مجاور
شھر جي ماڻھن جو وفد ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر ميان
عبدالواحد جي قيادت ۾ ڊي سي صاحب سان مليو ۽ کيس
ھر سومر تي شھر ۾ ٿيندر راڳ روپ جي کچ جي شڪايت
ڪيائون. ڊي – سي صاحب وفد جي ڳالھين کي غور ۽
ھمدردي سان ٻڌو ۽ کائن پڇيو: ”ڪير ٿو ڪرائي اھو
راڳ روپ؟“
”سائين، ھڪ موالي آھي محمد شاھ نالي، جنھن کي نھ
ڪو ڪم آھي نھ ڪار، اھو کڻي گذران ٺاھيو اٿائين.“
ميان عبدالواحد کيس ٻڌايو.
”صاھب، اتي جوا جي بھ ٽڪري آھي، اتان بھ نال
اڳاڙيندو آ.“ وفد جي ٻئي ساٿيءَ چيو.
”ڪيترو وقت ھلندو آ اھو ناچ گانو؟“
”ائين ڪو وقت ئي مقرر ڪونھي. جنھن وقت وڻين، تنھن
وقت شروع ڪن، جنھن وقت وڻين، تنھن وقت بند ڪن.“
”گھڻو ڪري تھ اھو ڌمالو سڄي رات بھ پيو ھلندو آ.“
”ٻيو اتي ڇا ٿيندو آھي؟“ ڊي سي کانئن وڌيڪ پڇا
ڪئي.
”سائين، ڇا نھ ڪندا آھن. جوا اتي ھلي، ڀنگون اتي
گھوٽجن، چرسن جا دوگاڙا اتي لڳن.“
”صاحب، بس ڳالھھ ڪرڻ کان زور آھي.“
”ويري بئڊ...... ويري بئڊ.“
”صاحب، ماڻھو حلال جون ڪمايون ٿا حرام تي وڃائن.
مجاور بھ پيٽ ڀريون پيو پور جا مال کائي.“ ميان
عبدالواحد، صاحب کي ٻڌايو.
”صاحب، اسان بھ ننگن وارا آھيون، پاڙي ۾ اھڙي کشٽ
ڪيئن سھون، ننڊ آرام ڦٽل آھي.“
”فوجدار کي دانھن ڏني اٿو؟“ ڊي سي کائن پڇيو.
”ڪئين ڀيرا سائين، پر فوجدار کي اتان منٿليون ٿيون
ملن، سو اھو روزگار ڪيئن وڃائي؟“
”ھون.“ صاحب ڀڻڪي چپ ڀڪوڙيا.
”صاحب ان راڳ مان وڏي کشٽ ٿي مچي. شھر جا نامي
گرامي شودا ٿا اچي رونشي تي مڙن ۽ پوءِ رات جو
موٽندي ڪونھ ڪو ڏوھ ڪيو ٿا وڃن.“
”تازو تھ راڳ ۾ جھيڙو بھ ٿيو ھو ۽ ذري گھٽ خونا
ريزي ٿي ھئي.“ وفد جي ھڪ ھمراھ ڳالھھ کي ٽيڪ ڏني.
”ڇو ٿيو ھو اھو جھيڙو؟“
”صاحب انھن شيطاني ڪمن مان وري ٻي ڪھڙي سرھي
ٿيندي؟“ ميان عبدالواحد ڳالھھ کڻندي چيو.
”چڱو مان ان ڳالھھ کي پاڻھي ٿو ڏسان.“ صاحب کين
دلجاءِ ڏني.
وفد اٿيو تھ ميان عبدالواحد اٿندي اٿندي بھ ڊي سي
صاحب کي چيو: ”صاحب ھاڻي تھ صوبائي حڪومت بھ راڳن
روپن بند ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو آھي، اوھان بھ مھرباني
ڪجو.“
پوءِ جنھن ڏينھن ڊي سي صاحب ان راڳ روپ کي بند ڪرڻ
جو حڪم ڏنو، ان ڏينھن ميان عبدالواحد ڪپڙن ۾ نھ
پئي ماپيو. آرڊر جي جنسي ڪاپي پئي ايندي ويندي کي
ڏيکاريائين ۽ کين چيائين: ”ميان، جي ھي ڊي سي ھتي
آھي تھ بدعتن جون پاڙون پٽيل ڏسندؤ. پورو مسلمان آ
مسلمان.“
ٻئي سومر تي مڪان ۾ اھا بھاري ئي ڪونھ ھئي. اھي
ماڻھن جا ميڙ، اھي ماڻھن جا انبوھ الائي ڪاڏي گم
ٿي ويا ھئا. مڪان ۾ جتي ھزارن ماڻھن جي رونق ھوندي
ھئي، اتي ھينئر ٻسائيءَ پئي واڪا ڪيا. مڪان ۾ ڪل
پنج ڇھھ ڄڻا ويٺا ھئا، جن مان ٽي چار تھ مڪان جا
مجاور ھئا، جي ماڻھن جي اڳ – پوءِ ۽ ٽانڊو ٽوپي
ڪندا ھئا. ڀرسان ٻن مجاورن ڀنگ پئي گھوٽي. پر انھن
گھوٽن وارين ٻانھن ۾ اھو ست ئي ڪونھ ھو. ڇڙا ٻھ ٽي
ڏنڊا اونڌا پاسيرا رھڙي کڻي پاڻي وڌائون. وڏو
مجاور محمد شاھ بھ متومٺي تي چاڙھيو فوڪيو ويٺو
ھو. ڪنھن آئي وئي کانئس ڪجھھ پڇيو پئي تھ کيس ڇتي
ڪتي وانگر پئي چھڙون پاتائين. سڀ چپ ۾ ھئا ۽ ڪنھن
اکر ڪونھ پئي ڪڇيو. پوءِ بھ محمد شاھ پاڻ کليو جو
ٽوڪ مان ويٺلن کي چيائين: ”اڙي اھڙا منبر (ميمبر)
اٿو تھ ان کان بھ بدحال ٿيندؤ. اڄ محفل بند ٿي،
سڀان چوندو تھ مڪان ئي پٽي وڃو.“
”فقير انھن خارزين مان وري ٻي ڪھڙي سرھي ٿيندي؟“
ٻئي مجاور چيو.
”پر انھن کي گوگائي مرچ ڇو ٿا لڳن؟ جي بدعتي آھيون
تھ اسان آھيون، جي پڇاڻو ٿيندو تھ اسان کان
ٿيندو.“ مھمد شاھ خار مان چيو.
”مرشد، حڪم حيدر سان، انھن کان اڳ بشت ۾ ھونداسين.
ھي اسان جي رئي بھ ڪونھ ڏسندا.“
”آمين.“ مجاورن ھڪ آواز ٿي چيو.
”پر سائين ڊي سي بھ تھ ڪئي حد ا، مڪانن ۾ ھميشھ
محفلون ٿينديون آھن، ڪو واعظ ڪونھ ٿيندا آھن.“ ھڪ
مجاور وري ڳالھھ کي چوريو.
”ميان ڊي سي بھ ڪو ٺاٺ ملو ھوندو؟“ جيسين محمد شاھ
جواب ڏي، تيسين ٻئي مجاور ڳوٽ ڀڳي.
”نھ يار، آھي تھ عين الپٽي.“
”پوءِ اھڙو نونڌ ڇو ڪيائين؟“
”بابا، اڄڪلھھ حڪومت جي واڳ منبرن کي آھي، جيئن ٿا
چون، تيئن ٿو ٿئي.“
”يار، ڪيڏي نھ وروھ لڳي پئي ھئي، چار صورتون ڏسندا
ھئاسين تھ زماني جا سور وسري ويندا ھئا. اڄ تھ
ھيءَ جاءِ کائڻ ٿي اچي.“ ھڪ مجاور ٿڌو شوڪارو ڀري
چيو.
.ھن سومر تي اڃا بھ وڏي بھاري ٿئي ھا. سائينءَ
وسائيءَ ۽ بيگم کي بھ گھرايو ھو.“
”شمشاد ۾ وري ڪا گھٽ ھئي!“
”شمشاد کي ڪير گھٽ چئي، راڻو ھن تي ختم آ.“
ٿورڙيءَ دير لاءِ چپ ٿي وئي. کين شايد شمشاد جا
پور اچي ويا. ڳپل مھل کان پوءِ ھڪ مجاور صلاح ڪڍي:
”اچو تھ يار اسان بھ ڊي سي ڏي ميل ڪري ھلون.“
وڏو مجاور محمد شاھ جو ھن وقت تائين چپ ڪري ويٺو
ھو، سو اھو گفتو ٻڌي مڇرجي ويو ۽ ان مجاور کي
چيائين: ”مان نوڙ وٽي آيس جو تون بھ وڃي وٽيندين.“
”سائين، تون ڊي سي ڏي ويو ھئين ڇا؟“
”ھا ميان، ويو ھوس.“
”ٻڌايئي بھ ڪونھ!“
”ڪھڙي تار ڪشي ٻڌايائين، جو ڊاڙ ھڻان.“
”نيٺ ڇا چيائين؟“
”پورو ٻڌائين بھ ڪونھ، ائين ئي ٺشائي ڇڏيائين.“
”پر سائين، تون بھ تھ مڙڻ جو ناھين، تو بھ تھ
ڳالھايو ھوندو.“
”مان تھ گھڻا ئي دام وڌا، پر جواب اھو ڏنائين تھ:
”ڀنگون ٿا پيو، جوا ٿا کيڏو، اجازت ڪونھ ملندي.“
”پوءِ سائين ڇا چيوسين؟“
”ھڪ دل تھ فقير چيو تھ ٽسريون ٻڌايانس ۽ چوانس تھ
صاحب شراب مان چڪو ڏيندو ڪر، ڀنگ نھ پيئنداسين،
رمي جي موڪل ڏي تھ گھوڙي نھ کيڏنداسين، پر بيءَ دل
چيو تھ ڇڏ محمد شاھ.“
”يار، سيد جو بھ مان نھ ڪيائين!“ ھڪ مجاور عجب مان
چيو.
”ھون ميان، ھو ٽڪي سسي لڻائڻ وارو آھي.“
”پوءِ يار، ھي ميخانو ائين ويران ٿي ويندو.“
ان گفتي تي سڀني جا ڪنڌ ڍرڪي پيا. ھرڪو ڏک ۾ پئجي
ويو. ڪنھن بھ ڪونھ ڪڇيو. ڪنھن ھائو بھ نھ ڪئي، تھ
ڪنھن نھنڪر بھ ڪونھ ڪئي. اتي ھڪ مجاور بُت ڇنڊي
اٿيو ۽ زور سان چوڻ لڳو: ”علي علي بول، غم نھ
ھونءِ ڪول.“
ان صدا سڀني مجاورن کي آٿت ڏيئي ڇڏيو. سندن دلين
مان بيچيني دور ٿي وئي. سڀني گڏجي وٺي ھڪ دنبھو
ھنيو. پوءِ ڏنڊا ڪونڊا ساوا ٿيا ۽ وري گھرڙ گھوٽ
شروع ٿي وئي.
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ھڪ ھنگامي ميٽنگ ۾ جڏھن ڊي سي
صاحب شھر ۾ ترقي وٺائڻ جي خيال سان اھا رٿ پيش ڪئي
تھ ھر سال ھن شھر ۾ جشن ملايو وڃي، تڏھن ميمبرن
کان تھ بي اختيار واه واه نڪري وئي. گھڻن ميمبرن
تھ اٿي صاحب جي بيدار مغز جي تعريف ڪئي ۽ شھر جي
ترقي لاءِ سندس اني جو شڪريو ادا ڪيو. اھا رٿ بحال
ٿي وئي.
ان کان پوءِ اي – ڊي – ايم اٿي اھا رٿ پيش ڪئي تھ
ڊي سي جي زير نظر جشن ڪاميٽي ٺاھي وڃي، جا جشن جو
سمورو انتظام ڪري ۽ جمع خرچ جو حساب ڪتاب رکي.
”بحال.... بحال.“ ميمبرن اھا رٿ بھ بحال ڪئي.
ان کان پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر اٿي رٿ پيش ڪئي تھ ان جشن
لاءِ شھر ۾ ھڪ وڏو ميدان مقرر ڪجي ۽ ان ۾ پڪي طرح
اسٽال ۽ ھال ٺھرايا وڃن. ان رٿ تي اھو فيصلو ڪيو
ويو تھ ڊپٽي ڪليڪٽر مختلف پٽ ڏسي، ھڪ سائيٽ مقرر
ڪري.
ان کان پوءِ ھڪ غير سرڪاري ميمبر رئيس الاھي بخش
خان اھا رٿ پيش ڪئي تھ ان جشن جو نالو ھر دلعزيز
ڊي سي جي اسم مبارڪ پٺيان مقرر ڪيو وڃي. ميمبرن تھ
يڪراءِ اھا رٿ بحال ڪئي، پر ڊي سي ميمبرن کي گذارس
ڪئي تھ ھيءُ ھڪ عوامي جشن آھي ۽ ان جو نالو
انتظامي خواه اخلاقي طور سندس نالي پٺيان مقرر ڪرڻ
مناسب نھ آھي. ھن رٿ پيش ڪئي تھ جيئن تھ اھو جشن
بھار ۾ ٿيڻو آھي، ان ڪري ان جو نالو ”جشن بھاران“
رکيو وڃي. گھڻا ميمبر تھ ان مسئلي کي ووٽنگ ذريعي
حل ڪرڻ لاءِ آتا ھئا، پر ڊي سي جي چوڻ موجب کين
اھا ڳالھھ قبول ڪرڻي پئجي وئي ۽ ان جشن جو نالو
”جشن بھاران“ مقرر ٿي ويو.
ان کان پوءِ اڏاوتن تي خرچ ٿيندڙ رقمن لاءِ سوچ
ويچار ڪيو ويو ۽ في الحال ان ڪم کي شروع ڪرڻ لاءِ
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل فنڊ مان ھڪ لک روپيا منظور ڪيا
ويا.
اٿندي اٿندي، ڊي سي پنھنجي اي ڊي ايم کي چيو:
”قريشي، جشن بھاران ڪاميٽي جي لسٽ ٺاھي، مون کان
اپروو ڪرائجانءِ.“
“يس سر.“
”ان ڪاميٽي ۾ جملي ڏھ ميمبر ھجن ۽ ان مان گھٽ ۾
گھٽ پنج ڄڻا عوامي نمائندا ھجن.“
”رائيٽ سر.“
اوچتو ڊي سي کي ھڪ ڳالھھ ٻي بھ ياد آئي جو کيس
چيائين: ”ون ٿنگ مور قريشي، توکي ان جشن لاءِ
ٽڪيٽون بھ ڇپرائڻيون پونديون، جي مختيارڪارن ۽
ميمبرن کي ھلائڻ لاءِ ڏينداسون.“
”يس سر، آئي ول ڊو اٽ.“
ڊي سي صاحب وڃي چيمبر ۾ ويٺو تھ ٻيا ميمبر بھ اٿيا
۽ ھال کان ٻاھر نڪتا. ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر ميان
عبدالواحد بھ وڃي ڊپٽي ڪليٽر جو پاسو ورتو ۽ کيس
چيائين: ”صاحب ھڪ سائيٽ منھنجي نظر ۾ بھ اٿو.“
”ڏسندؤ تھ مقرر ئي اھا ڪندؤ، شھر جو شھر ۾، ميدان
بھ ڪشادو.“
”گھرجي بھ اھڙي.“
”پر صاحب مون کي بھ نھ وسارجو ۽ جشن ڪاميٽي تي
منھنجي بھ سفارش ڪجو.“ ميان عبدالواحد وارو ھڻي
ڇڏيو.
پوءِ ھر ڪنھن ڏٺو تھ محمد شاھ جي ميخاني ۽ ان جي
ڀر ۾ پيل سرڪاري پلاٽ کي بلڊوزرن سان سڌو ڪيو ويو.
ان ميدان جي چوڌاري سھڻي ڀت نڪتي، ان ڀت جي اندر
بازار نموني چئن پنجن قطارن ۾ اسٽال ٺھيا ۽ وچ ۾
ھڪ وڏو شاھي ھال ٺھيو. اڏاوتون ٿي ويون تھ جشن
ڪاميٽي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو. الائي ڪاٿؤن ڪاٿؤن
جون خلقون مڙي آيون. اسٽالن ۾ مال پيا ۽ ٻاھرين
رونق لاءِ ڀتين ۽ دوڪانن کي لائيٽون لڳيون. شھر جي
شوقين ماڻھن کي بھ ھڪ مشغلو ملي ويو ۽ ھرڪو
سانجھيءَ ٽاڻي ٽڪيٽ، بتين ۽ لائيٽن جي جھرمر ڏسڻ
لاءِ اتي اچڻ لڳا. اتي ھرڪا ورونھھ ھئي. چانھھ جا
ھوٽل ھئا، شئن جا دڪان ھئا ۽ پان ٻيڙيءَ جون پڙيون
ھيون. راند جي شوقينن لاءِ بھ سرڪسون ھيون ۽
ڪارنيوال ھئا. ان کان سواءِ مختلف رانديون ھيون.
تنبولا ھو تھ گولو بھ ھو، جتي ھرڻ، ھاٿي ۽ گھوڙي
تي رپيو رکي پئي اٺ ڪمايا.
پوءِ وري ڪلچرل شو جون تياريون ٿي ويو. عوام ۾
ٽڪيٽون وڪامڻ لڳيون. سڀ کان وڏي ٽڪيٽ پنجاھ ھئي.
ان کان پوءِ پنجويھھ ھئي ۽ آخر ۾ غريب غربي لاءِ
رعايت طور پنج روپيا ھئي. شھر ۾ چؤ طرف ان شو جا
پڙھا اچڻ لڳا ۽ ھر ھنڌ ان جي چؤپچو ٿيڻ لڳي. عام
ماڻھن اھڙو ڳورو نالو اڳ ڪونھ ٻڌو ھو، سو ھڪ ٻئي
کان پڇڻ لڳا.
”ميان اھو ڪلچرل شو آھي ڇا؟“
”ڪلچرل شو معنيٰ ثقافتي شو.“
”اھا وري ثقافت ڇا آھي؟“
”پاڻ کي خبر ڪونھي، مڙئي ڪا چڱي ڳالھھ ھوندي.“
”ھا ھوندي ضرور چڱي ڳالھھ، تڏھن پڙھا ڏنا اٿن؟“
”ميان ھن ڊي سي تھ وڻ وڄائي ڇڏيا آھن.“
”ھا يار، ھھڙو ڊي سي تھ تاعمر ھت ھجي.“
”ڏسو نھ شھر کي ڪيڏي نھ ٽاٽائي وٺائي اٿائين.“
ان ڪلچرل شو واري ڏينھن تھ ماڻھن جا ميلا مچي ويا.
سڄو پنڊال ڀرجي ويو، تھ بھ ماڻھن جي پيھھ پيھان
ھئي. عام ماڻھن لاءِ ڪرسيون ئي ڪونھ بچيون. انھن
ڪرسين تي ڪامورا لائين ويٺي ھئي. عام ماڻھو بھ
پوئتي ڪونھ موٽيا. پر اڀين پير بيٺا رھيا ۽ ھر
ڪنھن جون نظرون اسٽيج ڏانھن ھيون، جنھن کي وڏو
ريشمي پردو لڳل ھو.
ڪرسين کان گھڻو گھڻو پوئتي بيٺل ماڻھن مان مڪان جي
اڳوڻي مجاور محمد شاھ، شمشاد کي ڳائيندو ڏسي زور
سان ٽھڪ ڏنو ۽ ڀرسان بيٺل ٻئي مجاور کي ٺونٺ ھڻي
چيائين: ”فقير، ڏسين ٿو رنگيءَ جا رنگ!“
”ھا مرشد، ساڳي شمشاد، ساڳيو ڪلام..... پر اسان
ڪھڙي غناھي ڪئي ھئي؟“
”ميان پينو پينو کي نھ سھندو، مجاور مجاور کي
ڪونھ. ھل تھ ھلي ڪا ٻي ڪار ڪريون.“
آٿت
سارين جي منظوري وٺڻ لاءِ، چوڏھن ڪلاڪن جي ڊگھي
مسافري ڪاٽي، جنھن وقت رئيس لاھور پھتو تھ ان وقت
شھر جون روشنيون ٻري ويون ھيون ۽ چوڏس چانڊاڻ لڳي
پئي ھئي. مال روڊ تي تھ اڃا وڌيڪ بھاري ھئي. اتي
وري روشنين پاڻ ۾ اک ٻوٽ راند پئي ڪئي. رئيس اھو
نظارو ڏسي پوئين سيٽ تي ويٺل ڪمدار کان پڇيو:
”ڪمدار ڇا ٿو ڀائين، ڏينھن آ ڪن رات؟“ ڪمدار جا تھ
وائيسر ئي ڦري ويا ھئا ۽ مٿو چرخ ٿي ويو ھو. ھن بي
اختيار داد ڏيندي چيو: ”سائين ڪھڙو شبخور ھن کي
رات چوندو. ڪول ٿي چري تھ اھا بھ ٿي ڏيکارجي.“
”ڀلا ھن طرف جو بھ تھ ديدار ڪجانءِ.“ رئيس ٻئي طرف
اشارو ڪيو. ڪمدار اوڏانھن نظر ڦيرائي تھ جوانڙين
جي ٽولن تي نظر پيس، جي ھيڏانھن ھوڏانھن پسار ڪري
رھيون ھيون ۽ ھزار ھزار پاور جي بلبن کي ڦڪو ڪري
رھيون ھيون. سندن ڊگھيون ڊگھيون ڳچيون، ڀورا ڳاڙھا
رنگ ۽ رنگبرنگي ڪپڙا ڏسي ڪمدار ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽
چيائين: ”ابول، سونھن تھ ڪا ھتي آھ. جھڙيون آڙيون،
جھڙيون ھنجران. بيشڪ جھڙو لھور ٻڌوسون، تھڙو
ڏٺوسون.“
”ميان نيٺ تھ گاديءَ جو ھنڌ آ.“
”بيشڪ سائين، واھ واھ.“
ڪمدار جي واڇ گودو ڏسي، رئيس کي ياد آيو تھ ڪيئن
پھريون ڪمدار اچڻ کان نابري پئي واري ۽ بھانا ڪيا
تھ ”سائين ھي ڪم آھي، ھو ڪم آھي.“ رئيس مشڪندي
ڪمدار کي چيو: ”اڃا تھ نھ پئي آئين، مکڻ پئي مٿو
ٿي سڙيئي.“
”سائين ڪم ڪاريون بھ تھ آھن. مان پئي چيو تھ ھڪ تھ
ڳوٺ ۾ ھجي.“
”ڪمدار، ڪم ڪاريون پيا ٿيندا آھن. ھي بھ تھ دنيا
جو سير آ، روز روز ٿوروئي اچڻ ٿيندو. وري سانگو بھ
تھ ھو نھ.“
”ھائو سائين، چڱو ٿيو جو آيس. ھھڙيون حوران يا تھ
ھتي يا وري بشت ۾ ھونديون. بشت ۾ ڏسڻ آ نصيب جي
بازي، ھتي تھ ڏٺيونسين.“
ٽانگو پنھنجي پوري پني رفتار سان ھلندو رھيو. رئيس
۽ ڪمدار ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندا رھيا. نيٺ ڪمدار
ڏسي ڏسي ٿڪجي پيو تھ رئيس کان پڇڻ لڳو: ”سائين
پورا ٻھ ڪلاڪ ٿيا آھن ٽانگي ۾ رلندي، اڃا تھ شھر
کٽي ئي ڪونھ ٿو.“
”ڇڙن ٻن ڪلاڪن جي ٿو ڳالھھ ڪرين. ھتي سڄو ڏينھن
ڦرندين تھ بھ انت ڪونھ لھندين، ميان ڏوڪري ڪانھي،
لاھور آ لاھور.“
”ھائو سائين، اڌ جھان آ. مون کي تھ ڀؤ آھي تھ
سڀاڻي سارين واري صاحب جي آفيس بھ شل لڀي.“
”ھون، انڌن بھ ملتان لڌو ھو، پاڻ تھ سڄا آھيون.
آفيس جي ائڊريس بھ تھ آھي پاڻ وٽ.“
”سائين ائين چئجانءِ، جي ائڊريس بھ نھ ھجي ھا تھ
ڪڙمين جي بھ ڀيڻ خوش ھئي تھ اجازت ملندي ۽ ساريون
ٿينديون. جيستائين اسان آفيس لھون ھا، تيستائين
پوکيل ٻج ئي ڳري وڃن ھا.“
رئيس ڪمدار جي ان سادگيءَ تي کلڻ لڳو. ويچاري ھيڏا
وڏا شھر ڪاٿي وٺا ھئا. ھو ڪمدار کي سمجھائڻ لڳو:
”ڪمدار، ھرو ڀرو ائين ڪونھ. ٻھ ٽي ڏينھن رھندين تھ
پاڻھين ٺھي ويندين.“
”نھ سائين، پاڻ کان زور آھي شھر. مان تھ ھڪ وک بھ
اڪيلو ٻاھر نھ نڪران.“
ايتري ۾ ٽانگي واري بيھاري رئيس کان پڇيو: ”بڊيرا،
ھن ھوٽل ۾ لھندؤ يا اڳتي ھلان؟“
”ڪمدار، ھن ۾ رھون يا اڳتي ھلون، ڪنھن سٺي ھوٽل
۾؟“ رئيس وري ڪمدار کان پڇيو.
ڪمدار ڪنڌ ڪڍي ھوٽل ڏانھن نھاريو ۽ ان جون ماڙيون
ڳڻڻ لڳو. کيس دروازن تي لڳل ڳاڙھي لائيٽ بھ ڏاڍي
وڻي. ھن رئيس کي چيو: ”ھن ھوٽل ۾ ڪھڙي خامي آھي؟
ھھڙو ھوٽل تھ سکر ۾ بھ ڪونھي.“
”خامي جي ڳالھھ ڪونھي، پر مان پئي چيو تھ ڪنھن
وڏيءَ ھوٽل ۾ ھلون ھا، ھتي تھ ھڪ ٻئي کان اور ھوٽل
آھن.“
”نھ سائين، اجايا خرچ. لھو تھ ھتي رھون.“
رئيس ٽانگي واري کي ڀاڙو ڏئي ھيٺ لٿو ۽ ڪمدار کان
بئگ کڻائي اچي ڪائونٽر وٽ بيٺو. ڪائونٽر واري
کانئس نالو پڇيو ۽ ھو نالو لکائڻ لڳو.
”لک علي محمد خان.“
”ولد؟“ ڪائونٽر واري اڳتي پڇيو.
”رئيس حاجي مير محمد خان.“
”قوميت؟“
”سنڌي.“
”پاڪستاني؟“ ڪائونٽر واري ڏاڍيان چيو.
”ھا يار، پاڪستاني.“
”ڪيئن آيا آھيو؟“
”ڪم ڪار آھي سرڪاري آفيس ۾.“
ڪمدار جيڪو رئيس جي پويان بيٺو ھو، تنھن کي جواب
نھ وڻيو. ھن کي خيال آيو تھ متان سارين وارو صاحب
ھن جو واقف ھجي ۽ سندس سفارش سان ڪم جلد ٿي وڃي،
ان ڪري ھن پيرائتي ڳالھھ ٻڌائيندي چيو: ”ميان زمين
ڪلر ٿي وئي آھي، سو سارين جي منظوري وٺڻ آيا
آھيون.“
پر ڪائونٽر واري سندس ڳالھھ ڏانھن ڪو ڌيان ڪونھ
ڏنو ۽ اچڻ جي سبب واري ڪالم ۾ خانگي ڪم لکي، بورڊ
مان ٻھ چاٻيون ڪڍي ڀرسان بيٺل ڇوڪراٽ بيري کي وزني
گار ڏيندي چيائين: ”ڪمرا نمبر بائيس، تيئيس.“
ڪمدار کي ڪائونٽر واري تي ڪاوڙ ھئي جو ھن کيس ڪو
گوش تھ ڪونھ ڏنو ھو ۽ نھ کيس ڪو جواب ڏنو ھئائين.
ھن ڪمري ڏانھن ھلندي رئيس کي ڀڻڪو ڪيو: ”ھتي تھ
گونگن ۾ ڦاٿا آھيون، ڪنھن ٻئي ھوٽل ۾ ھلون ھا.“
رئيس وارا پاڻ ڳوٺاڻين جاين تي ھريل، جن جا اڱڻ
ڪشادا ٿين، جتي سج پھريون ڪرڻو نڪرڻ سان اڱڻ ۾
ٺڪاءُ ڪري ۽ سمھيل کي ڏنگ ھڻي. شھر ۾ تھ ھڪ ٻئي
سان گڏيل اوچيون جايون، اونداھا ڪمرا ۽ وري درن ۽
درين جي مٿان ٿلھا پڙدا، جتي ڏينھن جو بھ بتيون
ٻرن، اتي رئيس جي اک ڪيئن پئي کلي. مس مس ڏھين بجي
رئيس جي اک کلي تھ اھا ئي اوندھھ ڏٺائين. واري
اکيون ٻوٽڻ جي ڪيائين پر اکيون بھ نھ ٻوٽجن. ڀرسان
سيرانديءَ وٽان واچ کڻي جو ڏٺائين تھ ٽپو ڏيئي
اٿيو ۽ ڀر واري ڪمري ۾ وڃي ڪمدار کي زور سان
سڏيائين، جينھن جي اڃا ڦوڪ پِئي پئي. رئيس جي سڏ
تي ڪمدار بھ اکيون مھٽي ڪلمو پڙھڻ لڳو. رئيس ڪمدار
کي ٽوڪيندي چيو: ”ميان! واھ جو ٿو اٿارين، منجھند
ڪري ڇڏيئي.“
”ڀوڳ نھ ڪيو، اڃا تھ باک بھ ڪونھ ڦٽي آ.“
”چڱو در تھ کولي ڏس.“
ڪمدار در کولي ٻاھر ڏٺو تھ اکين تي تروار اچي ويس.
پوري ڪچڙي منجھند اچي ٿي ھئي. موٽي رئيس کي
چيائين: ”سائين تڪڙ ڪري تڙ ڪري وٺو تھ مان ڪپڙن ۾
آڳٺ وجھان تھ ھلون.
”ميان نيرن تھ ڪيون.“
”نيرن پيا پوءِ ڪنداسون. پھرين جنھن ڪم سان آيا
آھيون، اھو تھ سجايو ڪيون.“
رئيس تڪڙ ۾ وھتو، ڪمدار کيس ڪپڙا پارايا. ٻئي ڏاڪڻ
لھي روڊ تي اچي پھتا. ٻنھي فيصلو ڪيو تھ ٽانگو
الائي ڪيتري دير لائي، ان ڪري ٽيڪسيءَ تي ھلڻ
گھرجي. رئيس ھڪ ٽئڪسي روڪي ۽ ڊرائيور کي ايڊريس
ڪڍي سمجھايائين: ”ڌرم پور ھل، اتي ريڪلميشن کاتي
جي آفيس آ، اتي ھلڻو آ.“
ٽيڪسيءَ واري کي جو ھي سادا سودا ماڻھو ھٿ اچي ويا
تھ ھن کين رلائي رلائي، مس ڪلاڪ کان پوءِ اچي ان
آفيس اڳيان ڪڍيو ۽ کائن ڏھھ روپيا ڀاڙي جا ڪڍي
ورتا. ٽئڪسيءَ واري مان جند ڇڏائي رئيس آفيس ڏانھن
ھليو ۽ سامھون ورانڊي ۾ ويٺل پٽيوالي کان پڇيائين:
”چوڌري، ريڪلميشن کاتي جي ھيءَ آفيس آ؟“
”آھوجي.“ پٽيوالي ڪنڌ لوڏي ھا ڪئي.
”شڪر ٿي منھنجا رب.“ پويان بيٺل ڪمدار ڀڻڪو ڪيو.
”چوڌري اسان جي سارين جي لک پڙھ ھت آيل آھي، ڪنھن
سان ملون؟“
”چوڌري اڪرم سان.“
”اھو ڪاٿي ويندو آ؟ مھرباني ڪري ساڻس ھلي ملاءِ.“
پٽيوالو ورانڊو لتاڙي ھڪ ڪمري ڏانھن وٺي ھليو. اتي
ھڪ ڪلارڪ ڏانھن اشارو ڪيائين. رئيس ان کي بھ ساڳي
ڳالھھ ڪئي تھ سندس سارين جي لکپڙھ ھيٺان منظوري
لاءِ آيل آھي. ان ڪلارڪ کين مٿي کان پير تائين
نھاري پڇيو: ”ڪھڙي ضلعي جي لکپڙھ آ؟“
”سکر جي.“
”ڪھڙي موگا تي آ تنھنجي زمين؟“
”موگا ڇا؟“ رئيس منجھي پيو.
”واٽر ڪورس.“ ڪلارڪ موگا جي معنيٰ سمجھائي.
”ھا، تيرھون – آر غرڪڻو.“
”اھا لکپڙھ اڃا ڪونھ پھتي ھوندي.“
رئيس جا تاڪ لڳي ويا، پر وري کيس ياد آيو تھ ان
مونجھاري کان ھن سکر واري آفيس مان بھ روانگي نمبر
ورتو ھو ۽ جو سندس کيسي ۾ پيو ھو. ھن اھا نمبر
واري سلپ ڪڍي ڪلارڪ کي ڏيکاري، پر ڪلارڪ ان سلپ کي
بھ ڪونھ پڙھيو. چيائين: ”جي لکپڙھ آئي بھ ھوندي تھ
اڄوڪي ڏينھن ڪيئن لڀندي؟“
”چوڌري مان بھ پري کان آيو آھيان، منھنجي پنڌ جو
قدر ڪر.“
”نھ ميان، اڄ ڪون لڀندي.“ ڪلارڪ کتو جواب ڏنو.
رئيس جي ھڪ دل چيو تھ جيڪر ھن سان مٿو ھڻڻ بدران
سڌو وڃي وڏي صاحب سان ملي، پر ٻيءَ دل کيس ابن
ڏاڏن جي پڙھايل سبق کان ابتڙ وڃڻ تي منع ڪئي. ابن
ڏاڏن جو کيس سبق پڙھايل ھو تھ جيئن ڏاڪڻ تي ھيٺئين
ڏاڪي کان چڙھبو آھي، تيئن سرڪاري ڪمن ۾ پٽيوالي ۽
ڪلارڪ کان ٿي، پوءِ مٿي ھلبو آھي. وڏا صاحب بھ
انھن ڪلارڪن جي ئي کيسن ۾ ھوندا آھن، اھي ٻئي پاسا
سوچي ھن چيو: ”چوڌري صاحب ڀلا سڀاڻ اچان؟“
”ھا، سڀاڻي اچ تھ پوءِ ڏٺو ويندو. الائي لکپڙھھ
ھتي ھوندي يا رڪارڊ آفيس ۾.“
رئيس آفيس مان ٻاھر نڪري ڪمدار کي چيو: ”ميان
سڀاڻي آفيس کلڻ کان اڳ ھتي پھچون تھ ڪو ڪم ٺھي.“
”ڀلا ڪم ٿيندو نھ سائين؟“
”رک خدا تي، ڇو نھ ڪم ٿيندو. چوڌري چنن الدينم کي
بھ اسان جي لڳو لڳ منظوري ملي آ.“
”ھا سائين، منظوري ضروري ملي. اسان جي زمينن ۾ وڏو
خارابو آھي. سارين ۾ پاڻي جل وھندو تھ پوءِ ئي اھو
ڏنگ ٺرندو، ڏنگ ۾ ساري وئي، ڄڻ مھتي پيڪين وئي.“
”مھتيءَ وارو مثال ڪيئن ڏنئي؟“ رئيس کلڻ لڳو.
”سائين، مھتي پيڪين ويندي آھي تھ مان لھندي آھي ۽
موٽندي آھي تھ ٽپڙڻ ٽاڙين سان مڙس جو گھر ڀري
ڇڏيندي آھي. تئن ڌنگ جو بابو بھ ساريون آھن.“
ٻئي ڏينھن اڃا پوري آفيس بھ ڪونھ کلي ھئي ۽
پٽيوالن ڪمرا پئي ڇنڊيا جو رئيس وارا اچي پھتا.
رئيس ڪلھوڪي پٽيوالي کي چيو: ”متان تو وارو چوڌري
اڪرام تھ اسان سان ٺھي ئي ڪونھ ٿو. جي ڪم ڪرائي
ڏين تھ وڏي مھرباني. ڪنھن جو حق رکڻ وارا بھ
ناھيون.“
”ڀلا پاڻ ۾ ڪجھھ ڳالھيو اٿو؟“
”نھ اڃا ڪونھ.“
”چڱو، اچي تھ مان ٿو ڳالھايانس. ڀلا گھڻو چوانس؟“
”جيڪو چوندو سو ڏينداسونس، رڳو ڪم ڪري ڏي.“
”ٺيڪ آ، قصي کي ٺاھيون ٿا.“
واسطيدار ڪلارڪ آيو تھ پٽيوالو سندس ڪمري ۾ ھليو
ويو ۽ ڳپل دير کان پوءِ موٽي کين ٻڌايائين تھ سندن
لکپڙھ رد ٿي واپس موٽي وئي.
”اھو وري ڪھڙو غضب؟“ رئيس گوڏن تي ھٿ ھنيا.
”توھان دير سان پھتا آھيو. لکپڙھ سان گڏ اچو ھا تھ
ائين ڇو ٿئي ھا؟“
”ڪھڙي دير ڪئي سين چوڌري، ھفتو کن تھ ٿيو آ لکپڙھ
کي آئي!“
”ھفتو ٿورو آ، اوھان جي پاسي جو ھڪڙو چوڌري تھ
ڪاغذن سان گڏيو آيو ھو ۽ پنھنجو ڪم ٺھرائي ويو.“
”چوڌري چنن الدين تھ ڪونھ ھو، ان سان گڏ تھ منھنجا
ڪاغذ بھ ھئا.“
”نالو تھ مون کي بھ نٿو اچي. قد جو ڊگھو ۽ ڳاڙھي
ڏاڙھي ھئس.“
”ھا ھا چنن الدين، پر ان جي زمين تھ مون واري واٽر
تي آھي. ان کي اجازت ملي، باقي مون ڪھڙو گناھ ڪيو
آ؟“
”تنھنجي لکپڙھ ۾ ضرور ڪا گھٽتائي ھوندي.“
”نھ ميان، سڀ ھيٺيان ڪاغذ پورا ھئا.“
رئيس ڪمدار کي ٻاھر ڪڍي، ان نئين صورتحال بابت
صلاح ثواب ڪيو. سندس زمين ڪلراٺي ھئي ۽ ٻيو ڪو فصل
ڪونھ ٿيندو ھو. اھڙين زمينن کي سڌارڻ لاءِ ئي ھي
کاتو کليو ھو. گھڻن کي منظوري ملي ھئي. چوڌري چنن
الدين کي بھ ملي ھئي. سندس لکپڙھ کي رد ڪرڻ جو بھ
ڪو سبب ڪونھ ھو. رئيس جون سڀ ڳالھيون ھنڊائي،
ڪمدار ٿڌو شوڪارو ڀري چيو: ”سڀ ڳالھيون برابر آھن،
پر دير سان نھ اچون ھا تھ ائين ڇو ٿئي ھا؟“
”ڪمدار، ڪھڙي دير ڪئي سين. لکپڙھ کي اتان ھلئي اٺ
ڏينھن ٿيا آھن. ٽي چار ڏينھن تھ دڳ ۾ کاڌا
ھوندائين. باقي بچيا ڏينھن چار سو ھن آفيس جا منشي
اھڙا حلالي ٿي ويا جو چئن ڏينھن ۾ ئي لکپڙھ ٺاھي
صاحب ڏي موڪليائون. پورو مھينو تھ ڇڙو نمبر ھڻڻ ۾
وٺندا آھن.“
”پوءِ ڪھڙو نونڌ ٿيو؟“
”نونڌ تھ ٿيو آ نھ، لکپڙھھ ويرين جي ور چڙھي وئي.“
”ڪھڙا ويري آھن پنھنجا؟“
”اھو ظاھر ۾ ملان اندر ۾ ابليس، چوڌري چنن الدين.
پنھنجي لکپڙھ ڪرايون اسان جي کي لت ھڻايون ويو.“
”ڇو.......؟“
”اسان واري پيچ تي آ نھ. جي اسان کي منظوري ملي ھا
تھ پنھنجيون ساريون ڪاڏھون پچائي ھا. پيچ جي ڳن ۾
تھ اسان آھيون نھ.“
”ھاڻي اسان جو پاڻ وھندو جو بابھنس جي بادشاھي آ.
پنھنجو وارو وھي.“
”نھ تھ تون ڇا ڪندين. پاڻيءَ کي ڳنڍ ٻڌي گھر
رکندين ڇا. پاڻي واندو ھوندو تھ پيو وھندو. اسان
کي منظوري ملي ھا تھ اھڙا عدل ڪٿون ڪري ھا.“
”ھا سائين، ھڪي ڀيري، اسان جي ھاريءَ ڪرمونءَ کي
بھ چيو ھئائين تھ: ڇو ٿو ڪيڻون وھائي ڏاند مارين؟
اجازت بھ مليو الائي نھ.“
”مان تھ ھيٺين سکر واري آفيس ۾ بھ اھا لڙي وائڙي
خبر ٻڌي ھئي تھ چوڌريءَ جي مرضي آھي تھ منھنجي
لکپڙھ رد ٿئي، پر مان اھا خبر ھڪ ڪن سان ٻڌي، ٻئي
ڪن مان ڪڍي ڇڏي ھئي. مان سوچيو ھو تھ اجايو ٿا
منشي پاڻ ۾ ويڙھائين.“
”سائين خارزي آھي.“
”پوءِ ھاڻي ڇا ڪيون؟“
”سائين، ھنن ھيٺين مان تھ ڪا گذار ڪونھ ٿيندي. تون
وڏي صاحب سان تھ ملي ڏس، آخر تون بھ چوٿون پائو
آھين، پنھنجي تعلقي جو.“
”اھو بھ ھيٺين جي ھٿ ھوندو. جيئن چوندا، تيئن
ڪندو.“
”تون ملينس تھ مولا جو نالو سنڀالي، کڻي کڻي عمر
بھ مارئي نيندو، ٿر تھ ڪونھ ڀيليندو.“
”ھا، اھا ڳالھھ تھ برابر ٿو چئين، پر چوڌري چنن بھ
تھ مفت ۾ ڪم ڪونھ ڪڍي ويو ھوندو، ھن بھ ضرور سڻڀي
ھڏي اڇلي ھوندي.“
”ھا سائين، پر تھ بھ ملڻو ضرور آ، پوءِ نھ تھ اھڙا
تھ ھونداسين.“
رئيس موٽي اچي پٽيوالي کي چٽيءَ تي نالو لکي ڏنو.
کيس ٻھ ٽي روپيا بھ ڏنائين ۽ ڏاڙھيءَ ۾ ھٿ بھ
وڌائين تھ کين جلد ملاءِ. پٽيوالو چٺي کڻي اندر
ويو ۽ ٿوري دير ۾ کيس اندر وڃڻ جو اشارو ڪيائين.
رئيس اندر ويو تھ سامھون ھڪ ڪرڙوڍ آفيسر ويٺو ھو.
رئيس ٿورو جھڪي کيس سلام ڪيو. آفيسر سلام جو جواب
ڏئي کانئس اچڻ جو سبب پڇيو. رئيس کيس سڄي ڳالھھ
پيرائتي ڪري ٻڌائي تھ سندس زمين سکر ضلعي ۾ غرڪڻي
واھ تي آھي. اھا ڪلر ٿي وئي آھي، ان ۾ ڪا خسڪ
آبادي نٿي ٿئي. سندس گذارش آھي تھ کيس سارين جي
منظوري ملي.“
”ھيٺيان ڪاغذ آيا آھن؟“ صاحب پڇيو.
”ھا سائين.“
”انجنيئر سفارش ڪئي آ؟“
”ھا سائين.“
”چڱون تون ٻاھر ھلي ويھھ تھ مان لکپڙھ گھرايان.“
”مھرباني سائين جن جي.“ رئيس سلام ڪري ٻاھر نڪتو.
ان وچ ۾ صاحب گھنٽي ھنئي. پٽيوالو اندر ويو. اتان
موٽي واسطيدار ڪلارڪ وٽ ويو ۽ ان کي ڪاغزن سوڌو
وٺي آيو. ڳپل دير صاحب ڪاغذ پڙھيا ۽ پوءِ رئيس کي
گھرائي چيائين: ”بڊيرا، تنھنجا ڪاغذ پورا ڪونھ
ھئا، سو واپس سکر ويا آھن.“
”پر صاحب، اڄ رونبي جي ڇتي مند آ، اھي ڪاغذ ڪڏھن
موٽندا جو اجازت ملندي؟“
”ھن سال تھ مشڪل آ.“
”صاحب، چوڌري چنن الدين بھ مون سان گڏ ڪاغذ ٺھرايا
ھئا. ان جي زمين بھ مون واري واٽر تي آھي. ان کي
اجازت ملي، باقي مان ڪھڙو گناھ ڪيو؟“
اتي صاحب کي ٿورو چڙ ائي ۽ منھن ۾ گھنڊ وجھي
چيائين: ”ھن جا ڪاغذ پورا ھوندا، تنھنجا ڪونھن.“
”پر صاحب، مان سارين جي آسري ۾ ڪيڻون ڪھرايون اٿم،
ٻج پوکرايا آھن، ائين ڪيئن ٿا ڪيو.“
”مان توکي ٻج پوکڻ لاءِ چيو ھو؟“ صاحب ٿورو
شوطائيءَ سان پڇيو.
”اوھان تھ ڪونھ، پر اوھان جي سکر واري زيردست تھ
چيو ھو.“
”اھو وڃي ان سان ڄاڻ، کيس وڃي ڦاھو ڏي.“
”صاحب، اوھان منھنجي پنڌ جو تھ قدر ڪيو. پورا ڇھھ
سؤ ميل لتاڙي اوھان وٽ آيو آھيان.“ رئيس نيازيءَ
مان چيو.
”ھن سال ڪونھ ٿي سگھندو.“ صاحب جو اھو ئي کتو
جواب.
”صاحب، مون سان جيڪو غضب ٿيو آ سو خدا کي نھ
وڻندو.“
”چڱو ٻاھر ھل.“ صاحب ڏاڍيان چيو. کيس ڄڻ تھ گوگائي
مرچ پئجي ويا.
”مان تھ صاحب ھلان ٿو، پر مان مٿي پوڪاريندس.
ھروڀرو اوھان جي بادشاھي ڪانھي.“
”نھ تھ بابھن جي بادشاھي آھي. نڪر ٻاھر،
پٽيوالا.......“ صاحب پٽيوالي ڪي سڏ ڪيو.
”صاحب گاريون تھ نھ ڏيو. ڀلي منظوري نھ ڏيو پر
ڏکويو تھ نھ.“
”نڪر ٻاھر، مون کي دڙڪا ٿو ڏئين؟“
رئيس سمجھي ويو تھ ڪو کڙتيل ڪونھ نڪرڻو ھو. رھندو
وڌيڪ ترسڻ سان پٽڪي لھڻ جو امڪان ھو. ھو ٻاھر
نڪتو. پويان کيس صاحب جو لڙ ٻڌڻ ۾ آيو، جو ھينئر
کيس ڪچيون گاريون ڏئي رھيو ھو. رئيس کي اڳي خار
ھئي، رھندو گاريون ٻڌي سندس رت ٽھڪڻ لڳو. رئيس
واپر موٽي صاحب سان ٿڏي تي ڀلؤ ڪرڻ ۾ ھو جو ڪمدار
کيس ٻانھن کان گھليون ٻاھر وٺي ويو ۽ کيس ٺارن
لاءِ چيائين: ”سائين، سارين جي منظوري نھ ملي تھ
ڪھڙي ڳالھھ، سائون پوکينداسين. اھو بھ ڏنگ ٺاريندو
آ.“
”ڪمدار، زمين پئي پاڻھي ٺرندي. مون کي ڇڙو اندر
ٺارڻ ڏي. ھنن پنجابين کي گھڻيون مذاقون ڦٻيون آھن.
رھندو ھيءَ ڦٻين تھ آڪرا ٿي ويندا. ھنن کي خبر تھ
پوي تھ سنڌي بھ پنھنجي نالي سان آھن.“
”سائين، وقت وقت جو لحاظ رکبو ھو. ھي وقت ڪونھي.“
ھوٽل ۾ پھچي رئيس ھنڌ تي ليٽي پيو ۽ سوچڻ لڳو. ھن
کي پھريون پنھنجيون زمينون ياد آيون، جي ڪلر ڪري
اڇا اڇا دڙڳ ڪري ويون ھيون ۽ جن ۾ پوک جو تيلو ئي
ڪونھ ٿيندو ھو. وري کيس ڪڙمي ڪاري ياد آيا، جن چيو
ھو تھ ساريون ٿين تھ زمينون ٺرن. وري کيس پنھنجي
ڀڄ ڊڪ ياد ائي، جا ھن ان لکپڙھ لاءِ ڪئي ھئي.
پھريون انجنيئر وٽ ويو ھو. ان کي سرزمين ڏيکاري
ھئائين. وري ايس – اي وٽ ويو ھو. ان کان ڪاغز مٿي
ڪڍرايا ھئائين. وري ايل – آر – او وٽ ويو ھو. اتي
بھ ساڳي گيھھ ٿي ھئي ۽ پوءِ مس مس کيس آسرو ٿيو
ھو. وري کيس سارين جا ٻج ياد آيا، جي ھن منظوريءَ
جي آسري ۾ پوکايا ھئا ۽ رونبي لاءِ تيار بيٺا ھئا.
وري کيس چوڏھن ڪلاڪن جي ڊگھي مسافري ياد آئي، جا
ھن گرم ڏينھن ۾ ڪئي ھئي. وري کيس لاھور جي آفيس ۾
رلڻ ياد آيو، جتي ھڪ ڏينھن بھ ويو ھو تھ ٻئي ڏينھن
بھ ويو ھو. وري کيس چوڌري چنن الدين ياد آيو، جيڪو
پنھنجي لکپڙھھ منظور ڪرايون، ھن جي رد ڪرايون ويو
ھو. وري کيس چوڌري اڪرام ڪلارڪ ياد آيو، جينھن کيس
تريون ئي ٽي ھنيون ھيون. وري کيس وڏو چوڌري صاحب
ياد آيو، جو سڀني جو گرو ھو، جنھن ھن جي تڪليفن،
پنڌن، ايلازن ۽ منٿن کي بھ وزن ۾ ڪونھ آندو ھو.
کيس ڪجھھ ڏنو تھ ڪونھ ھئائين، رھندو ڏکويو ھئائين.
وري کيس چوڌريءَ وڏي جون ڏنل ڪچيون گاريون ياد
آيون، جي ھن پنھنجي ڪنن سان ٻڌيون ھيون ۽ جن سندس
اندر ساڙي ڇڏيو ھو. ھو سوچڻ لڳو تھ ھو ڇا ڪري؟
ڪنھن کي دانھن ڏئي، ڪنھن کان داد گھري؟ ھو وقت جو
تھ حاڪم بھ ڪونھ ھو، جو انھن سڀني کي ديس نيڪالي
ڏئي، جن کيس ايذايو ھو. ھن جي تھ ڪو ٻڌڻ وارو بھ
ڪونھ ھو. ماڙ ڪرڻ وارو ڪو ھتي ڪونھ ھو. سڀ ڌاڙ ڪرڻ
وارا ھئا. رئيس جي خار ۽ بيوسيءَ ۾ لونءِ لونءِ
ڪانڊارجي ويا. سندس منھن ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ھن جون
لوندڙيون ٺڪاءَ ڇڏڻ لڳيون. ھو سوچيندو رھيو،
سوچيندو رھيو.
؟؟ رئيس جي نرڙ تان فڪرن جا گھنج لھي ويا. ھو ٿورو
مشڪيو ۽ اتي گھنٽيءَ جو بٽڻ دٻايائين. بيرو آيو تھ
کانئس مشڪندي پڇيائين: ”ھن ھوٽل ۾ دل وندرائڻ جو
بھ ڪو انتظام آھي يا ائين ڇڙو؟“
”بادشاھو، حڪم جي دير آ. مان تھ ڪلھھ بھ اوھان جي
حڪم جو پئي انتظار ڪيو.“
”جنھن وقت بک لڳندي، تنھن وقت ئي گھربو آھي.“ بيرو
جنھن جو گذران ئي ان ڳالھھ تي ھو، تنھن جو پنھنجي
مطلب جو گراھڪ ڏٺو، سو ٽڙي پيو. طوطي وانگر
ٻوليندي چيائين: ”ڪير ھجي، بنگالڻ، ڪرسچن يا
پنجابڻ؟“
”بنگالڻ گھرجي ھا تھ بنگال وڃان ھا. ڪاريون ڪرسچن
تھ پاڻ کي وڻن ڪونھ، پنجابڻ گھرجي.“
پوءِ يارھين بجي بيرو ھڪ پنجابڻ کي وٺي آيو. ڪونج
جھڙي ڳچي، پٿر جھڙو سوٽ جسم، ڀورو ڳاڙھو رنگ، جھڙي
آڙي، جھڙي ھنجر. رئيس بيري سان ڳالھين ۾ ٺھي در
بند ڪيو ۽ ڏانھس ائين تڪڙ لڳو، جيئن چيتو ھرڻيءَ
کي تڪيندو آھي. تڪي تڪي، کيس ٻک ھڻي ائين ٻانھن ۾
وڪوڙيائين، جيئن ڪوڙيل بلا پنھنجي شڪار کي
ويڙھيندي آھي.
رئيس سڄي رات کيس اک ڇنڀڻ بھ ڪونھ ڏني. باک مھل
ھوءَ ٿيڙ کائيندي موٽي وئي تھ رئيس جو اندر بھ ٺري
پيو ھو تھ زمينون بھ ٺري پيون ھيون. |