سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :18

   

منڌ ٻوڙيو مھراڻ

مان ڪورٽ جا ڪپڙا بدلائي، منھن تي ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو ھڻي اڃا ويھڻ جي ٿو ڪيان تھ ورانڊي ۾ پنھنجي مومل جي ھلڻ جو گيھو ٿو ٻڌان. اھو گيھو ۽ سھڪو ھلندي ھلندي مون واري ڪمري تائين پھچي ٿو ۽ ان دم ھوءَ اچي منڍي ڪڍي ٿي. اچڻ سان پنھنجو لٽڪندڙ اڳٺ ابداڻي ۾ ٽنبيندي ماکيءَ کان بھ مٺي آواز ۾ مون کان پڇي ٿي: ”ائين وئين؟“

”ھا“ مان کٽ تي آھلندي جواب ٿو ڏيان. دل ۾ سوچان ٿو تھ کيس چوان تھ لاچار کي آچار ڪونھي.

”ايترو جلدي؟“

”ڪم جو ٿورو ھو.“

ھوءَ ٿوري دير چپ ٿي وڃي ٿي. لاشڪ تھ ڪو ڪم اٿس مون ۾. مان ڇت ۾ ھلندڙ پکي کي پيو واجھايان ۽ ٻڙڪ نٿو ٻوليان. مون کي سورنھن آنا خاطري آھي تھ سندس ٿلھي پيٽ ۾ ڪا ڳالھھ ترسڻي ڪونھي، ھوءَ بھ دير ئي نٿي ڪري ۽ ان دم ڦاٽ کائي ٿي: ”زينو آئي آھي توڏي.“

مان نالو ٻڌي ذري گھٽ اجھڪو ٿو کاوان ۽ اٿڻ جي ٿو ڪيان، پر لڱن ۾ ڄن تھ اھو ست ئي ڪونھي. مان ڌڙڪندڙ دل سان پاڻ کي پيو پرڀايان تھ ھن جڳ ۾ ھڪ اھا ئي زينو تھ ڪونھي، سوين ھزارين زينو آھن. ھيءَ ڪھڙي زينو، اھا سھڻي من موھڻي زينو، الائي ڪا ٻي، منھنجي دل ۾ تھ ڳالھھ وسي وئي آھي، پر تنھن ھوندي بھ مان پڪائي ڪندي پڇان ٿو: ”زينو، ڪھڙي زينو؟“

”ھڪ ئي تھ زينو آ پنھنجي ڳوٺ ۾، دادن واري زال.“

منھنجي زور سان ڌڙڪندڙ دل ڄڻ تھ بيھي ٿي رھي ۽ ھيانءُ مٺ ۾ اچي وسامڻ ٿو لڳي. ورھين جا ڇٽل ڦٽ وري نئين سر اڊڙي ٿا پون ۽ انھن مان رت سيمو ڪري پيو نڪري. ھيءَ زينو تھ اھا ئي آھي، جا منھنجي رڳ رڳ، پور پور م سمايل آھي. مون کي سندس جھلڪ ڏٺي ستون ورھيھ ٿيو، پر دل تي اڪريل چٽ ڪٿي ٿا ڊھن. ھوءَ ان وقت وڌي وڻ پئي ٿي ۽ سندس وھيءَ ٻور پئي جھليو. مون بھ ان ڦر کي پنھنجي جھولي ۾ ميڙڻ ۽ ھيانءَ ۾ ساڍڻ لاءِ توري تڪي ڇاپڙ ھنئي، جا موٽي مون کي اچي ھنيانءَ ۾ ڪان جيان ٽنبجي پئي. مان ان وچ ۾ رنس رڙيس ۽ چور گھوڙي پنھنجي حيلا ھلايم، پر زور جي ميندي ڪونھ لڳي. پوءِ مون ھنن ئي ڪنن سان سندس وھانءَ جون شرنايون ٻڌيون ۽ ھنن ئي اکين سان کيس لائون لھندي ڏٺم. ھن جو وھانءُ پنھنجي مڱيندي دادن سان ٿيو ۽ ھن جي ۽ منھنجي وچ ۾ درياھ وھي ويو. اھا زينو تھ پوءِ بھ مان پل نھ وساري ۽ مان اٿندي وھندي، ننڊ ۾ ۽ جاڳ ۾ کيس پئي پسيو. مان پنھنجي گونگي گانءِ ڏي ڏسي سوچيان ٿو تھ کيس ڪھڙي لڪ ۾ رکان، پر نھ چاھيندي بھ چئي ٿو ويھان: ”مان شڪل مان تھ نھ سڃاڻان، باقي نالو سو ٻڌل ٿو لڳيم.“

”ھا تون ڳوٺ ۾ رھين بھ ڪيترو وقت، سدائين تھ ٻاھر پئي پڙھايون ڪيئي.“

مان دل ئي دل ۾ کيس چوان ٿو تھ موڳي مينھن، توکي ڪھڙيون خبرون منھنجي پڙھائيءَ جون. مان تھ اھو سمورو وقت ٻاھر ھوندي بھ ڳوٺ ھئس، منھنجي دل جو اتي ھئي. مان سدائين پيو آڱرين تي ڏينھن ڳڻيندو ھوس تھ ڳوٺ موٽان، پر مون نھ ان ڳالھھ جي کيس ھائو ڪئي ۽ نھ ننھڪر، کانئس پڇان ٿو: ”ڇو آئي آھي؟“

”ڏير ننڍڙو پٽ ٿڻن تي کسيو اٿس، سو واھر ٿي گھري.“

”باقي دادن ڇا پيو ڪري؟“ مان ڄاڻي واڻي ھي سوال ٿو پڇان. دادن کي گذري ٻارھون مھينو بھ ٿي ويو. مون تھ ان کان پوءِ کيس نئين سر نينھن جو نياپو پھچايو، پر ھن ورندي ئي ڪونھ ڏني، ھن جي اکين مان سو سانوڻي جو درياھ اٿلي پيو.

”اھو تھ ڪڏھوڪو پنھنجي ڏيھھ ويو، تون تھ ڪو صفا چٽ آھين، باقي وڪالت ڪيئن پيو ڪرين؟“

مان دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو تھ ڪھڙيون وڪالتون، ڇا جون وڪالتون؟ اھا ئي وڪالت آ تھ ڇڙو ڳوٺ کان پري رھڻ جو بھانو، مڙيل ڦٽن کي وري نھ اڊيڙڻ جي ھڪ ناڪام ڪوشش. مان ڄڻ تھ يادگيريو ڪندو چوان ٿو: ”ھا، ھا.“

”پوءِ ڪرينس نھ ڪا واھر.“

”ڪھڙي واھر ڪجيس، ٻار جا تھ نيٺ ڏاڏاڻا وارث آھن.“

مان بھ پنھنجي پر ۾ زينوءَ جي ھيانءَ کي مٺ ۾ قابو ٿو جھليان تھ ڀلي کيس بھ ڪا ڪل پوي.

”ايتري ننڍي آبھم جا؟“

”ڳوٺاڻي رسم جو اھا آھي تھ پوءِ مان ڇا ڪيان؟“

”ٻن پوي اھڙي رسم، نسورو ناحق آ.“

مان من ئي من ۾ کيس چوان ٿو تھ اھي ريتون رسمون نھ ھجن ھا تھ توسان ھيءَ جبل جيڏي جندڙي ڪيئن گھاريان ھا؟ اھي ريتون رسمون ئي تھ ھيون، جن زينوءَ ۽ منھنجي وچ ۾ لوڪا ڪوٽ ڪڍي ڇڏيا. مان اھي لوھا ڪوٽ ڀڃڻ گھريا، پر ھٿن ست ئي ڇڏي ڏنو. مون زينو لاءِ دادن کان وڌائي واڪ ڏنا، پر ھڪ ڀيرو چڪاڻل وري مون نھ چڪائي سگھي. راڄوڻي رسم ۾ مان ڳوٺ جو ابو امان ھوس ۽ پنھنجي ننگ کان سواءِ ڪر ڪا منھنجي نياڻي ۽ امڙ ھئي. مان جي ڳوٺاڻيون رسمون ٽوڙيان ھا تھ پھريون اھا رسم ٽوڙيان ھا، جنھن مون کي زينوءَ کان پري بيھاري ڇڏيو ھو. مان دل ئي دل ۾ ھزارين ڳالھيون سوچيان ٿو، پر ھن کي ڇڙو اھو ٿو چوان: ”وڏن جو اھا رسم ٺاھي، ضرور برابر ھوندي.“

”پر قانون بھ تھ آ.“

”ٻھراڙيءَ جو اھو ئي قانون آ.“

”ھوءَ تھ ويچاري حال کين بيحال آ، سندس ڇاتيون سور کان ڦاٽن ٿيون.“

”ڇو، ڇو؟“

”ٻار ببن تي اٿس، ٽن ڏينھن کان ٻار جو نھ ڌاتو ھوندس تھ ٻيو ڇا ٿيندو؟ ويچاري جو تھ چولو ئي پسي پسي کوئنر ٿي پيو آھي.“

مون کي بي اختيار زينوءَ جا لسي وٽي جيترا ارھ ياد ٿا اچن، جن جون جھلڪيون مون سندس چڪني ۽ وائل جي چولن مان پئي پسيون ھيون. اھي تھ ان وقت مکڙي جيان ھئا، پر ھينئر تھ ٽڙي گل ٿي پيا ھوندا. ھن وقت تھ رھندو ٻار جي ٿڻن تي اٿس، سو اھي تھ حال کان بيحال ھوندا. سندس شربتي کل مان اڇو کيس پسبو ھوندو. مان زينوءَ جي ارھن کي ياد ڪري پنھنجي مومل جي سيني ڏانھن ٿو نھاريان، جي ٿنبن ۽ ٿوڻين جي ٽيڪن کان پوءِ بھ ائين ٿا لڙڪن، جيئن پاڻ واري ويائل اليسشن سوزيءَ جا ٿڻ. مان دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو تھ جيڪر پنھنجي مومل کي چوان تھ زينوءَ جي انھن ئي ڇاتين تھ مون کي حال کان بيحال ڪري ڇڏيو ھو، پر ان وقت تھ زينوءَ کي ڪو ڪھڪاءُ نھ آيو. پر ھينئر ٽن ڏينھن جي وڇوڙي تي پئي ٻار لاءِ ماندي ٿئي. پر اھي ڳالھيون سوچي سگھجن ٿيون، پر چئجن ڪين. مان ڪڇان ٿو تھ ڇڙو اھو ئي: ”زينو جو ڏير اھڙو تھ ڪونھي، آھي ڇاتي گوڙ؟“

”ڏيرنھس جي مرضي ساڻس لکيي ڪرڻ تي آھي، پر ھيءَ نٿي ھائو ڪري.“

”ڇو نھ ٿي ڪري، گھر ۾ گھر؟“ مان ڌڙڪندڙ دل سان پڇان ٿو، شايد تھ زينو مون ڏانھن وراڻ ڪئي ھجي.

”ھوءَ ٻيو پرڻو نھ ڪندي، مڙس جي ڇانو نٿي ڇڏي.“

”پر ڇو، اڃا تھ جوان جماڻ آ.“

”دادن مئي کان پوءِ ھن جي دل جو گل ئي مئل آ، ھئا بھ تھ ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي تان گھور.“ مون واري مومل مون ڏانھن ميار ڏيندڙ اکيون کپائي چوي ٿي. ھن جون اکيون مون کي چون ٿيون تھ تو ۾ اھي ڳالھيون ڪٿي،. مان دادن....... دادن جو راڳ ٻڌي سڙي ڪوئلو ٿي ٿو وڃان. دادن جيئري تھ مون کي ملھھ ماري ھئي، پر ھينئر جڏھن سندس ھڏيون بھ ڳري ويون آھن، تڏھن بھ مون کان سرسيءَ م ھو. زينوءَ جي وات تي اڃا ساڳيو نالو ھو ۽ مون جھڙا تھ ڪنھن قطار م ئي ڪونھ ھئا. مان خار ۾ زال کي چوان ٿو: ”ڪمال ٿي ڪرين، زينوءَ کي ڪيئن ويھاربو؟“

”سندس مرضي بنھھ ڪونھي، باقي چوي ٿي تھ ھيٺ مٿي ٻڌو تھ ڀلي ڪاري چور سان پرڻايو.“

مان اھو جملو ٻڌي باھ ٿي ٿو وڃان. انھن ڪارن چورن مان تھ ھڪ مان بھ آھيان. ڳوٺ جو چڱو مڙس، مجيري ۽ وڪيل، پر ھن کي تھ ڪنھن تي فلڪ ڪونھي. ھن لاءِ تھ دادن اڃان جيئرو جاڳندو آ. مان دل ئي دل ۾ دادن کي پٽيان ٿو. شل رب دادن ڪين ڪريئي، ڀيڻا مئي کان پوءِ بھ زينوءَ تي وسينگ نانگ وانگيان پھرو پيو ڏين. مان باھ ۾ زال کان پڇان ٿو: ”پاڻ آھي ڪٿي؟“

”مون واري ڪمري ۾ ويٺي آ.“

”اتي ڇو ويھاريوس ٿئي؟“

”مڙئي ھن ويچاريءَ سان ڏک سور بھ پئي اوريم ۽ سيرون بھ پئي ڏياريم.“

منھنجي اکين اڳيان زينوءَ جو ڪارو ڀنڀور وارن وارو چوٽو ڦري ٿو اچي ۽ ٻي نظر پنھنجي مومل جي من موسڙي واري اکيري ڏانھن ٿو وجھان. دل چوي ٿي تھ کيس چوان: تون پنھنجي کٿل کنڀن کي سيرون ڏيارڻ بدران سندس ڪارن ڪڪرن کي کولين ھا، پر کيس ائين ڪيئن ٿو چئي سگھان. ھن کي چوان ٿو: ”زينوءَ کي موڪل تھ پاڻ ڳالھائي، تو ھروڀرو سندس ٺيڪو تھ نھ کنيو آ.“

مون واري مومل بھ سوال جواب ڪري لاشڪ ٿڪي آ، سو ھوءَ واپس ٿي موٽ کائي. ورانڊي ۾ ئي ھن جو آواز ڪن تي ٿيو پئيم ۽ ھوءَ زينوءَ کي چوي پئي: ”مائي پاڻ بھ تھ صاحب سان ڳالھاءِ. ھتي پنھنجي وڪيل سان نٿي ڳالھائي سگھين تھ اڳتي ڪورٽ ۾ ڪھڙا سوال جواب ڪندينءَ؟“

ٿوري دير چپ ٿي وڃي ٿي. مان سمجھان ٿو تھ ھوءَ ايندي يا تھ ھٻڪندي ھوندي، يا رئو ٺاھيندي ھوندي. منھنجي سامھون اچڻ لاءِ، دل من ھڻندي ھوندي ۽ ڳالھائڻ لاءِ لفظ توريندي تڪيندي ھوندي. ان دم ئي دل ۾ خيال ٿو ورائي تھ متان مون واري مومل بھ وري ساڻس ڳنڍي نھ اچي، سو اتان ئي کيس ڪن تي ٿو ھڻان: ”ھاڻي مھرباني ڪري تون وڪالت ڇڏ، مون لاءِ ماني پچائي آءُ.“

مان ڪن ٿو ڏيان تھ پنھنجي مومل جو گيھو بورچي خاني ڏانھن ٿو ٻڌان ۽ زينوءَ جي اچڻ جو آواز دل ۾ پيو محسوس ڪيان. ھوءَ سرندي، سرڪندي، بيھندي، ھلندي ڪائين ڪال در ۾ ائين ٿي منھن ڪڍي، جيئن پندرھينءَ جو چنڊ ڪي گھڙيون لڪ ڪري پوءِ اڀرندو آھي. ھوءَ در جي تاڪ کي جھلي پير جي ننھن سان ڌرتي کوٽڻ لڳي ٿي. مان ھن جي چنڊ جھڙي منھن کي ڏسان ٿو، جو حجاب کان ڳاڙھسرو ٿي ويو آھي ۽ پوءِ سندس ڊگھي ھاٺي، موڪري سيني، چيتڻ جھڙي چيلھھ ۽ ڀرپور ڍاڪن کي ٿو تڪيان، جيڪي ھينئر مون کان ھزار ڪوھن تي آھن. مون ان مفاصلي کي گھٽائڻ لاءِ پنھنجا پير پٿون ڪيا آھن، پر اھو اڻانگو پنڌ کٽيي نٿو کٽي. مان ڳالھائڻ ٿو چاھيان، پر ڳالھائي نٿو سگھان. زبان ڄڻ تھ تارون سان ٺھڪي وئي آھي. مس مس ڳيتون ڏئي مان ڏک ۽ ميار مان ذري گھٽ روئڻھارڪو ٿي ڀڻڪان ٿو: ”آئين آن زينو؟“

ھوءَ جواب ۾ ڪي ڪڇڻ بدران پنھنجيون چيرويون اکيون کڻي مون مئل کي رھندو ماري ٿي.

”منھنجي ڳالھائڻ تي ڏک ضرور ٿيو ھوندءِ، پر زينو اھڙا ڏک تھ تو بھ ڏنا ھئا.“

ھوءَ ائين ئي چپ.

”ياد اٿئي تو لاءِ مون ڦارون پئي پاتيون. تون رکو جواب نھ ڏين ھا تھ ھھڙا ڏونگر ڪٿي ڏسان ھا.“

ھوءَ اڀرندڙ چنڊ جيان آھستي آھستي ڪنڌ مٿي کڻي مون کي چوي ٿي: ”قرب ڪرين تھ ڏکيءَ کي نھ ڏکوءِ، مون بي وڙيءَ تي وڙ لرئ”

”توکي ڪھڙا ڏک ٿو ڏيان زينو؟“

”اھي ڏک ناھن تھ پيو ڇاھي؟“

”زينو تون سمجھين ڇو نھ ٿي؟ توکي پنھنجا ڏک تھ ياد پون ٿا، پر منھنجا وساري ويھين ٿي. مان اڄ بھ تولاءِ ٻاٿون پيو کاوان.“

ھوءَ ڪو جواب نٿي ڏئي، پر سندس اکيون ۽ منھن شوڪجي ٿو وڃي ۽ مون واري ڳالھھ کي لياني ٿي ڪري ڇڏي. مان وري وار ٿو ھڻان: ”زينو مئن لاءِ ايترا ماتم ڪونھ ٿا ٺھن.“

”تو لاءِ مئل ھوندو، مون لاءِ تھ جيئرو جاڳندو آھي.“

پوءِ مون کي پنھنجو پاڻ تي خار ٿي اچي. مان تھ ڪيڏو خسيس ٿي پاڻ کي پيو سندس پيرن ۾ اڇلايان ۽ ھوءَ اھا وڏائي ۽ ھٺ ڪونھ پئي ڇڏي. مان ڪانٽو بدلائي کيس چوان ٿو: ”توکي خبر آھي نھ تھ مان وڪيل آھيان؟“

”ھا.“

”آندي اٿئي روڪڙ؟“

”ڪيتري آ تنھنجي فھي؟“

”ھزار، ٻھ ھزار، ٽي ھزار، ڪيس تي مدار آ.“

ھوءَ رقم ٻڌي دھلجي ٿي وڃي. ڪي گھڙيون سوچي سوچي مون ڏي نھاري چوي ٿي: ”ھينئر تھ ڪي ڪينھيم. باقي اوڌر ڪرين تھ چاڪري ڪري بھ وھي ڏينديس.“

”مان تھ اڳواٽ روپيو روپئي تي وڄائي وٺندو آھيان.“ مان خار ۾ چوان ٿو.

”پوءِ ڇا ڪيان؟“ ھوءَ بيوس ٿي پڇي ٿي.

”پٽ وٺڻو اٿئي زينو؟“

”ھا.“

”پئسو بھ ڪونھئي؟“

”نھ“

مان زينو ڏانھن ڏسان ٿو. ھوءَ ھينئر بيواھي آھي ۽ کيس ڪا واھ ڪونھي. مان ورھين جا ورھيھ ھن لاءِ ڪوڙڪيون اڏيون، پر ھينئر اچي ڦاٿي آھي. مان کيس ڦاٿل ڏسي مھل تي ڌڪ ٿو ھڻان: ”زينو جي روڪڙي في نٿي ڏئين تھ پوءِ اھا ئي في وٺندوسانءِ، توکي مان سان نڀائڻو پوندو.“

”خدا جي قھر کان نٿو ڊڄين؟“ ھن جون اکيون ذري گھٽ لال ٿي وڃن ٿيون.

”ان کان ڊنس تڏھن تھ توکي زوري بھ نھ کنيم، نھ تھ تون دادن سان ڪيئن لائون لھين ھا. پر ھينئر ڪنھن کان بھ نھ ٿو ڊڄان.“

”تون تھ ڪو صفا لانگڙ لاھ آن.“ ھوءَ رھندو مون واري جواب تي باھ ٿي ٿئي.

”تون ئي ائين ڪيو آ.“

”مان؟“

”ھا تون.“

ھوءَ چپ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪي گھڙيون دل من پڇي مون ڏانھن چوي ٿي: ”تنھنجي مدد جي گھرج ڪونھي، مان پاڻھي ٻار وٺنديس.“

”مليئي ٻار.“ مان ٽوڪ ڪيان ٿو.

”ڇو نھ ملندو؟“

”زينو تون جي اھو ٻار وٺي وئينءَ تھ توکي پيرين اچي پوندس.“

”ڪال ئي تنھنجو پيل ھوندو تھ پوءِ ڪيئن ملندو؟“

”مس مس سمجھيو اٿئي.“

ھن جي منھن جو پنو ئي لھي ٿو وڃي. ھوءَ مون واري رمز مان ئي سھي ڪري وئي آھي تھ مان ضد تي بيٺو آھيان ۽ کيس ٻار ڪائين ڪال نھ ملندو. ھوءَ ليلھائي ٿي: ”ان انڌ جي گھوڙي تان ڪنھن حيلي لھندين؟“

”نھ“ مان صفا پڙ ٿو ڪڍي بيھان. ”ڪھڙو رحم بيرحمن سان.“

ھوءَ مون ڏانھن ڪي گھڙيون نھاري منھنجي اکين ۾ ديد لھڻ جي ٿي ڪوشش ڪري، پر انھن اکين تي ڇلر چڙھيل ڏسي لاچار چوي ٿي: ”چڱو جي نٿو مڙين تھ پھريون ٻار وٺي ڏي، پوءِ اھا ئي فھي ڏيندم. ڪڏھن وٺي ڏيندين؟“

”سڀاڻي شام کان اڳ، رات اتي ئي رھبي تنھنجي بلي.“

”مان بھ پھرين رات ٻڌل آھيان، پوءِ جوڳي نھ ڪنھن جا مٽ.“

”پوءِ مان ٻڌل، تون ڇٽل.“

”تھ پوءِ ڪا اميد نھ رکجانءِ.“

”ٺيڪ، سڀاڻي لاءِ ٻڌل آھين نھ؟“

”ھا، سڀاڻي لاءِ ٻڌل.“

”انجام ڏي، متان پوءِ ڪو ڏٽو پوزين ڪرين.“

”ھيءَ منھنجي سينڌ.“ ھوءَ سينڌ تي رکي چوي ٿي.

اتي مون کي پنھنجي مومل جو گيھو ڪن تي پوي ٿو. ھوءَ سھڪندي سھڪندي مون لاءِ ماني جو تشت کڻي اچي ٿي. ماني ٽيبل تي رکي پاڻ ڪرسيءَ ۾ ائين ڦان ٿي ڪري ٿي پوي، جيئن دٻي ۾ ڪا ٿڪل مينھن. گھڻي مھل کان پوءِ مس مس سامت ۾ اچي، مون کان پڇي ٿي: ”زينوءَ جي ڪم جو ڇا ٿيو؟“

”سڀاڻي ڇنڇر ڏينھن راڄوڻي ڪبي، نھ تھ پوءِ لاچار ڪورٽ ۾ ڪيس وجھندس.“

”ھا، ننھن سان ڇڄي تھ ڪاتي ڇو وجھجي. پھريون ميار لاھ، پوءِ ڪيس بھ نٿو ڀڳو وڃي.“

”ائين ئي ٿيندو سائڻ، جيئن تنھنجو حڪم.“ مان مٿس ٿورو ٿو ٿڦيان.

منھنجي جيپ ڳوٺ ڏانھن اڏامندي ٿي ھلي ۽ جيٽ جھاز جون پئي سڪون لاھي. مان ھونءَ بھ گھڻو ڪري مھيني ماسي ڇنڇر تي ڳوٺ ويندو آھيان. ان ڳوٺ ۾ ئي منھنجا ٻني ٻارا، ڪڙمي ڪاري ۽ رام راڄ آھن. اھو ڳوٺ مون کي سدائين کائڻ ايندو آھي ۽ مان ھر ڀيري پھر پاڇو گذاري پوئتي موٽ ڪندو آھيان. پر ھن ڀيري مان ڏاڍو خوش آھيان ۽ ساجھر پھچڻ لاءِ ڊرائيور کي جيئن پوءِ تيئن تيز ھلائڻ لاءِ زور ٿو ڀريان. مان اباڻي ڳوٺ جون ٻيريون ۽ ٻيا وڻ ٿو ڏسان. انھن وڻن ھيٺان ئي زينو آھي، جا ڪو وقت مون لاءِ ڊگھو اچو وڻ ھئي، جتي مون لاءِ پڄڻ محال ھو، پر ھينئر اھو وڻ پنھنجي پڪل ڦر سوڌو سمورو پاڻ مون ڏانھن نمي آيو آھي ۽ مان ڪي گھڙيون اھو ڦر پنھنجي ھٿن سان روڙي چکي چٻاڙي سگھندس.

منھنجي چيپ سڙڪ ڇڏي ڳوٺ جي گھٽيءَ ۾ ڦري پنھنجي بنگلي وٽ بيھي ٿي. جيپ جي گھرڪي تي مون وارا ڪمدار ڪاراوا ڀڳا ٿا اچن. ھرڪو منھنجي خدمت لاءِ بيقرار آھي. ڪو جيپ مان ٽپڙ ٿو ڪڍي تھ ڪو مون کي منھن کان پيرن تائين ڇنڊي ٿو. مان بنگلي ۾ پھچي ڪرسيءَ تي پوءِ ٿو ويھان، پھرين ڪمدار کي ڪرڙي آواز ۾ چوان ٿو: ”ھن غلامو ڪتي جي پٽ کي گھراءِ تھ سندس ڇنڇري لاھيان.“

”ڇو سائين، خير؟“

”پنھنجي ڀاڄائي کان ابھم ٻار کسيو اٿئين، ان کان وڌيڪ ڪھڙو ڏوھ ٿيندو آ ڪمدار؟“ مان ڪمدار سان انھيءَ خار ۾ ٿو ڳالھايان. مون کي خبر آ تھ مون واري اھا ٿان شوخائي ڪم ڏيندي. ڪمدار مون واري رمز سھي ڪري ڪارائي کي ٻھ رتيون سرس پاڻي ڏيندو ۽ مينھن واءُ ھڪ ڪيون غلاموءَ کي چؤ کنڀو کنيو ايندو. مون وٽ پھچڻ کان اڳ سندس پير پٽيل ھوندا، ھن جون وايون بتال ھونديون ۽ مون وارو ھڪ ئي لوھارڪو ڌڪ ھن کي موڙي ميڻ ڪري ڇڏيندو ۽ ڪا ڊھ ئي نھ جھليندو.

ڪمدار جو ڳوٺاڻين ريتن، رسمن، ڇيڙين نبرين جو ماھر آھي ۽ مون سان حجائتو آھي، سو نئين ڳالھھ ٻڌي چوي ٿو: ”پر سائين ٻار تھ نيٺ ڏاڏنگ لھڻو، جي مائي ان ساڳي گھر ۾ ئي ڇانو ڪري ويھي رھي ھا تھ غلامو ڇو ٻار کسي ھا.“

”ڪمدار، زوري پرڻائينديس ڇا؟“

”سائين اڳي تھ اھو رواج ھو، خانصاحب واري زماني ۾.“

”ميان نئون زمانو آ. اھا ٻار جي ماءُ جي مٿي دانھين ھا تھ غلاموءَ جي نھ رن بچي ھا نھ روڳڙي. شڪر ڪر جو مون وٽ ئي پھتي. راڄوڻي ڪم جون چاٻيون پنھنجي ھٿ ۾ آھن، جيئن ڦيرايون تيئن پيو ٺھي.“

”سائين، غلامو بھ اھو ڪم تنھنجي طاقت تي ڪيو، نھ تھ ھن کي ٻي ڪھڙي واھ.“

”نھ نھ ميان، قانون بڇڙي بلا آھي.“

ڪمدار مون کي بئنش تي ڏسي، آئي مڃي مون کان پڇي ٿو: ”پوءِ سائين جيئن حڪم ڪيو.“

”ھينئر جو ھينئر غلامو ٻار سوڌو پھچي.“

ڪمدار منھنجو حڪم ٻڌي وڄ وانگر وڃي ٿو ڪارائي تي ڪرڪي. ڪمدار جي آواز ۾ وري مون کان بھ وڌيڪ گجگوڙ آھي. ھو ڪارائي کي باھ جو ڌاڻي ڏئي حڪم ٿو ڪري: ھينئر جو ھينئر بنا دير ٻار مائي جي جي حوالي ڪري اچي سھڻي ورندي ڏي. ٻيو ٻڌ، غلاموءَ کي منھنجو نياپو ڏجانءِ تھ مھينو کن صاحب جي منھن تي نھ چڙھي، نھ تھ کل کاري وجھندس.“

مان جيسين ٻنيون ٻارا گھمي واپس بنگلي تي پھچان ۽ تڙ ڪري ڪپڙا لٽا بدلائي بالم ٿي ويھان ٿو تھ اھو ڪارائو اچي خبر ٿو ڏئي تھ ٻار مالڪين پھچي ويو ۽ ھرڪو ھينئر ريان کنيان آھي. مان بھ ٻانھن سيراندي ڪري ليٽي ٿو پوان.

اڳھون ڪڪڙيون دس ھنيو، گھڻو ڪري اڌ رات پئي لڙي. چؤ ڀرف چپ چپات ۽ سانت لڳي پئي آھي. ڳوٺ جا ڪتا جي مالڪن کان بھ وڌ عاشقن جا ويري ٿين، سي بھ ڪنھن ڪنڊ ۾ وڃي پئجي رھيا آھن. ان سڄي جھان ۾ مان ئي تارا پٽي پيو عجيبن لاءِ اڱڻ ٻھاريان ۽ واٽون نھاريان. مٿي نيري آسمان ۾ تارا پيا ٽمڪن. مان ھر ھڪ تاري کي چتائي پيو نھاريان تھ ان ۾ زينوءَ جو منھن پيو پسان. آسمان ۾ انھن تارين جي پاسي کان اڇو پٽو جرڪي پيو ۽ مان ان پٽي ڏي ٿو نھاريان، جو اھو رستو اھو ئي گس وٺي زينو مون ڏي اچڻي آھي.

ڪن تي ٿورو دٻڪو ٿو پئيم. مان ڪر کڻي ان طرف پيو واجھايان، پھريون ڪاري ٻاٽ، پوءِ پاڇولو ۽ پوءِ ڪپڙن جو سرڙاٽ. ھوريان ھوريان پدمڙا پير پير ۾ کڻندي کڙڪو ماريندي – ھائو ٻيلي اچي ٿي. سندس جوان جماڻ جسم جي کٿوري پھريون ئي ٿي پڄي. ايتري کٿوري تھ مون کي پاڻ واري مومل مان بھ نھ ايندي آھي، جا الائي ڪيتريون شيشين مٿان شيشيون پاڻ تي ڀٽيندي آھي. مان اکيون ٻوٽي نڪ مان ڊگھو ساھ کڻي زينوءَ جي بدن جي سرھاڻ ھڪ ئي وار ٿو جھٽيان. ھو تيستائين منھنجي کٽ وٽ پھچي وڃي ٿي. مان ھوريان ڀڻڪو ٿو ڪيان: ”ڏاڍو اوجاڳو ڪرايئي؟“ ھوءَ کٽ جي پيرانديءَ تي ويھي مون کي چوي ٿي: ”ڇا ڪيان، وڪر کي ڍھ پئجي وئي آھي. اڃا سمھاري اٿان تھ ٻرڙاٽ شروع ٿو ڪري. لاچار کيس کڻي آيس تھ متان خواري نھ ڪري.“

مان ڇرڪ ڀري کٽ تي ويھي ٿو رھان ۽ کانئس پڇان ٿو: ”ننڍڙو کڻي آئينءَ ڇا، ڪاٿي آ؟“

”اجھو ھي اٿئي ڍولو، ڏس نھ ھوبھو جھڙو دادن.“ ھوءَ ٻار تان رئو لاھي مون کي ڏيکاري ٿي.

”دادن جھڙو تھ ڪونھي.“ مان ٻار کي گھوري گھوري چوان ٿو.

”ننڍڙو آ نھ، توکي خبر نٿي پوي. وڏو ٿيندو تھ تِر بھ دادن کان نھ مٽيندو. ان آسري تي تھ پئي جيئان.“ ھوءَ ٿڌو شوڪارو ڀري ٿي.

”ھاڻي تھ چپ ۾ آ.“

”ھا، ھاڻي تھ ننڊ ۾ بھ کلي ٿو، پر چوڙ تان ٿي لاھيانس تھ چپ ٿو چِٻا ڪري. دادن جو بھ مون تي اھڙو ئي آر ھوندو ھو. جھٽ پلڪ ھيڏي ھوڏي ٿيندي ھيس تھ من مارئيي جيان ئي ٻوٿ بڇڙو ڪندو ھو.“

”زينو.“ مان کيس ھوريان سڏيان ٿو، ڄڻ ڪنھن اونداھين انھي ڦٽل کوھ مان.

”جيءُ.“

”دادن ڏاڍو پيارو ھيئي؟“

”ڏاڍو، روح رليل ھئا نھ صاحب.“

مان ماٺ ميٺ ۾ آسمان کي ٿو تڪيان. تارا ۽ گس جيئن پوءِ تيئن مون کان پري ٿيندا پيا وڃن. ھوءَ ڪي گھڙيون منھنجي ڳالھائڻ جو انتظار ڪري چوي ٿي: ”تون وري ڪھڙن پورن ۾ پئجي وئين؟ تون وڪيل ماڻھو، توکي پنھنجي فھي سان ڪم. ٿورو سر تھ ٻار کي ليٽايان، ڄاڻ باک ڦٽي.“

ھوءَ ٻار کي ھيٺ سمھارڻ لاءِ نوڙي ٿي. مون کان بي اختيار درھڙي ٿي نڪري وڃي. مان ھوريان رڙ ڪري ھن کي جھليندي ٿو چوان: ”نھ زينو، ٻار کي چوڙ تان نھ لاھجانءِ، ٻار روئي پوندو. مان ھن کي سدائين کلندو ڏسڻ ٿو چاھيان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com