ننگر
پير سائين مراقبي مان اٿيو، پنھنجي ڪپھھ جھڙي سفيد ڏاڙھي کي
خلال ڪندي، خليفي وڏي کي سڏ ڪيائين: ”ٻانھا! او
ٻانھا!“
سڏ سان خليفو ڊڪندو آيو. ادب سان جھڪي پڇيائين: ”قربان ٿيان،
حڪم؟“
”ابا، ننگر جو ڪھڙو بلو ڪيو اٿئي؟“
”قبلا سڀ ڪجھھ ڪيو اٿم، جيڪي پڇو“ – ٻانھي فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي
چيو. ”وڏيري واري موڪليل ڦنڊر جو ڇا ڪيئي؟“
”ڪاسائي کي ڏئي ڇڏيم. ھن اڄ ڪھي بھ ڇڏي ھوندي.“ ٻانھو ڀڻڪيو.
”گھڻو ڪيائين؟“
”ڏھن گھٽ ٻھ سؤ.“ ٻانھي وراڻيو.
”ٻي ننگر لاءِ ڦندر گھڻي ورتئي؟“
”ڇڙي چاليھن. باقي پئسا حويليءَ ڏي موڪليا اٿم.“
”چڱو ڪيئي.“ پير خوشيءَ ۾ ٻھڪندي چيو.
بانھي جون واڇون بھ پير صاحب کي خوشيءَ ۾ ڏسي ٽڙي ويون. ٿوري
ويرم بعد پير سائين وري چيو:
”ابا، چاليھن ۾ تھ ڪراڙي ملي ھوندءِ.“
”اھڙي ڪراڙي تھ نھ ھئي، پر ٿورڙو بيمار ھئي. پر قبلا ديڳ ۾ پوڻ
کان پوءِ ڪير ٿو سڃاڻي تھ وڏيري واري وڇ آھي يا ڪا
ٻي ڦنڊر. رڍون سڀيئي ٻوٿ ڪاريون.“ ٻانھي جواب ڏنو.
”مرچ مصالحا جام وجھندينس تھ ڪنھن کي لکائي ڪانھ پوندي. پر ابا،
منھنجي لاءِ ڇيلي جو گوشت گھرائج.“ پير سائينءَ کي
پنھنجو فڪر لڳو.
”قبلا، اھڙو ڄٽ تھ نھ سمجھھ. آخر تو جھڙن اميرن جا ھٿ ڌورايا
اٿم، ايترو بھ نھ سمجھندم. توھان جي لاءِ اٿندي
سان ئي ڇيلي جو گوشت گھرايو آھي، اندر تيار پيو
اٿئي.“
”آھين تھ سياڻو پر ٻيلي متان بھ…… چڱو ابا ھاڻي تون ڀل وڃ. جڏھن
ماني تيار ٿئي، تڏھن اچج. تيسين مان بھ اشراق پڙھي
وٺان.“ ٻانھو ھليو ويو.
گادي نشين تھ گھڻا، پر پير رضا سائين ڪونھ سڏائي. ڪا ماءُ اھڙو
ٻچو نھ ڄڻيندي. سدائين لوڙھي ۾ رھندو ھو. صوم
صلواة جو پابند. علم فقھھ، علم حديث جو گوھر. مجال
جو ڪو عالم ھن جيان ڪو شرعي فيصلو ڪري. زھد ۽
تقويٰ ۾ تھ پنھنجي ڏاڏي سائين حضرت پير تقي شاھ
کان ئي گوءِ کڻي ويو ھو. سندس ڏاڏي جا مريد ئي کيس
مڃيندا ھئا. وڏيرو ڪرم ڏنو، جو ڏاڏھنس جو خاص مريد
ھو، سو ئي چوندو ھو تھ: ”تقي شاھ بھ تقي شاھ ھو،
پر ھن سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانھي. ھن سان خدا جو ڪو
ٻيو قرب آھي.“ واقعي وڏيري واري ڳالھھ سچي ھئي. ھن
پير صاحب وٽ وري ھڪ ٻي مڻ ھئي. ماڻھو سندس ڪرامتون
ٻڌائي ٿڪبا ڪين ھئا. خليفي ٻانھي سان جو رنگ
ڪيائين، سو ڪنھن کان لڪل ڪين ھو. خليفو ڪڏھن پاڻ
اکين ۾ آب آڻي چوندو ھو: ”ادا مون ۾ پنج ئي شرعي
عيب ھئا، پر اھو سڀ ڪجھھ خدا ڇڏايو. ھڪ ڏينھن جان
درگاھ ۾ ننگر کائڻ آيس تھ پير سائين جن جي مون
گنھگار تي نظر پئجي وئي. مشڪل ڪشا جو قسم، سندن
اکين ۾ اھڙو تھ نوراني جلال ھو، جو مان ان وقت ئي
سڀني گناھن کان توبھھ تائب ٿيس.“
خير، سندس گنھگار ھجڻ يا نھ ھجڻ جي تھ ڪنھن کي خبر ڪانھ ھئي، جو
ھو پري ويٺل ھو. البتھ ايتري سڌ ھر ڪنھن کي ھئي تھ
ٻانھو ھاڻي پنج ئي وقت نماز پڙھندو ھو. تنھن ڪري
ھر ڪنھن کي سندس ڳالھھ تي اعتبار اچي ويو ھو. تنھن
بعد پير صاحب جي ٻي ڪرامت، جا ٻانھي حج تان موٽڻ
بعد ڪن خاص ماڻھن کي ٻڌائي ھئي، سا تھ ملڪان ملڪ
پکڙجي وئي ھئي. ھر ڪنھن کي اعتبار اچي ويو ھو. اھا
ڳالھھ ھيئن ھئي تھ پير صاحب ٻانھي تي قرب ڪري، کيس
پنھنجي خرچ تي حج لاءِ موڪليو ھو. ٻانھي جي وات جي
ڳالھھ تھ جڏھن ھو بيت الله جي زيارت لاءِ ويو تھ
ڏسي تھ پير رضا سائين اڳ ۾ ئي اتي بيٺو ھو. ٻانھو
اچرج ۾ پئجي ويو تھ ”پير صاحب کي تھ مان پوئتي ڇڏي
آيس، ھن جو ڪو حج تي اچڻ جو خيال بھ ڪونھ ھو. پر
ھيءَ ڳالھھ ڪيئن؟“ پر جيئن ٻانھو پير صاحب ڏانھن
پيرين پوڻ لاءِ وڌيو تھ ڏسي تھ ڪاري وارا ڪک –
ڪوئي ڪونھ ھو. اھڙي نموني سان وري کيس عرفات جي
ميدان تي ڏٺائين، پر جان جو ٻانھو ڏانھس وڌيو تھ
وري گم. پوءِ ٻانھو سمجھي ويو ۽ شڪرانھ جا سجدا
ڪيائين جو کين اھڙو ڪامل مرشد نصيب ٿيو ھو. پر پير
صاحب کي جڏھن اھا خبر پئي تھ ٻانھي سندس روحاني حج
جي ڳالھھ پڌري ڪئي آھي تھ ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ ٻھ ٽي
ڏينھن حجري مان ٻاھر ئي ڪونھ نڪتا. بقول ٻانھو ٻھ
ٽي ويلا ماني بھ ڪونھ کاڌي ھئائون. ان ڳالھھ کان
پوءِ پير سائين ٻانھي جو رتبو وڌيو ۽ ھو ھاڻي
”خليفي وڏي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. مريدن جي تحفن
۽ نذرانن ۾ بھ اضافو ٿيندو ويو، پر پير صاحب
پنھنجو نيم نھ مٽيو. ھو پنھنجي درويش طبعي ڪري اھي
نذرانا مشڪل سان ئي قبول ڪندا ھئا. پر ٻانھو ائين
ڪنھن مريد کي مايوس ٿيڻ نھ ڏيندو ھو ۽ پنھنجي ڪامل
مرشد جي خدمت ۾ ھٿ ٻڌي عرض ڪندو ھو: ”مرشد، ھنن
جون دليون نھ رنجايو، بسم الله ڪري قبول ڪيو.“ ۽
پوءِ لاچار پير صاحب جن ٻانھي کي حڪم ڏيندا ھئا تھ
اھي نذراني جون رقمون ننگر جي پيتيءَ ۾ وجھي، پر
ان مان ھڪ پائي بھ ذاتي استعمال لاءِ ڪم نھ آڻي،
جو اھو حرام آھي.
پير نماز پڙھي تسبيھ پڙھڻ ۾ مشغول ھو تھ خليفو وڏو داخل ٿيو.
کيس ڏسي پير تسبيح مصلي تي رکي.
”ابا ھلون!“ پير کانئس پڇيو.
”ھائو قبلا، ماني تيار آھي، ماڻھو بھ اوھان جو انتظار پيا ڪن.“
پير سائين حجره عام ڏي رخ ڪيو. خلق کيس ڏسي اٿي کڙي ٿي. گھڻا
ڏانھس وڌيا ۽ سندس قدم چمڻ لڳا. پير ھر ھڪ کي
مرحبا ڪرڻ لڳو. مس مس اچي پنھنجي جاءِ تي ويٺو.
پير ٻانھي ڏي ڪنڌ ڦيرائي کيس چيو:
”خليفا، وضو ساري ماني ديڳن مان ڪڍ.“
خليفو ھليو ويو. ماني ھر ھڪ اڳيان رکجي وئي. پير ۽ سندس ننڍڙي
نينگر جي اڳيان بھ ٻھ ڍاڪون رکيائون.
پير سڀني کي بسم الله ڪرڻ لاءِ چيو. ماڻھو ماني کائڻ ۾ شروع ٿي
ويا. جلدي ئي اوڪارن جو آواز آيو. پير ڪنڌ مٿي کڻي
ڏٺو تھ ٻن ماڻھن الٽي پئي ڪئي.
پير منھن تي ٿوري مرڪ آڻي ڏاڍيان کين چيو:
”ابا آھستي آھستي چباڙي کائو.“
”قبلا، دل ڪچي ٿي ٿئي. ڦنڊر شايد ڪراڙي ھئي.“ انھن مان ھڪڙي
چيو.
”واھ ابا واھ، کائڻ اچي ڪونھ ۽ ڏوھ ڦنڊر تي. اسان بھ تھ اھو
ڪجھھ ٿا کائون، جيڪو توھان کي مليو آھي. اسان جي
اڳيان ڪو ڇيلو تھ ڪونھي.“ پير صاحب ترشي سان چيو.
پير جي اٺ سالھ نينگر اھو ٻڌي ڪنڌ مٿي کنيو. پير
سائين جي ھٿ ۾ کنيل گرھ، جنھن ۾ ڇيلي جي بڪي ھئي،
کي ڏسي سوچيندو رھيو تھ اھا بڪي ڪاٿون آئي؟ ڇو تھ
خليفي وڏي سندس منھن تي ڦنڊر جا جيرا ۽ بڪيون سڄي
پوڻ ڪري اڇلي ڇڏيون ھيون. ھن چاھيو تھ جيڪر پنھنجي
پيءُ کان ان مسئلي بابت پڇي، مگر پنھنجي پيءُ جي
منھن تي ھڪ نوراني جلال ڏسي کيس اھڙي سوال پڇڻ جي
ھمت ڪانھ ٿي.
منجھيل سٽ
پئراڊائز سئنما ٽپي جڏھن ھو ”چارلي ھيئر ڪٽنگ سئلون“ اڳيان
لنگھيو تھ ان جو ھٿ بي اختيار پنھنجي ڪياڙيءَ ڏي
کڄي ويو. ھن جا وار وڌي ويا ھئا. ٺھرائڻ جي خيال
سان ھو دوڪان ۾ داخل ٿيو. ڪي ٿوريون ئي ڪرسيون
خالي پيون ھيون. ڪاريگر پنھنجي ڪم ۾ مصروف ھئا.
ڪڏھن ڪڏھن وچ ۾ ڪئنچي جي ”ٽڙڪ ٽڙڪ“ بند ڪري پاڻ ۾
سنھا ڀوڳ بھ پي ڪيائون. ھو ھڪ ڪرسي تي ويھي رھيو.
ھڪ ڪاريگر اڇو اجرو ڪپڙو کڻي ڏانھس وڌي آيو.
”مان نمبر اٺين کان وار ٺھرائيندو آھيان.“ ھن آيل ڪاريگر کي
مايوس ڪيو. ھونئن بھ نمبر اٺين سان ھن جي ھڪ قسم
جي سنگت ٿي ويئي ھئي. ھو سدائين اڇو اجرو رھندو
ھو، سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ وارن ٺاھڻ سان گڏوگڏ ھن
جا قصا بھ پيا ھلندا ھئا. اھي عادتون ھن کي پسند
ھيون.
”ھو واندو ڪونھي، مٿي ھڪ ليڊي جا وار ”ڪرل“ پيو ڪري.“ ڪاريگر
نوڙي چيو.
”مان ھن لاءِ ترسندس.“ ھن آيل ڪاريگر جو اندر ساڙي ڇڏيو ھو منھن
گھنجائي ھليو ويو. ھن دل ۾ خوشي محسوس ڪئي تھ سندس
ڪاريگر ايڏو ھوشيار آھي، جو ھڪ ليڊي جي وارن کي
ڪرل ڪرڻ لاءِ ھن جون خدمات ورتيون ويون آھن ۽ تنھن
کان سواءِ ھن جي من ۾ ڪتڪاڙيون ٿيڻ لڳيون تھ اھو
ڪاريگر ھڪ حسينھ جي سھڻين زلفن کي ھٿ لائي پوءِ ھن
جي ڪم کي لڳندو. ھو سوچڻ لڳو تھ ھو نمبر اٺين کان
ان حسينھ بابت ٻٽي سوال بھ پڇندو. مثال طور تھ
ھوءَ ڪاٿي ويٺي آھي؟ ھميشھ ھن دوڪان تان وار ”ڪرل“
ڪرائيندي آھي يا ٻين کان بھ؟ ٽپ گھڻو ڏنائين ۽
اھڙي قسم جا ٻٽي ٻيا بھ سوال. ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ
ھن مئگزين کنئي. ھو تصويرون ڏسڻ لڳو. اھا ڏسي بيٺو
تھ وري ھن ٻي کنئي ڏاڪڻ تان لھڻ جو آواز آيو. ھو
کڙڪيءَ مان ئي سڃاڻي ويو تھ حسينھ کي ڊگھيءَ کڙيءَ
واري سينڊل پئي آھي. ھن ڪنڌ موڙي ڏسن مناسب نھ
سمجھيو. شيشي ۾ گھور ڪري نھارڻ لڳو. پھريون ڪاري
سئنڊل ۾ ننڍڙا ننڍڙا سھڻا پير ظاھر ٿيا. ڪاري
سئنڊل ۾ ڀورن ڀورن سھڻن پيرن کي ڏسي ھن جا چپ مرڪڻ
لڳا، پر ان خواھش کي ناممڪن سمجھي، ھن پنھنجو پاڻ
سنڀالي ورتو. ھو اکيون ڦاڙي ڏسڻ لڳو. پوءِ خوبصورت
گداز جسم ۽ نيٺ سھڻو منھن ظاھر ٿيو. ھو پھريون
ٿورو شڪيو، پر تنھن بعد کيس سڃاڻي ويو. ھوءَ زرينھ
ھئي، سندس دوست خالد جي ڀيڻ. ھن جا چيلھھ تي پوندڙ
ڪارا وار ”ڪرل“ ٿي وڃي ڪلھن تي بيٺا ھئا. ھوءَ
ڏاڍي خوش پئي نظر آئي. ھن مئگزين کي منھن سامھون
جھليو، جيئن ھوءَ کيس ڏسي نھ سگھي. جڏھن ھوءَ سندس
ڪرسي جي ڀرسان لنگھي وئي تھ ھو مئگزين مان منھن
ڪڍي کيس ويندي ڏسڻ لڳو. ھن جي چال ۾ اڄ ھڪ نئين
قسم جي نزاڪت ھئي. آخر ھن کي پنھنجي وارن ”ڪرل“
ڪرائڻ جي ڪھڙي ضرورت پئي؟ ھن جا وار تھ اڳي ئي سٺا
ھئا. پنج سال اڳ جي ڳالھھ سندس اڳيان اچي بيٺي.
ھو شام جو چانھھ پي رھيو ھو تھ خالد وٽس آيو ھو، زرينھ جو ڀاءُ.
”ھڪ ڪم تھ ڪر مسعود.“ ھن ايلاز ڪيو ھو.
”ڪھڙو؟“ ھن چانھھ جو ڪپ ڏانھس سيريندي چيو ھو.
”اھو ئي.“ خالد کيس اکي ھنئي ھئي.
”ھون – ڪير آ؟“
”مس روز.“ خالد خوشيءَ ۾ گد گد پئي ٿيو. مس روز ڪلب جي حسين
ترين ميمبر ھئي. نوجوان ساڻس ڳالھائڻ لاءِ سڪندا
ھئا. ھو ۽ خالد بھ انھن مان ھئا. ھن کي تھ لفٽ
ڪانھ ملي ھئي، البتھ خالد ۽ روز جي متعلق ھن ٻين
ميمبرن کان گھڻا ئي افواه ٻڌا ھئا، پر ھن کي
اعتبار ڪونھ آيو ھو. روزي جي گھنڊيدار وارن کي
ڏسي، ھن کي ائين محسوس ٿيندو ھو تھ ڄڻ اھي ڪرل ئي
انھيءَ لاءِ ڪرايا ويا آھن تھ جيئن روز ڊھندا رھن
۽ وري ڪرل ٿيندا رھن.
”آل رائٽ.“ ھن ٿڌو ساھ کڻندي چيو ھو.
”ٿئنڪ يو.“
اٽڪل نائين وڳي ھو آيا. روزي ڏاڍي سھڻي لڳي پئي. ھن ھر ھر انداز
سان پنھنجي ڪرل ٿيل وارن کي پٺتي پئي ڪيو. کين ڏسي
ھو ھيٺ لھي ويو……. ڪلاڪ کن کان پوءِ ھو موٽي آيو.
خالد ڊرائنگ روم ۾ ڪوچ تي ويھي فروٽ کائي رھيو ھو
۽ روز ڊريسنگ ٽيبل اڳيان پنھنجي وارن کي برش ڪري
رھي ھئي. سندس گھنڊيدار وار ائين کلي وڏا ٿي ويا
ھئا، جيئن ڪنھن منجھيل سٽ جي تند تند ويھي سلجھائي
ھجي. خالد کيس ڏسي معنيٰ خير مرڪ مرڪندي چيو: ”اچ
ويھھ، فروٽ کاءُ.“
ھو ويٺو ۽ خالد جي ڀرسان وڃي ڀڻڪيائين: ”ٻيو تھ ٺھيو پر
ويچاريءَ جا وار بھ خراب ڪري ڇڏيئي. جڏھن سؤ روپي
جي نوٽ تان ھٿ کڻي، تڏھن ئي اھڙا ٺھرائي.“
”ھون.“ خالد ٽھڪ ڏيندي کيس چيو ھو: ”تون چريو آھين. اھي ڇوڪريون
پنھنجي وار ان لاءِ تھ ڪرل ڪرائينديون آھن.“
…… ۽ اڄ خود ڀيڻس پنھنجا وار ڪرل ڪرايا ھئا. ھن جي دل ۾ ھڪ ڏاڍو
عجيب قسم جو خيال آيو، پر ھن دوست جي ڀيڻ جو خيال
ڪندي ڪنڌ ڌوڻي ان خيال کي جھٽڪي ڇڏيو. نمبر اٺون
اڇو اجرو ڪپڙو کڻي ھن جي ڳچيءَ اڳيان رکيو ۽ کيس
آھستي چوڻ لڳو: ”اڄ مون وٽ ھڪ پريءَ جو ٻچو آيو
ھو، پر ڏيکارجي ”فلرٽ“ پيو.“
|