سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :21

   

 

خاڪي پنھنجي فطرت ۾

سانوڻ جي ٽاڪ منجھند جو ٻيرن جي ٿڌيءَ ڇانو ھيٺان تاس پئي کيڏيسين تھ ھو آيو. مون کي نوڙي کيڪارڻ بعد، ھڪ ھمراھ کي پاسي ڪري پاڻ کيڏن ويھي رھيو. سڀني کي ڄڻ واسينگ نانگ سنگھي ويو. ڪنھن جي منھن مان ٻڙڪ نھ پئي نتي. ٻيا تھ ڇڏيو پر علو، جيڪو ڳوٺ ۾ پنھنجيءَ لٻاڙ ۽ بڪوات ڪري مشھور ھو، سو بھ ڪن چٻا ڪري ماٺ ڪري ويٺو ھو. حرام جو سندس اچڻ بعد ھڪ حرف بھ ڳالھايو ھئائين. جڏھن شام جا پاڇا لڙي آيا ۽ راند بند ڪئيسين تھ اوطاق ڏانھن ويندي مون علوءَ کان پڇيو:

”اھو ھو ماھي؟“ آئون رخ مان ئي کيس سھي ڪري ويو ھوس.

”ھا، سائين.“ علوءَ ميسڻو منھن ڪري جواب ڏنو.

”شڪل ۾ تھ ڀيڻسان سکو ٿو ڏيکارجي.“

آئون ڪوڙ نٿو ڳالھايان، ھو واقعي سک پئي لڳو. سندس چيلھھ تي پوندڙ ڊگھا وار ۽ لڻيءَ تي ڀڳل ڏاڙھي سکن وانگر ھئي. اوئين ئي سکن وانگر وات تي پوندڙ وڏا وڏا شھپر ھئي. فرق رڳو اھو ھو جو سک ھميشھ پاڻ سان ڪرپان کڻندا آھن ۽ ھن کي ڪلھي تي وڏي ڪھاڙي ھئي، جنھن جي ڦر تي ڪيترا ڪارا ڪارا داغ ھئا، جي علوءَ جي چوڻ مطابق انساني رت جا ھئا.

”آدم سر الاھي آھي ۽ ان جي رت جي داغن کي ڪيتري بھ واري ھڻين، ڪونھ لھندا.“ علوءَ مون کي سمجھائيندي چيو ھو.

ھو ڪير ھو، ڪٿان آيو ھو؟ ڪن ٿورن کي خبر ھئي. ھونئن تھ جيترا وات ھئا، اوتريون ئي ڳالھيون ھيون. ڪن جي خيال ۾ ھو مشھور ڌاڙيل عبدالرحمان بروھيءَ جو ساڄو ھٿ ھو تھ ڪي وري سندس دليري ڏسي کيس تازو واردات تي مئل ليمي ڪوش جو ساٿي سمجھندا ھئا، جنھن کان سرڪاري ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم وقت ٻھ ھيانءَ ڪڍيا ھئا. ھو ھن ڳوٺ ۾ بھ لڙيءَ سومھڻيءَ آيو ھو. ڪنھن ڏورانھين زميندار جو خط آندو ھئائين. اچڻ سان ئي وڏيري وڏي سان ملڻ جي طلب ڪئي ھئائين، ڪو سندس ٻڌي ھڪدم ٻاھر آيو ھو. وڏيري وڏي خط پڙھي چشمن تي رکيو ھو ۽ کيس چيو ھو: ”ابا، تون بي فلڪو ٿي رھ، ھتي تنھنجي وار کي بھ ايذاءُ نھ ايندو.“ ان بعد ھو ھتي رھڻ لڳو جو. پر حرام جون مانيون ھن کي بھ نھ وڻنديون ھيون. ويسند پئي ڏٺائين تھ ڪڏھن وڏيري سان ذڪر ڪڍي موڪل گھري. آخر ھڪ ڏينھن وڏيري وڏي پنھنجن ھمراھن جون ٻانھون ڏيئي کيس چرن پرڻ جي موڪل ڏني ھئي. کيس رڳو ايترو چيو ھو: ”ابا، جي ڌڪي ٿئين، ڦٽي ٿئين تھ رڳو رات جي پھر ۾ پاڻ ھتي کڻائي اچج، پوءِ اولو ئي ڪونھي.“ وڏيرو وڏو زماني جو ماڻھو ھو. اوکيءَ ويل لاءِ ٻھ چار اڻ گس مڙس وٽس ھوندا ئا ھئا. بس، اشاري جي دير ھئي، خان خانان جي سريءَ لاھڻ کان بھ ڪونھ ڊڄندا ھئا. ڪنھن ڳالھھ جو فڪر ڪونھ ھو. ضلعي جي ڪل ڪامورن ۾ سندس رسائي پھچندي ھئي. ڪو ڪامورو بدلي ٿي ايندو ھو تھ ان وٽ پھرئين ئي ڏينھن تي پھچبو ھو. کيس موسم مطابق ڏالي ڏبي ھئي. پر جي ڪامورو ڪرڙو ھوندو ھو ۽ انھيءَ قسم جي ڏي وٺ پسند نھ ڪندو ھو تھ کيس شڪار جي دعوت ڏبي ھئي. ڪامورو خوش ٿي ويندو ھو ۽ پوين کي بھ وڏيري جون پارتون ڪري ويندو ھو. ڪيترن ڪامورن تھ کيس سونن اکرن ۾ لکيل پروانا ۽ آفرين ناما بھ ڏنا ھئا، جي سڀ وٽس سنڀالي رکيل ھئا. قصو کٽائڻو مڙس امير ھو ۽ سندس ساراھ مان ڪو ڍاپندو ڪونھ ھو. سندس دليريءَ جي ڌاڪ پھرئين ڌاڙي ۾ ڄمي ويئي ھئي. ھن واھوجن ۾ ڌارو ھنيو ھو، ڀاڳيو ھلنديءَ وارو ھو، ڌاڙي کان ٻھ ڏينھن اڳ روپين جا پنج ھزار آڻي گھر رکيا ھئائين. اھي سڀ ڳالھيون ھن ھڪ جاچوس معرفت جاچي پوءِ قدم کنيو ھو. ھو پاڻ بھ چوندو ھو: ”مان ڪو لوسي چور نھ آھيان، جو سؤ ڏيڍ جو ٻڌي ڀڳو وڃان. ڌاڙو ھڻجي تھ گھٽ ۾ گھٽ ڪي ڏينھن ويھي کائجي. ڪو زور پوي تھ اڳين کي بھ ڪجھھ منھن ۾ ھڻي جان ڇڏائجي.“ ڌاڙي کان اڳ ۾ ھن ھمراھن کي سمجھاڻيون ڏنيون ھيون: ”ڀاڳئي کي اسين لھڻون ڪونھ جو پاڻ گھر ڦري ڏيندو. مڙسان مڙسيءَ جون ڳالکھيون ٿينديون. ڀاڳيو مرڻ مارڻ جي ڪونھ ڪندو، جي ڀڄڻو اٿو تھ ھاڻي ئي وک ڏيکاريو. پوءِ ڀڄندو تھ پھرين توھان سان پڄي کائندس، ٻيون ڳالھيون پوءِ ٿينديون.“ ڌاڙي جي اصولن تي ھن چيو ھو: ”جي ڀاڳيو مقابلو ڪري تھ ان سان ھڪ ھنڌ بيھي مقابلو نھ ڪجي، پر ھڪ ڌڪ اڳيان ھڻجي تھ ڊڪي ھڪ ڌڪ پٺيان بھ ھڻي وٺجي، مگر ڌڪ اھڙا ھڻجن جو ٻرڙوٽ نھ ٿئي، ڪا گھڙي ھڪ جاءِ تي سيڪاٽيو پيو ھجي. گھڻو روڄ راڙو بھ مارائيندو آھي.“ جڏھن ڌاڙو ھڻي ٻاھر نڪتا تھ ٽن ڳوٺن جي واھر اچي پھتي ھئي. سندس ساٿي ٽپڙ ڇڏي کڙين تي زور ڏيڻ ۾ ھئا تھ ھن رڙ ڪري ھمراھن کي چيو ھو: ”کلا شڪاري، متان ڀڳا آھيو.“ ان بعد پنھنجن ھمراھن کي اڳ ۾ ڪري سڄي واھر پلي، پوءِ ٻاھر نڪتا ھئا. حرام جو ڪا چيڙھ دڳ تي ڇڏي ھئائون. اھا ڳالھھ ٻڌي وڏيري سندس پٺي ٺپي ھئي ۽ انعام ۾ پنھنجي پتيءَ مان بھ ڪجھھ کيس ڏنو ھئائين. جڏھن ڀاڳئي کان ڪنھن جوٺي وٺي کيس ڌاڙي جي پيرائتي ڳالھھ ڪري ٻڌائي تھ ھو ميل ڪري وڏيري وٽ آيو ھو. وڏيري وڏي سندس منھن تي ماھيءَ کان پڇيو بھ ھو، مگر ھن انڪاري جواب ڏنو ھو. پر جڏھن ڀاڳئي پنھنجي ڏاڏر ڏيکاري تھ ھن زمين تي آڱر سان ٻھ ليڪا ڪڍي چيو ھو: ”جي صوبيدار ڏي وڃين تھ ھيءَ سڙنڪ ٿئي، پر جي سڌو شھر وڃي ناظم کي دانھين تھ ھيءَ سڌي سڙنڪ وٺيو وڃ، جيئن جلد پھچين!“

سڄي ڪچھري سن ۾ ھئي. وڏيرو وڏو بھ اونھي فڪر ۾ ھو. سڀني پئي وڏيري جي منھن کي تڪيو تھ ڪھڙو ٿو حڪم نڪري؟ گھڻيءَ دير کان پوءِ وڏيري وڏي، ماھيءَ کي سڏ ڪيو. سندس آواز ۾ ڪاوڙ ۽ رعب ھو.

”جيءُ سائين!“ ماھيءَ ھڪدم جواب ڏنو.

”رن پٽ جي سري آڻي ڏين تھ پوءِ مڃانءَ!“ وڏيرو خار ۾ ڏڪي رھيو ھو.

”حاضر سائين!“ ماھيءَ پنھنجن ھمراھن ڏي نھاريندي جواب ڏنو.

”اڄ ئي وڃ.“ وڏيري کيس چيو.

ڳالھھ ڳري ھئي، ڪنھن کي مجال جو وڏيري وڏي جي باري ۾ گٿا لفظ ڪڍي. وڏيرو فتح محمد جي پنھنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ ڊنگ زميندار ھو، تھ بھ پنھنجي ڪاڻ. وڏيري وڏي ساڻس ڪھڙو اچايو ھو جو ھن ھشام ماڻھن جي اڳيان پوليس جي ناظم کي سندس شڪايت ڪئي ھئي ۽ گٿا لفظ ڳالھايا ھئا. چي، ”چوريون ٿو ڪرائي، ڌاڙا ٿو ھڻائي!“ وڏيري وڏي جا تھ مٿس ڪيترا ئي لائق ھئا. ڪيترا ڀيرا سندس پنڌ کي سجايو ڪري مال بھ موٽائي ڏنو ھئائين. اھا ڳالھھ ٻي ھئي تھ ناظم وڏيري وڏي سان ٺھيل ھو ۽ اھا ڳالھھ کيس پاڻ ٻڌائي ھئائين، پر ھو تھ پنھنجو وارو ڪري بيٺو ھو ۽ ان جي سزا کيس لوڙڻي ھئي.

ساڳين ٻيرين ھيٺان راند پئي کيڏيسين. چھچٽو لڳو پيو ھو. علوءَ ۽ مان ٻيءَ ڌر کي سلام ڏنو، تن ڏنڊ ۾ ڪن – گوڇي پئي ڪئي تھ خميسو ڀڄندو آيو.

”سائين، وڏيري وڏي ماھيءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“

سڀني جي منھن تي مرڪ اچي ويئي، ماھيءَ کان ھرڪو ڊڄندو ھو.

”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.

”وڏيري وڏي کيس موڪليو ھو نھ ڪلھھ ھوڏي؟“ خميسو اشارن ۾ سمجھائڻ لڳو. ھونئن بھ اھا ڳالھھ ھن ئي اسان کي ٻڌائي ھئي.

”ھا.“

”اتان خالي ھٿين موٽي آيو. چتائين تھ وڏيرو فتح محمد اندر ڪوٺيءَ ۾ ڀڄي ويو....... ھو سندس پٺيان پيا تھ سندس نياڻي قرآن کڻي اچي سندن اڳيان بيٺي..... ۽ ھو ھمراھن کي جھلي، قرآن ۽ نياڻيءَ کي مھت ڏيئي، ٻانھن لوڏيندو واپس موٽي آيو.“ خميسي ٽوڪ جي نموني ۾ چيو.

سڀيئي پنڊ پھڻ ٿي ويا، ڄن ڪنھن جادوگر مٿن جادوءَ جي ڇڙي گھمائي ھئي. ٻيا تھ ڇڏيو، پر علو جيڪو ڳوٺ ۾ پنھنجي بڪوات ۽ لٻاڙ ڪري مشھور ھو ۽ ماھيءَ جو سڀني کان وڌيڪ دشمن ھو، سو بھ ڏسان تھ ڪن چٻا ڪري ويٺو ھو.

 


 

 

تنھنجي خوديءَ جو ڀرم

اڄ جڏھن تنھنجي ھڪ سنگتي ٻڌايو تھ تون وري پنھنجي سيٺيي ڀاءُ سان گڏ ٿيو آھين تھ مان ھي سڀڪجھھ لکڻ تي مجبور ٿي ويو آھيان.

مان سجھان ٿو تھ ھي تنھنجو خانگي معاملو آھي ۽ مون کي ان ۾ ٽپي ڏيڻ جو ڪو حق ڪونھي. اھو بھ سمجھان ٿو تھ تون ھي پڙھي خوش نھ ٿيندين، پر اٽلو گاريون ڏيندين. ھونئن بھ ظاھر ۾ ڀاءُ کان جدا ٿي وري گڏ ٿيڻ، ھڪ ٻڌائڻ جوڳي ڳالھھ نٿي لڳي. پوءِ جڏھن مان انھن ڳالھين کي ياد ٿو ڪريان، جن ڪري تون پنھنجي ڀاءُ کان جدا ٿي ويو ھئين تھ پوءِ دل ٿي چوي تھ جيڪر تنھنجيون ڳالھيون توکي ٻڌايان.

مون کي جيترو ياد آھي تھ مان توکي پھريون ڀيرو پنھنجي ڪلاس ۾ ڏٺو ھو. تون ۽ مان گڏ پڙھندا ھئاسين. انھن ڏينھن ۾ تون اڇو اجرو رھندو ھئين. توکي سٺا قيمتي ڪپڙا پاتل ھوندا ھئا ۽ تنھنجي نرم ريشمي وارن کي ڦڻي ڏنل ھوندي ھئي. تنھنجو دماغ عرش تي ھوندو ھو ۽ اسان جھڙن ڏانھن تھ نھاريندين بھ ڪونھ ھئين، پر سال کن کان پوءِ تو گدلو رھڻ لڳو ھئين. تنھنجا وار اڻڀا ھئڻ ڪري ڪڪا لڳندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ تون ۽ مان ھڪ ٻئي جي ويجھو ٿيندا وياسين. مون کي تنھنجي حالت جي تبديلي جو عجب لڳندو ھو ۽ مان سڄو ڏينھن پيو سوچيندو ھوس تھ تو سان ڪھڙي ويڌن ٿي وئي ھئي؟ ھڪ ڏينھن مان توکان ان جو سبب پڇيو ھو ۽ تون ھڪ اداس مرڪ مرڪي مون کي ان جو سبب ٻڌايو ھو. تون ڇورو ڇنو ٿي ويو ھئين، تنھنجي قيمتي ڪپڙن خريد ڪرڻ وارو پيءُ گذاري ويو ھو ۽ تنھنجي کاڏيءَ کي جھلي پيار سان ڦڻي ڏيڻ واري ماءُ بھ سامي ۾ پورجي چڪي ھئي. انھن ڏينھن ۾ تون پنھنجي پئيتي ڀاءُ جي نظرداريءَ ۾ پئي ڏينھن ڪاٽيا، جنھن کي توکان وڌيڪ پنھنجو اولاد مٺو ھو. پنھنجي اولاد جي ڳالھھ تھ پري رھي، پر ھو توکي پنھنجي ڪتي جيترو بھ نھ ليکيندو ھو. معاف ڪجانءِ، ھيءَ ڳالھھ مان پنھنجي طرفان نٿو ٺاھيان. ڪجھھ تنھنجي واتان ٻڌي ھئيم ۽ ڪجھھ پاڻ بھ ڏٺو ھوم. ان ڏينھن مان توسان تنھنجي گھر جي ٻاھران بيٺو ھوس. توکان ڪي ڪتاب وٺڻا ھئا، يا شايد ڪا ٻي ڳالھھ ھئي. تنھنجو ڀاءُ اندران پنھنجي ڀوري ناسي السيشن ڪتي سان ٻاھر نڪتو ھو. ڪتي ساڻس مستيون پئي ڪيون ۽ سندس ڪپڙا پئي خراب ڪيا، پر تنھنجي ڀاءُ ان ھوندي بھ مٿس پيار جھڙا ھٿڙا پئي گھمايا ۽ اتي ئي تو آھستي مون سان اھو ڏک ڪڍيو ھو تھ جيڪر تنھنجو ڀاءُ توکي پنھنجي ان ڪتي جيترو بھ پيار ڏئي ھا تھ بھ تنھنجي لاءِ وڏي ڳالھھ ھئي.

ان زماني ۾ توکي پنھنجي ڀاءُ ۽ سندس خاندان سان نفرت پيدا ٿي ويئي ھئي ۽ تون ڪلاس ۾ جاميٽري جي ڪاپي تي رائيٽ اينگل ڪڍڻ سان گڏوگڏ دل ۾ پنھنجي مستقبل جي رائيٽ اينگل ڪڍڻ جي بھ ڪوشش ڪندو ھئين. ان ڳالھھ جو پتو مون کي ان ڏينھن پيو ھو، جنھن ڏينھن تون ڪلاس ۾ ڪونھ آيو ھئين. تو سڄي عمر ڪڏھن ڪونھ گسايو ھو، ان ڪري مون کي تنھنجي چنتا لڳي ھئي. مان تنھنجي گھر پڇا ڪرڻ ويو ھوس. تنھنجو ڀاءُ ڦل سوٽ ھنيو ٻاھر بيٺو ھو. ان کان ڊڄي ڊڄي تنھنجي لاءِ پڇيو ھوم.

”ڪير آن ڙي تون؟“ تنھنجي ڀاءُ تيشي ڏيئي مون کان پڇيو ھو.

”سائين مان – مان ھن جو دوست آھيان.“ مان ھٻڪندي کيس ٻڌايو ھو.

”ھا، تو جھڙا رولو جو سندس دوست ھوندا تھ گھر کان ڪيئن نھ ڀڄندو.“ ھن خار ۾ مون کي گھوري چيو ھو، پوءِ ڀرسان ٻٽي ڪارا برقعا ڏيندي ڏسي ھو ”منڊا تيرا، ميري مھاندرا او ڊنڊي ڊنڊي چلئي والي ني“ ڳائڻ لڳو ھو ۽ مون تان بلا ٽري وئي ھئي.

تنھنجي ڀاءُ جي منھن ۾ تنھنجي لاءِ ڳڻتي نھ ڏسي مون کي ڏک ٿيو ھو ۽ دل ۾ دعائون گھريون ھيم تھ تون ان گھر ۾ يا عمر واپس نھ اچي. پر جڏھن تون ٻٽي ڏينھن رلي پني واپس موٽي آيو ھئين تھ مون کي ان کان بھ وڌيڪ ڏک ٿيو ھو.

ڀڄي وڃڻ کان پوءِ تون جڏھن پھريون دفعو ڪلاس ۾ آيو ھئين تھ ان ڏينھن پنھنجو استاد ڪونھ آيو ھو ۽ اسان کي ٻيو استاد، جنھن کي سندس ڊگھي قد ۽ چوڙيدار پاجامي ڪري استاد ڪنگ اسٽارڪ سڏيندا ھئاسين، پڙھائڻ لاءِ آيو ھو. ان ڏينھن سندس موٽ پڙھائڻ تي ڪونھ ھو، ان ڪري اسان سڀني ڇوڪرن کي پنھنجو پنھنجو سبق ياد ڪرڻ لاءِ چئي لت ڏيئي ڪرسي تي سمھي پيو ھو. تون ۽ مان ان ڳالھھ جو فائدو وٺي پوئين بئنچن تي ھلي ويٺا ھئاسون. مون کي توکان پيرائي ڳالھھ پڇڻ جو ڏاڍو شوق ھو ۽ انھيءَ ئي ڏينھن توکان تنھنجي ڀڄي وڃڻ جو آئڊيا چڱيءَ طرح سمجھيو ھوم. تو چيو ھو تھ: ”پر مون کي ڪھڙي خبر ھئي تھ ڪو ڀڄي وڃڻ ڪري مون سان ھيءَ حالت ٿيندي. مان تھ سمجھيو ھو تھ ادي جو ھيانءُ ڪونئرو ٿي پوندو ۽ اڳنا لاءِ منھنجو خيال رکندو. مون سان تھ ھينئر جنسي ويل آ.“

”ڀلا آئين تھ ڪا مار تھ ڪونھ مليئي نھ؟“ مان توکان پڇيو ھو.

”ڇڙي ھڪ مار لاءِ ٿو پڇين؟ ھتي تھ اٿندي ويھندي پادر ا. منھنجي پٺيءَ تي جي ڏنا ڏسين تھ جيڪر تون بھ روئي ويھين. جيڪڏھن وس پڄي تھ سڄو ڏينھن ھت اسڪول ۾ ويٺو رھان، پر اسڪول بھ نڀاڳو ڏيڍ بجي ٿو بند ٿئي.“ تو روئڻھارڪو ٿي چيو ھو.

”پر ادا، ھاڻي نھ ڀڄجانءِ.“ مان توکي ايلاز ڪيو ھو. مون کان تنھنجو ڏک نھ پئي سٺو.

”نھ في الحال تھ توبھھ ڪيم، پر وقت اچڻ ڏي.“ ۽ ان ڏينھن ئي شايد تون ڦڪي کل کلندي چيو ھو تھ تنھنجي ڪنسٽرڪشن غلط نڪري پئي ھئي ۽ تون ”رائٽ اينگل“ ڪونھ ٺاھي سگھيو ھئين.

ائين ئي قصو ھلندو رھيو، تان جو تون ۽ مان گڏ مئٽرڪ پاس ڪئي. مان ڪاليج ۾ داخلو ورتو، پر تون ڪونھ آئين – پر تون پوءِ ٻئي ٽرم کان ٿورو اڳ ۾ اچي داخلا ورتي ھئي. تون پاڻ ئي مون کي ٻڌايو ھو تھ تنھنجي ڀاءُ جي توکي وڌيڪ پڙھائڻ تي مرضي ڪانھ ھئي. سندس پٽ مئٽرڪ بھ پاس ڪري نھ سگھيو ھو ۽ ھن نھ پئي چاھيو تھ ڪو تون سندس پٽ کان مٿي پڙھين. پر پوءِ پنھنجي سنگتين ساٿين جي چوڻ تي، جن کي شايد وري تو ايلاز ڪيا ھئا، توکي ڪاليج ۾ موڪليو ھئائين. تنھنجي ڀاءُ توکي ڪاليج ۾ موڪلڻ وقت توکي کولي ٻڌايو ھو تھ جي تون ھڪ دفعو بھ امتحان ۾ ناپاس ٿيندين تھ ھو توکي وڌيڪ ڪونھ پڙھائيندو.

مون کي چڱيءَ طرح ياد آھي تھ ڪاليج جي زماني ۾ توکي پورا پئسا بھ ڪونھ ملندا ھئا. کاڌي جو خرچ ۽ ڪاليج جي في ڪڍڻ بعد تو وٽ رڳو ڪي روپيا وڃي بچندا ھئا. تنھنجي چانھھ پاڻي جو خرچ پنھنجي سڄي سنگت تي ھو. تون ھڪ ڀيرو نوڪري ڪرڻ جي بھ ڪوشش ڪئي ھئي، پر تنھنجي ڀاءُ توکي دڙڪا ڏنا ھئا، جو ان ۾ سندس بدنامي ھئي.

ننڍپڻ کان وٺي تو ڏک ڏٺا ھئا. تنھنجي اندر ۾ بغاوت جي باھ رکندي رھي ھئي، تان جو ان ھڪ ڏينھن ڀڙڪو کاڌو ھو. ڀڙڪو بھ شايد انھن ڳالھين تي کاڌو ھئائين جو تون اکين ۾ پاڻي آڻي مون کي ٻڌايو ھيو ۽ جن منھنجي اکين کي بھ آلو ڪري ڇڏيو ھو. تون شام جو منھنجي ڪمري ۾ آيو ھئين ۽ اچڻ سان ھنڌ تي ڪري سڏڪندي چيو ھيئي:

”پر، ھي ڀاءُ آ؟“

”وري ڇاھي؟“ مان توکان پڇيو ھو.

”اھي مٿي سورن جون ڳالھيون ٻيو ڇاھي ادا.“ تنھنجي اکين مان جھر جھر ڳوڙھا پئي وھيا.

”ٻڌاءِ نھ.“ مان توکان ڳراٽڙي پائي پڇيو ھو.

”ولايت ويو ھو الائي ڪيترا لک کڻي؟ پٽ لاءِ موٽر آندائين، زال لاءِ زيور وٺي آيو ۽ پوٽين لاءِ قيمتي ڪپڙا، پر منھنجي لاءِ ڪجھھ بھ ڪونھ. ڄڻ مان سندس ڪجھھ ڪونھ ٿيان؟ آسيس لاءِ ھڪ روپي جو قلم ڏئي ھا تھ بھ مان ڪيترو خوش ٿيان ھا، پر ان ڳالھھ کي بھ کڻي ڇڏ.“ تون سڌو ٿي ويھي رھيو ھئين. توکي جوش چڙھي ويو ھو. ”ڪجھھ نھ ڏئي ھا، پر کلي تھ ڳالھائي ھا. ڪن اچڻ سان دڙڪا ڏبا آھن؟“

”دڙڪا ڏنائين؟“ جنسي باھ وٺي ويئي ھئي.

”ھا.“

”ڇو؟“

”مان سندس پوٽيءَ کي اڄ چماٽ ھنئي ھئي. ٻڌ نھ، منھنجي ڀاءَ جي پوٽي منھنجي بھ پوٽي ٿئي ۽ اھا جو اڌ نالي سان سڏ تھ گڏي نھ ڇڏجيس. مان تھ رڳو کيس ڇڙي چماٽ ھنئي ھئي.“

ان ئي رات تون پنھنجي ڀاءُ ڏي پنھنجي جدا ٿيڻ جو خط لکيو ھو ۽ کانئس پنھنجي ملڪيت جي حصي جي بھ گھر ڪئي ھئي. تنھنجي ڀاءُ تنھنجي جدا ٿيڻ تي خوشي ڪئي ھئي، پر ملڪيت لاءِ توکي ٽي تريون ھڻي ڪڍيون ھئائين. ھن توکي جواب ڏنو ھو تھ سڄي ملڪيت ھن جي پنھنجي ٺاھيل ھئي ۽ پنھنجي پيءُ ڪجھھ بھ ڪونھ ڇڏيو ھو. پنھنجي ڀاءُ وٽان کلي جواب ملڻ بعد بھ تو ھمٿ ڪونھ ھاري ھئي ۽ جلدي پيٽ گذران لاءِ ھڪ چڱيءَ پگھار واري نوڪري ھٿ ڪئي. مون کي اھو ڏينھن چڱيءَ طرح ياد آھي، جنھن ڏينھن توکي پنھنجي پورھئي جي پھرين پگھار ملي ھئي. تون ان ڏينھن اسان سڀني دوستن کي ڪيفي جارج ۾ چانھھ پياري ھئي. تون ان ڏينھن خوشيءَ ۾ مست ھئين. ان ڏينھن ڀوڳن ۾ توکي ڪنھن دوست صلاح ڏني ھئي تھ جي تون پنھنجي ڀاءَ وٽ وڃي فلم آواره جي ڪورٽ سين ۾ راجڪپور وانگر ميڻون منھن ٺاھي ڏانھس نھارين تھ ھو توتي رحم کائي توکي چڱي رقم ڏيندو. سڀ دوست ان ڳالھھ تي ڏاڍا کليا ھئاسين. ڪڏھن ڪڏھن تنھنجي شڪل بلڪل اھڙي لڳندي ھئي. ان ڳالھھ جو جيڪو تون جواب ڏنو ھو، سو بھ اڄ تائين مون کي ياد آھي. تون چيو ھو:

”ادا، مان غريب آھيان، پر خودي وارو آھيان. منھنجو وٽس وڃڻ تھ پري رھيو، پر ھو پاڻ اچي مون کي ايلاز ڪري تھ بھ ساڻس گڏ ڪونھ ويندس. لکن جا ٽپڙ ھن کي آيا، مان پنھنجي پگھار مان بلڪل خوش آھيان.“

قسم سان، مان تنھنجو اھو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ھوس ۽ سمجھيو ھوم تھ تون پنھنجي مستقبل جي ”رائيٽ اينگل“ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين.

پر اڄ تنھنجي ھڪ سنگتي ٻڌايو تھ تون وري پنھنجي سيٺيي ڀاءُ سان گڏ ٿيو آھين تھ آئون اھو سڀ ڪجھھ لکڻ تي مجبور ٿي ويو آھيان. تنھنجي سنگتي اھو بھ ٻڌايو تھ ھينئر منھن تي اداس مرڪن بدران خوشي جون مرڪون آھن ۽ تنھنجي وارن ۾ اڻڀائپ ڪانھ آھي، پر سليقي سان ڦڻي ڏنل ھوندي آھي……. پر تڏھن بھ الاجي ڇو مون کي سندس ڳالھھ تي اعتبار نٿو اچي. تون ويجھو ھجين ھا تھ تنھنجي وارن جي پاڙن کي ڏسان ھا، متان اھي اندران اڳي وانگر اڻڀيون نھ ھجن، تنھنجي خوشيءَ جون مرڪون چتائي ڏسان ھا تھ متان ان ۾ ڪي اداس مرڪون بھ لڪل ھجن. اھو سڀ…… اھو سڀ ان ڪري ڪيان ھا تھ متان تون ڪنسٽرڪشن غلط ڪڍي ھجي ۽ تون ”رائيٽ اينگل“ نھ ٺاھي سگھيو ھجين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com