ ڏکيو ھو تھ ھتي رھي، ڌنڌو ڪرڻ بھ ڏکيو ھو. ماڻس تھ اڃا زال ذات ھئي، پر سندس ڀاءُ منظور تھ وڏو ظالم ھو. ھن مان تھ ڪنھن بھ رحم جي ڪا اميد ڪونھ ھئي. ھوءَ پنھنجي بيوسي ۽ لاچاريءَ تي روئڻ لڳي ھئي. پوءِ اوچتو اوچتو ان ڪاري ٻاٽ مان کيس باک ڦٽندي نظر آئي ھئي. ھن کي ان اداري جي يادگيري اچي وئي ھئي، جنھن جو ذڪر اڪثر اخبارن ۾ ايندو ھو، جتي يتيم لاوارث ڇوڪريون رھنديون ھيون. اتي کين امان ڏني ويندي ھئي، پڙھايو ويندو ھو ۽ ھنر سيکاريا ويندا ھئا. صبح جو ساجھر جڏھن گھر جا ڀاتي اڃا سمھيا پيا ھئا، تڏھن ھوءَ گھر مان نڪري ھئي ۽ ڪورٽ کي گذارش ڪئي ھئائين تھ ھوءَ يتيم ۽ لاوارث آھي، کيس دارالفلاح ۾ امان ڏني وڃي. ماجسٽريٽ کانئس دستوري بيان وٺي دارالفلاح اماڻيو ھو.

ٽين رات جو سومھڻي مھل ھوءَ پنھنجي ڪمري ۾ سمھڻ جي خيال سان ليٽي پئي ھئي جو ماسي شادان وٽس لنگھي آئي ھئي. ھن گھر ۾ جيڪي عورتون ڇوڪرين جي سار سنڀال لاءِ رھنديون ھيون، سي سڪ ۽ قرب ۾ ماسيون سڏبيون ھيون، پر انھن سڀني ۾ ماسي شادان وڌيڪ سرڪردي ۽ معتبر ھئي. ڇوڪريون ھن جو لھاظ بھ رکنديون ھيون تھ ڪنبنديون بھ ھيون. ھن جي اداري جي صدر وٽ سڌي پھچ ھئي ۽ ڇوڪرين جي چال چلت جي رپورٽن جو ڪم بھ مٿس رکيل ھو. ھوءَ ڪنھن ڇوڪري مان ناراض ٿيندي ھئي تھ ان کي وڌيڪ ھڪ منٽ بھ رھائڻ بدران ھڪدم ڪڍيو ويندو ھو. ان ڪري سڀئي ڇوڪريون کيس راضي رکڻ جي ڪوشش ڪنديون ھيون. ھن اچڻ سان نيلم کي چيو: ”نيلم، توکي صاحب ٿو سڏي.“

”ڪھڙو صاحب ماسي؟“

”ھتي ھڪڙو ئي تھ صاحب آ ڇوڪري، ھن اداري جو صدر.“

”ڇو ٿو سڏي؟“

”توکان وارثن جي پڇا ڳاڇا ڪندو، پوءِ انھن جي ڳولا ڪندا.“

”پر ماسي، مون کي تھ ڪو مٽ مائٽ ڪونھي.“

”اھو بھ پاڻ ھلي ٻڌائينس نھ.“

نيلم کٽ تان اٿي، شلوار جي ورن کي ٺاھي، رئي جو پلئھ مٿي ۽ پيرن تي ٺاھيائين ۽ ماسي جي ڪڍ لڳي ورانڊو ۽ اڱڻ لتاڙي، جڏھن ھو صاحب جي آفيس ٻاھران پھتيون تھ ماسي شادان کيس ھوريان سمجھائيندي چيو:

”نيلم منھنجو چوڻ وٺندينءَ تھ ھتي سکي رھندينءَ، ٻي صورت ۾ توکي سڀاڻي ڪڍي ڇڏيندا.“

”ھا ماسي، جيڪي چوين.“

”بس تھ صاحب جو لحاظ رکجانءِ. فضيلت سان ڳالھائي سندس دل وٺندينءَ تھ توکي پڙھائي سٺي نوڪري وٺرائي ڏيندو.“

”ھا ماسي مان چري ٿورو ئي آھيان.“

”ھا آھين تھ سياڻي پر چيم متان بھ..... چڱو تون ھتي ترس تھ ڏسان تھ واندو ويٺو آ يا نھ.“

”پر ماسي منھنجي پارت ھجئي، منھنجي سفارش ڪجانس.“

شادان کيس دلجاءِ ڏيندي دروازي مان اندر ھلي وئي ھئي. ٿوري دير کان پوءِ اندران ھڪ ٿلھو ڳورو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو شادان کان پڇي رھيو ھو:

”شادان، نئين آيل ڇوڪري آندي اٿئي؟“

”ھا صاحب.“

”آھي ڪنھن ڪم ڪار جي؟“

”ھا صاحب، ڏاڍي سٺي ڇوڪري آھي. کيس ھتان نھ ڪڍجو.“ ماسي شادان ڏاڍيان چيو.

نيلم در جي ٻاھران ماسي شادان جي سفارش ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ويئي. ماسيءَ جيڪا پرپٺ گھڻگھتائي ڪئي ھئي، سا وسارڻ جوڳي ڪانھ ھئي. ھن دل ئي دل ۾ پڪو پھھ ڪري ڇڏيو تھ واپس موٽڻ سان ئي ماسيءَ جو اھو ٿورو لاھي ڇڏيندس ۽ پنھنجن ٽن چئن جوڙن مان ھڪ جوڙو کيس ڏئي ڇڏيندس. ھن کي دل ئي دل ۾ انھن ڇوڪرين تي عجب پئي ٿيو، جي ھھڙي مھربان ماسيءَ کان ڊڄنديون ھيون. ھوءَ انھن ئي خيالن ۾ ھئي جو ماسي شادان در تي اچي کيس اندر اچڻ جو اشارو ڪيو.

نيلم رئي جو پلئھ مٿي ۽ سيني تي ٺاھيو ۽ ماسي شادان پٺيان ڪمري ۾ داخل ٿي. ٻي گھڙي ھن پنھنجيون جھڪيل اکيون مٿي کنيو. ھن ڏٺو تھ سامھون ٻيو ڪوئي ڪونھ، پر سندس پھريون خريدار سيٺ ڪريم ويٺو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com