ڪرنٽ
مان ھن سان ڪاوڙجي اچي ڊرائنگ ۾ ديوان تي سمھيو
آھيان. منھنجو سمورو جسم اگھاڙو آھي، پر اھو ھن
ورھ پاري ۾ بھ کوري جيان پيو ٻري ۽ سموري جان مان
پگھر پيو ٽمي. ھنن وڏين فرانسيسي درين مان ايندڙ
ٿڌي ھوا جا جھوٽا بھ منھنجي جان کي ڪونھ ٿا ٺارين،
پر رھندو اندر جي باھ کي پيا ڀڙڪائن. ھھڙيون ٿڌيون
راتيون ديوان تي اڪيلي سمھڻ لاءِ ڪونھ آھن. ھھڙين
راتين ۾ تھ ڪو وڪٽورين ٽائيپ ڊبل بيڊ ھجي، جنھن ۾
ٻھ جوان گرم جسم ھجن ۽ جن جون دليون ھڪ سر ھڪ تال
۾ پيون ڌڙڪن. منھنجي ڪمري ۾ اھڙو وڪٽورين بيڊ بھ
آھي ۽ ان ۾ ھڪ جوان جسم بھ آھي، پر مان ھن سان
ڪاوڙجي اچي ديوان تي سمھيو آھيان.
مان ھن جي اگھاڙين پيرن اچڻ جو آواز ٿو ٻڌان. ھوءَ
مون کي پرچائڻ پئي اچي. مان ڏانھنس ڪونھ ٿو
نھاريان، ائين ئي ٻانھن ۾ منھن لڪايو پيو آھيان.
ھوءَ ديوان جي ويجھو اچي ھٿ سان منھنجي اگھاڙي
پٺيءَ کي ڇھي ٿي. مان سندس ھٿ خار ۾ پري ٿو سٽيا.
ھوءَ مون کي وري ٻانھن کان وٺي چوي ٿي: ”اٿي اندر
ھلي سمھو.“
”ڪائي ضرورت ڪونھي، مان ھتي چڱو ھان.“
”ھتي ڏاڍي ٿڌ آ.“
”توسان گڏ وري ڪھڙي گرمي آ؟ اتي بھ تھ ساڳي ٿڌ آ.“
ھوءَ ڪو جواب ڪونھ ٿي وئي. مان وري خار ۾ کيس چوان
ٿو: ”تو مون کي سک ڪھڙو ڏنو آ، جو اندر ھلي
سمھان.“
”اٿو اندر تھ ھلو.“
”ساڳيو شرط آ.“
”ڪھڙو؟“
”بتي ٻرندي ۽ تنھنجي بت تي ليڙ بھ ڪونھ ھوندي.“
”مون کان اھڙي بيحيائي ڪون پڄندي.“
”پوءِ مون ڏي آئينءَ ڇو، جي اھا قبول نھ ھئيءِ؟“
”شرم حيا بھ ڪا شيءِ آ آخر.“
”ڪنھن سان شرم ۽ ڪنھن سان حياءُ؟ مان تنھنجو ھسبنڊ
آھيان مئڊم.“
”مان بھ توھان جي وائيف آھيان، مون کي بھ وائيف
ڪري سمجھو.“
”نھ تھ مان توکي ڇا ٿو سمجھان؟“
ھوءَ چپ.
”ٻڌاءِ نھ؟“ مان وري کائنس ٿو پڇان.
”توھان چاھيو ٿا تھ مان توھان سان ڪيپ جيان ٽپان
ڪڏان، اھو مون کان ڪونھ ٿيندو، ڀلي پيا ڪاوڙجو.“
”مئڊم، توکي اھا خبر آھي تھ ماڻھو وائيف ھوندي ڪيپ
ڇو رکندا آھن“
”مون کي ڪھڙي خبر.“
”مان توکي ٻڌايان، ٻڌندينءِ؟“
”ٻڌايو.“
”جڏھن اھي تو جھڙين بيگمات جي پڙ پئجي ويندا آھن،
جي حقيقت ۾ عورتون نھ ھونديون آھن.“
”چئبو تھ مان بھ عورت ناھيان.“
”نھ تون بھ عورت ناھين.“
”پوءِ ڇاھيان؟“ ھوءَ خار مان پڇي ٿي.
”تون فلڪو جو فرج آھين، ٻاھران سھڻي اندران يخ.“
مان سندس موٽن جو آواز ٿو ٻڌام. ھوءَ خار ۾ پير
سٽيندي ٿي وڃي.
منھنجي وائيف جي تنڌ تنڌ، نس نس پيار سان واندڪائي
۾ ٺھيل آھي. ھن جو جسم وينس جي بت جيان ھر لحاظ
کان مڪمل آھي ۽ ان ۾ ڪٿي بھ فالتو ماس ڪونھي. سندس
وھسڪي جھڙي سونھري چمڙي، ساتن جھڙي ترڪڻي آھي.
سندس ڄنگھون شئمپن باتل جھڙيون متناسب آھن ۽ سندن
ڇاتيون فرانسيسي ڪانج جا ٻھ شفاف گول شئمپن پيگ
آھن. سندس اکيون سدائين خماريل ھونديون آھن ۽ سندس
چپن مان مون کي وائين جو مزو ايندو آھي. مون کي
ساڻس شادي ڪئي ٻارھن مھينا ٿيا آھن، پر ھر ڀيري
مون کي ھوءَ ھماليھ جبل جي ڪا اڻ سر ٿيل چوٽي
لڳندي آھي. مون پھريون ڀيرو کيس ميلاد جي فنڪشن ۾
ڏٺو ھو، جيڪو ممي نئين گھر جي خوشيءَ ۾ ۽ پاڙي
وارن ڪيو ھو تھ مون جيڪو اٺ سال عرصو يورپ ۾
گذاريو ھو، سو محض ڌوڙ پاتي ھيم. مان کيس حاصل ڪرڻ
لاءَ پنھنجي پئرنٽس سان رسيو ھوس. کين ايلاز ڪيا
ھيم ۽ واپس يورپ وڃڻ جا دڙڪا ڏنا ھئم. ممي مون کي
ٻھ ٽي ڀيرا سمجھايو ھو تھ اھا فئملي لوئر مڊل ڪلاس
جي ھئي ۽ ان جو سانن ڳنڍجڻ تمام مشڪل ھو. مميءَ
مون کي آفر ڪيو ھو تھ مان پنھنجي ڪزن شازيءَ کي
پروپوز ڪيان، جا ڪانوينٽ ۾ پڙھي ھئي ۽ ھر لحاظ کان
ڪلچرڊ ھئي. مون مميءَ کي صاف ٻڌايو ھو تھ جي
منھنجي شادي ٿيندي تھ ان سان، نھ تھ بنھھ ڪونھ.
مميءَ مون کي خار ۾ چيو ھو: ”واءِ ڊونت يو انڊر
اسٽئنڊ. ھوءَ تمام آرٿوڊڪس فئملي جي آھي ۽ سندس
فادر باءِ فيس ۽ باءِ نيچر مولانا ٽائيپ آھي. ھو
اسان سان رشتو ڳنڍڻ نھ چاھيندو.“
”ممي تون ٽراءِ تھ ڪر، آخر ھن کي ڪھڙو آبجيڪشن ٿي
سگھي ٿو؟ آخر اسان بھ تھ مسلمس آھيون.“
”ڊونٽ بي سلي پپو، تو ھن جي فادر کي نھ ڏٺو آ.“
”ھو اسان سان مڪس – اپ ٿيڻ نھ چاھي ھا تھ پنھنجي
فئملي اسان جي گھر ڇو موڪلي ھا؟“
”فئملي موڪلڻ ۾ ڇا آھي؟ آخر تھ نيٺ اسان جو
پاڙيسري آھي.“
”ڀلا ٽراءِ ڪرڻ ۾ ڇاھي، واٽ از دي ھارم؟“
”انڪار جو ڪن تھ ڪھڙو سمال فيل ڪنداسين؟“
”انڪار نھ ڪندا، آءِ ول آل سو ٽراءِ آن ماءِ
سائيڊ.“
”پر ڇوڪريءَ جي نالي جي خبر اٿئي؟“
”نو آءِ ڊونٽ.“
”خديجا، وات اي فني نيم.“
”ان نالي ۾ ڇاھي. آءِ لائيڪ دي نيم. اڄڪلھھ تھ
اھڙن نالن جو فيشن آ.“
”پر تون ان نالي مان ٿو سمجھين تھ ھو ڪھڙا نھ
رليجس مائينڊيڊ آھن. جڏھن تھ تون ھڪ دفعو بھ پريئر
آفر نھ ڪندو آھين.“
”ڇو ممي، مان ھن عيد تي آفر نھ ڪئي ھئي.“
”ونس ان اي ييئر ۾ ڇا ٿو ٿئي. اھا فئملي تھ پنج ئي
وقت پڙھندي آھي.“
”مان بھ پنج ئي وقت پڙھندس.“
ممي منھنجو ضد ڏسي ھنن جي گھر وئي ھئي ۽ خديجا جي
مڌر کي چيو ھئائين تھ مان اٺ سال يورپ ۾ رھڻ جي
باوجود مذھبي خيالن جو آھيان ۽ پنھنجي مائٽن ۾ ھڪ
ٻئي کان وڌيڪ سھڻين ڇوڪرين ھوندي بھ خديجا کي پسند
ڪيو آھي. ھنن سوچ ويچار لاءِ ٿورو وقت گھريو ھو،
پر نيٺ ڳالھھ پڪي ڪئي ھئائون. ھن جي فادر ان لا
ٻٽي ڪڙا شرط بھ وڌا ھئا تھ شادي بلڪل اسلامڪ طريقي
سان ٿيندي. شادي ۾ ڪو ڊانس ۽ ميوزڪ ڪنسرٽ نھ ٿيندو
۽ ڇوڪري نڪاح وقت اسٽيج تي ڪونھ ايندي. اسان اھي
سڀ شرط خوشيءَ سان قبول ڪيا ھئا. اسان جي نيٺ شادي
ٿي وپئي. سھاڳ رات ھوءَ ويڊنگ ڪاسٽيوم ۾ بلڪل ھڪ
ايسٽرن پرنسيز پئي لڳي. مون سندس گھونگھٽ کوليو ھو
تھ ھوءَ شرم کان بلڪل بلڊ ريڊ ٿي وئي ھئي. مان کيس
پاڻ سان فري ڪرڻ لاءِ اھي سڀ تڪليفون ٻڌايون ھيون،
جي مون کيس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيون ھيون. مون کيس اھو
ٻڌايو ھو تھ سندس فادر جي ڪانفيڊنس گين ڪرڻ لاءِ
ڪيترا ئي ”جمعا“ ساڳيءَ مسجد ۾ پريئرز آفر ڪيون
ھيون ۽ ھر ڀيري ڪوشش ڪئي ھيم تھ ھن جي ليفٽ يا
رائيٽ تي بيھان، جيئن مون کي سڃاڻندو رھي. ان
ڳالھھ ٻڌڻ تي ھوءَ ٿورو ٿورو مشڪي ھئي تھ مون سندس
ھٿ کي چمندي چيو ھو:
”ڊارلنگ آءِ لو يو فرام دي ويري ڊي آءِ سايو.“
ھن شرم کان منھن وري گوڏي ۾ لڪايو ھو تھ مان سندس
اڃا بھ ويجھو ٿي کيس ڀاڪر ۾ وڌو ھو ۽ کيس پھرين ڪس
ڪئي ھيم. ان کان پوءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ھئم تھ
مون کي تيستائين ڪجھھ نصيب نھ ٿيو ھو، جيستائين
مون ڪمري جون سڀ بتيون، باتٿ روم جي لائٽ ۽ درين
جا پردا لاھي بلڪل اونداھ نھ ڪئي ھئي. مون سمجھيو
ھو تھ اھو سمورو منھنجي وائف جو پھريون روايتي شرم
ھو. پر مھينا گذرڻ کان پوءِ بھ اھا ساڳي ڳالھھ ھئي
تھ مون کي عجب ٿيو ھو. يورپ ۾ ۽ پنھنجي ڪنٽري ۾
منھنجا جيڪي افيئرس ٿيا ھئا، انھن ۾ اھا ساڳي
ڳالھھ ڪڏھن ڪونھ ٿي ھئي. انھن افيئرس ۾ اھي
ڇوڪريون باقاعدي روشني ۾ پنھنجي نمائش ڪنديون ھيون
۽ ان لائيف ۾ پرفيڪٽ لطف ايندو ھو. مان پنھنجي
وائيف کي ٻٽي ڀيرا سمجھايو بھ ھو ۽ کيس ٻڌايو ھو
تھ ان ۾ ڪو لطف ڪونھ ھو، پر ھوءَ ھر ڀيري چوندي
ھئي: ”نھ اھو گناھ آھي، مرد نھ ڏسي.“
”ڪيئن گناھ آ، ڪٿي پڙھيو اٿئي؟“
”بھشتي زيور ۾.“
”واٽ نان سينس.“
ڪڏھن ڪڏھن مان ضد ڪري سندس وينس جھڙو مڪمل جسم ڏسڻ
لاءِ بيڊ ليمپ ٻاريندو ھوس تھ ھوءَ ھڪدم بيڊ ڪور
سان لڪائي ڇڏيندي ھئي – مون کي پنھنجي مميءَ جو
چيو ياد ايندو ھو تھ ھوءَ بلڪل رليجس مائينڊيڊ آھي
۽ اھا ڳالھھ ٽيريبل حد تائين برابر ھئي. مون سندس
خيالن ۾ چينج آڻڻ لاءِ کيس سيڪس تي ڪتاب بھ پڙھڻ
لاءِ ڏنا ھئا، پر مون ڏٺو ھو تھ انھن ڪتابن بھ
رتيءَ جيترو فائدو ڪونھ ڪيو ھو. ڏينھن جو تھ ان
پاسي ڪو خيال ڪرڻ بھ گناھ ھو، پر رات جو اھا گھڙي
ايندي ھئي تھ ھوءَ پئي نٽائيندي ھئي ۽ چوندي ھئي:
”توھان منھنجيون نمازون ٿا وڃايو.“
”پوءِ ڇاھي ڊارلنگ، تون اسر سان شاور ڪندي ڪر.“
”روز شاور ڪندي بھ شرم ٿو اچي. ممي ڇا چوندي.“
”واٽ نان سينس.“ مون کي خار ايندا ھئا.
مان چڙي، منھن سڄائي وھندو ھوس تھ ھوءَ وري مون کي
اچي پرچائيندي ھئي. مان ھڪدم پرچي کيس پاڻ ڏي
ڇڪيندو ھوس تھ ھوءَ چوندي ھئي: ”توھان کي ھڪ نھ
ٻئي ڏينھن ان ڳالھھ ۾ ڪھڙو ٿو مزو اچي؟“
”ڊارلنگ، لائف ۾ ڪھڙو مزو آ باقي.“
”مون کي تھ روز روز ڪونھ ٿو وڻي.“
مان وري منھن سڄائي پٺي ڏئي سمھندو ھوس تھ ھوءَ
لاچار ٿي چوندي ھئي: ”چڱو ھڪ شرط تي، سڀ لائيٽ آف
ڪريو.“
مان ھڪدم سندس ان حڪم جي تعميل ڪري ان اونداھ ۾
سندس شرٽ جي زپ ۾ ھٿ وجھندو ھوس تھ ھوءَ کلي
چوندي: ”اونھون، اھا نھ لھندي.“
شادي کان پوءِ انھن ٻارھن مھينن جي عرصي ۾، انھن
راتين ۾، جي لائيٽ آف ٿيڻ ۽ پردن ٺيڪ ڪرڻ سبب،
گھگھھ اونداھيون ٿي وينديون ھيون، مان سندس ريشم
جھڙي کل محسوس ڪئي ھئي، سندس سوٽ جسم محسوس ڪيو
ھئم، سندس شئمپن جي باٽل جھڙين سھڻين ڄنگھن کي
ڇھيو ھوم، پر مون ھڪ ڀيرو بھ جسم کي ڍو سان ڪونھ
ڏٺو ھو. انھن ٻارھن مھينن جي سيڪس لائيف ۾ مون
محسوس ڪيو ھو تھ ھن کان وڌيڪ سرور مون کي ان نيگرو
ڇوڪري ۾ آيو ھو، جيڪا ويٽ سڪسٽي نائن جي بوتل جيان
ڪاري ۽ بي ڊولي ھئي، جنھن جا چپ ھيبتناڪ حد تائين
ٿلھا ھئا، جنھن جون ناسون تمام وڏيون ھيون، پر
جيڪا مون کي ڄور جيان چنبڙي پئي ھئي ۽ منھنجي سڄي
بدن کي پيار مان ڪتي جيان چٽيو ھئائين.
مان ديوان تي پاسو ورائي سڌو ٿي ٿو سمھان. منھنجا
ڪن سندس اچڻ جو آواز ٻڌڻ لاءِ آتا آھن. مان ڪافي
دير سندس اچڻ جو انتظار ٿيو ڪيان، پر ھن جي اچڻ جو
ڪوبھ کڙڪو نٿو ٻڌان. سندس انتظار ڪري مان ڪڪ ٿو
ٿيان تھ پوءِ مان ئي اٿي بيڊ روم ۾ ٿو وڃان. ھوءَ
ڊبل بيڊ تي ليٽي پئي آھي. مان کيس پرچائڻ لاءِ
سندس ڳلن کي چمان ٿو تھ مون کي اتي آلاڻ ٿي محسوس
ٿئي. ھوءَ سٽڪن ۾ ٿي پئجي وڃي. مان کيس ڀاڪر وجھي
پرچايان ٿو ۽ کيس چوان ٿو: ”ڊارلنگ! مون کي معاف
ڪر.“
ھوءَ اڃا زور سان ٿي سڏڪا ڀري.
”ڊارلنگ، ھاڻي ڇڏ بھ روئڻ.“ مون سندس ھٿڙن کي چمي
ڏني. سندس پير ٿو چمان تھ ھوءَ مون کي ٻانھن کان
پڪڙي ٿي ۽ چوي ٿي: ”منھنجي پيرن کي نھ چمندا ڪريو،
مون کي گنھگار ٿا ڪريو.“
”ڪھڙو گناھ آ ڊارلنگ؟“
”بس گناھ آ توھان جي لاءِ.“
”جي اھو گناھ آ تھ جيڪر روز پيو ڪيان.“ ھوءَ مشڪي
ٿي.
مان پلنگ تي ويھي سندس ڳچيءَ کي ٿو چمان ۽ کانئس
پڇان ٿو: ”تون مون سان ناراض آھين ڊارلنگ؟“
ھوءَ ڪنڌ لوڏي ٿي.
”ان ٿوريءَ ڳالھھ تي؟“
”اھا ڳالھھ ٿوري ڪانھي. توھان مون کي صفا ليڪي مان
ٿا ڪڍڻ گھرو، سو مون کان ڪونھ پڄندو، کڻي ڀلي روز
ڪاوڙجو.“
”ڊارلنگ، باقي شادي ڇو ڪبي آ؟“
”شادي ان لاءِ تھ ھروڀرو.......“
”نھ تھ ڇا لاءِ، ڇا پڙھيو اٿئي پنھنجي بھشتي زيور
۾؟“ ھوءَ چپ.
”ٻڌاءِ، جواب ڏي نھ!“
”اولاد لاءِ جيئن نسل وڌي.“
سندس جواب ٻڌي اوچتو مون کي ڪو خيال ٿو اچي وڃي.
مان کانئس ٺھھ پھھ ٿو پڇان: ”پوءِ ڪٿي آ پاڻ کي
اولاد؟ ٻارھن مھينا ٿي ويا آھن.“
”نيٺ تھ ٿيندو.“
”اھي افعال آھن تھ ڌوڙ ٿيندو.“
”خير تھ گھرو.“
”خير ڇا گھران، ڳالھھ صاف لڳي پيئي آھي. سيڪس تي
جيڪي ڪتاب لکيل آھن، سي ڪوڙا تھ ڪونھن.“
”پر ان ڳالھھ جو بتين ٻارڻ ۽ ٻين بيحيائين سان
ڪھڙو واسطو آھي؟“
”گھڻو ئي واسطو آھي. تون ڪتاب پڙھين تھ سمجھين.
تنھنجو تھ وس پڄي تھ جيڪر مون سان ساڳي ڪمري ۾ گڏ
بھ نھ سمھين.“
”نھ نھ مون کي اوھان جي ڳالھين تي اعتبار ڪونھ ٿو
اچي. اوھان چرچا ٿا ڪرايو.“
”چڱو جي تون اھي چرچا ٿي سمجھين تھ آئينده توکي
زور نھ ڀريندس. جيئن تنھنجي مرضي آھي، تيئن پيو
ٿيندو. ممي کي بھ چوندس تھ ٻٽي سال گرئنڊ سن جو
آسرو ڇڏي ڏي.“
”ممي پڇي پئي ڇا؟“
”نھ تھ وري، ھن جون اکيون سدائين تنھنجي پيٽ ڏانھن
ھونديون آھن. ھر مھيني پڇندي آ: ”پپو! ننڍڙو مھمان
ڪڏھن ٿو اچي؟“ - ڪلھھ تھ مون کي چيائين تھ:
”تنھنجو علاج ڪرايان تھ پوءِ من ٻار ٿئي.“ مان کيس
ڇا ٻڌايان؟ مون تھ کڻي چپ ڪئي.“
”ڪوڙ نسورو ڪوڙ.“
مان رسي ڀت ڏي منھن ٿو ڪيان. ھوءَ مون کي پرچائڻ
جي ڪوشس نٿي ڪري، شايد ھوءَ ڪنھن سوچ ۾ آھي. مان
سندس پرچائڻ جو انتظار ڪندي ڪندي اکيون ٿو ٻوٽيان
۽ مون کي ننڊ ٿي کڻي وڃي.
اوچتو ڪنھن پياري پياري ڇھاءُ تي منھنجي ننڊ ٽٽي
ٿي وڃي. منھنجيون اکيون کلن ٿيون. ڪمري جون چارئي
وال لائيٽس وچين شئڊليئر سوڌو روشن آھن. ھوءَ وينس
جي بت جيان صفا نيوڊ آھي ۽ مون کي ڄور جيان چنبڙي
پيئي آھي.
اِٽالو پڊنگ
ھوءَ اوچتو ڪچن مان نڪري اچي منھنجي سامھون بيھي ٿي. مان ڏانھس
نھاريان ٿو. ھن جو منھن اداس اداس آھي. ھن جا چپ
مرڪڻ بجاءِ ڀيڪوڙيل آھن. ھينئر سندس ھيٺيون چپ وري
ڦرڪڻ ٿو شروع ڪري. جنھن وقت سندس ھيٺيون چپ ڦڙڪندو
آھي تھ ھوءَ ان وقت روئڻ شروع ڪندي آھي. مان سندس
اکين ۾ ٿو نھاريان، جن جي ڪنڊن مان ھينئر رم جھم
شروع ٿين تي آھي. مان پيار مان کيس ڳڙاٽڙي پائي
پرچائڻ جي ڪوشس ٿو ڪريان، پر ھوءَ منھنجي سيني ۾
منھن لڪائي سڏڪا ڀرڻ بجاءِ منھنجي وڌايل ھٿ کي پري
ٿي ڪري ڇڏي. مان کانئس پڇان تو: ”وري ڇاتي
ڊارلنگ!“
”تو مون کي سک ڪھڙا ڏنا آھن؟“ ٻرندڙ جبل ڦاٽ ٿو کائي.
”مان توکي ڏک ڪھڙا ڏنا آھن؟“
”ھي ڏک ناھي تھ وري ڪو سک آھي؟ ناشتو ٿي پچايان تھ وري لنچ، لنچ
ٿي پچايان تھ وري ڊنر. سڄو ڏينھن رڌ – پچاءُ!“
مان چپ، کيس ڇا ياد ڏياريان.
”روز ديڳڙا لاھيندي ھٿ ٿا سڙن. ان ڏينھن تھ منھنجي رئي کي بھ
باھ لڳي ھئي.
”او ڊارلنگ، اھي نائلون جا تھ روا نھ پائيندي ڪر.“
”گھر ۾ ٻيا ڪھڙا پايان؟“
مان ڇا چوان.
”منھنجي شڪل ڏسين ٿو، روز باھ تي ڪاراٽبي ٿي وڃي!“
”نھ ڊارلنگ، تون تھ روز اڳري کان اڳري ٿيندي ٿي وڃين.“
”نھ نھ، مون کي نٿي گھرجي اھڙي سونھن!“
”چڱو ڀلا، جيئن ٿا ڪريون ناشتو ۽ ڊنر تون پچائيندي ڪر، لنچ پيا
شيزان مان کائينداسين.“
”ائين خرچ وڌي ويندو. بجٽ خراب ٿيندي.“
”بجٽ کي ڌوڙ وجھھ، تون تھ سکي ٿيندينءَ.“
”بجٽ کي ڪيئن وساربو.“
”پوءَ ڀلا ڇا ڪجي؟“
”مون کي ھڪ مائي رکي ڏي جا رڌ – پچاءُ بھ ڪري ۽ مون کي ڪمپني بھ
ڏئي.“
ڊارلنگ، مائي جي مانيءَ مان ڪھڙو مزو ايندو؟ خانسامان ڇو نھ
رکون؟“
”ھون ھون، جانسامان گدلا ٿيندا آھن ۽ پھرين نمبر جا بئمان ٿيندا
آھن.“
”مائين جي معتبرائپ جي بھ مون کي خبر آ. اھي بھ پورا ھٿ ئي ڪونھ
ڌوئينديوپن آھن، ٿانون ڌوئڻ جي ڳالھھ تھ پري رھي.“
”سڀ اھڙيون ٿورو ھونديون آھن. وري مان ڇاڪاڻ آھيان؟ کيس پاڻھي
چيڪ ڪنديس.“
منھنجي زال پاڻ بھ سھڻي آھي ۽ کيس ھر سھڻيءَ ۽ نفيس شيءِ سان
محبت آھي. اسين جنھن فليٽ ۾ رھون ٿا، اھو بھ
منھنجي زال ئي پسند ڪيو آ ۽ ان کي وڏيءَ محنت سان
سينگاريو آ. اسان جي بيڊ – روم ۾ ”امين“ جو پيلو
ڪارپيٽ وڇايل آھي. وچ ۾ ڪاري رنگ جو ڊبل – بيڊ
آھي. ان تي ”جي – ايم – بي، جي ميٽرس آھي. پاسي ۾
ٽيڪ جو ڪاري رنگ جو ”چيسٽ آف ڊراز“ پيو آھي. ٻي
ڪنڊ ۾ ساڳئي رنگ جي ڊريسنگ ٽيبل آھي، جنھن ۾ بليجم
جا ئي شيشا لڳل آھن. اسان جو ڊرائنگ روم بھ نھايت
سھڻو آھي. ان ۾ ھڪ وڏو ايراني قالين وڇايل آھي. ٻھ
فوم جا صوفا سيٽ پيا آھن. ھڪ پاسي کان ”سيٽي“ آھي
۽ ٻئي ڀاسي کان گرونڊڪ جو ريڊيو پيو آھي. ڊرائنگ
روم جي ڀتين تي گھڻين تصويرن بجاءِ صرف صادقين جي
ھڪ وڏي پينٽنگ لڳل آھي، جنھن ۾ ھڪ ڍنڍ جو نظارو
ڏيکاريل آھي. ڍنڍ ۾ ڪنول جا گل جھڳٽا ھنيو بيٺا
ڏيکاريل آھي. ڍنڍ ۾ سھڻا پک نيرڳ ۽ ھنجرون، ميڙ
ڪريو ويٺا آھن ۽ ڪي ٻيءَ جاءِ تي لھڻ لاءِ اڏامن
ٿا. ڊرائنگ روم جي ھڪ ڪنڊ ۾ سھڻو شيشي جو شوڪيس
پيو آھي، جنھن ۾ ڊيڪوريشن پيسز پيا آھن. انھن جي
وچ ۾ گوتم ٻڌ سچ جي ڳولا ۾ گم آھي. پاسي ۾ وينس
آھي ۽ ھڪ ٻھ نيوڊ آھن. اسان جو باٿ روم بھ ھڪ مڪمل
باٿ روم آھي، جنھن جو نمونو بھ منھنجي زال انگريزي
رسالن تان ڳولي ڳولي ڪڍيو آھي. سڄو باٿ بلو رنگ جي
ٽائلن ۽ ساڳئي رنگ جي واش – بيسن ٽب سان ٺھيل آھي.
اسان جو ڪچن بھ سڄو ”فارميڪا“ جو ٺھيل آھي. ان ۾
سئي گيس جو ڪڪر آھي، چينيءَ جو واش – بيسن آھي،
جنھن ۾ ڊشز ڌوئڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانھ ٿيندي آھي.
منھنجي زال سڄي گھر جو ڪم ڪار پاڻ ڪندي آھي، ان
لاءِ ھوءَ روز صبح جو ساجھر اٿندي آھي. ڪمرا صاف
ڪري، ٽپڙ ٽاڙي ڇنڊي، ڪچن ۾ ويندي آھي ۽ ناشتو تيار
ڪندي آھي. ناشتو ڪري اسين ٻئي پنھنجي پنھنجي سروس
تي ويندا آھيون. اتان واپس موٽندا آھيون تھ پوءِ
ھوءَ منجھند لاءِ ڪا ھلڪي ڊش تيار ڪندي آھي. ان
کان پوءِ شام جي چانھن ۽ ڊنر تيار ڪندي آھي. ڊنر
کائي واندا ٿيندا آھيون تھ پوءِ ھو ڊش ڌوئيندي
آھي، ھن ۾ مان بھ سندس ٿوري ھيلپ ڪندو آھيان. ھوءَ
سڄو ڏينھن ڪم ڪري ڏاڍي ٿڪجي پوندي آھي. مان کيس ٻھ
ٽي ڀيرا خانسامان رکڻ جي صلاح بھ ڏني آھي. ھوءَ
منھنجي نھ ٻڌندي آھي ۽ ڇوندي آھي: ”خانسامان ھھڙي
ڪچن جو خانو خراب ڪري ڇڏيندا.“
”ڇو خانو خراب ڪندا؟“
”ھنن کي ماڊرن ڪچن جو ڪھڙو قدر؟ ھو ڏاڍا گدلا ٿيندا آھن.“
”بٽ ڊارلنگ، اٽ از اي ٽيريبل جاب.“
”ناٽ فار ليڊيز!“ ھوءَ مشڪندي جواب ڏيندي آھي.
”تون ڏاڍي ٿڪجي ٿي پوين.“
”پوءِ تون بھ ڪم ڪندو ڪر نھ!“
”مان بھ وس آھر تھ ڪندو آھيان، پر گھڻو ڪم تھ مون کان نھ ٿو
پڄي.“
”توکان جيترو پڄي سو ڪندو ڪر، باقي مان ڪنديس.“
انھن ڳالھين ۾ منھنجي پوري نھ پوندي آھي تھ وري کيس ٻئي نموني
سمھائڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ۽ کيس چوندو آھيان:
”ڊارلنگ، سوشل اسٽيٽس جي خيال کان بھ خانسامان
ضروري آھي.“
”فارين ۾ جو ھرڪو پنھنجو ڪم پاڻ ڪندو آھي، انھن جو سوشل اسٽيٽس
ڪو گھٽ تھ ڪونھي.“
”اتان جي تھذيب ٻي آ، اتان جو ماحول ٻيو آ، ڊارلنگ!“
”اسين اھو ماحول ھت بھ پيدا ڪري سگھون ٿا.“
”آئڊيا تھ تمام سٺو آھي، پر مون کي صرف تنھنجو خيال ٿو ٿئي.“
”سويٽ آف يو!“
”پوئي ڊارلنگ!“ مان مٺي ڏنيمانس.
”ان کان سواءِ اسان کي پئسو گھرجي، اسان کي ڪار بھ وٺڻي آھي!“
”ھا ڊارلنگ، ٽئڪسيون اڌ پگھار کڻي ٿيون وڃن، ڪار ضروري آ، پر
ڪھڙي وٺنداسون؟“
”تون ٻڌاءِ.“
”مون کي تھ ”مورس“ وڻندي آ.“
”اون ھون، ان ڪار کي ڪا شيپ ئي ڪانھي. اسان کي اھا نھ گھرجي.“
”ووڪس ويگن؟“
”اھا بھ نھ. ان جون سيٽون آرام واريون ڪينھن.“
”پوءِ ڪھڙي؟“
”ٽويوٽا يا مزدا
1500،
ننڍين ڪارين ۾ اھي ئي نفيس ۽ سھڻيون آھن.“
”واقعي مون کي انھن جو خيال ئي ڪونھ آيو.“
”پوءِ ڏس تھ، اسين خانسامان ڪيئن ٿا افورڊ ڪري سگھون، جڏھن تھ
اسان کي اڃا ڪار بھ ڪانھي.“
سندس اھي ڳالھيون ٻڌي مان پوءِ کيس چوڻ ڇڏي ڏنو آھي. ھوءَ سڄو
ڏينھن پئي گھر جو ڪم ڪار ڪندي آھي ۽ رات جو ٿڪجي
اچي ھنڌ ۾ ڪرندي آھي. اسين ھن وقت تائين چڱي سيونگ
ڪري ويا آھيون ۽ ڪار جي رقم ۾ ڪي باقي ٿورا پيسا
رھيا آھن، جو ھوءَ ڪچن مان نڪري اچي منھنجي سامھون
بيھي ٿي. ھن جو منھن اداس اداس آھي، ھن جا چپ مرڪڻ
بجاءِ ڀڪوڙيل آھن........ مان کيس ڳراٽڙي پائي
پرچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان تھ منھنجي سيني ۾ منھن
لڪائي سڏڪا ڀرڻ بجاءِ منھنجي وڌايل ھٿ کي پري ٿي
ڪري ڇڏي.
مان پنھنجي سر بھ ڪوشس ٿو ڪريان ۽ دوستن کي بھ ٿو چوان تھ اسان
کي ھڪ مائي گھرجي، جا لکنوءَ جي نوابن جا کڻي کاڌا
نھ پچائي، پر صاف سٿري ھجي ۽ سادو وڻندڙ کاڌو
پچائي سگھي.
”مون کي ھڪ مائي سجھي ٿي.“ منھنجو ڪليگ حسن چئي ٿو.
”سچي حسن!“ مان خوشيءَ مان کانئس پڇان ٿو.
”رئيلي پر ڀاڀي شايد ان کي نھ بيھاري.“
”ڇو نھ بيھاريندس؟“
”ڇاڪاڻ تھ اھا مائي خاصي وڻندڙ عورت آ.“
”دين واٽ! اسان کي تھ اھڙي گھرجي.“
”عورتون خوبصورت مائين کي پسند نھ ڪنديون آھن. منھنجيءَ وائيف
بھ اھڙيءَ کي نھ بيھاريو ھو.“
مون کان ٽھڪ نڪري ٿو وڃي. کلندي کلندي کانئس پڇان ٿو: ”چئبو تھ
ڀاڀي تنگ نظر آ؟“
”سڀ بيگمات تنگ نظر ھونديون آھن، منھنجا ڀاءُ!“
”نھ نھ ڀلو آھين، ماءِ وائيف از ابئو ديز ٿينگز.“
”امپاسيبل!“
”ڏس نھ، اسين ٻئي پڙھيل ڳڙھيل آھيون؛ اسان ٻنھي کي ھڪ ٻئي سان
پيار آھي ۽ ھڪ ٻئي تي اعتبار آھي.“ مان کيس
سمجھايان ٿو.
”ھون، ڪتابي ڳالھيون.“
”چڱو، پاڻ ڏسندين. مون کي ڇڙو اھا مائي ھٿ ڪري ڏي.“
”شام جو اچج تھ کيس لوڪيٽ ڪنداسون.“
مان شام جو ان مائيءَ کي گھر وٺي ٿو اچان. مائي
برابر شڪل صورت جي چڱي آ، پر تنھن ۾ منھنجو ڇا؟
مائيءَ سان مان ڇڙي پگھار ڳالھائي آھي. ھن اسي
رپيو مھينو وٺڻو ڪيو آ، جو ھن مھانگي شھر جي لھاظ
کان تمام مناسب آھي. ھن کي عام طرح پاڪستاني کاڌا
تيار ڪرڻ ايندا آھن ۽ خاص طرح ھوءَ برياني، قورمو،
شامي ڪباب، ڪوفتا سٺي طرح پچائي سگھي ٿي ۽ ٻيون
ڊشز بھ ھڪ دفعو ڏسڻ سان پچائي سگھندي. مائيءَ
مھيني ۾ ٻھ ٽي ڏينھن موڪل بھ گھري آھي، جا بھ مان
کيس ڏيڻي ڪئي آھي. اھي ٻھ ڏينھن پاڻ پچائينداسون
يا ھوٽل ۾ کائينداسون.
بيگم ڊرائينگ ۽ سٽنگ ۾ ڪانھي. ھوءَ بات ۾ آھي،
جنھن جو دروازو بند آھي. اندران شاور جو ۽ ھن جي
جھونگارڻ جو آواز ٿو اچي. مان دروازي کي ناڪ ٿو
ڪيان.
”ويٽ ڊيئر!“ اندران ھوءَ چوي ٿي.
”تمام ضروري ڳالھھ آ.“
”دين شوٽ اٽ.“
”ھڪ مائي آندي اٿم جا ماني پچائيندي.“
”ريئلي!“ ھوءَ عجب ۽ خوشيءَ مان رڙ ٿي ڪري چوي.
”ھا، سچي! ۽ توکي وڻندي. پگھار بھ تمام مناسب صرف
اسي روپيا مھينو.“ مان پگھار واري ڳالھھ ھوريان ٿو
چوان، متان ورانڊي ۾ ويٺل مائي ٻڌي وٺي.
مون کي ھن جي ٽب مان ٻاھر نڪرڻ جو آواز ٿو اچي ۽
سندس تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پائڻ جا سرڙات ٿا اچن. ھوءَ در
کولي ٻاھر ٿي نڪري. ھن جو منھن خوشيءَ کان ٻھڪي
ٿو. ھوءَ مون کان پڇي ٿي: ”ڪٿي آ مائي؟“
”ان دي ورانڊا، ماءِ ڊارلنگ!“
”ھل تھ کيس ڪم سمجھايون.“
”ديٽس يوئر جاب! مون کي شاور ڪري ڪلاڪ ٻن لاءِ
ٻاھر وڃڻو آھي.“
ھوءَ تڪڙي تڪڙي ورانڊي ڏانھن وڃي ٿي. مان سندس خوشيءَ تي خوش ٿيندو، اندر
باٿ ۾ ٿو وڃان، جنھن ۾ سندس بدن جي سڳنڌ پکڙيل
آھي. مان آرام سان شاور ڪري، ڪپڙا بدلائي، گھر کان
ٻاھر ٿو نڪران. پورن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڊنر جي
ٽائيم تي واپس ٿو موٽان تھ وري بھ کيس ڪچن ۾ ڪم
ڪندو ٿو ڏسان! مان ھن کي ٻانھن کان پڪڙي اٿاريان
ٿو ۽ چوان ٿو: ”ڇڏ، ڊارلنگ، مائيءَ کي پچائڻ ڏي.“
”مائي ھلي وئي. مان ھن کي ڪونھ بيھاريو.“ ھوءَ ڪنڌ
ھيٺ ڪري چوي ٿي.
”واٽ؟“
”مان ھن کي ڪونھ بيھاريو!“ ھوءَ وري ٻڌائي ٿي.
”بٽ واءِ؟“ مان ٿورو چڙ مان کانئس پڇان ٿو.
ھوءَ پھرين ٿورو ھٻڪي ٿي. پر ان دم ئي منھنجي ڳچيءَ ۾ ٻانھون
وجھي چوي ٿي: ”ڊارلنگ! ھن کي تھ اٽالو پڊنگ ئي
ڪانھ پئي ٺاھڻ آھي، کيس ڪيئن بيھاريان!“ |