سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :3

 

 

وڏيرو، وڏيري جي نظر ۾

 

سائين طارق اشرف مون کي سنڌيءَ جي برک ليکڪن سان پئي ملايو آھي. ڊسمبر 1973ع جي ھڪ سرد ڏينھن تي، ھن سان گڏجي، سائين نسيم احمد کرل سان ملڻ نڪتس.

مون کي نسيم جي ذات سان لفظ ”وڏو“ جي گھاٽي نسبت نظر آھي.

ھو شھر جي ”وڏي“ ھوٽل ۾ رھيل ھو. ھن جو ورتل ڪمرو ھڪڙي ڄڻي جي لحاظ کان ”وڏو“ ھو، ھن جو پلنگ بھ ھڪڙي ڄڻي جي خيال کان ”وڏو“ ھو. ھو رڪارڊ پليئر تي جيڪي رڪارڊ وڄائي رھيو ھو، سي پڻ ”وڏا“ لانگ پلي رڪارڊ ھئا. طارق اشرف ڏيٺ ويٺ ڪرائيندي اھو ٻڌايو تھ نسيم تمام ”وڏو“ زميندار آھي ۽ اھا خبر مون کي بھ ھئي تھ ھو ھڪ ”وڏو“ ڪھاڻيڪار آھي.

جڏھن ھنم جي باري ۾ ليک لکڻ جو خيال ٿيو، تڏھن سوچيم تھ ھن جي ڪھاڻين ۾ آيل وڏن ماڻھن جي ڪردارن جي چڪاس ڪريان. ٻين لفظن ۾ اھو ڏسڻ جو ارادو ڪيو تھ ھن وڏن سياستدانن، وڏن ڪامورن، وڏن سرمائيدارن ۽ وڏن زميندارن بابت ڪھڙا ويچار پڌرا ڪيا آھن ۽ انھن تي ڪھڙي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي؟

ان خيال کان ھن جي ڪھاڻين جي ٻنھي ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيم.

اھڙي ڪا ڪھاڻي ڪانھ ھئي، جنھن جو خاص ڪردار وڏو سياستدان ھجي. وڏن ڪامورن جي باري ۾ ٻھ ڪھاڻيون نظر آيون، خاص وڏي سرمايدار جي ڪردار واري ڪھاڻي فقط ھڪڙي ڏٺم. باقي وڏن زميندارن جي باري ۾ ڪافي ڪھاڻيون ھيون.

وڏن ڪامورن جي باري ۾ ٻھ ڪھاڻيون آھن: ”گذريل واردات“ ۽ ”مجاور“.

گذريل واردات: ھيءَ ھڪ پوليس انسپيڪٽر جي ڪھاڻي آھي. ھي عھدي جي لحاظ کان نھ، پر ڏھڪاءُ جي لحاظ کان وڏو عملدار ٿئي ٿو.

ڪامورن جي عزت، دولت ۽ دٻدٻو سندس عھدي ۽ ڪرسيءَ ڪري ئي آھي ۽ نھ سندن ذاتي خصلتن ۽ خوبين ڪري. اھڙي قسم جو احساس پوليس انسپيڪٽر غوث بخش شاھ کي تڏھن ٿئي ٿو، جڏھن ھو اٻھرائي ڪري وقت کان اڳ پينشين تي لھي ٿو.

ان ڪري وري ڪامورڪي ڪرسي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ھلائي ٿو.

ساڳئي وقت اھو بھ اثر ملي ٿو تھ انسان جون ڪي خوبيون ۽ قوتون، تڏھن پڌريون ٿين ٿيون، جڏھن ھن کي طاقت ۽ اختيار ملي ٿو.

مجاور: ھن ڪھاڻيءَ ۾ وڏن عملڪدارن جي ٻٽي من – ورتي وائکي ڪئي وئي آھي. ھڪڙو ڊپٽي ڪمشنر، موالين جي ميڙي تي ان ڪري بندش وجھي ٿو، جو ان ۾ راڳ روپ ۽ ناچ گاني ڪري گوڙ گھمسان ٿئي ٿو، لوفر پائيون ٿين ٿيون، اوڙي پاڙي وارن شريفن واسطي آزار مچي ٿو ۽ ھل ھنگامي ڪري آس پاس وارن جي ننڊ ۽ آرام ڦٽي ٿو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر، ساڳئي شھر ۾ ساڳي جاءِ تي جشن ڪرائي ٿو، جنھن ۾ ساڳئي نموني راڳ ۽ رقص ٿين ٿا ۽ ساڳيون ڳائڻيون ڀاڳ وٺن ٿيون.

ان وقت صاحب کي اھو خيال ئي ڪونھ ٿو ٿئي تھ ان جو ماڻھن جي اخلاق تي برو اثر پوندو، لوفر پائيون ٿينديون ۽ ھل ھنگامي ڪري آس پاس وارن شريفن جو سک آرام ڦٽندو. اھو ڪم ان ڪري مباح ٿي وڃي ٿو جو ان تي ڪلچرل يا ثقافتي جشن جو نالو رکيو ويو آھي.

ھڪڙي وڏي سيٺ بابت جا ڪھاڻي آھي، سا آھي دار الفلاح.

دارالفلاح: ھڪڙو وڏو سخي ۽ سماجي ڪارڪن سيٺ آھي. ھن ھڪ دارالفلاح کوليو آھي، جنھن ۾ بيواھ ۽ سماج جون ستايل ڇوڪريون ۽ ضاعفون اچي پناھ وٺنديون ھيون، جيئن ھنن جو ست قائم رھي، گناھ جي زندگيءَ کان بچن، حريصن ۽ بدمعاشن جي چنبي کان پري رھن.

ھڪڙي ڪسبياڻي نينگري، چڪلي جي گناھ واري حياتيءَ کان محفوظ رھڻ خاطر ڀڄي اچي ٿي ھن دارالفلاح ۾ پناھ وٺي. ھتي داخل ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ھوءَ ان دارالفلاح جي ھلائيندڙ سيٺ آڏو اچي ٿي، تڏھن ھوءَ ڏسي ٿي تھ ھي اھو ئي عياش سيٺ آھي، جنھن چڪلي ۾ اچي پھرين پھرين سندس عصمت جو سودو ڪيو ھو ۽ پنج ھزار ڏئي ھن جي بولي لاٿي ھئي. دارالفلاح جي ڪراڙي نوڪرياڻي اول ئي ھن نينگريءَ کي اشارو ڏئي چڪي ھئي تھ جي ھوءَ ھن جڳھھ ۾ رھڻ چاھي ٿي ۽ سکيو رھڻ چاھي ٿي تھ پوءِ ھن کي ان جي ھلائيندڙ سيٺ کي راضي رکڻو پوندو.

اھا آھي ھنن وڏن سيٺن جي خير جي ڪمن جي حقيقت ۽ اصليت ۽ ھن جي ڪردار جي ھڪڙي جھلڪ.

وڏيري جي ڪردار بابت پنج ڪھاڻيون آھن:

زماني جي گردش: ٻھ وڏيرا ھڪ ٻئي جي ريس ۾، ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ خاطر، ھڪ ٻئي کي ھيٺاھون ڏيکارڻ لاءِ، پنھنجي وڏ ماڻھپي ۽ برتري ثابت ڪرڻ لاءِ، پنھنجو ڪوڙو ڏيک ويک قائم رکڻ واسطي، پنھنجو پاڻ لٽائي ٿا ويھن، پنھنجو پاڻ کي تباھ ٿا ڪن، پنھنجيون ملڪيتون تين وال ٿا ڪن، ھڪ ٻئي جي رت جا پياسي ٿا ٿين ۽ پڇاڙيءَ ۾ پنڻ جھڙا ٿا ٿين.

ھنن ٻنھي وڏيرن جي ھيءَ سڄي ريس، رقابت، دشمني، چٽاڀيٽي ۽ تباھي، ھڪڙي ”ناچڻي نينگري“ جي پٺيان آھي. ھنن وٽ ھي عياشيون ۽ فضول خرچيون ڪرڻ لاءِ اڻ ميو ڌن اچي ٿو، ٻين جي پورھئي مان ۽ ورثي ۾ مليل ملڪيت مان.

برباد ٿيڻ کان پوءِ ھو محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ بدران پناھ وٺڻ ۽ سھائتا حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي طبقي وارن يعني ٻين زميندارن وٽ وڃن ٿا. ائين سمجھو تھ زمينداري طبقي جي وجود جي لازمي ھجڻ جو اثر ڏنو وڃي ٿو، جيئن ھو ڏتڙيل زميندارن جي مدد ڪري سگھن. اھا تنبيھھ بھ آھي تھ وڏيرا ايتري قدر ڪوڙي شان مان ۽ فضول خرچين ۾ پنھنجو پيسو برباد نھ ڪن، جيئن سندن زمينداري قائم رھي ۽ جي ڪو زميندار زماني جي گردش ڪري ترين ڀر ڪري تھ ٻيا زميندار ھن جي واھر ڪن.

گٽس: ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي تھ سنڌ جا پڙھيل ڳڙھيل نوجوان وڏيرا، شھرن کي پنھنجي عياشيءَ جو مرڪز بنائن ٿا. اتي جي اوچي سوسائٽي ۽ ڪلبن ۾ گل گل جو واس وٺن ٿا، پر ڪٿي ٽڪي ڪونھ ٿا ويھن.

ھي شھري ڇوڪريون نھ رڳو ڇوڪريون، پر سندن مائرون پڻ (جيڪي نالن مان غير سنڌي لڳن ٿيون) ھنن سنڌي وڏيرن کي سندن دولت ۽ ملڪيت ڪري، پنھنجي دامن ۾ ڦاسائڻ چاھن ٿيون ۽ انھيءَ لالچ ۾ سڀ ڪجھھ ھنن جي حوالي ڪن ٿيون. پر وڏيري کي نڪاح جي نوڙيءَ ۾ ڦاسائڻ ۾ ڪامياب اھا ڇوڪري ٿئي ٿي، جا ٻاھريون ٻنو رکي اٽڪل کان ڪم وٺي، وڏيري کي تڙڦائي، پوءِ پيار جو ڍونگ رچائي بيوقوف بنائي سگھي ٿي.

ڪي شھري ڇوڪريون ۽ ضاعفون، جا وڏي ۾ وڏي خوبي وڏيري ۾ ڏسن ٿيون، يا جنھن چيز کان گھڻي کان گھڻو متاثر ٿين ٿيون، سا اھا آھي جو ھو پانيءَ وانگر پيسو خرچ ڪري ٿو.

ڪچو رنگ: جن چيزن جي چوڌاري زميندار جي زندگيءَ جو محور ڦري ٿو، انھن مان ٻھ مکيھ آھن: ھڪ ملڪيت جي واڌ ۽ سلامتي ۽ ٻي ڪامورن جي خوشنودي.

ھن ڪھاڻيءَ وارو زميندار بھ پٽ تي ان ڪري ايترو نٿو ڪاوڙجي تھ ھن سندس اجازت کان سواءِ سادي ڪئي آھي، يا شھري ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. پر ھن کي اصل غصو ان تي آيو آھي تھ رسم خان جي نيانيءَ سان پٽس جي لائون نھ لھڻ ڪري ان جي ملڪيت سندس خاندان ۾ اچڻ کان رھجي وئي.

وري جڏھن پتو پويس ٿو تھ پٽس جو سھرو ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) آھي تھ ساري ڪاوڙ ڪافور ٿي وڃيس ٿي. ھي وڏيرا تھ ھلڪي سلڪي آفيسر جي سنگتي ھجڻ تي بھ فخر ڪندا آھن. جيڪڏھن ڪو چڱو آفيسر رڳو عنايت جي نظر ڪندو اٿن يا کلي ڳالھائيندو اٿن تھ راڄن ۾ پيا ٻٽاڪون ھڻندا آھن. ھتي تھ ڊپٽي ڪمشنر جھڙي وڏي ڪاموري سان ھن مائٽي ڳنڍي ھئي، ان ڪري کڳيون ھڻڻ لاءِ ھن کي ھرڪو سبب ھو.

اھو ان ڪري بھ جو اھڙو وڏو ڪامورو سندس موجود ملڪيت محفوظ رکي سگھي ٿو. تنھن کان سواءِ ايڏو وڏو ڪامورو، سندس سيڻ ٿيڻ ڪري، ھن جو تر ۾ رعب تاب ٿيندو. ان فونڊ ۾ ھو ان ڳالھھ کي بھ ڪا اھميت نھ ٿو ڏئي تھ سندس نھن پردو ڪرڻ واري نھ آھي ۽ اھڙو لباس پائي ٿي، جنھن سان جسم جي اڌ اوگھڙ ٿئي ٿي. حالانڪ اھو ساڳيو شخص پنھنجي گھر جي ضاعفن جي غير مرد تي اتفاقي نظر پوڻ تي ھن جون اکيون ڪڍرائن کان نھ مڙي ۽ سندس حويليءَ ۾ ڪنھن نر پکيءَ کي بھ اچڻ جي طاقت نھ ھئي.

پٽ جي خاندان کي ٽِڪو لڳائڻ واري ڳالھھ ۽ ھن کي ملڪيت کان محروم ڪرڻ جا ارادا، واريءَ سندا ڪوٽ ثابت ٿين ٿا.

اھي آھن زميندارن جي اخلاقيات جا ماپا، عزت ۽ شان جا پيمانا.

زر ۽ زور: ھن ڪھاڻيءَ ۾ بھ وڏيرن لاءِ اھو ڏيکاريل آھي تھ ھنن جي دشمنين، سازشن ۽ خونريزين جا مکيھ ڪارن آھن ٻئي جي زمين ڦٻائڻ جي ھوس ۽ سريتن جي ڪري رقابت.

وڏيري جي لاڏاڻي تي ھن جي خاندان ۾ نھ رڳو ورثي جي ورھاڱي ڪري ڏاڙھي پٽ ٿئي ٿي، پر سريتون ۽ بي نڪاحيون زالون ۽ سندس اولاد بھ جھڳڙن، ڇڪتاڻ ۽ بدناميءَ جو باعث بنجن ٿا.

ھڪ سھڻي ڇوڪري، ٻنھي ڀائرن جي سريت آھي. رقابت وچان، ھڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءَ کي قتل ڪري ٿو. ان نموني ھو سموري ملڪيت جو اڪيلو مالڪ پڻ بنجي ٿو.

آٿت: ھتي وڏيري کي ”ستايل“ جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آھي ۽ ھتي ستم ڪندڙ آھن سرڪاري ڪامورا ۽ پنجابي ڪامورا. ون يونٽ جي زماني ۾ وڏيرو پنھنجي ڪلراٺي زمين تي سارين جي فصل ڪرڻ جي منظوري وٺڻ واسطي لاھور وڃي ٿو، پر اتي جا پنجابي ڪامورا ھن جو عوض واجبي ۽ قاعدي پٽاندر جوندي بھ قبول نٿا ڪن. ھٿان ھن کي گھٽ وڌ ڳالھائن ٿا، ڇڙٻون ڏين ٿا، لوڌي ٻاھر ڪڍن ٿا ۽ گاريون ڏئي بي عزتو ڪن ٿا.

لاھور جا ڪامورا، سنڌي وڏيرن جھڙو ”مرغو“ ائين ڪونھ موٽائيندا ھئا. جو ھو ٻين وٽان ايتري رشوت ڪڍي نٿي سگھيا. پر ھتي سوال ھو پنھنجي چوڌري جو. چوڌري چنن الدين وٽان کڻي ھنن کي ايتري رقم حاصل نھ ٿي ھوندي، پر جيئن تھ مقابلو وڏيري ۽ چوڌري جو ھو، ان ڪري ڪس کائي بھ ھنن ڪم پنھنجي چوڌريءَ جو ڪيو.

وڏيرو پنھنجي ان بيعزتيءَ جي باھ ٺارڻ ۽ بدلو وٺڻ خاطر ھڪ انوکو طريقو اختيار ڪري ٿو. ھو ھوٽل ۾ ھڪ رات لاءِ ھڪڙي پنجابڻ جو جسم خريد ڪري ٿو ۽ پنھنجي اندر جي آگ اجھائي ٿو.

اسان ٻڌو تھ ٻي طرح بھ ھو. ون يونٽ جي زماني ۾ سنڌ جا وڏيرا اسيمبليءَ جي اجلاس وقت يا شخصي ڪمن ڪارين جي بھاني لاھور ويندا ھئا ۽ سنڌ جي دولت اتي پاڻيءَ وانگر ھاري پنھنجي باھ ٺاريندا ھئا. ڪھاڻيءَ واري وڏيري جو آفيس ۾ ڪم ٿئي ھا تھ بھ ھو خوشيءَ ۾ ھوٽل ۾ پنھنجي باھ ٺاري ھا. بھرحال! جيئن ڪھاڻيءَ جي عنوان ”آٿت“ مان پڌرو آھي تھ ان وقت وڏيري پنھنجي ذھنيت ۽ سمجھھ موجب ان ڳالھھ ۾ پنھنجو آٿت سمجھيو، اھا ئي سنڌ جي وڏيري جي ذھنيت جي حقيقي تصوير آھي.

اسين اھو چوندا آھيون ۽ جا آھي بھ حقيقت تھ ٻين پرڳڻن وارا سنڌ مان پيسو ڪمائي، پنھنجن پرڳڻن ۾ کنيو وڃن. پر اھا بھ حقيقت آھي تھ ھتي جا وڏيرا تفريح لاءِ لاھور، مري، نٿيا گلي، سوات، ڪوئيٽا ۽ زيارت وڃيو سنڌ جا پئسا اتي لٽائين ٿا.

ھنن ڪھاڻين ۾ ھڪڙي ئي طبقي جي اپٽار آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي نمائندگي آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي اندروني ڇڪتاڻ جو احوال آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي مسئلن جو ذڪر آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي خير خواھيءَ خاطر ان جي اوڻاين طرف اشارو آھي. ھڪ طبقي جي بچاءَ ۽ بقاءَ واسطي، ان جا نقص سڌارن جو سبق آھي، اھو آھي وڏيرڪو طبقو.

ڪٿي بھ طبقاتي ڪشمڪش ڪانھ ڏيکاري وئي آھي، ڪتي بھ طبقاتي مسئلو ڪونھ اٿاريو ويو آھي. ڄڻ اھو مسئلو آھي ئي ڪونھ. ڪٿي بھ ھاريءَ کي سامھون نھ آندو ويو آھي، ڄڻ تھ ھن جو وجود ئي ڪونھي. ھنن ڪھاڻين ۾ ڪٿي بھ ھاريءَ جو وجود ڪونھي. سندس مجموعن ۾ ڪٿي بھ ھاريءَ جو وجود ڪونھي.

نجم عباسي

 

 

مڪسڊ گرل

ٿڌڙي ٿڌڙي ھير پئي گھلي، اسين ٻئي ڄڻا ھوٽل جي بالڪنيءَ ۾ ويٺا پي رھيا ھئاسين. ھيٺ ڊاڪا گراس جي وڏي لان ۾ ٺھيل سوئمنگ پول ۾ ڀوريون ڀوريون جوانڙيون ائين پئي تريون، جيئن ڪي جل پريون. ٿورو پرتي ڪمپائونڊ وال جي چوڌاري پام جي وڻن جا پاڇا گھرا ٿي ويا ھئا ۽ ڪارن ڪارن ديون جيان پئي ڏک ڏنائون. مان اڃا ٽيون جام پئي سپ ڪيو تھ ھن پنج پورا ڪري ڇھون پئي اوتيو ۽ ھر ڍڪ چکڻ سان ھيٺ ترندڙ جل پرين کي تڪيندي، مرحبا مرحبا جا پئي نعرا ھنيائين. ھو ٽئين جام پيئڻ سان ئي وٺجي ويو ھو ۽ مون کي چيو ھئائين: ”آءُ ڪاڪٽيل پيون.“

مان بيري کي سڏڻ لاءِ بندر ڏانھن ھٿ وڌايو ھو تھ ھن منھنجي ھٿ کي جھليندي چيو ھو: ”اھا ڪاڪٽيل ٿوري ٿو چوان!“

”ٻي ڪھڙي، يا شيخ؟“

”ھن پول مان دنگ ڀرائي وٺ تھ ڍؤ ڪري پيون.“ ھن سوئمنگ پول جي پاڻيءَ ڏانھن اشارو ڪيو.

مان کلڻ لڳس تھ ھو بھ کلي چوڻ لڳو: ”بيرو جيڪا ڪاڪٽيل آڻيندو، ان ۾ ٻھ شراب ھوندا. ھتي ھن پاڻيءَ ۾ تھ الائي ڪيترا شراب مليل آھن، ھينئر بھ تھ پوريون ڇھھ ڄڻيون پيون ترن!“

چوٿين پنجين پيگ پيئڻ وقت مون ھن جي اکين ۾ ڏٺو تھ انھن جو رنگ مٽيو پئي ويو. ان کان اڳ جو ھو ڇھون پورو ڪري ۽ سندس اکين جو رنگ سندس منڊيءَ جيان ياقوتي ٿي وڃي، ٻئي ڄڻا ڊائنگ ھال جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺاسون. ڀرسان رکيل مينو ڪارڊ تي سرسري نظر وجھندي ھن چيو: ”منھنجي لاءِ صرف لنڊن ھائوس مڪسڊ گرل.“

”اوھان تڪلف ٿا ڪريو، يا شيخ.“ مون ڏک ظاھر ڪيو.

”والله، مان رات جو ماني گھٽ کائيندو آھيان. رات صرف کائڻ لاءِ ناھي، يا سيدي!“ ھن اک ڀڃيندي چيو.

مون کان زور سان ٽھڪ نڪري ويو، ”مان سيد ناھيان، يا شيخ! انا عبدالسيد.“

ھو وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”اسين تھ ھر معزز کي السيد ڪري سڏيندا آھيون، جيئن توھين ڪنھن کي مسٽر يا آنربل سڏيو.“

”آھستي ڳالھاءِ، يا شيخ! متان ڪو سنڌ جو سيد ٻڌي وٺي ۽ پِٽي جھڳو ئي مسيت ڪري ڇڏي.“

ھو کلڻ لڳو تھ مون وري کيس سمجھايو: ”اسين سنڌي، سيدن کي مرشد ڪري، ٻارھين مھيني ڏن ڏيندا آھيون ۽ ھو ان جي بدلي بھشت جي ڪنجي ڏيندا آھن.“

”ڪو ڪنھن جي قيامت نھ ڇڏائيندو، ھر ڪنھن کي اعمال ڇڏائيندا.“

”نھ نھ، سيد ميرو تھ بھ پنج سيرو، يا شيخ! اسان کي ايمان مان نھ ڪڍ.“

”چڱو، جي توکي اھو نالو نٿو وني تھ توکي ٻيو ٿو سڏيان يا ابن سنڌ!“

”بس بس اھو ٺيڪ آ.“

”جيئن تنھنجي مرضي.“ ھن ٻئي ھٿ سيني تي رکي جھڪندي چيو.

اتي مون کي ياد آيو تھ مون کي مٿي ڪمرن ڏانھن بھ ماني موڪلڻي ھئي، جتي سندس ٻھ حرم ھئا. مون سڀني جي ماني موڪلائي ھئي. مون کيس چيو: ”يا شيخ! ھرمن جي ماني.“

”نھ نھ، تون انھن جو فڪر نھ ڪر، انھن کائي ڇڏي ھوندي.“

”يا شيخ! انھن ڪيئن کاڌي ھوندي؟ مون تھ کين بھ عرض ڪيو ھو تھ رات جي ماني مون وٽان ايندي.“

”چئبو تھ تون حساب ٿو ڪرڻ گھرين.“

”ماني مولا جي آ، يا شيخ! اوھان سڀني کاڌي تھ ھن غريب جي ميزبان جي دل خوش ڪندؤ.“

”پوءِ مٿي موڪلين، ھتي اينديون تھ اسان ٻنھي کي گونگو ٿيڻو پوندو. ھونءَ نھ تھ مزي جون ڳالھيون ٿيون ھلن.“

”بلڪل صحيح آ، يا شيخ!“

مون بيري کي اشارو ڪيو ۽ کيس شيخ لاءِ ۽ پنھنجي لاءِ آرڊر ڏنو. کيس اھو بھ سمجھايم تھ مٿي حرمن جي مرضيءَ تي ماني موڪلي ۽ ڪابھ ڪفايت نھ ڪري.

”مٿي ماني پوري ساري موڪلجانءِ، يا ابو شوارب!“

مون اھا ڳالھھ نٽائيندي، کلندي شيخ کان پڇيو: ”شوارب ڇا کي چوندا آھن، يا شيخ؟“

”شوارب انھن تو وارين مڇن کي چوندا آھن، جي پورا يارھن وڄي پنج منٽ ٿيون وڄائين.“

مون کان بي اختيار ٽھڪ نڪري ويو. ”اوھان وٽ مڇون آھن يا نھ؟“

”آھن، پر ست لڳي پنجويھھ منٽ واريون.“

”ڀلا ڏاڙھي؟“

”گھڻو ڪري ڪلين شيو يا ڪا فرينچ ڪٽ.“

”يا شيخ! جي تون سنڌ ھلين تھ اھڙيون اھڙيون ڏاڙھيون ڏيکاريانءِ، جو تون حيران ٿي وڃين.“ مون ھٿ سان اشارو ڪري اندازي سان ڊيگھھ ٻڌائي.

”والله!“ ھو کلڻ لڳو.

”مان ڪوڙ نٿو ڳالھايان، ھلو تھ اکين سان ڏيکاريانو.“

”سنڌ ۾ ٻيو ڇا ڏيکاريندين؟“

”مديني پاڪ جي کارڪن جون ککڙيون، جي اسين ادب سان سنڀالي رکندا آھيون.“

”گھر جو پير چلھھ جو مارنگ. اوھان کي ڪھڙو قدر. تون اتي ھلين تھ توکي پير ڪري پوڄين ۽ سڀ مولود چون، ”مولا منھنجون واڳون وار، وڃان ڀلي پار، شھر مديني جو پاڻي مون کي پيار.“

”مون پاڻ اتي ڏٺو آھي تھ سنڌ جا ماڻھو اتي جام ايندا آھن ۽ معاف ڪجانءِ يا ابن سنڌ! اھي پِني بھ حج ڪندا آھن، جڏھن تھ انھن تي فرض ڪونھي!“

”ھا، بلڪل سچ ٿا چئو. اوھان گھڻا حج ڪيا آھن، يا شيخ؟“

”ڇو، مان اڃا ڪراڙو تھ نھ ٿيو ھان!“

”چوندا آھن تھ جوانيءَ جو ھڪ سجدو ڪراڙپ جي سؤ سجدن جي برابر آھي.“

”مان ڪراڙپ ۾ کڻي سؤ سجدا ڪندس.“ شيخ کلندي چيو.

اوچتو مون کي ياد آيو تھ سويڊ لاءِ ڪو آرڊر نھ ڏنل ھو. مون شيخ کان پڇيو:

”اوھان سويٽ ۾ ڇا وٺندؤ يا شيخ؟“

”ھتي ڪھڙي سويٽ ملندي؟“

”سڀ ڪجھھ ملندو، يا شيخ! گيتوالا محمود، ليمن صوفلي، ايپل پاءِ.“

”نھ، ان کان وڌيڪ مٺي؟“

”ڀلا آئيس ڪريم؟“

”اھا بھ تھ ٿڌي شي! ڪا گرم گرم مٺي شيءِ ٻڌاءِ.“

”اوھين ئي نالو کڻو.“

”دنيا ۾ سڀ کان مٺي شيءِ ڪھڙي آھي؟“

مان سوچڻ لڳس تھ ھو مون کي منجھيل ڏسي ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”تون سويٽ جو فڪر نھ ڪر. عاتڪه ۽ ام ڪلثوم جي چپن کان مٺي ڪھڙي سويٽ ٿي سگھي ٿي؟“

مان کلڻ لڳس تھ ھو وري پڇڻ لڳو: “ٻڌاءِ تھ آھي چپن کان وڌيڪ ڪا مٺي شيءِ؟“

”نھ، بلڪل نھ.“ مون مشڪندي چيو.

”پوءِ تون مون کي ھي سويٽ ڪيئن ٿو کارائين؟“

”مان تھ کاوان.“

”بلاشڪ.“

بيرو آيو. سلاد، چٽڻيون رکي پليٽون ٺاھڻ لڳو. مون کيس پنھنجي لاءِ سويٽ جو بھ آرڊر ڏئي ڇڏيو.

”توکي گھڻا حرم آھن يا حبيبي؟“

”يا شيخ! صرف ھڪ.“

”ڇو؟ آھين تھ تڪڙو جوان!“

”يا شيخ! اھا ھڪ ئي لکان دي مٽ آھي. ان مان بھ ڪڪ ٿيندو آھيان تھ ٻھ ٽي ڏينھن ھتي ڀڄي اچي آرام ڪندو آھيان ۽ وري سڪ لڳندي اٿم تھ واپس ڀڄندو آھيان. اوھان کي اھي ٻھ حرام آھن يا اڃا بھ وڌيڪ؟“

”باقاعدي نڪاح تھ انھن ٻن سان اٿم، پر چوان ٿو تھ ٽين بھ تنھنجي ملڪ مان ڪيان. تون صلاح ڏي تھ ڪٿان ڪيان؟“

”يا شيخ! جي تون ٽيون حرم ڪرين تھ لاھور مان ڪر، تنھنجو ڌڪ اھي جھلينديون. لاھور جو حسن بھ واه واه آھي. اوھين لاھور تھ ويا ھوندؤ؟“

”مان ٻھ ڀيرا لاھور ويو آھيان. لاھور جو حسن، جزاڪ الله!“

”يا شيخ! اسان سنڌين جي بھ اتان جي حسن تي گگ ڳڙي پوندي آھي ۽ بنا ڪم ڪار جي پيا لاھور ۾ نوس نوس ڪندا آھيون.“

”تون بھ لاھور مان ٻيو حرم ڪر.“ شيخ مون کي صلاح ڏني.

”نھ، يا شيخ! ٻن حرمن کان پوءِ جيڪا مڙس جي ڏاڙھي پٽ ٿئي ٿي، مان ان کان پناھ ٿو گھران، الامان والحفيظ!“ ڪنن جي پاپڙين کي جھلي توبنھھ توبنھھ ڪندي چيم.

”ڇو ٿيون وڙھن؟“

”اوھان جا حرم پاڻ ۾ نھ اٽڪندا آھن ڇا؟“

”ڇو اٽڪنديون؟ اسان وٽ تيل کان پوءِ پئسو جام آھي. ھر ھڪ کي ھڪ جھڙيون ڪنيزون آھن، ٻنھي کي جيب خرچي بھ جام ڏيندو آھيان، مان ٻاھر نڪرندو آھيان تھ ٻنھي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آھيان، يا ابن سنڌ! ھونءَ بھ اسان عرب، گھوڙا ۽ حرم ھميشھ ران سان رکندا آھيون.“ ھن سٿر تي ھٿ ھڻي چيو.

”اھي ڳالھيون تھ ڏينھن جو ٻڌايو ۽ يا شيخ! رات جو؟“ مون کي بھ نشن بيباڪ ڪري ڇڏيو ھو.

”رات جي ٿو ڳالھھ پڇين تھ ڪي ڏينھن مان ٻنھي کي پاڻ سان ساڳئي بيڊ تي سمھاريندو ھوس. ھڪ ساڄي پاسي ھوندي ھئي تھ ٻي کاٻي پاسي، اڃا جي اڳتي ٿو پڇين تھ مان گھڻو ڪري ھڪ ئي وقت ساڳئي بيڊ تي.........“

”بس بس، يا شيخ!“ مون کلندي چيو. منھنجيون لوندڙيون ٺڪاءَ ڇڏڻ لڳيون – ماڻھو ھو يا ڪو سرڪاري گھوڙو!

منھنجي عجب ۾ پوڻ تي ھو کلندي سمجھائڻ لڳو: ”ان ۾ ڪھڙي عجب جي ڳالھھ؟ ٻئي منھنجيون محرم آھن، ٻئي حال ڀائي آھن، ٻنھي سان ساڳيو رشتو آھي. مان اڃا تڪڙو جوان بھ آھيان.“ ھن ڏوري تي ھٿ ھڻندي چيو.

بيرو گرم گرم کاڌو کڻي آيو. اسان ٻنھي ڪانٽا ڇريون کنيون. ھن پنھنجي پليٽ مان جيري جو تڪر ڪانٽي سان کڻندي چيو: ”تون ڇا ٿو کائين، يا ابن سنڌ؟“

”چڪن الاڪنگ، يا شيخ!“

”ان ۾ ڪھڙو مزو؟ مون وانگر مڪسڊ گرل گھرائين ھا تھ ھڪ ئي وقت مختلف ذائقا چکين ھا، جيئن مان ھڪ ئي وقت چڪن بھ ٿو کاوان تھ مٽن بھ.“

”يا شيخ! منھنجو ھاضمو اھا دٻ جھلي نھ سگھندو.“

”تھ پوءِ تون ٻھ حرم ڪر، پاڻھي ھري ويندين. ٻئي حرم گڏ ماڻيئي تھ ڄن مڪسڊ گرل کاڌئي.“ ھن نئپڪن سان چپ اگھندي چيو.

مان پليٽ تي ٽپ رکي بل تي صحيح ڪئي. ٻئي ڄڻا لفٽ ۾ چڙھي ڇھين فلور تي آياسين، جتي ھڪ ئي قطار ۾ چار ڪمرا ھئا. ٽي ڪمرا ھن جي بلي ھئا ۽ چوٿين ۾ ما رھيل ھوس. ڪاريڊور ۾ ڪمرن ڏانھن ھلندي ھو پڇڻ لڳو: ”سڀاڻي ڪاڏي گھمائيندين، يا رفيقي؟“

”جاڏي چوندؤ، يا شيخ! سئڊزپٽ ھاڪس بي......“

”توکي تڪليف ڏيندي شرم ٿو اچي، پر تو کان سواءِ گھمڻ ۾ نھ مون کي ٿو مزو اچي ۽ نھ ام ڪلثوم کي.“

”مان حاضر آھيان، يا شيخ.“

ھو ڪمري جو در کولڻ لڳو تھ مان سندس ڪن ۾ ڀٽڪيو ڪيو: ”ڪھڙو پروگرام آ، يا شيخ؟“

”بدستور مڪسڊ گرل، يا حبيبي!“ ھن اک ڀڃي جوابي ڀڻڪو ڪيو.

مان ڪمري ۾ اچي سليپنگ سوٽ پائي ڊھي ٿو پوان. مون کي لڇندي پاسا ورائيندي ڪي ڪلاڪ ٿا گذري وڃن. مان ڪمري جو بئڪ ڊور کولي بالڪنيءَ ۾ ٿو بيھان ۽ ريلنگ کي ٽيڪ ڏئي ھيٺ ٿو ڏسان. پري کان سوئمنگ پول جو اجرو پاڻي ائين پيو لڳي، جيئن منڊيءَ ۾ ڪا ٽِڪ. اوچتو ان ٿڌڙيءَ ھير ۾ محسوس ڪيان ٿو ھڪ گرم جھولو. ڏسان ٿو تھ سنھڙيءَ عبا ۾ ٻرندڙ جسم، اکين بجاءِ ٻھ ٽانڊاڻا ۽ پٻن تي مون ڏانھن آيل – ام ڪلثوم.

[1]   Mixed Grill ھڪ اھڙي ڊش جو نالو آھي، جنھن ۾ گوشت، چوزا، ھيرا ۽ بڪيون سڀئي شامل ھوندا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com