گذريل واردات
جڏھن انسپيڪٽر درياشاڻيءَ کي واردات تي لٿي چار پنج ڏينھن گذري
ويا ۽ سندس جاچ مان ڪو کڙتيل ڪونھ نڪتو ۽ جڏھن ھو
پوليسي دستور موجب ايس پي صاحب جي ميسيج جو بھانو
ڪندي منزل پٽڻ لڳو، تڏھن ڀر واري لانڍي ۾ ويٺل
وڏيرن مان سرائي رازق ڏني کان بي اختيار دانھن
نڪري وئي: ”ھائوڙي انسپيٽر گونث بشڪ شاھ.“
وڏيرو آچر جيڪو سرائي جي ڀڙ م ويٺو ھو، سو بھ ڄڻ سڙيو پيو ھو.
”ٻيھر بھ چ.جانءِ، سرائي، ھي برٽش وارا ڪو پنھنجي
رياست سان پڄي سگھندا.“
”ھينئر ڪٿي آ شاھ صاحب؟“ وڏيري عمر حقو پاڻ ڏانھن سوريندي پڇيو.
”ھاڻي تھ خير ”پنشن“ تي آھي، پر اڄ بھ لنڊو ٻھڙن تي سندس ڪنٽول
آھي.“ رازق ڏني جواب ڏنو.
ھونءَ تھ خيرپور رياست جي پوليس کاتي جا سڀ عملدار برجستا ۽ ھمت
وارا ھئا، پر جيئن اسپيڪٽر گونث بخش شاھ پنھنجو
وارو وڄائي ويو، تيئن شل ڪو ٿئي. سنھن ڏوھن جون تھ
فريادون بھ داخل نھ ڪبيون ھيون، پر ڇڙو دھمان لاءِ
پنھنجو دفعدار ۽ اردلي منزل ٺھرائڻ لاءِ موڪلبا
ھئا تھ چورن کي ڦڦڙي وٺي ويندي ھئي. چؤطرف چوٻول
ٿي ويندو ھو. جن کي چوريءَ جي جن ڪن بھ ڪانھ ھوندي
ھئي، سي بھ پٽڪا ميڙ ڪيو پيا چورن کي ستائيندا
ھئا: ”اڙي انسپيٽر گونث بشڪ شاھ ٿو اچي. سڪن سان
آلا بھ ٻري ويندا. اڙي ڏير بھ ڀاڄائن سان لڀي
پوندا آھن، ھيءَ تھ ٽڪي جي چوري آھي، ڪو ڪھندو
ڪونھ. ھي کٻو ھٿ ڏاڙھيءَ تي، تنھنجو نالو بھ ڪونھ
کڻبو.“
اھڙي طرح فريادي جي ھڪدم حق رسي ٿي ويندي ھئي ۽ انسپيڪٽر صاحب
کي بھ ھيد ڪوارٽر ۾ ئي مبارڪ ملي ويندي ھئي.
فريادي پاڻ ٻانھون ٻڌي اچي کيس چوندو ھو: ”بس
سائين تنھنجي مھرباني.“
کيس جاچن ڪرڻ جو ڪو ڏانءُ ھو. اھي اھي ڏوھ، جيڪي حد جا صوبيدار
۽ انسپيڪٽر وڃائي وھندا ھئا ۽ جن جي
173
بھ نڪري ويندي ھئي، سي بھ شاھ، ان حد تي بدلي ٿي
اچڻ بعد، منٽن ۾ لھندو ھو. واردات تي لھندو ھو تھ
جملي چورن کي پنھنجي اڳيان قطار ۾ بيھاري زيرن
زبرن سان گاريون ڏيندو کين چوندو ھو: ”اڙي منھنجو
نالو ٻڌو اٿو؟“
سڀ ڪنڌ ڌوڻي ھائو ڪندا ھئا. ھو ڪنھن کان ڳجھو ھو ڀلا!
”پوءِ ھڪدم چوري ڏيو. مان ڪڏھن خالي ڪونھ موٽيو آھيان ۽ نھ ڪڏھن
رڪاٽ تي بار وڌو اٿم.۾ ھو شھپرن کي وٽيندي چوندو
ھو. ”ڏسو، جي ساڳي چوري نھ ملندي تھ بھ اوھان جا
مال ماري ٻيڻي چوڻي چوري ڀرائبي. اوھان جي ننگن جي
جيڪا بي عزتي ٿيندي، سا تنھن کان الڳ. ان ڪري
اشراف ٿيو، چوري ٿيو. ھاڻي وڃو صبوح جو اچي جواب
ڏجو.“
صبوح جو چوري سئي سڳي سان اچي سندس اڳيان حاضر ٿيندي ھئي ۽ چور
انجام مطابق سھندڙ ھرج خرچ ڀري ٻانھن لوڏيندا
ويندا ھئا. پوءِ کڻي بالا عملدارن جو ڪيترو ئي زور
پوي، اھي چور چالان نھ ڪبا ھئا، ھروڀرو ڪو بالا
عملدار ٽڻ مڻ ڪندو ھو تھ کيس کتو جواب ڏبو ھو تھ
وڃو، جيڪو باسي تنھن کي ڀلي چالان ڪيو. ھڪ ڀيري
ڪنھن وڏيري وڏڌڻيءَ جي چوريءَ ۾ ناظم پاڻ مٿس زور
رکيو: ”شاھ جوابدار چالان ڪر.“
”ڪير چالان ڪيان سائين؟“
”چوريءَ جا چور – جن چوري ڪئي.“
”سائين، ائين کڻي سمجھو تھ مان ئي چوري ڪئي ھئي.“
قدر شناس ناظم سندس اھو جواب ٻڌي ماٺ ڪري ويو ھو. اڳين جڳ جا
حاڪم پنھنجن لائق زيردستن جا انگل سھندا ھئا. پر
جيڪڏھن ڪنھن چور کي مالي مٺي لڳندي ھئي ۽ ساڻس
ڪونھ باسيندو ھو ۽ خدا بھ خير ڪري، اھا چوري مٿس
ڦاٽي پوندي ھئي تھ ان جي کل بھ کري ويندي ھئي.
جيترا ڏينھن انسپيڪٽر شاھ ان حد تي ھوندو ھو تھ ان
چور کي گھر جي ماني کائڻ ڪونھ ڏني ھئي. جي ھڪ ڏوھ
مان ڇٽندو ھو تھ جيل جي دروازي کان ٻاھر نڪرندو مس
ھو تھ سندس سوار وري ان کي گھلي اچي ٿاڻي ۾ ھڻندا
ھئا ۽ ان رات ئي رسي ۽ رنبي سان
109
۾ چالان ٿي ويندو ھو. اھا انھن لاءِ ڪتي گوري
ھئي. ھڪڙي چور تھ فتويٰ وقت ماجسٽريٽ کي ھٿ ٻڌي
عرض ڪيو ھو: ”سائين، مان ڏوھ جو قبولدار آھيان،
مون کي ڳپل سزا ڏجو.“
”اڙي ڇو ٿو وڌيڪ سزا گھرين؟“ جج مشڪندي پڇيو ھو.
”ان ڪري سائين، جو ھتان ڇٽندس تھ انسپيڪٽر شاھ ڪنھن نھ ڪنھن ڏوھ
۾ ناحقي چالان ڪندو ۽ اجائي گيھھ ٿيندي، تنھن کان
جيل ۾ چڱو آھيان.“
پر جڏھن ملڪ جو ڦرڪو ڦريو ۽ سمورو ملڪ ون يونٽ ٿي ويو تھ ھڪ
نئون ايس پي بدلي ٿي آيو. سندس ٿلھي بدن کي ڏسي
چيائين: ”تون پڪ رشوت ٿو کائين. ان ڪري رٽائر ڪر،
متان ڪو جوکو رسئي.“ ھي مڙس اھڙو لڪڻ سھڻ وارو ڪٿي
ھو ۽ ھن بھ اتي جو اتي درخواست اڇلي ڏڏني ۽ چيو:
”صاحب، پوليس کاتي ۾ مصلي تي نماز نھ تون ئي
پڙھندو آھين ۽ نھ مان جو ڊاڙ ھڻان، اھڙا جي پاڪ
دامن لڀني تھ ڀلي ٻيا ڳول.“
ھن تڙ تڪڙ ۾ پنشن تھ ورتي، پر کيس ان وقت اھو خيال ڪونھ آيو تھ
نوڪريءَ تان لھڻ بعد ڇا ٿو ٿئي؟ ھن سمجھيو ھو تھ
رٽائر ڪرڻ کان پوءِ سندس وقت عزت جو گذرندو، چار
ماڻھو سلامي ھوندا ۽ جي ڏوھن جون جاچون ڪري نھ
سگھندو تھ بھ جاچ عملدار ۽ ٻيا زميندار زنب ڏوھن
جي پيداواري جي طريقن تي صلاحون ڪرڻ لاءِ پيا وٽس
ايندا، مڙيئي وٽس ڪچھريون لڳيون پيون ھونديون، پر
جڏھن ھن ڏٺو تھ جن ماڻھن جي وٽس گيگھھ پئي پوندي
ھئي، تن کيس ٻھ آڱريون نرڙ تي رکي سلام ڪرڻ جي
ضرورت بھ نٿي سمجھي، تھ ھن جو ھيانءُ کاڄي ويو.
سندس وڏي اوطاق، جنھن کي ھن اھڙي ڪچھرين لاءِ وڏي
شوق سان ٺھرايو ھو ۽ جنھن ۾ پنھنجي لاءِ ھڪ وڏي
آرام ڪرسي ۽ ملاقاتين لاءِ ٻھ ڊزن کن موڙا پيا
ھوندا ھئا، سا گھڻو ڪري خالي پئي ھوندي ھئي. ھو
روز شام جو گھران نڪري، اوطاق ۾ اچي، پنھنجي وڏي
آرام ڪرسيءَ تي ويھندو ھو تھ سامھون ڇڙو سندس
پراڻو اردلي ئي ويٺل ھوندو ھو. سڄو وقت چپ ڀيڪوڙي
ماٺ ڪري ويھڻ بھ ھڪ ڏکي ڳالھھ ھئي، ان ڪري وقت
ڪاٽڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون پيون
ٿينديون ھيون، جي ڦرندي گھرندي پراڻي وقت جي لڌل
ڏوھن ۽ جاچن تي وڃي بيھنديون ھيون.
”ڪينئن ڪوڙا خان، ھو واطڻن وارو ڌاڙو ڪينءَ لڌو ھئوسون!“ ”ڪوڙا
خان، ناريجن واري خون ۾ جوابدارن کي گھڻي سزا آئي
ھئي؟“
سندس اردلي ڪوڙو خان، جو پيتيءَ ۾ تھھ ٿيل سندس يونيفارم ۽ ڪاري
اسٽڪ وانگر، سندس رعب تاب جي زماني جي آخري بچيل
نشاني ھو ۽ جنھن جو ان زماني ۾ ڪم پنھنجي صاحب جي
خدمت ڪرڻ ۽ ننڍن زيردست عملدارن جي ورتل رقمن جي
جاسوسي ڪرڻ سان گڏ، جاچن ۾ جوابدارن جون گوڏيون
لھرائي سندن پير ڪٽائڻ ۽ ٻھ ٽي موچڙا ھڻائي، جھل
جھل ڪري جوابدار کي ٻاھر ڪڍي ڏوھ باسائڻ ھوندو ھو،
سو بھ اھڙين ڳالھين جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو شوقين ھو.
شاھ صاحب جي رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ھن جي لئي بھ ختم
ٿي وئي ھئي. نوڪري جي زماني ۾ خاص اردلي ھئڻ سبب
سندس ھٿن مان ھزار ترڪندا ھئا ۽ ڪو خاص حساب ڪتاب
ڏيڻو نھ پوندو ھو، پر ھينئر ان ڏيڍيءَ وارن جي
رپئي ڏيڍ جي حساب تي روزاني ڪر ڪر کيس پسند ڪانھ
ھئي. ان کان سواءِ نوڪريءَ واري زماني ۾ کيس ھر
موسم ۾ پوليسي ڊريسون، نوان بوٽ ۽ چمپلون بھ
ملنديون رھنديون ھيون ۽ ھينئر واقف سپاھين سڙن کان
چوڙيل ڪپڙا ۽ بوٽ وٺڻ لاءِ بھ کيس سوين نخرا ۽
مھڻا سھڻا پوندا ھئا. ان ڪري ھن کي شاھ جي پينشن
تي لھڻ ڪري، وڏو ڏک ھو ۽ ھو ھميشھ پنھنجي دوستن کي
چوندو وتندو ھو: ”اڙي ٻڌو! ايس پي صاحب سائينءَ کي
گھرايو ھو. کيس چيائين تھ ڏوھ وڌي ويا آھن،
پيداواري ڪانھ ٿي ٿئي، تون وري اچڻ قبول ڪر تھ
گورنمنٽ سان لکپڙھ ڪيان، پر سائين انڪار ڪري آيو.“
شاھ صاحب جڏھن ڏوھن ۽ جاچن جون ڳالھيون ساڻس ڪندو ھو، تڏھن ائين
محسوس ڪندو ھو ڄڻ سندس صاحب ان ساڳي نوڪريءَ ۾ آھي
۽ ھن جي ھٿن مان ائين ئي ٿا ھزار ترڪن. اھي
ڳالھيون ٿوري پر سکيي وقت ڪاٽڻ جو ھڪ آسان مشغلو
ھو ۽ ٻنھي کي پسند ھو. ڪوڙي خان ڳالھين ڳالھين ۾
ٻٽي ڀيرا کيس صلاح ڏني ھئي ۽ شاھ صاحب بھ سندس
صلاح مڃي لڪ ڇپ ۾ ٻيھر نوڪري تي چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي،
پر ھن پنھنجي ھٿن سان پينشن جي درخواست لکي ڄڻ تھ
پاڻ قبولداري ڏني ھئي، جنھن کي ڪو ٽاڪو لڳڻ ممڪن
ڪونھ ھو. شھر وارن تي اثر وجھڻ لاءِ ھن پنھنجي
واقف صوبيدارن ۽ انسپيڪٽرن ڏانھن سفارشي چٺيون بھ
لکيون ھيون، پر اھي چٺيون ڪنھن وٽ پاس نھ پيون.
سندس رھيل کھيل کي ليپو تڏھن آيو، جڏھن سندس اردلي
ڪوڙي خان ٽڪي جي ڪاسائي کي گاريون کائي مٿي ۾ ڌڌڙ
وجھائي اچي کيس دانھن ڏني. شاھ صاحب ڀڙڪو ڏنو:
”اڙي، منھنجو بھ ڀؤ نھ ٿيو ڀان ....... کي؟“
”ھون، توھان جو ڀؤ ھاڻي ڇو ٿيندس! مان سوئر جي پٽ کي چيو تھ شاھ
صاحب ابتو ٽنگرائي ڇڏيندءِ، پوءِ خبر اٿو! ڇا
چيائين؟“
”ڇا چيائين؟“
”چيائين بس ايمڻان مٽندي سو تيل ٿي پوندو.“ ڪوڙي خان بھ رکڻي
ڪانھ رکي.
”وڃ ھڪدم ٿاڻي تي فرياد ڪر،
107
ڪ. پ. ڪ ۾ - مان بيان ٺاھي ٿو
ڏيانءِ.“
”اتان بھ ٿي آيو آھيان.“ ڪوڙو خان ڌنڪ سان چوڻ لڳو. ”صوبيدار کي
ڪھڙي پرواھ، چيائين تھ تون وڃ جاچ ڪنداسون.
پڇيومانس تھ ڪڏھن اچان؟ چيائين تھ اچڻ جو ڪو ضرور
ڪونھي.“
فرياد بھ ڪونھ ورتائين
154
۾؟“
”روزنامچي ۾ ئي داخلا نھ رکيائين،
154
تھ پري رھيو.“
شاھ صاحب چپ ڀڪوڙي ماٺ ٿي ويو. ھو سياڻو ھو ۽ سمجھي ويو تھ
ھينئر چپ چاپ زندگي گذارڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونھ
ھو. اھا ڪرسي، جنھن کي ھرڪو نوڙي سلام ڪندو ھو، سا
کانئس کسڪي نڪري وئي ھئي. ڪوڙو خان جنھن کي گارين
جو وڏو سور ھو ۽ جو مارڪيٽ ۾ پنھنجي دوستن دڙن
اڳيان وڏي ڊاڙ ھڻي آيو ھو، تنھن کي ان چپ تي ڏاڍي
مٺيان لڳي ۽ ھو خار ۾ چوڻ لڳو: ”ڪجھھ تھ مزو
ڏيکاريو ڪتي جي پٽ کي.“
”ڇا ڪيون، ڪوڙا خان!“
”تون انسپيٽر آھين، توکي سڀ پانور آھن.“
”آھيان نھ چؤ ڪوڙا خان، ھوس.“ شاھ صاحب کيس فرق سمجھايو، پر
ڪوڙو خان جنھن کي اٺ وانگر پتو ئي ڪونھ ھو، سو اھي
فرق ڪٿي ٿو سمجھي؟ ھو وري چوڻ لڳو: ”پنشن تي آھين
تھ ڪھڙي ڳالھھ آھي، آھين تھ انسپيڪٽر!“
شاھ ٿڏي تي ڪو جواب ڪونھ ڏنو، پر ٿوري دير ڪنڌ سيني سان ھڻي
سوچيندو رھيو ۽ ڳپل دير کان پوءِ سوچي سوچي ھن ڪنڌ
مٿي کنيو ۽ چيو: ”چڱو منھنجي ھڪ ڳالھھ ٻڌ ۽ ان جو
جواب ڏي.“
ڪوڙو خان ماٺ ڪري ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ شاھ صاحب کيس ڳالھھ
سمجھائڻ لڳو: ”ڏس، فرياد داخل ڪندا ھئاسون تھ چورن
کي ڦرڪڻي ھوندي ھئي، پر جڏھن واردات گذري ويندي
ھئي تھ پوءِ ڪنھن کي ڀؤ ھوندو ھو؟“
”پوءِ ڀؤ ڇو ٿيندن سائين؟“
”بس ائين سمجھھ تھ مان بھ ھڪ گذريل واردات آھيان، جنھن جو ڪنھن
کي ڀؤ ڪونھي.“
ڪوڙو خان اھي اکر ٻڌي مپ ھڻي ماٺ ڪري بيٺو رھيو.
شاھ صاحب کيس ڪجھھ نھ ڪڇندو ڏسي چڙي ويو، ”اڙي تون جو چوين ٿو
تھ مون کي سڀ پاور آھن؛ اھي پاور آھن ڪاٿي؟“
ڪوڙي خان وري بھ حرام جو اکر ڪڇيو ۽ چپ ڪري بيٺو رھيو، ڄڻ سڪي
ويو ھجي. شاھ صاحب ڏانھس تڪيندي ٿڌو شوڪارو ڀرييو
۽ آھستي، پيار سان کيس سڏ ڪيائين: ”ڪوڙا خان!“
”جي سائين.“
”جي ڪنھن ڏوھاري خلاف فرسٽ رپورٽ داخل ڪندا ھئاسون تھ ڇا ڪندو
ھو؟“
”سائين، ھو يا تھ اسان سان منھن ڏئي جان ڇڏائيندو ھو يا روپوش
ٿي ويندو ھو.“
”پاڻ کي بھ منھن ڏيڻ جي ڪا طاقت ڪانھي ڪوڙا خان، اچ تھ تون ۽
مان روپوش ٿي وڃون.“
ستت ئي اوڙي پاڙي جي ننڍن ڇوڪرن سندس عجيب ھلت تي کچڪو ڪري
ھوريان دٻيل آواز ۾ مٿس چٿرون بھ ڪيون تھ بھ ھو
ائين لنوائي ويو، جيئن ھو پنھنجي زماني ۾ ڪنھن ”اڻ
ٻڌڻ جوڳي ڏوھ“ جي فرياد داخلا کان لنوائيندو ھو.
ڪوڙي خان، جنھن اھو سمورو لقاءُ ڏٺو پئي، تنھن کان
اھو مقرر ڪيل فيصلو وسري ويو ۽ ھو خار ۾ چوڻ لڳو:
”چئبو تھ ھاڻي اسان کي آڱوٺي جيترا ڇورا بھ
چيڙائيندا. ائين ڪونھ ٿيندو.“ ائين چوندي ھو ھليو
ويو ۽ ھڪدم اھي جملي ڇوڪرا گھلي اچي سندس اڳيان
ائين بيھاريائين، جيئن ڪنھن زماني ۾ سندس اڳيان
جوابدار بيھاريندو ھو. شاھ صاحب ڪوڙي خان کي ٺارڻ
لاءِ ڇوڪرن کي گارين سان رنڌي ڇڏيو. ”مادر......
ڀان...... توھان سمجھو ٿا تھ مان رٽائر ڪيو آھي تھ
مري ويو آھيان. اڙي اڄ بھ اوھان جي پين ڏاڏن جون
ڏاڙھيون پٽي تري ڪرڻ جا پاور مون کي آھن. اڙي ڪيو
اٿ ويھھ.“
ڪوڙي خان جنھن کي اھڙا جوش ڏٺي ڏينھن ٿي ويا ھئا، تنھن جي مٿان
ڄڻ ڪوري دلي جو ٿڌو پاڻي پئجي ويو ۽ ھڪدم پراڻي
جوڻ ۾ اچي ھٿ ٻڌڻ لڳو: ”سائين، جوابدار قبولدار
آھن. اڄ معافي ڏيون، آئينده ائين نھ ڪندا.“
”نھ نھ، ھنن کي ائين معافي نھ ملندي. کڻي آ نيٽي لڪڻ تھ پھريون
سندن کل لاھيان، پوءِ ھڻين لاڪب ۾.“
”نھ سائين، ھنن کي معافي ڏيو، مان سندن ضامن آھيان.“
”اڙي تون ضامن ٿو پئين؟“
”ھا سائين، مان ضامن آھيان. آئينده چال سڌاريندا.“ ائين چئي
ڪوڙي خان ڪن گوڇي ڪندڙ ڇوڪرن کان پڇيو: ”اڙي ضامن
کي تھ نھ مارائيندؤ نھ؟“
ڇوڪرا، جي اھڙيون مخرج سان گاريون ٻڌي ھيسجي ويا ھئا، تن ميسڻو
منھن ڪري کيس ضامن پوڻ لاءِ ايلاز ڪيا.
”چڱو وڃو مادر.... اڄ توھان کي معافي آھي، پر جي آئينده ڪا
بدمعاشي ڪيو تھ پوءِ سر جو خير نھ گھرجو.“ شاھ
صاحب گجگوڙ ڪندي چيو.
ٻئي ڏينھن صبوح جو ھو ھوا خوري لاءِ نڪتو تھ روڊ تي کيس ٿاڻي
احمد پور جي حد جو وڏيرو سرائي رزق ڏنو مليو. ھو
ان ٿاڻي تي ايترو تھ گھڻو وقت رھيو ھو، جو ھن کان
ان حد جي ڪا ڳجھائي ڪانھ ھئي. سرائي رازق ڏني سان
تھ وري سندس گھڻي ڊيگھھ ھئي، جو ھو سندس ھر ڪيس جي
مشيريءَ ۾ ئي ھوندو ئي ھوندو ھو. ان ڪري سلام جو
جواب ڏيئي اڳتي وڌڻ ھن لاءِ ڏکي ڳالھھ ھئي. ھن
سرائي کان پڇيو: ”ڪيئن سرائي، خوش آن نھ؟“
”ھا سائين، مڙيئي رب جون مھربانيون، اوھان جون دعائون.“
”ڪيئن آيو آھين ھتي؟“
”سائين، ھڪ غريب ھاريءَ جي چوري ٿي وئي آھي، ان جو فرياد داخل
ڪرائڻ آيو آھيان.“
”اڄ ڪلھھ اوھان وٽ ڪير آ؟“
”سائين دريشاڻي انعام الله.“
”اڙي ھو مون وارو جمعدار!“
”مڙيئي سائين، رب جو جوڙ! ڪنھن جي ڀاڳ سان ڪھڙي ريس، اوھان تھ
سائين خوش آھيو نھ؟“
”پيا تڳون، سرائي.“ شاھ صاحب ڀنل دل سان جواب ڏنو. ھن جي مرضي
ھئي تھ جيڪر سرائي سان زماني جي ناقدريءَ جي شڪايت
ڪري.
”واھ سائين، اوھان تھ ائين ڳالھايو ڄڻ ڪو توھان کي نٿو ليکي.“
”ليکڻ جي ڳالھھ ڪانھي سرائي، ڪراڙو ٿي ويو آھيان.“ شاھ صاحب
ڳالھھ بدلائي ويو.
”سائين، شينھن ڪي ڪراڙا ٿيندا آھن؟ مان ڪلھھ اوھان جي پاڙي مان
جو لنگھيس تھ اوھان جي گارين جي ڳئي پئي پئي.
وھيءَ جون سڪون پئي لاٿو، مان تھ کڙين تي زور ڏنو.
ڪير ھئا اھي سائين؟“
شاھ صاحب سرائي رزق ڏني ڏانھن غور سان ڏٺو، جيڪو ان وقت بھ ائين
مرعوب پئي نظر آيو، جيئن سندس نوڪريءَ واري زماني
۾.
”ڪلھھ صبوح، سرائي؟“ شاھ صاحب ڪنڌ ھيٺ ڪري ائين چيو، ڄڻ ھو ياد
ڪندو ھجي ۽ ٿوري دير کان پوءِ ھن ڳاٽ مٿي ڪري چيو:
”ھا، اھي ٻٽي ھسٽري شيٽر ھئا. سڄو شھر تاراج ڪري
ڇڏيو اٿائون. سرائي، پينشن تي آھيون تھ ڪھڙي
ڳالھھم لنڊو ٻھڙن تي ڪنٽرول رکڻو ٿو پوي.“ شاھ
صاحب ائين چئي شھپر وٽڻ لڳو.
”بيشڪ سائين، بيشڪ، اوھان جو دٻدٻو قائم آھي.“ سرائي ڪنڌ لوڏي
چوڻ لڳو.
پوءِ جڏھن سرائي کان موڪلائي شاھ واپس گھر ڏانھن اچڻ لڳو، تڏھن
سندس ڄنگھون، جي اڳ گھلبيون اينديون ھيون، سي ڦڙت
ٿي ويون، سندس ڪاري ڏنڊڪي پراڻي دستور موجب بغل
ھيٺان اچي وئي ۽ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. ھن اچڻ سان
پنھنجي اردليءَ کي چيو: ”حوالدار ڪوڙا خان، انھن
وات ڳاڙھن ڇورن جو دماغ تيستائين نھ سڌرندو،
جيستائين ساڻن روز ڪارروائي نھ ٿيندي. انھن کي روز
گھلي وٺي ايندو ڪر.“
ڪوڙو خان، حوالدار جو لفظ ٻڌندي ئي پراڻي جوڻ ۾ اچي ويو ۽ ھڪدم
کڙو ٿي ايس پي صاحب جي اردلي کان ايلاز ڪري ورتل
”ڇڳل لانگ بوٽ“ جي کڙين کي زور سان ملائي، پراڻي
دستور موجب سيلوٽ ھنيو.
زر ۽ زور
جيڪڏھن منشي کنياتي مل اسپيشل اوورسيئر جي جوڙيل نقشي سال
1906ع تي نظر وجھبي تھ ديھھ سنجر خان ۽ چانڊڪيءَ جي ڀرسان ڪيٽي نورپور تي نظر
پوندي. ان ڪيٽي٤ جي ايراضي ايتري تھ وڏي آھي جو
سڄو ڏينھن ڀلو وھٽ ڊوڙائجي، تھ بھ رات اڌ ۾ پوي.
ٻين ڪيٽين وانگر ان جي آبادي بھ درياھ شاھ تي
ٿيندي آھي. جيتوڻيڪ درياھ شاھ مان ڪيترا واھڙا وھي
پڪي ڀر کي آباد ڪن ٿا، تنھن ھوندي بھ سانوڻ ۾
مھراڻ کي موج ايندي آھي تھ چؤ ڀرف اٿل ڪري اڇ ٿي
ويندي آھي. اھي ٻٽي ڏينھن تھ ماڻھو ڏک سک ۾ ڪاٽين،
پر جڏھن پاڻي لھي وڃي تھ زمينون ڦنڊي ڪپھھ جھڙيون
اڇيون ٿيون پون، جو ماڻھو پوکجي اھو بھ ڄميو پوي.
پڪيءَ ڀر جون زمينون سالن کان دوبارن فصلن ٿيڻ ڪري
ٿڪجي پون ۽ منجھن پوک ليلھائي نڪري، پر ڪچي ۾ ھڪ
ڪاٺوڙي ھر سان رائي جھڙو ڪچو فصل بھ مھيني کن ۾
اھڙو ٿي پوي، جو خون ڪري کڻي اڇل، حرام جو ڪنھن کي
پتو پوي. ڪڏھن ڪڏھن قسمت سان ڪيٽي نھ ٻڏي ۽ ارءُ
ٿي پوي تھ پوءِ ماڻھو نار چاڙھين. اس کاڌل زمين ۾
جوئر جو فصل اھڙو ڀلو ٿئي، جو زميندار جون بھ
ٽسميءَ ۾ بھ پليون ڀرجي وڃن ۽ ٻانھن جھڙن ٿلھن
ڪانن جا کرا تنھن کان الڳ.
اھا ڪيٽي ٽرنسفر وقت ايتري تھ ننڍي ھئي، جو سروي وارن ان کي ڀر
واري ٻي ڪيٽيءَ سان ملائڻ جي سفارش ڪئي ھئي، پر
درياھ جي پائيندڙ سبب ان ڪيٽي جي دنگ ۽ دڙيون
پائجي ويون تھ ان جو مالڪ جو اچي وارو وريو. مڙس
پڙھيل ڳڙھيل ۽ لھھ لحاظ وارو ھو. آفيسرن سان
رسايون ڪرڻ سبب اھڙو ڦرڪو ڦري ويو، جو سندس ڪيٽي
اڳي کان چئوڻي پنجوڻي ٿي ويئي. جيئن لشڪر کان
سواءِ سلطان ٿيڻ بھ ھڪ مشڪل ڳالھھ ھئي، ان ڪري ڪس
ڪسرون کائي ڪارائتا راڄ ورھايائين؛ ايتري قدر جو
ھڪ لڱا ضلع انگريز حاڪم وٽس شڪار تي آيو ھو تھ
شاھي بند کان پنھنجي ڳوٺ تائين ڀريا پنج ميل
ڪکائين سڙڪ جي ٻنھي طرفن کان ماڻھو ماڻھوءَ ۾
بيھاريو ھئائين. اھي سلاميون وٺندو، جڏھن صاحب
سندس اوطاق تي پھتو ھو، تڏھن جيپ مان لھندي ئي سون
ماڻھن جي سامھون کيس چيو ھئائين: ”ويل ڊن خان
صاحب؛ ڊادو خوش ٿيو آھي.“
ان مھل ئي صاحب جي ان قدر شناسيءَ جي خبر چؤراڄي ۾ پئجي وئي ھئي
۽ ان ڏينھن کان پوءِ، ھو خانصاحب سڏجڻ لڳو ھو.
گذريل رات خان صاحب ڪچھري ڪرڻ بعد گھر موٽيو ھو تھ سندس قدم
اڙيا ٿڙيا پئي پيا. سندس وڏي گھر واري، عبدالمجيد
ماءُ جو ھن جي اھڙي حالت ڏٺي تھ ھن ڊڪي وڃي کيس
ٽيڪ ڏني ۽ آھستي آھستي اچي کيس ھنڌ تي سمھاريائين.
وڏي اسر جو ھوءَ وري اٿي تھ وڏيري پويان پساھ پئي
کنيا. سندس رڙين تي گھر جا سمورا ڀاتي ڀڳا آيا ۽
ھينئر سندس کٽ چوڌاري ٻنھي زالن کان سواءِ ٻئي
جوان جماڻ پٽ عبدالمجيد ۽ عبدالھادي بھ ويٺا ھئا،
جن جون اکيون پنھنجي پيءُ جي سڪرات ۾ ڦڙڪندڙ چپن
کي ڏسڻ بعد ھڪ ٻئي سان پئي مليون تھ انھن ۾ نفرت،
ڪيني ۽ ساڙ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ ھو.
حويلي ۽ ان جي شاھي ڪوٽ جي پرڀرو ٽي لئي اوطاق ۾ جيڪا سانوڻ ۾
ڪانڊيرن جي ڦوھارن ۽ ھر وقت جي ڇڻڪار سبب ٿڌي بھشت
۽ سياري ۾ کٽن جي وچ ۾ وڏي مچ سبب گرم لڳي پئي
ھوندي ھئي ۽ جنھن ۾ وڏيري جي بلگاري حقي مان نڪتل
ٿڌو دونھون ڇانيل ھوندو ھو، ماٺ لڳي پئي ھئي. رکي
رکي ڪمدار غلام محمد جيڪو پٽ تي کٽ جي سيرانديءَ
کي ٽيڪ ڏيو ويٺو ھو، تنھن پئي وڏيري جي حياتيءَ
جون دعائون گھريون. ڪمدار غلام محمد وڏيري جو ننڍي
ھوندي جو سنگتي ھو ۽ ڏکن سکن ۽ جھيڙن جھٽن ۾ ساڻس
گڏ گذاريو ھئائين. وڏيري کي بھ سندس خدمتن جو قدر
ھو ۽ سندس ڪا ڳالھھ ڪونھ موٽائيندو ھو. جي ھڪ
ڳالھھ موٽائي بھ ھيائين تھ کيس ان جو احساس ھو ۽
ڪڏھن ڪڏھن ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو ھو: ”ڪمدار، تون
سچو ھئين، پر ان وقت عشق انڌو ڪري ڇڏيو ھو. سوچيو
ھوم تھ لوڙھا ٽپڻ واري بدناميءَ کان ٻھ ٻول پڙھائي
پاڻ تي حلال ڪري ڇڏيان.“
”ھا سائين، لڳي پروان آ، ڪئيءَ ڳالھھ کي جوان ئي نڀائيندا آھن.“
ڪمدار بھ کيس دلداري ڏيندو ھو. ڪمدار جي اڳيان پيل
حقو ٺري ويو. ھن کي رکي رکي راتوڪي ڳالھھ ياد پئي
آئي، جنھن جي ٻڌڻ کان پوءِ وڏيري جو ڦرڪو ڦري ويو
ھو. ھن اھا ڳالھھ ڪيترن ڏينھن کان سانڍي رکي ھئي
پر رات ڳالھين ۾ کانئس نڪري وئي ھئي. ٻئي ڄڻا
اڪيلا ويٺا ھئا ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪري
رھيا ھئا.
”ڪمدار، وھي وئي.“ وڏيري ٿڌو ساھ ڀريو ھو.
”ھا سائين، ڪماليت کي نيٺ زواليت آ.“
”بيشڪ، يار، ھاڻي تھ پاڻ کان ھوترو پنڌ بھ گھوڙي سواري نٿي پڄي،
لڱ ائين ٿا ساڻا ٿي وڃن جو سڄو ڏينھن ڪا ڪوڏر ھنئي
ھجيم.“ وڏيري ٿڪل آواز ۾ چيو ھو.
”بس سائين، ھاڻي ھڪ ڳالھھ ڪر. واندڪائيءَ ۾ پنھنجي جيئري ئي
ڪانو کڻي ورھاست ڪري ڏيون.“
”پاڻ ۾ چڱا نٿا ھلن ٿا؟“
”الئي سائين، پرائي دل پرديس آ.“
”ڪمدار، ڪا ڳالھھ آ ڇا؟“ وڏيري کي وسوسو ٿي پيو ھو.
”ڳالھھ تھ ڪا ڪانھي سائين، ائين تنھنجي آرام لاءِ چيم.“
”ڪمدار، توکي سؤ ڀيرا چيو اٿم تھ مون کان ڪا ڳالھھ نھ رکندو
ڪر.“
”ابا، توکان ڳالھھ رکڻ حرام آ.“ پوءِ ھن کان مھينن جي سانڍيل
ڳالھھ نڪري وئي ھئي: ”ڳالھھ ھينءَ آھي تھ
عبدالمجيد خان جي سريت نوران آھي نھ، ان سان
عبدالھادي بھ ٺھڪي ويو آھي.“
”گھوڙا! ناحق ٻي شادي ڪيم. ڪمدار، ھيءَ ڳالھھ تھ مڙسن جا ڪنڌ
ڪپائيندي.“ وڏيري ٽپ ڏيندي چيو.
”سائين، خير جي تھ وائي ڪڍ. الله تنھنجو سر سلامت رکي، ڪجھھ
ڪونھ ٿيندو.“
”اڙي اڃا ٿو چئين ڪجھھ ڪونھ ٿيندو.“ وڏيري رڙ ڪري چيو.
”سائين، آھستي تھ ڳالھاءِ، ڪو ٻڌي نھ وٺي.“
وڏيرو ڳالھھ جي نزاڪت کي سھي ڪري ماٺ ڪري ويو. گھڻي دير کان
پوءِ ھن آھستي آھستي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ھوريان
چيائين: ”ڪمدار، جوانيءَ ۾ تون گلو ماڇيءَ جي گھر
مندو ھئين نھ؟“
”ھا سائين، وھيءَ ۾ مڙئي ھر ڪنھن ٽپ ڏنا.“
”ان ساڳي جاءِ تي منھنجي دل بھ ھرکي ھئي. نياپو موڪلڻ تي ھوس تھ
ڪنھن تنھنجي ڳالھھ ٻڌائي. پوءِ جيتوڻيڪ تون منھنجو
ڪمدار ھئين، تھ بھ مان پاسو ڪري ويس. ھي تھ سڳا
ڀائر آھن.“
”اھو زمانو ٻيو ھو، ھي زمانو ٻيو آ سائين.“
”بس ڪمدار، زمانو زھير ٿي ويو.“ وڏيري پيرن ۾ بوٽ پائيندي چيو
ھو. سندس آواز روئڻھارڪو ھو.
وڏيري کي حويليءَ جي وڏي در تي ڇڏي، ڪمدار پنھنجي گھر موٽيو ھو
تھ پاڻ کي اھا ڳالھھ نھ سانڍڻ ڪري ڏاڍي ملامت ڪئي
ھيائين. اڌ رات تائين کيس فڪر ۾ ننڊ نھ آئي ھئي.
اسر جي مھل پنڪي ۾ ھو تھ وڏيرڪي نوڪر ٺربي جي سڏ
تي سندس حياتي ڇڏائجي وئي ھئي ۽ ان وقت کان اوطاق
۾ کٽ جي سيراندي کي ٽيڪ ڏيو، ٻئي ھٿ مٿي تي رکيو
پئي وڏيري جي حياتيءَ جون دعائون گھريائين. ھن سان
گڏ ٻيا ڪڙمي ڪڙا بھ ويٺا ھئا. اوچتو سڀني جا ڪن
حويليءَ ڏانھن کڙا ٿي ويا، جتان روڄ ٻڌڻ ۾ پئي
آيو. جيستائين ڪمدار ڪو ماڻھو ڀڄائي، تيستائين
حويليءَ مان ٻانھي ڀڄندي آئي، جنھن جي ڌوڙ لڳل
اگھاڙي مٿي ۽ چيھاڙيون ٿيل چولي سڄو داستان ٻڌائي
ڇڏيو.
صبح ڪو ساجھر حويليءَ جي شاھي اڱڻ ۾ ھشام زائفن جا بيٺا ھئا.
پڌر جي وچ ۾ وڏي کٽ پيل ھئي، جنھن تي ريشمي ۽ سوٽي
اوڇڻن ھيٺان وڏيرو ابدي ننڊ سمھيو پيو ھو. ڳوٺ جو
ملان حاجي ڪبير روپيو في قرآن جي حساب سان، خوش
الحاني ۽ تڪڙائيءَ سان قرآن بخشي رھيو ھو.
ھي قرآن شريف ڪريم تنھنجو،
خاص مڪي محمد تي،
وسيلو ٻنھي جھانن جو،
واسطي اسان جي ٿيڻ عڳذاب سوڙھ قبر جي،
واسطي سوال جواب منڪر نڪير جي،
ھن ميت کي ٿو بخشايان،
تون بخشينس.
جڏھن سج مٿي چڙھيو، تڏھن ميت کي ٻاھر آندو ويو، جتي بھ قرآن
بخشائڻ کان پوءِ وڏي پٽ عبدالمجيد خان کان اجازت
وٺڻ بعد جنازي نماز پڙھي ھئي. لحد ۾ لاھڻ کان اڳ
ملان آخري ڀيرو ڪفن سوري منھن ڏيکاريو تھ ھر ڪنھن
ڏٺو تھ شمع وانگر ٻري رھيو ھو.
پوءِ جڏھن مٽيءَ جي شيءَ مٽيءَ ۾ رلجي وئي، جڏھن لانڌي خالي کٽ
۽ خالي اوڇڻن جي ڳنڍ ٻڌي واپس موٽي آيا، جڏھن سڄو
راڄ ڀاڳ رضا الله ۽ پڳ ٻڌائڻ لاءِ عبدالمجيد خان
اڳيان ويٺو ھو، تڏھن ڪمدار جو عبدالھادي خان کي
وٺڻ ويو ھو، سو واپس موٽي آيو ۽ راڄ ڏانھن منھن
ڪري چوڻ لڳو:
”ھھڙو انڌير، عبدالھادي خان ٿو چوي تھ مان راڄ کان عذر پنھنجي
اوطاق ۾ جدا وٺندس.“
”ھتي نٿو اچي؟“ عبدالمجيد خان ڪمدار کان پڇيو، جو ڀاءُ جي
انتظار ۾ ويٺو ھو ۽ عذر ڪونھ ورتو ھئائين.
”نھ سائين.“
”ڇو؟“
”چئي ٿو تھ دشمن وٽ عذر ڪونھ وٺبا آھن.“ ڪمدار ٻڌايو.
”وڃي ڌوڙ پائي، پڙھو قل.“ عبدالمجيد خان کي خار اچي وئي.
”پر سائين، اڄ ئي اھڙي وڇوٽي ڪيو تھ اڳتي الائي ڇا ٿيندو.“
ڪمدار سوچيندي چيو.
اھا وڇوٽي تڏھن ھيڪاري وڌي وئي، جڏھن پورن پندرھن ڏينھن بعد ھڪ
شام جو حد جي ڪوٽوار، اڱڻ مختيارڪار صاحب جو نوٽيس
ڏئي عبدالمجيد خان کان صحي ورتي. پڙھندي ئي کيس
پيرن کان چوٽيءَ تائين باھ وٺي وئي. نوٽيس ۾ لکيل
ھو:
”مانوارو وڏيرو عبدالمجيد خان ولد خان صاحب نور محمد خان
زميندار ڪيٽي نورپور تعلقھ شڪارپور.
جيئن تھ مھربان عبدالھادي خان ولد مرحوم خان صاحب نور محمد سان
زميندار ڪيٽي نورپور اسان کي تاريخ ١٠-٤-٥٤ع تي
درخواست ڪئي آھي تھ فوتي خان صاحب نور محمد خان جي
ڇڏيل ملڪيت ۾ اڌ حصي جو وارث آھي ۽ کيس ٠-٨-٠ آنين
جي ورھاست ٿي ملي.
ان ڪري اوھان کي ھدايت ٿي ڪجي تھ تاريخ ٢٠-٤-٥٤ع تي پنھنجي
ڪيٽيءَ ۾ حاضر رھندا، ٻي صورت ۾ يڪ طرفو فيصلو ڪيو
ويندو ۽ پوءِ ڪو عذر ٻڌڻ ۾ نھ ايندو. ھي اوھان جي
سڌ لاءِ لکيو ويو.
بحڪم مختيار ڪار صاحب تعلقو لب درياھ.“
ڪمدار غلام محمد جو ڀرسان ويٺو ھو، سو نوٽيس پڙھڻ وقت سندس نرڙ
تي پوندڙ گھنجن مان سھي ڪري ويو تھ ڳالھھ ڪا مڙيئي
ڳري ھئي. موڙي سيريندي ويجھو اچي کانئس پڇيائين:
”ڇا جو نوٽيس آ بابا؟“
”مختيارڪار نوٽيس ڏنو آھي تھ ويھين تاريخ عبدالھادي جي حصي جي
ورھاست ڪندو.“ عبدالمجيد خان آھستي چيو.
”چڱو ٿيو، ڀلي اچي.“
”چڱو ٿيو؟“ عبدالمجيد خان رڙ ڪري چيو.
ڪمدار جو ٻوٿ ئي سڪي ويو ۽ ماٺ ڪري ويھي رھيو. ٿوري دير کان
پوءِ عبدالمجيد خان ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ڪمدار کي چيو:
”مان مختيارڪار کي چوندس تھ ھو بي نڪاحو آھي، سندس
ڪو حق ڪونھي، ڀلي ڏئي ڪوئي سندس فائدي ۾ بيان.“
”ٿوري ملڪيت لاءِ پنھنجي مرحيات پيءُ تي ايڏو گلا جو گھانگھو
ڏيندين، نينگر!“ ڪمدار پھريون کيس نرمائيءَ سان
سمجھايو، پر پوءِ کيس اوچتو جھجڪي اچي وئي: ”ائين
ڪونھ ٿيندو، مان بيان ڏيندس.“
پوءِ عبدالمجيد خان کي پنھنجي فوتي پيءُ جي عزت جو خيال آيو يا
پنھنجي ڪمدار جي راڄن ۾ اڪثريت ياد آئي، ھو ان
ڳالھھ تان لھي ويو، نرمائي سان ڪمدار کي چيائين:
”معاف ڪجانءِ ڪمدار، ائين خار ۾ چئي ويس. تون پاڻ
ئي ٻڌاءِ تھ ھن وقت جڏھن بابي جي بُٺي بھ ڪانھ سڪي
آھي، کيس اھا درخواست ڏيڻ واجب ھئي؟“
”اھو برابر سندس ڏوھ آھي، پر ھاڻي جيئن ٿيو آھي، تيئن ئي ڪبو.“
جيتوڻيڪ ويھين تاريخ مختيارڪار، عبدالھادي وٽ ئي منزل ڪئي، جو
ھو ان جي ئي درخواست تي آيو ھو، پر جڏھن ھو وٽس
ويو، تڏھن مختيارڪار لانڍي کان ڏھ پندرھن قدم ٻاھر
نڪري سندس آجيان ڪئي. ورھاست وقت بھ سندس وڏائپ جو
لحاظ رکندي کيس پڳ ۾ وڌيڪ حصو ڏنائين، پر جيتوڻيڪ
ھو زماني طور مختيارڪار سان کلي ڳالھائي رھيو ھو،
پر تنھن ھوندي بھ سندس اندر ۾ باھ ڀري بيٺي ھئي.
ھڪ ڀيرو تھ کيس خيال آيو تھ مختيارڪار کي ڇنڊ ڪڍي
۽ زمين جي ورھاست کان انڪار ڪري، پر ھن ڪمدار جو
لحاظ رکيو، جنھن مختيارڪار جي اچڻ کان اڳ کيس
سمجھايو ھو: ”نينگر، حاڪم فيل مست آھي ۽ ساڻن
مقابلو ڪرڻ ڪنھن بھ حالت ۾ چڱو ڪونھ آھي.“
جيڪڏھن عبدالمجيد خان نوران جي لڏڻ جا سانباھا نھ ٻڌي ھا تھ اھو
ڳالھھ مان ڳالھوڙو شايد نھ ٿئي ھا. لڏڻ واري ڳالھھ
بھ ڪمدار کيس ٻڌائڻ نھ پئي گھري، پر سندس تيز مزاج
جو خيال ڪندي صرف ايترو چيائين: ”سائين، صديق وارا
لڏيا ٿا وڃن.“
”ھان، ڪاڏي؟“ وڏيري کان ڇرڪ نڪري ويو.
”عبدالھادي خان پنھنجي ڪيٽي ۾ نئون ڳوٺ ٻڌايو آ نھ، اتي.“
”وڃي جھلين.“ وڏيري تيزي سان چيو.
ويچاري ڪمدار ان حڪم کان اڳ ئي پنھنجي وسان ڪونھ گھٽايو ھو. ھو
ٻٽي ڀيرا نوران جي گھر ويو ھو ۽ کيس ان فيصلي جو
آڳو پيڇو سوچڻ لاءِ چيو ھئائين، پر ھن تري تيل
لائڻ ڪونھ ڏني ھو. ان ھوندي بھ وڏيري جي حڪم جي
پوئواري خاطر ھو وري نوران جي گھر ويو ۽ ويندي ئي
کيس دڙڪو ڏنائين: ”نوران، وڏيري وڏي نياپو ڏنو
اٿيئي تھ تون نھ لڏ.“
”چاچا، ھاڻي ڪيئن مڙبو؟ صبح جو گاڏيون اينديون.“
ڪمدار کي خار اچي وئي. ھن کيس کولي ٻڌايو: ”نوران، تون
عبدالمجيد کي ڇڏي وري عبدالھاري تي آٿر رکيا آھن،
سا ڳالھھ تنھنجي لڏڻ کان پوءِ ڪانھ لڪندي، وڏو کلم
ٿي پوندو.“
”ڪير ٿو ائين چوي؟“ نوران پھرين پڪائي ڪئي.
”مان ٿو چوان، ڪيانءِ اڇا پتا پڌرا؟“
”چڱو جي آھيان تھ آھيان، ڪنھن جي پرواھ ڪونھيم.“
حالانڪھ ڪمدار وري بھ وڏيري کي سموري حقيقت ڪونھ ٻڌائي ۽ کيس
صرف ايترو چيائين تھ نٿا مڙن، پر تنھن ھوندي بھ ان
ڪوڙ جو ڪو خاص فائدو ڪونھ پيو، جو ان ئي ڏينھن
سومھڻيءَ جو جڏھن وڏيرو پنھنجي سر نوران کي پرچائڻ
پئي ويو، تڏھن در جي چانئٺ ٽپڻ کان اڳ کيس
عبدالھادي دوبدو ٿيو، جنھن جي ٽوڪ واري مشڪ کيس ٻي
وک اندر کڻڻ ڪانھ ڏني. ھو اتان ئي واپس موٽيو ۽
ايندي ئي ڪمدار کي چيائين: ”صديق وارن کي چؤ تھ ھن
مھل جو ھن مھل ٽپڙ کڻن.“
عبدالمجيد خان اھو تڙ تڪڙ ۾ حڪم تھ ڏنو، پر پوءِ پورا پنج ڏينھن
حويليءَ کان ٻاھر ڪونھ نڪتو. ھن نوران لاءِ ڇا پئي
سوچيو، جنھن جو قد مانجھاندڙيءَ وانگر سڌو ۽ ڊگھو
ھو، جنھن جو رنگ جوئر جي اٽي وانگر ڀورو ۽ ڳاڙھو
ھو، جنھن جون اکيون ڪجل بنا بھ ڪاريون ھيون، جنھن
جا چپ لاليءَ بنا بھ ڳاڙھا ھئا، جنھن جون ڇاتيون
چوليءَ جي ٽيڪ کان سواءِ بھ ڪنھن جبل ٽڪر جون ٻھ
جاڙيون چوٽيون ھيون ۽ جنھن جو آواز اھڙو مٺو ۽
سريلو ھو، ڄڻ وڏي اسر مھل ڪنھن نار ۾ ٻڌل ڏاند جون
ٽليون پيون وڄن.
منڍ منڍ ۾ ھن کيس لابارو ڪندي ڏٺو ھو تھ سندس قدم اڳتي وڌڻ کان
پڙ ڪڍي بيٺا ھئا. ھن محسوس ڪيو تھ ڪڻڪ جون تيليون
جن کي مٺ ۾ جھلي، ھن ڏاتو پئي وھايو، سي ڪسڻ لاءِ
پاڻ نوڙي سندس ھٿن ۾ پئي آيون. ٻني تي بيٺي کيس
ڳپل مھل ٿي وئي ھئي ۽ اوسي پاسي لابارو ڪندڙ کيس
عجب ۽ حيرت سان نھارڻ لڳا ھئا تھ ھو لاچار اڳتي
وڌيو ھو ۽ پويان ايندڙ عرضي ڪارائي کي چيو ھئائين:
”اھو ماڻھو ڪيئن ٿو ڀائين عرضي؟“
”واھ سائين، اھڙين جو بجو بھ ڀلو.“
پوءِ جي خبر ڪراڙي لالان کي ھئي، جنھن روا لاھي، منٿون ميڙون
ڪري نوران جھڙي پٿر کي پاڻي ڪيو، نھ تھ پھرين دفعي
تھ ھن تريون ئي ٽي ھيون ۽ چيو ھو: ”ماسي لالان،
آھي بھ قادو تھ ناھي بھ قادو. وڏيري کي چؤ تھ مون
کان پاسي ڪري لنگھي.“
”نڀاڳي، گدڙ جي لت کان ھاٿيءَ جي لت چڱي اٿئي. گھر ڀري
ڇڏيندئي.“ ڪراڙي لالان جا اھڙين ڳالھين ۾ ڀڙ ھئي،
تنھن کيس سمجھائيندي چيو ھو.
پوءِ جڏھن وڏيرو پھرين انجام سان ھڪ اونداھي رات وٽس ويو ھو تھ
ھوءَ اڳ ۾ ئي سندس اوسيڙي ۾ اڀي بيٺي ھئي ۽ کيس
ايندي ڏسي چيو ھئائين: ”ايتريون دوريون ڪبيون آھن
وڏيرا.“
ھينئر اھا ئي نوران کانئس کسجي وئي ھئي ۽ ساڻس اھڙي جٺ ٿي ھئي،
تنھن جي پلوء لاءِ ھر ڳوري ڳالھھ پوري ھئي.
اھا ھڪ اونداھي رات ھئي، جڏھن سرخيءَ جھڙي اصل گھوڙي، عبدالھادي
جھڙي شھسوار جو لاشو کڻي اچي ڳوٺ نڪتي. ماڻھن کي
ڏندين آڱريون اچي ويون جو عبدالھادي جھڙي سوار، جو
جڙ گھوڙين کي ھڪ ئي ھتي ۾ ڪاھي سڌو ڪندو ھو ۽ جو
رڪيب مٿان رپيو رکي، اھڙو پختو ٿي ويھندو ھو جو
مجال کڻي روپيو ڪري، تنھنجو رڪيب ۾ ڦاسي ڪرڻ ۽
مڻڪو ڀڃائڻ اعتبار جوڳي ڳالھھ ڪانھ پئي لڳي. انھن
شڪ ڪندڙن مان ٻن پتين جو تھ شڪ ان وقت ئي لھي ويو،
جڏھن عبدالمجيد خان ڀاءُ جي لاشي جو ٻڌي، پيرين
مٿي اگھاڙو اچي ڀاءُ جي مٿان ڪريو ۽ پار ڪڍي روئڻ
لڳو. باقي ٽين پتي، جنھن جو مکيھ عبدالھادي جو
ڪمدار ھو، سو شڪ گمان لاھڻ لاءِ صبح جو ساجھر
گھوڙيءَ جا ابتا پير کڻائي واردات ڏسڻ ويو ھو، پر
کانئس اڳ ڪنھن سنباڻي ٻروچ جي رڍن ٻڪرين جي ڌڻ
لنگھڻ سبب پيرائي ڊھي ويا ھئا.
البتھ عبدالھادي جي فوتي ٿيڻ کان ٻھ ڏينھن پوءِ، جڏھن ھرڪو اڃا
پٿر تي ويٺو ھو ۽ رواج موجب مٿي ڌوءَ بھ ڪانھ ٿي
ھئي، تڏھن عبدالمجيد خان جي ھڪ حڪم سندس پنھنجي
ڪمدار جي دل ۾ انيڪ شڪ ۽ گمان وجھي ڇڏيا. ھن حڪم
موجب ڪيٽي نورپور جو ڇاپي نقشو کڻي سندس اڳيان ميز
تي کولي رکيو تھ سراسر اڌ کي ڳاڙھو رنگ آيل ڏسي،
وڏيري ڪمدار کان پڇيو: ”ھي پاسو ڇو ڳاڙھو آ؟“
”مختيارڪار جي ورھاست موجب ھي پاسو اسان کي مليل آھي ۽ ان کي
رنگ ڏنل آھي، بقايا اڇو پاسو عبدالھادي خان جو
آھي.“ ڪمدار اڱر سان کيس نقشي جون ليڪون
سمجھائيندي چيو.
”عبدالھادي جو نئون ڳوٺ ٻڌايو ۽ جتي صديق وارا وڃي ويٺا آھن،
اھا جاءِ ڪٿي آ؟“ وڏيري نقشي کي غور سان ڏسندي
چيو.
”ھيءَ چوڪڙي نئين ڳوٺ جي آھي. سنھن اکرن ۾ لانڍيون بھ لکيل
اٿو.“ ڪمدار نقشي ۾ ھڪ جاءِ تي آڱر رکي. ان جاءِ
تي ڪو رنگ ڏنل ڪونھ ھو. ”پي ھينئر تھ سموري ڪيٽي
پنھنجي ٿي نھ. پوءِ ڇو نھ سڄي نقشي کي رنگ ڏئي
ڳاڙھو ڪجي.“ ائين چوندي و٠يري سٽ ڏئي ڪوٽ مان
ڳاڙھي پينسل ڪڍي ۽ پھريون ڳوٺ واري چوڪنڊي ٽڪر کي
ڳاڙھو ڪرڻ لڳو. ڪمدار حيرت مان ڪنڌ مٿي کڻي وڏيري
ڏانھن ڏٺو، جنھن جو منھن بھ خوشي ۾ پينسل جي ڳاڙھي
رنگ وانگر ڳاڙھو ٿي ويو ھو. |