سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :4

 

 

پھرين مراد

عنايت ڏانداريءَ سان چڪون لٽيندي، پنھنجي پٽ ماڻڪ کي چوڻ لڳو: ”توکي تھ ٽيون سال پاڪي کنئي ٿيو آھي. مان تھ اڃا پاڪي بھ پوري نھ کنئي ھئي جو راوي چناھ جون مينھون ھتي لوڙھي آڻيندو ھوس. اسان جي پِڙ تان سدائين ويھھ، پنجويھھ آلوڙيون ۽ ويھھ، پنجويھھ ڍڪيون ڇڙنديون ھيون، مينھون بھ ذاتيون، سڄن لاءِ ھنيانءَ جو ٺار تھ دشمن تي داغ.“

”ابا، مشڪ کان بھ ڀليون؟“ ماڻڪ ڀاڻ جي ٽوڪري ھاريندي چيو.

”اڙي مشڪ جھڙين کي تھ ڪلي سان بھ نھ ٻڌندا ھئاسين ۽ ٻيون گور چرنديون ھيون. پير سوريندو ھوس تھ ڪنھن مھانڊي جي سٽ ۾ اچي وڃي تھ ويڳ ۾ ڀلوڙ ڇنان.“

”ابا، مشڪ ۾ ڪھڙي گھٽ آ؟ ستون پيٽ ويائي آھي تھ بھ ڪينگر ٿي ڏھائي.“

”تو چرئي کي ڪھڙي کيرن جي خبر؟ وڃي ماءُ کان گلزار ۽ ملڪان جو پڇ، جي مان سانگھڙ مان آنديون ھيون. ماڻھين ٻھ ٿڻ بھ ڪونھ ڇڏائي سگھندي ھئي. کير بھ مصريءَ جيان مٺو. منو منو پاءُ مکڻ تھ ماڻھين کير مان اتاري ڪڍندي ھئي. ھن مشڪ ۾ ڇا رکيو آ؟ پانڌا سو چڱا اٿس جو سڄو ڏينھن بندر تي ٿي جل چري، باقي وڙ وجھھ ۾ ٽڪو نھ لھي. جي جھنگ چرڻ ٿي وڃي تھ پورن سان گٽِ جي اوسي پاسي جون ليون ڀڃي. اڙي ماڻڪ! ھنن مينھن جا پور نھ ڏيار، دل – ھول ٿو ٿئي. ڇا تھ ھنن جو وڙ ھو، ڇا تھ وجھھ ھو. ھيءَ منھنجي ھٿ جي چيچ پورن ۾ نھ پوندي ھئي. ڪونج جھڙيون ڊگھيون ڳجھيون ۽ ريشم جھڙيون کلون!“

ماڻڪ چپڙي ڪري بيٺو رھيو. پيءُ کي بھ وڌيڪ پئي چوريائين تھ ککر ۾ پئي کڙو ھنيائين. پر عنايت کي جيڪي اڳلا پور پيا ھئا، تن کيس ائين ڪئين پئي ماٺ ڪرڻ ڏني؟ ھن وري ڀڙڪو کاڌو: ”اعتبار نھ اچئي تھ وڃي نئين ديري منھنجا پراڻا کنڌا کولاءِ. چوٿين ڏينھن ٽين گيھھ جو ٿيندو ھو. ھينئر تھ مانيءَ جو مک بھ پورو نٿو ٿئي. ڪو دلگھريو مزمان ٿو اچي تھ ڳنڌڻ لاءِ مکڻ ٿو پنڻو پئي. ان ڏينھن سنجر ڪمالاڻيءَ منھنجا اھي وڍيا جو اھا جاءِ نھ پئي لڌي، جتي وڃي ڦاھو کاوان.“

”ڇو ابا! ڇا چيائين؟“

”ڇا نھ چيائين؟ اصل ڪتن سان گڏ کارايائين.“ عنايت ٿڌو شوڪارو ڀري چيو.

”نيٺ ابا، ٻڌاءِ تھ سھين.“

”ڇا ٻڌايانءِ؟ ڪھڙي ڌوڙ پايان؟ تو جھڙي پٽ کان تھ اوندھھ چڱي ھئي. يار مھڻا تھ نھ ڏين ھا.“

ماڻڪ ڪجھھ نھ ڪڇيو.

عنايت کي وري ججڪي اچي وئي: ”ان ڏينھن تون جوئڙيءَ کي پيڪا گھمائڻ وٺي ويو ھئين جو سنجر ڏھاڪو کن مھانڊا وٺي اچي مزمان ٿيو. مان ست بسملاھون ڪري مزمانن جي آجيان ڪئي. ڪونرو کڻي مزمانن جا ھٿ پير ڌوئاريم. ساڻن حالي احوالي ٿيم. ٻيون تھ لک خذمتان ٿيون، پر کير جي پاڻ وٽ ٻاڙائي، سو ڪٿان پوري ڪيان؟ خير مان ويھارو کن ڍنگ مانين جا پچرائي، ان مشڪ جو سمورو کير کڻي وڃي سندن اڳيان رکيو. پر ان کير تھ ھمراھن جو وات بھ آلو نھ ڪيو. اڳيان سنجر بھ اگھاڙي ترار، سو گرڙي ڪري چوڻ لڳو: ”ادا عنايت! چئبو تھ پٽھن بھ ڪونھ ٿيو!“ مان جيسين ڪو جباب ڪڍان تھ ٻئي ٻروچ وارو ھنيو: ”سنجر، چاچي عنايت ئي نھ چئھ، ماني کاواري نھ کاواري، پر محبت جون تھ لانڍيون اٿس.“ پر سنجر اڃا نھ مڙيو، رھندو ٽوڪ ڪيائين: ”اھڙين محبت جي لانڍين کي باھ ڏئي ساڙيو ادي عنايت کي کير جي گھٽتائي ھئي تھ پراڻيءَ سنگت کي تھ آزمائي ھا. سنگت کان ھڪ ھڪ ٽڪ پني ھا تھ ٽلو ڪري اچي ھا. کر ڦاٽوڙي لاءِ ڪير جباب ڏئيس ھا.“

”پر ابا، تو بھ ڪمال ڪيو. پياريءَ جو کير ڇو نھ کڻي وئين؟“

”پياري بھ ڪانگھاري، ان ۾ وري ڪھڙا گھڙا کير جا ھئا؟ ان کير ۾ ماڻھين سيبتيءَ وري سباڻ ملائي ڇڏيو ھو.“

”ٻروچ ڇڏيو بھ ماري. پوءِ تو ڪھڙو جواب ڏنس؟“

”مان تھ پنھنجو اگھاڙو پيٽ ڍڪڻ لاءِ گھڻيون اوڀاريو لھواريون ڳالھيون ڪيون. چيومانس تھ ٻيون مينھون اٺين پھر آھن، پر اڳيؤن سنجر بھ شير شاھ جو ڀيريون وڄايو ويٺو ھو، سو ھن اھي گوھيون ڪٿي پئي ڪرڻ ڏنيو. مرڪي چيائين: ”ادا عنايت، سنجھا مھل اھڙا ڪوڙ نھ ڳالھاءِ. تو وٽ جيڪي سانڀرن سان گھنجان ٿيون ڇڙن، سي بھ ڪونھ لڪنديون. ٽِڪي مڃ، نھ تھ ھن مئل کي واڙو ڏسي خوار خراب ڪندوسان!“

”ائين تھ جود ۾ مان بھ وٺ ڪونھ ڏنو. کيس ٻڌايم تھ سرءُ ۾ ڏھاڪو کن آلوڙيون ڀري پيون، پوءِ پاڻ پڙھايم. تڏھن ڪو خير ٿيو.“

”ابا، اھا تھ وائي نھ ڪڍين ھا. ڪا مھل ڪھڙي ڪا ڪھڙي.“ ماڻڪ کي ڪيسڪاٽ اچي ويو.

”نھ تھ گامون سچار بڻجي پتا پڌرا ڪيان ھا تھ ماڻڪ جي نڀاڳ اچي چوٽي ڪئي آ؟“ عنايت خار مان چيو.

”پوءِ سنجر ويسھھ ڪيو يا......“

”ھون، سنجر ٿو اھڙين ڳالھين تي ويسھھ ڪري. چيائين: ”ادا عنايت! اھڙي بيماري تھ اسان ڪانھ ٻڌي!“

مان کڻي چپ ڪئي تھ ھن وري بادشاھ پير جو پلو ڏئي پڇيو: ”گھڻيون ٽڪون ٿي ڪل ھو؟ بادشاھ پير جي قسم کان پوءِ مان بھ ڪوڙ نھ ڳالھايو. ننڍي وڏي ڳڻي اٺ ڪن ٻڌايم.“

”چاچي جون پنج بھ ڇو نھ پئي ڳڻايئي؟“

”انھن ۾ اسان جي ربيع يا خريف؟“

”ڍڪ تھ ڍڪجي وڃي ھا.“

”جھڙيون اٺ، تھڙيون تيرھن. سنجر تھ منھنجيون سٺِ سٺِ مينھون ڇڙندي ڏٺيون.“

”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا، بس کلن جا ڪوڪرا ھئا. سنجر وري مون کي قسم ڏنو ۽ پڇيائين تھ اھي ٽڪون اڳليون، يا پٽھين بھ گڏيون؟ مان ٻڌايومانس تھ سڀ اڳليون، ابي اڃا خير سان پھرين مراد بھ ڪانھ آندي آ. سڀني جا تاڪ لڳي ويا. گھڻيءَ گھڻيءَ دير کان پوءِ سنجر مون کي ھوريان چيو: ”ادا عنايت! پوءِ مڃ ني تھ پٽھن ڪونھ ٿيو.“

ماڻڪ کي باھ وٺي وئي. ھن پيءُ کان پڇيو: ”ابا! تون مون کي ڪھڙي ڏينھن موڪل ڏني جو مان نھ ويس؟“

”ابا، ٽنگ ڀڳي کان ويل نھ ويندي، پر تون ھئين اصل کان دل ڀڳوڙو، سو تون ڪھڙا لالڻ ڪرين ھا. پھريان ماڻھين کاري خراب ڪيئي جو پنھنجي گوڏي کان توکي پري نھ ڪيائين. وري پر پرڻايومانءِ تھ جوءِ جي ڪڇ نھ ڇڏيئي. ڪڏھن ٿو پيڪا گھمائيندس تھ ڪڏھن ٿو ناناڻا گھمائينس. ٻڌي – ڇوڙي دل ڪندي آھي، تو ۾ اھي دليون ڪٿي!“

”ھا ابا، تو ۾ سو دلين جا پانور آھن. تون بھ وڃي پرايو ٽڪان ٻڌيون. ڪن تو ڪي واھران پليون يا مقابلا ڪيا.“ ماڻڪ پيءُ کي مھائين ھنئي.

عنايت پٽ جو اھو مھڻو ٻڌي صفا ليڪو لنگھي ويو. سٽ ڏئي پنھنجو پٽڪو لاھي، مٿي وارو ڇٽل نشان پٽ کي ڏيکاريندي چيائين: ”ھي مٿي وارو چير ڪھاڙي آ يا ماڻھين جو ........ آھي؟“

”الائي، توکي خبر؟“

”ڀاڙي شھرن جو ٿو مھڻو ٠ئي! اسان مڙس ماڻھو ھئاسين، ڪن تو وانگر سڄو ڏينھن پئي رنن سان لاڏ ڪياسين.“

”ابا، ڪھڙا ٿو لاڏ ڪيان؟“ ماڻڪ ھيٺاھين ورتي.

”ڀاڙيا، اھي لاڏ ناھن تھ ٻيو ڇاھن؟ اسان ٻھ زالون پرڻيون ۽ ڪمايون. رات جو سو ساڻن کلي ڳالھايوسيون، پر ڪم لٿي کان پوءِ کلي جو زيپٽ ھوندو ھو. ڪن تو وانگر سڄو ڏينھن ٽھھ ٽھھ!“

”پوءِ ابا، پرڻايئي ڇو؟ زور تھ ڪونھ ڪيو ھومانءِ.“

”پرڻايومانءِ ان ڪري تھ اتر – اوڀر ويندي پراوا ننگ نھ تڪين ۽ نڪ کي مر نھ لائين. جنھن مھانڊي پراوا ننگ تڪيا، تنھن جو بھ ڪم لٿو. جي اڳلا مڙس ماڻھو ھوندا تھ پل نھ مڙندس، سر نيندس. پر جي اصل ڀانن جا ڀڙوا ھوندا تھ وري سمورو وڻج واپار پنھنجي گھر ٻڌي، پنھنجا گھر ڀريندا. ڪاٽڪوءَ جو ٻنھي ڳالھن ۾ سر ويو ۽ ماڻس پئي اباڻين مينھن مان ليکا لاھيندي ۽ ڀرڻا ڀريندي.“

ماڻڪ کان ڪو جواب نھ پڳو. ڪن چٻا ڪري بيھي رھيو.

عنايت لوھ کي گرم ڏسي، وري تاڙي ڌڪ ھنيو: ”اڙي ماڻڪ! ڏاھو ٿي، ٻيلي! ھن اڇيءَ ڏاڙھيءَ ۾ يار نھ کلاءِ. طيھان پنھنجي وھي تھ ڏس.“

”پوءِ ابا، مان وڃان تھ ڪيڏانھن وڃان؟“

”ابا، ملڪ مولا جو کٽو آ، مان سڀ ڪنھن جا ھٿ ڌوئاريا آھن، ھر ڪو مون کي سڃاڻي. جنھن بھ مھانڊي وٽ لنگھي ويندين تھ جيءَ ۾ جايون ڏيندءِ، ھٿ ڏس ڪندءِ، اوکيءَ ۾ اڳتي ٽپائيندءِ، ڀلا اوڀر ويندين يا ھيٺ؟“

”ويندس تھ اوڀر.“

”پوءِ اوڀر ۾ چاچھن سنجر اٿئي. ٿورو اڳتي پھلوان، وري لعل کروس ۽ گاجيءَ رند وارا. سڀ منھنجا دلي يار اٿئي. انھن وٽ لڪي سندس ھٿ ڏس سان سٽ ھڻي ايندين تھ لڪ بھ ٿيندءِ.“

ماڻڪ ڪي گھڙيون سوچ ۾ پئجي ويو. سوچي سوچي، پيءُ کان پڇيائين: ”ابا! ڳالھھ تھ ٻڌاءِ، سنجر ۽ لعل وارا پاڻ ۾ وڙھيل يا ٺھيل؟“

”اصل تارون تار آھن، پر تنھن ۾ اسان جو ڇا؟ منھنجون ٻنھي سان وکون کنيل آھن ۽ ھنن بھ پويون پير ڪڏھن بھ نھ ڏنو آھي. سنجر وٽ وڃين تھ اھا ئي ھتي ملڻ واري نشاني ڏجانس. باقي لعل وٽ وڃين تھ کيس منھنجي نشاني ڏجانءِ تھ ٽيون مھينو ٿيو جو مان درياھھ تي مينھون پئي چاريون، پاڻ سانداريءَ تي لڙھيو پئي ويو، پري کان ھڪ ٻئي کي کيڪاريوسون، کيس ويلي جي صلاح ڪئي ھيم، پاڻ چيو ھئائين تھ: ”پلؤ ڪري ٿو موٽان، ڪچو آھيان، تو جھڙي دلگھرئي يار وٽ ڏينھن ڏٺي جو ويلو نھ ڪبو، متان ڪو بار پئجي وڃئي.“ اھا نشاني ڏئي چئجانس تھ پھرينءَ مراد لاءِ پٽ ٿو موڪليان، سندس پارت ھجئي. کيس اھو بھ چئجانءِ تھ ورھين جو سنگتي آھين، ايڏي ٻاجھھ تي ڪانگھاري نھ ڪر، پيو منھن تھ ڏيکار.“

”چڱو تھ ڀلا دعا ڪجانءَ.“

”الله جي دعا ھوندءِ، ھاڻي ٿي.....“

”ٻيو نھ تھ وري، جھڙو اڄ وڃڻو تھڙو سڀاڻ وڃڻو. تو بھ پوءِ لاءِ ڇا ڇڏيو آ.“ ماڻڪ مشڪندي پيءُ کي چيو.

”ابا، اھڙي کٽي کل تھ تنھنجي ناناڻن مان ڪنھن جي ڪانھي. انھن تھ سڄي عمر ھرڙو ڪاھي ٿڪ ٿنڀڻ جي پئي ڊڳڙي کاڌي آھي.“ عنايت بھ ڀوڳ ۾ ڀوڳ ڪيو ۽ سابھان جي سابھان.

”مٽ تھ تنھنجي جي پيدائش آھيان.“

”بيشڪ، پر ناناڻي رڳ بھ اٿئي.“

”اھا رڳ اڄ ماري ڇڏييءِ.“

”پڪ؟“

”پوءِ الله توھر، ھيڏي آءُ تھ ڀاڪر پايانءِ.“

پيءُ پٽ ڀاڪر پائي موڪلائڻ لڳا تھ پريان گھر جي اڱڻ تان جو ماڻڪ ماءُ ٻنھي کي موڪلائيندي ڏٺو، سو ھلندي ھلندي اچي پھتي. پٽ کي سنبريل ڏسي پڇيائين: ”ڪاڏي ٿو وڃين، ابا؟“

”رن، تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟“ عنايت کيس ڇڙٻي ڏني.

ماڻڪ ماءُ سڄي عمر اھي دڙڪا سٺا ھئا ۽ اھي ڪمائي وئي ھئي. مڙس جي درڪي جي پرواھ نھ ڪڍندي، ھن وري پٽ کان پڇيو: ”ھان ابا، ڪاڏي ٿو موڪلئي پڻھين؟“

ماڻڪ ويچار ۾ پئجي ويو تھ ماءُ کي ڇا ٻڌائي؟ تھ وري بھ عنايت وارو ھنيو: ”موڪليانس ٿو تنھنجي پيڪين تھ ڪا ننڍي نيٽي کڻي اچي!“

”منھنجن پيڪن ۾ اھڙيون وانديون ڪينھن، پنھنجي ڏاڏنگ ۾ ڏس تھ کوڙ جڙي وھڙيءَ جيان ڇال ٿيون ڏيئي.“ ماڻڪ ماءُ بھ سور نھ سٺو.

ماڻڪ بھ ڏٺو تھ ھينئر ڳالھھ دنگ ڪندي ويندي تھ ھن بھ ماءُ کي رھڙ ڏني: ”کوڳ، وات نھ ھڻ، موٽ پوئتي، ڏيانءِ تھ مگز واري لٺ.“

ماڻڪ ماءُ سڄي عمر مڙس جا دڙڪا سٺا ھئا ۽ پادر کاڌا ھئا، پر سندس پٽ سامائي کان پوءِ بھ ڪڏھن اگھاڙي وات نھ ڳالھايو ھو. مڙسھنس کيس ڪڏھن ٿڪ چنبا ھڻندو ھو تھ ماڻڪ بھ پنھنجيءَ ماءُ جي گوڏي ۾ لڪي پيو ماءُ کي پرچائيندو ھو. ھينئر ان ساڳئي پٽ کي پيءُ سان شامل ڏسي لٺ اولاريندو ڏٺائين تھ ماڻڪ ماءُ کي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ميسڻون منھن ڪري، گھر ڏانھن موٽي. عنايت جي بھ پٽ جي ان وراڻ تي ڏاڍي دل سرھي ٿي. ھن جو منھن ٻھھ – ٻھھ ڪرڻ لڳو. وڏي پيار سان مٿس گھور گھور ٿيندي چيائين: ”ابا ماڻڪ، الله کي پرتين. پر ٻيلي، مڙسيءَ سان، پختائيءَ سان! پھرين مراد اٿئي، متان بسم الله ئي برغلط ڪرين.“

اٺين ڏينھن اسر اسر ھو جو واڙي ۾ ستل عنايت پنھنجي لوڙھي ٻاھران منھن جي ڪڻڪ ٻڌي ۽ ان سان گڏ ھن مڙس جي پيرن جو بھ دٻڪو ٻڌو. ھن کي رسو ڦٽي ڪئي ڪي ورھيھ ٿيا ھئا، ان ڪرت جون واٽون موٽون سندس ھيانءَ تي منھن جي داغن وانگر اڪريل ھيون. ٻئي ڪنھن اوپري ڪاٽڪوءَ جي سندس پڙ ڀرسان لنگھڻ يا سندس پڙ تي الي اڇلڻ جي اھا مھل ڪانھ ھئي جو ھٿ ھٿ کي پئي ڏٺو. ھن کي پڪ پئجي ويو تھ اھو دٻڪي وارو مڙس ماڻڪ ھو. عنايت ان سوچ ۾ ھو جو ٻاھران ڳليءَ جا ڍنگھر لھڻ لڳا ۽ ماڻڪ ماھيو ڍور ڪاھي اچي اندر واڙي ۾ بندر سان ٻڌو.

”آئين، ابا!“ عنايت کانئس پڇيو. اھا کيس کيڪر بھ ھئي تھ شابس بھ ھئي.

”آيس ابا!“

”خير سان.“

”ٻيلي بک لڳي ھجئي تھ تنھنجي لاءِ ماني سانڀيو ويٺو آن.“

”ڳڀو کائبو، پر ابا مينھن کي ڪو گاھ چنبو وجھان.“

”ٻيلي، گاھ مھانگو آ، پھرين سوجھرو ڪر تھ مينھن ڏسان تھ گاھ سجايو ٿو ڪرين يا اجايو.“

”ماڻڪ ڪنڌي مان ڪک ۽ چوچا ڪڍي، ارانبي ٻاري، مينھن ڀرسان جھلي. عنايت اٿي مينھن جا آڳا پيڇا. وڙ وجھھ ڏٺو. پٺيءَ تي ھٿ گھمائي ملائيءَ جھڙي کل ڏٺي. وري ارانبي ھيٺ ڪري مينھن جو اوھ ڏٺو، جتي بھ وڏو مٽ ٽنگيل ھو.“

”ٻٽر گھنج آ، سڱ لڏنس ٿا.“

”ھا ابا، لڏنس ٿا.“ وري بھ ماڻڪ پيءُ کي مينھن جا ٻئي ننڍڙا سڱ لوڏي ڏيکاريا.

”ابا، مبارڪ ھجئي. دل جا سڀ سور لاھي ڇڏيئي.“ عنايت کي مينھن دل ۾ کپي وئي ھئي.

”خير مبارڪ، توکي بھ مبارڪ ھجي.“

”ھتي حلالي آ؟“

”آھي تھ پري جي. پر ابا، تنھنجي آ ياري ڊگھي، ھتي ڪانھ بيھاربي.“

”چڱو ٿيو، اھو مال جو مرڪ آھي. ھن مينھن تي ٽي مينھون چونڊان تھ واھ جون ملنديون.“

”ابا، متان نھ مڃين! تو بھ راوي چناھ جون مينھون آنديون ھيون، ھيءَ بھ ڪا سوکڙي اٿئي.“

”بيشڪ ملوڪ آ.“

”گھر – ڌڻين کي بھ اھڙي پياري ھئي جو جھنگ نھ ڇڙندي ھئي. سڄو ڏينھن ڪلي تي پئي راتب کائيندي ھئي ۽ رات جو کٽ جي پائي سان ٻڌل ھوندي ھئي.

”آھي بھ گھر ۾ ٻڌڻ جھڙي. ڪلي تان ڇوڙيئي؟“

”ھئو، ابا.“

”مڙسي ڪئي اٿئي. پر ٻيلي، پيرن جو دٻڪو مار. منھنجي اک تنھنجي دٻڪي تي ئي کلي.“

”لوڙھي جي ٻاھران بوٽ ڇنڊيو ھوم، اھو دٻڪو ٻڌو ھوندءِ.“

”ڀلا، وئين خير سان، لڪ ۾؟“

”اصل لڪ ۾. رات جو پنڌ ڪيم، ڏينھن جو ٿم ۾.“

”ڀلا، واٽ تي پير وڃايئي يا رندوٺيو آئين؟“

”ٻن – ٽن جاين تي اھڙيون بُلٽيون ڏنيون اٿم جو ڀاڳيا پاڻ انصاف ڪندا.“

”ٻيلي، اوڀر جا ڀاڳيا بھ پنھنجي نالي سان اٿئي. وسئون ڪونھ گھٽائيندا. تون بھ ماڻھو ماري آيو آھين!“

”ھائو ابا، ھن مينھن جو سور سڄي عمر پيو ننڊ ۾ ڇرڪ ڀرائيندن.“

”چڱو ٿين. اسان جا بھ گھڻن کير کارايا. تون ننڍڙو ھئين جو چور منھنجي ھير مينھن ڪڍي ويا. آھوڙون ڏنم، گھٽ ورتم، پر ڪانھ لڌي. ٻارھين مھيني منھنجي ڪنھن يار چڱائي ڪئي. چورن وڏن حيلن سان مينھن مڃي. ساڳي ڪانھ ڏنائون، ٻھ ويڳيون ڇنائون. مينھن ڀرجي ملي، پر ھير جو سور اڄ بھ ڪونھ ٿو وسريم. مينھون امڙيون آھن، ابا!“

”ھائو ابا، سور ڪيئن نھ ٿيندو.“

”ابا، مينھن جو ڀاڳيو ڪير آ؟“

”ابا، اھي ڳالھيون پڇبيون آھن؟“ ماڻڪ پيءُ کي ميار ڏني.

”پيءُ پٽ جو ڪھڙو ليکو؟“

”ھن ڳالھھ ۾ ليکو آ. ھيءَ پھرين مراد آ، جو توکي ڏيکاريم. اڳتي اھڙو تھڙو ڍور توکي نھ ڏيکاربو.“

”ابا، تون سچ ٿو چئين. پر دل گھريو تھ جيڪر ان ذوقين جو نالو ٻڌان، جنھن ھھڙيءَ مينھن کي پئي پاليو.“

”ھاڻي تھ اھو ذوقين تون آن، تو وٽ جو بيٺي آ.“ ماڻڪ نٽائي ويو.

”ابا، ڀاڳيو نٿو ٻڌائين تھ طرف ٻڌاءِ.“

”طرف اوڀر.“

”اوڀر ۾ تھ وڏو ملڪ اچي ويو. پير جي ڪيٽي بھ اوڀر تھ فيضل بھ، ٻنڊو بھ اوڀر، ڳڙھي بھ اوڀر تھ رستم بھ اوڀر، اوڀر ۾ ڪھڙي جوءِ، ڪھڙو ڳوٺ؟“

”بس ابا، اوڀر!“ ماڻڪ کلندي چيو.

عنايت پٽ جي رخ مان سھي ڪري ويو تھ ھن کي ڪابھ جز ڪانھ ٿيندو. حقيقت ۾ تھ کيس پٽ جي اھا پڪائي دل ئي دل ۾ ڏاڍي وڻي، جنھن پنھنجي پيءُ کي انت نھ ڏنو، سو پرائي پيءُ کي ڪھڙي سلڪ ٻڌرائيندو. ھو بھ چپ ٿي ويو.

ماڻڪ ڪري موڙي اٿيو ۽ چيائين: ”ابا، مينھن بُکي آ. ان کي گاھ چنبو وجھان تھ پوءِ ٿا وري ڳالھايون.“

”نھ، تون گاھ وجھي وڃي اھل. سڄي رات پنڌ ھنيو اٿئي. وري سڀان رات بھ مينھن کي اڳتي ڌڪيندين نھ.“

ٻپھري ٻپھري ھئي، ماڻڪ سڄيءَ رات جي اوجاڳي جو سٽيل، الوٽ ننڊ ۾ پيو ھو جو عنايت ننڊ پئي کي ٻئي بجا گھروڙي اچي ٻوٿ ۾ ڏنا. ماڻڪ ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ پڇڻ لڳو: ”ڇو ابا ڇو؟“

”لخ لعنت تنھنجي ڄمندي گھڙيءَ تي! ھو ڏاڏا اوطاق ۾ ويٺا اٿئي.“

ماڻڪ سن ۾ پئجي ويو ۽ ڪجھھ نھ ڪڇيو. عنايت وري نھ ھم ڪئي نھ تم، ٻئي تريون مٽيءَ ھاڻي پٽ تان ڀري، زور سان سندس ٻوٿ ۾ ٺڪاءُ ڪيون ۽ کيس چوڻ لڳو: ”اڙي، ان چوريءَ کئون ٻڏين ھا تھ ھھڙو خوار خراب نھ ٿئين ھا. اڙي، توکي ان سڄي اوڀر ۾ مينھن بھ لڌي تھ سنجر جي! سنجر منھنجو يار، ڀائن جھڙو ڀاءُ!“

ماڻڪ سھي ڪري ويو تھ ڳالھھ ۾ ڪو لڪ نھ رھيو ھو. ھن پيءُ کان ھيسجڻ بدران، سنجر کي ٻٽي گاريون سرڙي ڪڍيون ۽ چوڻ لڳو: ”سنجر ڪھڙيءَ رن جو پٽ جو ھتي ٺڳ ڪري اچي اسان تي چٿرون ڪري!“

”اڙي لونڊا، ھن تھ اھي حجتان پئي ڪيون.“

”ھون، اھڙيون حجتان جو سندس اٽو ٿا کائون! ابا، ھونئن تون منھنجو سائين آ، ڪعبو قبلو آن، پر جي ھن مينھن جي ھائو ڪندين تھ لٺ کڻي ھڪ لوندڙيءَ واري ڏيندوسانءِ.“ ماڻڪ سچي پچي تانگھھ مان لٺ ڪڍي ھٿ ۾ ڪئي.

عنايت پٽ جون اھي اکيون ڏسي دھلجي ويو. اھڙيون اکيون ھن کي اڳ خدا نھ ڏيکاريون ھيون. ھن وارو اڳيون ماڻڪ، جيڪو ھن جا موچڙا کائي چپ چاپ سھي ويندو ھو، سو الائي ڪھڙيءَ جوءِ ۾ گم ٿي ويو ھو. ان جي بجاءِ ھينئر وري ٻيو ماڻڪ سامايو ھو، جيڪو ھڪ اڙٻنگ جوان ھو، جنھن کي سندس ڪا شناس ڪانھ رھي ھئي. عنايت پٽ جي ڳاڙھين، ٽانڊاڻن جھڙين اکين ۾ نھاريو. اتي بھ کيس ڪا ديد نظر ڪانھ آئي. ھن سياڻپ ڪري ھيٺاھين ورتي: ”اڙي، مان تنھنجي چڱائيءَ ۾ آھيان. ٻروچ چوڌاري ڪڙو ھنيو ويٺا آھن، اھا مينھن ڦٻائي سگھندين؟“

”تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟ مان پھرين مراد ڪانھ باسيندس.“

عنايت پنھنجي سر بھ پراڻو ڪاٽڪو ھو ۽ کيس ڪاٽڪاڻي جي جملي اصولن جي تير پتير خبر ھئي. ھن کان اھا ڳالھھ بھ لڪل ڪانھ ھئي تھ پھرين مراد باسڻ سونسو ٿيندو آ، جو اھو ڪاٽڪو سڄي عمر اگھارو ٿي پوندو آھي ۽ کيس يا عمر پرائي شي نھ ڦٻندي آھي. پر ماڻڪ کي بھ پاڻ کٽيءَ کنيو ھو جو پھرين مراد ئي واڳن سان وچريو ھو ۽ ھن پنھنجي بسم الله پاڻ برغلط ڪئي ھئي. عنايت لاءِ ھينئر ٻئي ڳالھيون ڳوريون ھيون. ھن سوچي سوچي پٽ کي چيو: ”اڙي، پوءِ منھن بھ پاڻ ڏي. ھتي ڇو پوتي پائي سمھيو پيو آن!“

”ھا ھا، مان پاڻ ٿو وڃان، تون ڇٽل آن.“

”ماڻڪ منھن تي ٻھ ٽي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻي، ٻھ – پٽائين لٺ ڪڇ ۾ کڻي، وڏيءَ لوڏ سان ھلندو وڃي ڪچھريءَ کي سلام ڏنو. سڀني کي ٻٽا ٻٽا ڀائر پائي ۽ وڏي قرب سان خوش خير عافيتان ڪري، سنجر کي چيائين: ”چاچا سنجر، ٻيا تھ سڀ خير خيراني؟“

”ڀائيٽا، خير وري ڪھڙا. اربيلي ڏي تھ ڪا ڳالھھ وڻي.“

”چاچا سنجر، تنھنجي مينھن ستين مڙھبين سوئر! توسان بابي جي پڳ مٽ ياري. الله اڃا ديد ڏني آھي، مون ڏي ست خير اٿئي.“

”ماڻڪ، اھي چاچي سان ھاٺون نھ ڪر. منھنجي مينھن تو وٽ ڪانھي تھ پوءِ ٻڌي بھ ڪانھي. ڪيئن سنگت؟“ سنجر ڪانڀ ڪڍي، پنھنجيءَ واھر کان پڇيو.

”بيشڪ، پوءِ ٻڌي بھ ڪانھي.“

”چاچا سنجر، گھڻا ھر ٻنيءَ کي ڏبا آھن. تنھنجي مينھن جي نھ جن نھ ڪن، وڌيڪ جيئن تنھنجي دل ٺري.“

”ساک ڏيندين؟“

”ڪنھن کان وٺندين؟“

”جنھن تي دل ڀيتي.“

”اسين ٻئي پيءُ پٽ حاضر.“ ماڻڪ سنجر کي ٻانھون ٻڌي چيو.

اتي ٻين چئن مھانڊن، جي سڀني کان اڳ پيرا ٽڪي اچي پھتا ھئا ۽ چوڌاري آھوڙون ڏيئي وس ڪري بيٺا ھئا، سنجر کي چيو: ”سنجر، ھن ھوندي مينھن جي ساک نھ ڏٻي. ڄاموٽ اڄ رڍ ٻڪريءَ کي تھ پيا ساکون کڻن. اسان اربيليءَ جا پيرا عنايت جي پڙ ۾ آندا آھن. مينھن پڙ کان ٻاھر ڪانھي. جھاڙو ڏينداسون.“

”رئيس، زبان سنڀال، بنا ثابتيءَ جي قراني نھ ڪر. باقي جھارو وٺڻي اٿو تھ اھا بھ حاضر ڏيون.“

”اھا واٽ، پوءِ اسين ڪجھھ بھ نھ لھڻون.“

”چاچا سنجر، پوءِ گھراءِ پاڙي جا ٻھ امين.“

”ڪھڙا گھرايون؟“

”جيڪي توکي وڻن. باقي ٻھ ڳالھيون اٿئي.“

”ڪھڙيون؟“

”پھرين تھ ڀڙ ۾ مينھن نھ لڌي تھ پوءِ عزت جو پلو. ٻي تھ کر کر ۾ تون ٻڌل رھندين.“

”آھي ڇا ڀِڙ ۾ اھڙو ڪو ڍور؟“

”پيٽ لاءِ ڪير نٿو ڄنگھان ھڻي.“

”ڀائٽيا، مان ٻڌل.“

”تھ پوءِ ڀلي گھراءِ.“

سنجر ٻن ڄڻن کي اٿاريو. کين چيائين: ”اڙي اٿو، وٺي اچو گلو ۽ پياري کوکرن کي جود ۾. ڪڙي وارن کي بھ سجاڳ ڪيون وڃجو تھ تر نھ چرن، متان ماڻڪ ملھھ ڪري مينھن نھ ڪڍيو وڃي.“

ماڻڪ گھر موٽڻ سان ڪاتي لاتي ۽ ڪوڏر سان وڏو پوڻ کوٽڻ لڳو.

ٺپھريءَ مھل گلو کوکر، پيارو کوکر ۽ سنجر پاڻ، سڄو پڙ ٿڦولي بيٺا تھ ڪاريءَ وارا ڪک ھئا. واڙي ۾ مشڪ جو سو ٻوٿ ٻڌيو پيو ھو، باقي سنجر واري مينھن ڄڻ تھ زمين ڳھي ويئي ھئي. سنجر دل تي جھاڙو ڏئي عنايت کي ڀاڪر پائي، موڪلائيندي چيو: ”ادا عنايت، ارٻيلي مري وئي تھ پرتي رب کي، جي جيئري ھوندي تھ پاڻيھي ڀاڳين لھندس. توکي سو ماڻڪ ڄائي جون مبارڪان ھجن!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com