سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :11

   

شبنم شبنم، ڪنول ڪنول

ھن اسپتال جي ھر شيءِ من موھيندڙ آھي. ڪمپائونڊ اندر وڏا وڏا، ساوا ساوا، اکين جي جوت وڌائيندڙ لان، وچ ۾ اسپتال جي ڳاڙھي اوچي عمارت، ٻنھي پاسن کان مٿي وڃڻ لاءِ ريلنگ واريون ڏاڪڻيون، جن جي مٿان ٻھ شاندار قباوان برج، اندر ڀتيون کير جھڙيون اڇيون ۽ پيلي ميوزيڪ جا ترڪڻا ۽ ڇلڪڻا فرش، ڊگھا ڊگھا، ٿڌا ٿڌا ڪاريڊور ۽ روشن روشن ڪمرا، وڏيون وڏيون فرينچ ڪٽ دريون ۽ جن جي فلاوربيڊز ۾ ٽڙيل ڳاڙھا پيلا گل. ان سھڻي ماحول جي سونھن منھنجي ساھيڙي سسٽر پال آھي، جنھن جو رنگ گلاب جھڙو، جنھن جون اکيون سھڻي ڍنڍ جھڙيون، جنھن جا چپ نارنگي جي ڦار جھڙا آھن ۽ سفيد يونيفارم ۾ سفيد ڪلفدار رومال جي تاج ۾ برفاني ڍنڍ ۾ ٽڙيل ڪنول جيان لڳندي آھي. اڇين جتين ۾ سندس ڀورا پير ان ترڪڻن فرشن تي ھلڻ لڳندا آھن تھ ڪنھن آرڪيسٽرا جون مڌم مڌم ڌنون معلوم ٿينديون آھن. بي خوابي جا مريض، سندس آڱرين جي ڇھاءُ سان ئي اگھور ننڊ ۾ پئجي ويندا آھن ۽ سندس ھٿان زھر جھڙيون ڪوڙيون دوائون پي، ائين مرڪڻ لڳندا آھن، جيئن ھنن ڪو مٺو شراب پيتو ھجي. ھوءَ ھن اسپتال ۾ مقرر ٿي ھئي تھ جواڻ جماڻ ڊاڪٽر مريضن جون دليون تپاسيندي تپاسيندي، پنھنجيون دليون بھ تپاسڻ لڳا ھئا، جي سندس موجودگي ۾ نارمل کان ٽپي وينديون ھيون. ڊاڪٽر آفتاب تھ ھڪ ڀيري وجھھ وٺي پنھنجي دل جي ڌڙڪن کيس بھ ٻڌائڻ گھري ھئي، پر ھن اکيون ڪرڙيون ڪري، منھن ۾ سونڊ وجھي کيس چيو ھو:

”سر، مان اھڙيون ڳالھيون ٻڌڻ نھ آئي آھيان، پر وارڊ فورڊ جي امپروومينٽ ٻڌائڻ آئي آھيان.“

ڊاڪٽر آفتاب منڍ ۾ اھڙن جوابن ٻڌڻ تي ھريل ھو. پھرين سٽ سان ڪو جھول ۾ نھ ڪرندو آھي. ھن ھمٿ ٻڌي وري کيس چيو ھو: ”في الحال انھن ڳالھين کي ڇڏ پال، منھنجي ڳالھھ جو جواب ڏي.“

”جي اوھان ھن وقت موڊ ۾ نھ آھيو تھ وڏي ڊاڪٽر کان پڇان؟“ پال جو اھو جواب ٻڏي، ڊاڪٽر آفتاب کي مجبورا پيار جون ڳالھيون ڇڏي بيمار جون ڪرڻيون پيون. ھن سياڻپ ڪري ھيٺائين وٺي چيو: ”چڱو مئڊم، تون ئي ٻڌاءِ ڪيترو بخار آ کيس؟“

”نارمل سر.“

”تھ پوءِ ڊسچارج ڪري ڇڏيوس.“

”اھو ڪيئن سر، ھن کي تھ پيشاب جي بھ تڪليف آھي. پورو پاس ئي نھ ٿو ٿئي.“

”ڏيکار ڪيس.“

سسٽر پال کيس وارڊ نمبر فور جو فائل ڏيکاريو. سڄي ڏينھن جي ڪوانٽٽي، ڇھھ سؤ سي سي ھئي ۽ ٽيسٽ ورتي وئي ھئي تھ ڇھھ سؤ سي سي بليڊر ۾ بھ رھيو پي. ڊاڪٽر فائل تي اڌ اکري ۾ لکندي کيس چيو: ”يوريدو نال پياريوس ڏينھن ۾ ٽي دفعا.“

”بليڊر جو ايڪس ري نھ ڪڍرايونس سر؟“

”ڪھڙي تڪڙ آ؟ سڀاڻي امپرومينٽ ٻڌائجانءِ، پوءِ ڏسنداسون.“ ڊاڪٽر وٽان موٽي، ڊيوٽي روم ۾ آئي ھئي تھ سڄي ڳالھھ ٻڌائي ھئائين. مان کيس خبردار ڪندي چيو ھو: ”پال، پري ڀڄجانءِ، وڏو فلرٽ اٿئي.“

”ھا! اڳيون رڪارڊ ڇا اٿس؟“

”رڪارڊ ٽوڙيل اٿس سمورا. ھن وقت بھ ٻن سان ناتا اٿس. زرينھ مئٽرنٽي واري ۽ پاڻ واري روزي مھيني، ٻئي پيو ماڊل مٽائيندو آھي.“

”ائون ھو ڊاڪٽر عسڪري؟“

”سڀ نور آھن، ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايانءِ.“

”ڪجھھ تھ ٻڌاءِ، خبر تھ پوي.“

”اھو ڊاڪٽر عسڪري وري اھڙو اٿئي جو ڏينھن ڏٺي جو بھ نٿو مڙي. ھڪ ڀيري جو اوچتو سندس آفيس ۾ وڃان تھ پارٽيشن پويان سسٽر رضيھ جي چپن جي حرارت پيو معلوم ڪري.“

”پوءِ.“

”پوءِ ڇا، مان تھ وٺي پوئتي ڀڳس، پر ٿوري دير کان پوءِ گھرائي ليلھائي چيائين سسٽر پليز! ڪنھن کي خبر نھ پوي.“

”اھا رضيھ وري ڪھڙي آ؟“

”ڪانھ ڏٺي اٿئي؟ سانوري، عينڪ سان. اڄ ڪلھھ نائيٽ ڊيوٽي تي آ.“

”ھا، ھا.“ پال ياد ڪري چيو.

”بس اھا ڳالھھ نھ پڇ تھ ھتي ڇا ٿيندو آ؟ سڀ ڊاڪٽر ڪنھن نھ ڪنھن نرس پويان اٿئي.“

”پوءِ اھا خبر وڏي ڊاڪٽر کي نٿي پوي؟“

”ھون، سڀ خبرون ھوندس. ڪو اھي ڳالھيون لڪن ٿيون.“

”چئبو تھ اھڙا ڪيس جام آھن ھتي.“

”ڪيس؟ موسٽ ڪامپليڪيٽيڊ ڪيس چئو.“

”ويري سئڊ.“ پال افسوس ڪندي چيو. ٿوري دير ماٺ ۾ رھي، پوءِ مون کان مشڪندي پڇيائين: ”تنھنجو ڪھڙو حال آ؟“

”مان؟“ مون کان ٽھڪ نڪري ويو. ”مون کي نھ رنگ نھ روپ، مان تھ تو جھڙين سھڻين ڇوڪرين لاءِ بچاءُ آھيان، پر ڪو بچاءُ گھري تھ.“

”اھو وري ڪيئن؟“

”ڪو ڊاڪٽر جھلڻ تي نھ مڙئي ۽ ڊيگھھ ڪرئي تھ مون کي ٻڌائجان، ائين ڪنٽرول ۾ اچي ويندو، جيئن انسولين کان پوءِ شگر.“

”ھان؟“

”ھا، توسان گڏ ھونديس تھ ڪا نظر نھ لڳندءِ، مون کي ائين سمجھھ، جيئن سھڻي ٻار کي نظر کان نرڙ يا ڳل تي ڪارنھن جو داغ.“

”توکي ڪير ڪارو چوي، تون تھ اندر ۾ کير کان بھ اڇي آھين.“

”اندر کي ڇڏ، ٻاھر جي ڳالھھ ڪر.“

”ٻاھر کي ڇڏ، اندر جي ڳالھھ ڪر.“

”خير ان بحث کي ڇڏ، ڇڙي اھا ڳالھھ ياد ڪجانءِ تھ منھنجيون خدمتون تنھنجي بلي آھن.“

”اڳي بھ تنھنجيون خدمتون ڪنھن جي ڪتب آيون آھن؟“ پال کلندي پڇيو.

”گھڻو ڪري نھ. يا تھ مون جھڙيون ھيون، جن کي خدمتن جي ضرورت ئي ڪانھ ھئي، يا وري تو جھڙيون سھڻيون ھيون، جن کي وري ڊاڪٽرن جي خدمت جي ضرورت ھئي.“ مان بھ کلندي چيو.

ڏھن ٻارھن ڏينھن کان پوءِ مون کي پاسي تي گھلي چوڻ لڳي: ”ھاڻي مان ڇا ڪيان؟“

”ڇو ڪا اھڙي ڳالھھ آ ڇا؟“

”نھ تھ توکي ڇو چوان ھا.“

”ڪيس ھسٽري ٻڌاءِ.“

”ھن ڪيس جي ھسٽري ھيءَ آھي تھ ڊاڪٽر آفتاب منھنجي پچر نٿو ڇڏي. مان جنھن وقت وٽس وڃان ٿي تھ مون کي گھوري ٿو ۽ ائين ٿو گھوري جو سندس نظرون ھن ٿلھي يونيفارم کان بھ ٽپي اندر ٿيون نھارن.“

”اکيون ڏسڻ لاءِ ئي آھن مئڊم، زبان جي ڳالھھ ڪر.“

.ان ۾ بھ گھٽ ڪانھي، اھا بھ ھر وقت پيار جا ٻول ٿي ٻولي.“

”چئبو تھ ڪيس سيريس آھي.“

”نھ تھ وري ڇا، ھو مون کي سسٽر بجاءِ مادام ٿو سڏي.“ پال معصوميت سان چيو.

بي اختيار مون کان کل نڪري وئي. مس مس کل روڪي چيم: ”ڪھڙو بدذوق تو جھڙيءَ کي سسٽر سڏيندو. اھو لفظ تھ مون جھڙين ڪارين ڪوجھين لاءِ آھي.“

”وڏي ذلالت آھي!“ پال خار ۽ ڏک جي گڏيل لھجي ۾ چيو. ”ڀلا، ھن پرابلم کي ڪيئن حل ڪجي؟“ مان ڳالھھ بدلائيندي پڇيو. ”تو ئي ڊاڙ ھنئي ھئي، تون ئي ٻڌاءِ.“ ھوءِ وري چيھي وانگر چھڪڻ لڳي.

”ڇا پڇڻو اٿئي کانئس؟“

”وارڊ اٺين بابت پڇڻو ھو. ھن کي بلڊ پريشر آھي ۽ ڏينھن ۾ کيس ٽي دفعا سرياسل ڏيندي آھيان، پر اڳھون جو ٽمپريچر ڏسانس تھ 103 ڊگريون بخار اٿس. ھينئر ڊوز گھاٽايان يا اھو ئي ڏيندي رھان؟“

”نسخو ڏيانءِ، يا مان وڃان تنھنجي بدر؟“

”تون وڃ، مان ڪونھ وينديس.“

مان سڌو ڊاڪٽر آفتاب وٽ ھلي ويس. کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ھدايت پڇڻ لڳس، پر ڊاڪٽر منھنجي ڳالھھ کي ڪو وزن نھ ڏنو. رھندو مان کان پڇڻ لڳو: ”اھو ڪيس تھ پال جي چارج ۾ آھي، تون ڪيئن آئينءَ سسٽر؟“

”سر، مون کي پال رڪيسٽ ڪيو تھ توھان کان پڇان.“

”ھوءَ پاڻ ڇو نھ آئي؟“

انھن اجاين سوالن تي مون کي خار اچي وئي. اشراف ھجي تھ ماٺ ڪري چوي ھا: ”ھينءَ ڪر يا ھونءَ ڪر.“ پر ھن تھ پاڻ کي پاڻ خوار ڪرڻ پئي گھريو، مون کي ڪھڙي ضرورت ھئي کيس ڍڪڻ جي، مان بھ رکڻي ڪانھ رکي. ”سچ ٻڌايانو سر؟“

”ھا ھا.“

”ھن کي اوھان مان وڏي شڪايت آھي.“ مون ڦٽاڪي کي باه ڏيندي چيو.

ڊاڪٽر آفتاب ڇرڪ ڀري ڪرسيءَ تان ائين کڙو ٿي ويو، جيئن ڪنھن اوچتو ھن جي بٽڪس ۾ پھرئين نمبر جي سئي ھنئي ھجي. ھو وائڙو ٿي ويو ۽ ھٻڪي چوڻ لڳو:

”....... مون مان؟ سسٽر اوھان کي غلط فھمي آھي.“

”مون کي ڪانھي، پر پال کي آھي سر. ھن تھ مٿي شڪايت ڪرڻ پئي گھري، پر مون کيس سمجھايو.“

ڊاڪٽر چپ ڀڪوڙي ماٺ ڪري ويٺو رھيو. مون وري کيس چيو: ”سر، ھوءَ اھڙي قسم جي ڇوڪري ڪانھي.“

پر ڊاڪٽر ڪو جواب ڪونھ ڏنو وري بھ مان ئي کانئس پڇيو: ”ڇا چوانس، ڊوز گھٽائي يا نھ گھٽائي؟“

اتي ڊاڪٽر ۾ مس مس چرپر ٿي ۽ ھڪ مرزيل آواز نڪتو: ”ڏينھن ۾ صرف ھڪ گوري ڏيوس، وڌيڪ سڀاڻ رائونڊ کان پوءِ.“ مان خوشيءَ ۾ ھٻڪندي ٻاھر نڪتيس ۽ يڪو سوچيندي آيس تھ من جا ميرا ڪيڏا نھ ڊڄڻا ٿيندا آھن. ڪو سچو پريمي ھجي ھا تھ ھيانءُ ڦاڙي چوي ھا: ”ھا برابر مان ساڻس پريم ٿو ڪيان ۽ اھو پريم سڀني ڳالھين کان اتم آھي، ان کي بالا عملدار جو بھ خوف ختم نٿو ڪري سگھي ۽ نھ نوڪري مان نڪرڻ جو خيال. وڃي کيس چؤ تھ ڀلي جنھن کي وڻيس تنھن کي دانھن ڏئي.“ مان انھن خيالن ۾ ڪنڌ ھيٺ ڪيو پال کان بھ ٽپي ويس جو ھن تاڙي وڄائيندي چيو: ”او مئڊم..... او مئڊم!“

”اڙي“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.

مان کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ يقين ڏياريم تھ يا عمر ڪونھ، تھ بھ في الحال ڪي ڏينھن تھ ڇٽينءَ. ھوءَ خوش ٿي چوڻ لڳي: ”ويل ڊن، چڱيون ٻڌايون سين.“

ٻئي ٽئين ڏينھن پال مون کي ٻڌايو تھ ڊاڪٽر آفتاب ان ٿوري ڊوز ۾ ئي ٺيڪ ٿي ويو ھو. ھوءَ ڪنھن ڪم سان وٽس وئي ٿي تھ اڳي وانگر ڊيگھھ ڪرڻ بجاءِ، صرف مطلب جي ڳالھھ ڪري، جند پئي ڇڏايائين. سندس گفتگو مان بھ اھا ئي نرمي غائب ٿي وئي ھئي ۽ ساڻس ائين پئي ڳالھايائين، جيئن ڪو باس پنھنجي زيردست سان ڳالھائيندو آھي. پر پال کي اڃا ھڪڙي شڪايت ھئي جو ھن چيو: ”باقي ھڪڙي ڳالھھ.“

”ڪھڙي ڳالھھ؟“

”ھو مون کي اڃا سسٽر نٿو سڏي.“

”اھو سرطان وانگر لاعلاج مرض آھي، جنھن جو ھن ملڪ ۾ ڪو علاج ڪونھي.“ مان کلندي چيو.

”پر ڏس تھ، سسٽر ڪيڏو نھ پيارو لفظ آھي ۽ ڪيڏي نھ وڏي مقصد ڪري اسان لاءِ چونڊيو ويو آھي.“

”ويري ساري، ويري ساري.“

”خير!“ پال قناعت ڪندي چيو: ”نھ سڏي تھ وڃي ڌوڙ پائي.“

”ٺيڪ آ، وڃي ڌوڙ پائي.“ مان بھ ٽيڪو ڏيندي چيو.

ھن اسپتال ۾ مريضن کي رھائڻ لاءِ کوڙئي ڪمرا آھن، جن ۾ بي داغ سفيد بسترا وڇايل ھوندا آھن. اھڙي سھڻي ماحول ۾ ئي مريضن جو علاج ڪيو ويندو آھي ۽ خوش چڱا ڀلا ٿي نڪرندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن، ڪنھن مريض کي اسپتال ۾ داخل ٿئي گھڻا ڏينھن ٿي ويندا آھن تھ ڪي نھ ڪي نرسون يا وارڊ بوائز ھڏ ڏوکي ٿي، کين خانگي علاج جي صلاح ڏيندا آھن. خانگي ڊاڪٽر شوق سان بھ علاج ڪندا آھن ۽ پئسو بھ گھٽ وٺندا آھن. ھيوميوپيٿ ۾ تھ آپريشن جي بھ ضرورت نھ پوندي آھي ۽ ٻن ٽن گورين ۾ ئي مريض نوبنو ٿي ويندو آھي. مريض کي يقين ڏيارڻ لاءِ ٻن ٽن مريضن جا مثال بھ ڏبا آھن. مريض اھا سھڻي صلاح مڃي، پنھنجو بيڊ ٻين مريضن لاءِ خالي ڪري ويندو آھي. پوءِ پنھنجي گھر مرندو آھي تھ سڪون سان مرندو آھي ۽ ٻين مريضن تي بھ ڪو اثر نھ پوندو آھي. اھڙي طرح ھن اسپتال ۾ ھزارين مريض علاج ڪرائيندا آھن ۽ جيئرا جاڳندا ڊسچارج ٿيندا آھن، پر ڪڏھن ڪڏھن ڪي مريض پنھنجي ڊاڪٽرن ۽ نرسن سان بھ ائين ڌوڪو ڪري ويندا آھن، جيئن وارڊ ڏھين جي مريض ڪيو ھو. ان رات سسٽر رضيھ جي ڊيوٽي ھئي. ھوءَ نائين بجي وارو رائونڊ بھ ھڻي آئي. ھو خوش، چڱو ڀلو ستو پيو ھو. نبض ٺيڪ، بخار ڪونھ. ان رائونڊ کان پوءِ ھن وچ ۾ ٻيو ڪو رائونڊ نھ ھنيو. صبح جو پال ڊيوٽي سنڀالي تھ مريض بنڊ جيان پيو ھو. اھڙو بيگانو موت ڏسي پال جون نيريون اکيون نير ڇڏڻ لڳيون.

سڄي ڳالھھ ٻڌائي وري سڏڪن ۾ پئجي وئي. مان کيس سمجھايو: ”پال، ايترين ڳالھين تي روئيندينءَ تھ سڄي عمر پئي ڳوڙھا ڳاڙيندينءَ، موت تي ميار تھ ڪونھي.“

”پر سسٽر ھھڙو موت جو مرڻ وقت ڪو اکيون نھ وٺي ڪو عضوو نھ ٺاھي، ڪو قرآن نھ پڙھي، ڪو بائبل نھ بخشائي. او خداوند! تون رحم ڪر.“ ائين چئي ھوءَ نرڙ ۽ ٻنھي ڪلھن کي جھلي صليب ٺاھڻ لڳي.

”رضيھ ڪاڏي وئي ھئي؟“

”ھن تھ الائي ڪاٿي پئي ڌوڙ پاتي، پر ڪنھن ٻيءَ بھ رائونڊ نھ ھنيو!“

”ٻي پرائي وارڊ جو ڇو ھڻي؟“

”پر ھتي ائين ڇو آھي؟“

”اھو ضروري آھي، فرض کي چڱيءَ طرح نباھڻ لاءِ.“ مون کيس سمجھايو.

”ڀلا رضيھ تي ڪو ائڪشن کڻندا؟“

”ڇو، ھن ڪا غلط دوا ڏني؟“

”پر کين رحم ئي ڪونھ ايندو اھڙي موت تي؟“

مون سمجھيو تھ ھوءَ ھانءِ جي ڏاڍي ڪونئري ھئي ۽ کيس باقاعدي سمجھائڻ جي ضرورت ھئي. مان پال کي ڳراٽڙي پائي چيو: ”پال، سياڻي ٿي ۽ سمجھڻ جي ڪوشس ڪر. ھتي گھڻا مريض شفاياب ٿين ٿا تھ ڪجھھ مري بھ وڃن ٿا. ھڪ ھڪ مردي تي ويھي روئون تھ ڪو ڪم ٺھندو؟“

ھن ڪو جواب ڏيڻ گھريو، پر مان کيس اشاري سان روڪي وري پنھنجي ڳالھھ شروع ڪئي: ”ڪاسائي روز ٿا جانور ڪھن ۽ ماس وڍين ٽڪين، پر ھنن کي سيسراٽي ڪانھ ايندي آھي، ڇو تھ اھو ھنن جو ڌنڌو آھي ۽ موت ۽ حيات ھنن لاءِ نارمل ڳالھھ آھي.“

مان مثال ڏنو پر پڇتايم پوءِ، جو ھن منھنجي مثال جي پڪڙ ڪئي ۽ چيو: ”چئبو تھ ڊاڪٽر ۽ ڪاسائي ھڪڙي ڳالھھ آھن؟“

”مان تھ ڇڙو مثال ڏنو، ان کي ھروڀرو ڇڪ تھ نھ!“

پر منھنجي ڳالھھ جو مٿس ڪو اثر نھ پيو. ڏٺم تھ سندس اکيون، سانوڻ جي مند ۾ نديءَ وانگر اٿلي پيون ۽ ڳوڙھا جھر جھر ڪري وھڻ لڳا.

ھن اسپتال ۾ ڪي مريض اھڙا بھ داخل ٿيندا آھن، جن پيار جي ڇانو ۾ ڪي گھڙيون ڪونھ گھاريون آھن ۽ ڪي اھڙا بھ ايندا آھن، جي ڪنھن ناڪام پيار جي چوٽ کاڌل ھوندا آھن. ھن اسپتال ۾ ٻھ ٽي ڏينھن رھڻ کان پوءِ کين ڪا نھ ڪا ڀوري، سانوري ۽ بانوري نرس وڻڻ لڳندي آھي. ھو سندس انتظار ۾ اکيون وڇايو ويٺا ھوندا آھن ۽ سندن ڪن پنھنجي نرس جي سھڻن پيرن جي کڙڪي ٻڌڻ لاءِ آتا ھوندا آھن. ھو اندر ايندي آھي، سندن ويڻي کي پنھنجي سنھين آڱرين ۾ جھلي پلس ڏسندي آھي، سندن ميرا ڪپڙا بدلائي اڇا اجرا ڪپڙا پارائيندي آھي، سندن مر لڳل جسمن کي گرم پاڻي سان ڌوئي، اجرو ڪندي آھي. ان وچ ۾ ھوءَ ساڻن ڳالھيون بھ ڪندي آھي ۽ رکي رکي ھلڪا ھلڪا ٽھڪڙا بھ ڏيندي آھي. پوءِ ان ٿوري گھڻي گھاٽائپ کان پوءِ ڪڏھن ڪڏھن، ڪنھن مريض کي سندس جدائي ڏکي لڳندي آھي ۽ ھو ساڻس پيار ڪرڻ لڳندو آھي. ھو ڪو موقعو تاڙي پنھنجيون بيمار ۽ اداس اکيون ڏانھس کڻي، سڪل چپن کي زبان سان آلو ڪري، پنھنجي پيار جو اظھار بھ ڪندو آھي. وارڊ نمبر 12 ۾ رھندڙ ھڪ دل جي مريض بھ پال کي ڏسي، پنھنجي سرءُ جھڙي پيلي رنگ ۾ بھار جا جھوٽا محسوس ڪيا ھئا. ھڪڙي ڏينھن جڏھن پال کيس شيو ڪري، اسفنج ھڻي، اڇو اجرو ڪيو ھو، تڏھن ھن کيس چيو ھو: ”نرس، تون ڏاڍي سھڻي ۽ مھربان آھين.“

”ٿئنڪس مسٽر نذير.“ پال ان قدرداني تي مرڪي چوڻ لڳي.

”پال، تنھنجي ڪيتري ڊيوٽي آ روز؟“

”اٺ ڪلاڪ.“

”تون ايندي آھين تھ مان خوشيءَ سان دوا پيئندو آھيان، پر تون ڪونھ ھوندي آھين تھ دل چوندي آھي تھ گوريون وٺڻ بدران لڪائي رکندو وڃان ۽ جڏھن تون اچين تھ سڀ تنھنجي ھٿن سان وٺان.“

”ائين تھ فائدي بدران الٽو نقصان پھچندو.“ پال گھٻراھٽ ڏيکاري چيو.

”واقعي ائين تھ مان مري ويندس ۽ مان ھاڻي مرڻ نٿو گھران.“

وري ھڪ ڏينھن جڏھن ھوءَ شيشي جي ننڍڙي گلاس ۾ ھڪ اڇي دوا کڻي کيس پيارڻ وئي تھ نذير منھن گھنڊائي چيو:

”اڇاڻ، اڇاڻ! اڇا بسترا، اڇيون گوريون، اڇي دوا ۽ اڇي يونيفارم ڏسي مان ڪڪ ٿي پيو آھيان. تون ھن يونيفارم کان سواءِ ٻيو لباس بھ پائيندي آھين؟“

”ھا نذير، مان ساڙھي بھ پائيندي آھيان.“

”رنگين ساڙھيون؟“

”ھا رنگين ساڙھيون – پنڪ، آرينج، ليمن، سڀ رنگ.“ پال ڏانھس دوا جو گلاس وڌائيندي چيو.

”پليز، ڪڏھن تھ ڪا رنگين ساڙھي پائي اچ.“ ھن ھڪ ڳيت ۾ دوا پي چيو.

”ڊيوٽيءَ واري وقت تھ ڏاڍو مشڪل آ.“ پال نٽائڻ چاھيو.

”ڀلي ڊيوٽيءَ کان پوءِ ئي، پر مون کي ساڙھي پائي ضرور ڏيکار.“

”ڪوشش ڪنديس، پر پرامز نٿي ڪري سگھان.“

”نھ پرامز ڪر.“

”چڱو ڀلا پرامز.“

ستت ئي ھڪ شام جو ليمن جارجٽ جي ساڙھي پائي ۽ وڏو ڪارو پرس ٻانھن ۾ وجھي، وڃي سندس سامھون بيٺي. ھو کيس ٻئي لباس ۾ ڏسي خوش ٿي ويو ۽ کيس چڱيءَ طرح ڏسڻ لڳو: ”پال، گاڊ ابئو. توکي ھي ڪپڙا ڏاڍا ٺھن ٿا. تنھنجي سونھن نکري پئي آھي. توکي ھر رنگ ٺھندو.“

”ھون!“ پال ائين عجب کائڻ لڳي ڄڻ کيس خبر ئي ڪانھ ھجي.

”ھا ھا، توکي ھر لباس، ھر رنگ ٺھندو.“

”پوءِ تھ مان رنگين ڪپڙا پائينديس.“

نذير ڪنڌ ھيٺ ڪري ڪنھن سوچ ۾ پئجي ويو ۽ جھٽ کن رکي، چوڻ لڳو: ”پال، ھڪ ڳالھھ ٻڌايانءِ؟“

”ٻڌاءِ.“

”پال، مان ڀانيان ٿو تھ توسان پيار ٿي ويو اٿم ۽ پيار بھ روز بروز وڌون وڌ.“

پال ٿورو گھٻرائجي وئي پر يڪدم پاڻ تي قابو پائي چوڻ لڳي:

”ريلئي؟“

”ھا پال، اھو ڪوڙ نھ اٿئي.“

”اھا تھ منھنجي خوش قسمتي آھي نذير.“ پال ٿورو سوچي چيو.

”سچ؟“

”سچ.“

نذير اھو جواب ٻڌي وڏو ساھ کنيو، ڄڻ سندس سيني مان ڪو وڏو بار لھي ويو. ھن پال کي پيار سان نھاريندي چيو: ”تون ۽ مان شادي ڪنداسون.“

”ممي جو اعتراض ڪري تھ؟“

”مان پاڻھي ممي کي راضي ڪندس. کيس ايلاز بھ ڪندس ۽ پيرين بھ پوندس. ھوءَ اھڙي نامھربان نھ ٿيندي.“

”پوءِ تھ ٺيڪ آ، پر ھاڻي تون آرام ڪر.“

”نھ تھ مون کي ننڊ ڪانھ ايندي.“ نذير ضد ڪرڻ لڳو.

”تون ننڊ نھ ڪندين تھ مان توسان عمر نھ ڳالھائينديس.“

”چڱو مان ننڊ ڪيان ٿو پر پھريون مون کي ڪس ڪر.“

پال ان خواھش تي گھٻرائجي وئي. پر جلد ئي ھن پاڻ سنڀالي نذير جي پيشاني تي پنھنجا چپ رکيا. سندس چپن جي ڇھاءُ سان ئي نذير جون اکيون ٻوٽجي ويون ۽ ھن ننڊاکڙي آواز ۾ چيو: ”تون ھاڻي ڀلي وڃ، مون کي ننڊ ٿي اچي.“

پال مون کي اھي احوال ڏنا تھ مان حيران ٿي ويس. ھوءَ مون کي سمجھائيندي چوڻ لڳي: ”ڏس نھ، اسان کي مريضن جي ڪيڏي نھ خدمت ڪرڻي ٿي پوي. کين ڌوئاريون ٿا، وھنجاريون ٿا، پر سندن فضول وار بھ صاف ٿا ڪيون. اتي جي دل رکڻ لاءِ کين ڪس بھ ڏيون تھ ڪھڙو عيب، مقصد تھ ساڳيو آھي.“

مون ڪجھھ ڪين ڪڇيو، مون کي ماٺ ۾ ڏسي چيائين: ”توکي ڳالھھ نھ وڻي ڇا؟“

مان کيس ڳراٽڙي پائي چيو: ”نھ نھ، تون بلڪل ٺيڪ ڪيو، پر جي کيس حد کان ٽپندو ڏسين تھ مون کي ٻڌائجانءِ.“

”گھڻو ڪري تھ تنھنجي ضرورت ڪانھ پوندي.“ پال مشڪندي چيو.

ھن اسپتال ۾ نرسن جون ٽي شفٽون آھن ۽ پيون بدلبيون آھن. جيڪي نرسون صبح جو ڊيوٽي ڏينديون آھن، سي وري منجھند جو ڏينديون آھن. منجھند واريون ڦري وري رات جو ڏينديون آھن. ڊاڪٽرن جون ڊيوٽيون بھ ائين پيون ڦرنديون آھن. ڊاڪٽر سڄي رات ڪونھ ويھندا آھن، پر ٿورڙي گھڙي ويھي ھليا ويندا آھن. گھڻو ڪري سندن ضرورت ڪانھ پوندي آھي، پر جي ضرورت پوندي آھي تھ کين گھرائي وٺندا آھيون. ان رات جڏھن ڊاڪٽر ناصر مون کي ٻڌائي پڪچر ڏسڻ ھليو ويو، تڏھن ڪا غير معمولي ڳالھھ ڪانھ ھئي. سڀ مريض فرنا ستا پيا ھئا، پر پال تڏھن بھ چڙي ويئي ۽ مون کي چيائين: ”تو اھو ڪم چڱو نھ ڪيو.“

”پر اھا نئين ڳالھھ تھ ڪونھي. مان کيس ڪھڙو جواب ڏيان ھا؟“

”پر جي ڪجھھ ٿي پئي تھ اسان ٻھ ڄڻيون ڇا ڪري سگھنديون سين؟“

”ڪجھھ ڪونھ ٿيندو، اڍائي ڪلاڪن جي تھ ڳالھھ آھي.“

”اڍائي ڪلاڪ تھ وڏا آھن، ھتي تھ منٽن ۾ بھ ڪجھھ ٿي سگھي ٿو.“

”اھا تھ وائي نھ ڪڍ، خدا سڀني جو نگھبان آھي.“

خدا جو نالو ٻڌي کيس آٿت اچي ويو ۽ چوڻ لڳي: ”بيشڪ ھو سڀني جو نگھبان آھي.“

”چڱو تون ھاڻي رائونڊ ھڻي آءُ تھ مان تنھنجي لاءِ فرسٽ ڪلاس چانھھ ٺاھيان، پوءِ گڏجي پيئنداسون.“

”او گڊ!“ ھوءَ خوش خوش رائونڊ تي ويئي.

روم کان ٻاھر نڪتي تھ ڊگھي ڪاريڊور ۾ سندس ھلڻ جو سريلو آواز منھنجي ڪنن ۾ وڄندو رھيو. مان ٻن ڪوپن جو پاڻي اسٽوو تي رکيو، ڪوپ ڌوئي ٽيبل تي رکيم. ڪٽليءَ ۾ پاڻي اٻرڻ لڳو تھ ان کي لاھي اڃا رکيو ھوم جو ڪاريڊور ۾ اگھاڙي پيرين ڀڄڻ جو آواز آيو. مان ٻاھر نھارڻ لاءِ وڌيس جو ھوءَ در وٽ اچي پھتي. کڙڪيءَ کان ٻئي پادر لاھي ھٿ ۾ جھليا ھئائين، سھڪندي چوڻ لڳي: ”جنھن ڳالھھ جو ڀؤ ھو، سا نيٺ ٿي.“

”ھان خير آھي؟“ منھنجيون وايون بتال ٿي ويون.

”خير وري ڪھڙو، نذير وارڊ ٻارھين وارو......“

مون کيس ڳالھھ ئي پوري ڪرڻ ڪانھ ڏني ۽ تڪڙي وڃي روم ٻارھين وٽ پھتس. ڏٺم تھ نذير موت ۽ حيات جي ٻواٽي تي، دم پھر لاءِ بيٺو ھو. ھن دم جي مريضن وانگر وڏي تڪليف سان پئي ساھ کنيو. مان سندس ھٿ پير ڇھيا تھ برف جھڙا ٿڌا، نبض ڏٺم تھ ٻھ ڌڪ ھڻي ٽيون ڌڪ نھ ھڻڻ جھڙو پئي ھنيائين ۽ اھڙي سست پئي ھلي ڄڻ اجھو بيٺي اجھو بيٺي. مون ڪوريمن جي شيشي کڻي ٻٽي ڦڙا مريض جي وات ۾ وڌا ۽ پال کي چيم: ”ڊاڪٽر ضرور اچڻ گھرجي.“

”فون ڪيونس، ڪھڙي سئنيما ۾ ھوندو؟“

”الائي.“

”پوءِ...... پوءِ........؟“ ھوءَ گھٻرائجي ھٻڪڻ لڳي.

”ھاڻي ماٺ ڪري ويھي رھ.“

”يعني تھ.....؟“

”منھنجو مطلب آھي تھ ڊاڪٽر ناصر ڄاڻ آيو.“

”ان جي اچڻ ۾ تھ اڃا ڏيڍ ڪلاڪ کن آھي، او گاڊ! ائين ڪين ٿيندو!“

ھوءَ روئڻھارڪي ٿي ويئي.

مون ڪو جواب ڪونھ ڏنو، ھن وري روئڻھارڪي لھجي ۾ چيو:

”ڊاڪٽر آفتاب کي ڇو نھ ٿي سڏين؟ ھو بھ ڪمپائونڊ اندر رھندو آھي!“

”ھو اچي الائي نھ، ھن جي ڊيوٽي ڪونھي.“

”ڊيوٽي، ڊيوٽي! واٽ اي نان سنس!“ ھن ڪاوڙجي چيو، پر وري منھنجي کاڏي کي جھلي ايلاز ڪري چيائين: ”تون فون تھ ڪرينس.“

”مون کي فون ڪرڻ ۾ ڇاھي، پر پال، ھو ڪونھ ايندو.“

ان سمجھائڻ باوجود ھوءَ مون کي ٻانھن کان وٺي ڊيوٽي روم ڏانھن گھلي وئي. مون ڊاڪٽر جو نمبر ڊائل ڪيو. گھنٽي ڳپل مھل وڄندي رھي ۽ پوءِ رسيور کڄيو. مون آواز سڃاڻي چيو: ”ڊاڪٽر، سر، مان ليلا ٿي ڳالھايان ڊيوٽي روم مان. ھڪ مريض کي ھارٽ اٽئڪ ٿيو آھي، اوھان مھرباني ڪري اچي سگھندؤ؟“

”پر اڄ تھ منھنجي ڊيوٽي ڪونھي، ڊاڪٽر ناصر ڪونھي ڇا؟“

”سر، ھو پندرھن منٽ اڳ تھ ھتي ھو پر ھينئر تھ شايد ھيٺ لھي ويو آھي، اوھان ئي مھرباني ڪيو.“

”اتي ئي ھوندو، کيس ڳولي وٺ.“ ھن خار ۾ ٺپ ڪري رسيور رکيو.

مان رسيور رکي پال ڏي منھن ڪري چيو: ”ڏٺئي، اجايو مون کي خراب ڪيئي.“

”پر ھن کي تھ ضرور اچڻ گھرجي، ھتي ڪنھن جي حياتي جو سوال آھي.“

”مان تھ کيس وس ڪيو، ٻيو ڇا ڪيان؟“

”پوءِ مان ٿي پاڻ وڃانس.“

”نھ نھ، تون نھ وڃينس، تو سان چڙيل آ.“

”مان ويندس ۽ کيس ضروري وٺي ايندس.“

ھوءَ ڀڄندي ھلي وئي. مون سندس لھڻ جو آواز ٻڌو. ھن ھڪ ھڪ وک ۾ ٻھ ٻھ ڏاڪا پئي ٽپيا، تانجو آخري ڏاڪي ٽپن جو وري سنئين سڌي فرش تي ڀڄڻ جو آواز آيو. مان مريض وٽ اچي سندس نبض ڏٺم تھ اھا ٿوري سڌري ھلي ھئي. مان وري ڊيوٽي روم ۾ اچي ضروري انجيڪشن، سرنج، بلڊ پريشر انسٽرويومينٽ، اسٽيٿسڪوپ کڻي ٽيبل تي رکيا ۽ وري ڪاريڊور جي پرين ڇيڙي تي پيل آڪسيجن پلانٽ گھلڻ شروع ڪيم. پلانٽ ڪافي ڳورو ھو ۽ رھندو ان جي اسٽينڊ جو ھڪ ڦيٿو ڀڳل ھو، سو مشڪل سان پئي رڙھيو. ان کي مس مس گھلي اچي روم جي ٻاھران بيھاريم. ٿڪ پٽي واچ ڏانھن نھاريم تھ پنجويھھ منٽ گذري ويا ھئا. ڊاڪٽر جو ڪوارٽر ڪمپائونڊ اندر ھو ۽ وڌ ۾ وڌ پنجن ڇھن منٽن جو مفاصلو ھو. ان حساب سان تھ ڳپل وقت گذري ويو ھو، پر پھريون تھ ڊاڪٽر در ئي نھ کوليو ھوندو، مس مس کوليو ھوندائين، اچڻ کان انڪار ڪيو ھوندائين، پر وري سندس ايلازن تي مس مس مڃيو ھوندائين. منھن تي پاڻي جو ڇنڊو ھڻندو، ڪپڙا بدلائيندو ۽ اتي تھ ڳپل دير ٿين لازمي ھئي. البتھ جي ھو اچڻ واري نھ ڪري ھا تھ پال جيڪر موٽي بھ اچي ھا. اھي ئي ڳالھيون پئي سوچيم تھ فون جي گھنٽي وڳي. رسيور کنيم تھ ڊاڪٽر آفتاب جو آواز سڃاتم؛ ھن پڇيو: ”مريش جي پلس ڪيئن آ؟“

”ھينئر ٿوري سڌريل آ سر.“

”گڊ، چڱو تون کيس سئي ھڻ ۽ آڪسيجن ڏي. مان منٽن ۾ ٿو پھچان.“ مان سرنج ڀري مريض کي سئي ھنئي ۽ وري آڪسيجن پلانٽ کي چيڪ ڪري، ان جي رٻڙ جي ٽيوب مريض جي نڪ ۾ لنگھائي، ان کي پلاسٽر سان قابو ڪيم. ان ڪم مان واندي ٿي واچ ڏانھن نھاريم تھ پال کي وئي پورو ڪلاڪ ٿي ويو ھو ۽ اڃا ڊاڪٽر ڪونھ آيو ھو. مان ڪمري کان ٻاھر نڪري ڪنايو. ڪاريدور ۾ ڪو آواز ڪونھ ھو ۽ ڏاڪڻ ۾ اچڻ جو کڙڪو ڪونھ ھو. ٿوري دير اتي انتظار ڪري، اڳتي وڃي ورانڊي مان ڪمپائونڊ ڏانھن نھاريم تھ ڏٺم ڊاڪٽر آفتاب بئگ لوڏيندي، سيٽيون وڄائيندو اچي رھيو ھو. سندس پويان ٿورو پرتي ٻيو بھ پاڇو ھو، جو شايد پال جو ھو. ڊاڪٽر اچڻ سان مريض جي دل نبض تپاسي ۽ خوش ٿي مون کي شابس ڏيندي چيائين: ”گڊ ورڪ سسٽر.“

پنھنجي ڪم جي تعريف ٻڌي مون کي خوشي ٿي ۽ مان آڪسيجن پلانٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيو:

”آڪسيجن بھ چيڪ ڪيو نھ سر؟“

”بلڪل ٺيڪ آ، ھاڻي بتي وسائي ڇڏ.“

”آڪسيجن سڄي رات ھلي سر؟“

”نھ نھ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ڪڍي ڇڏجانءِ.“

ڊاڪٽر کي ڏاڪڻ وٽ ڇڏي پوئتي موٽيس تھ اوچتو منھنجي نظر پال تي پئجي وئي. ھوءَ وارڊ نمبر ٻارھين وٽ ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺي ھئي. ھن جو منھن پيلو پيلوم، چپ سڪل سڪل ڄڻ رت ھجيس ئي ڪونھ – الائي ڇو ھوءَ مون کي ان ڪنول جيان لڳي، جنھن جي ھيٺان بيٺل سيتل ڍنڍ جو پاڻي سڪي وڃي ۽ اھو لوساٽجي ويو ھجي. جيئن کيس ويجھو ڏٺم، تيئن منھنجون اکيون ڪنھن خوف کان ڦوٽارجي ويون. مون کي پاڻ ڏانھن گھوريندو ڏسي پڇڻ لڳي: ”ليلا، نذير بچندو نھ؟“ مان محسوس ڪيو تھ ھن اھو سوال منھنجي ڌيان ڦيرائڻ لاءِ ڪيو ھو. مان کيس ان ڳالھھ جو ڪو جواب نھ ڏنو، رھندو کيس ڌونڌاڙي پڇيم: ”ڪر خبر پال، ايتري دير ڇو ڪيئي؟“

ھوءَ ٿورو کلي، پر ھڪ ڦڪي کل. ذري گھٽ روئڻ جھڙي ۽ چيائين: ”شي شي، ڪنواريون ڇوڪريون اھڙيون ڳالھيون نھ پڇنديون آھن.“

”پر تون وئينءَ ڇو؟ تون وئينءَ ڇو؟“ کار ۽ ڏک ۾ پڇيم.

”منھنجي وڃڻ مان تھ فائدو پيو نھ، اڳتي جنھن وقت فون ڪنداسونس تنھن وقت ھليو ايندو. جي اعتبار نھ اچئي تھ کڻي ھاڻي جو ھاڻي فون ڪري، ڏس اچي ٿو نھ!.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com