سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :10

   

ڪافر

جنھن ڏينھن سيتل، اوڏ ۽ سندس گھر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو ھو، ان ڏينھن مسيت ۾ نماز تي ايترا تھ جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي تھ ڀرجي وئي، پر ٻاھر پڌر ۾ ٻھ ٽي صفون بيھجي ويون. ھن کان اڳ ايتري جماعت يا تھ عيدن تي ٿيندي ھئي، يا جڏھن ڪو سرندڙ ماڻھو پنھنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاھيندو ھو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام مولوي اميد عليءَ بھ ان ڳالھھ جي چڱي مشھوري ڪئي ھئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، ھن موقعي جو عيدن کان بھ وڌيڪ مبارڪ ھجڻ ثابت ڪيو ھئائين. ڳوٺ جا ماڻھو بھ ھرو ڀرو ايترا بي دين ڪونھ ھئا ۽ جنھن مڙس پڳ جو ور ورايو ھو، سو اچي حاضر ٿيو ھو. مولوي صاحب پان بھ ھن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو ھو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي ھرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ ھٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنھن جي ھيٺين ڇيڙي ۾ لوھي ڪلي لڳل ھئي ۽ جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي ھئائين، جيئن دين جو جھنڊو کوڙيو ھجيس. ان ڏينھن ھن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو ھو، سو بھ نئون ھو. ھو جڏھن آيتون پڙھي سنڌي ابيات جي ان حصي تي پھتو، جتي چئن اصحابن سڳورن جي ثنا ھئي:

پھريون يار ھو صديق اڪبر

ڀلارو ڀرجھلو صديق اڪبر

رفيق غار ھو صديق اڪبر

تنھن جي صفت ڪھڙي ڪريان

ٻيو يار عادل عمر ھو

سدائين ڪفار جو قاتل عمر ھو

شجاعت ۾ قوي ڪامل عمر ھو

تنھن جي صفت ڪھڙي ڪريان

نبي جو دادلو عثمان اعليٰ

جمع قرآن ڪيو عثمان اعليٰ

سخاوت جو صاحب عثمان اعليٰ

تنھن جي صفت ڪھڙي ڪريان

جياريو دين ۽ ايمان حيدر

پيغمبر تان سدا قربان حيدر

خدا واکاڻيو ھر آن حيدر

تنھن جي صفت ڪھڙي ڪريان

– تھ جماعتين جون اکيون اھڙا سريلا ابيات ٻڌي ٻوٽجي ويون ۽ ھر ڪنھن جي دل گھرڻ لڳي تھ اھو خطبو ھلندو رھي. فرض ۾ بھ مولوي صاحب ننڍين آيتن بجاءِ سورت الرحمان شروع ڪئي، جنھن ۾ ”فباي آلاءِ ربکما تکذبان“ جي تڪرار نماز ۾ وڌيڪ سواد پيدا ڪري ڇڏيو. نماز کان پوءِ مولوي صاحب ٿوري تقرير ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻھن کي اھڙي مبارڪ موقعي ۾ شريڪ ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. پوءِ ھڪ پنج – وقتي نمازيءَ کي موڪل سيتل ۽ سندس گھر واريءَ کي گھرايائين، جي غسل ڪرڻ کان پوءِ نون نڪورن ڪپڙن ۾ اوطاق ۾ ويھاريا ويا ھئا. جڏھن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏھن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو: ”بابا، تون ۽ مائي تلي دين محمدي قبول ڪرڻ گھرو ٿا؟“

”ھا مولبي صاحب.“

”پنھنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟“

”پنھنجي رجا سان، سائين.“

”تون بھ مائي ٽلي؟“

”ھا سائين.“ ھڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اھو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: ”ٻڌو ٿا برادران؟“

”ھا ٻڌون ٿا.“ گھڻن جماعتين جواب ڏنو.

مولوي صاحب اشھد آڱر ڇت ڏانھن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: ”اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ.“ ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: ”روزا بھ رکندين ۽ نماز بھ پنج وقت باجماعت پڙھندين؟“

”ھا سائين، روجا بھ رکندس ۽ نماز بھ پڙھندس.“

”سونھاري بھ شرعي حد تائين رکائيندين.“

”رکائيندس.“ سيتل صدق سان چيو.

اوچتو مولوي صاحب جي نظر سيتل جي ڪنن تي پئي، جن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيون ھيون. مولوي صاحب ھڪدم کيس چيو: ”اھي سونيون ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏي. اسلام ۾ مردن کي سون پائڻ حرام آھي.“

سيتل تڙ تڪڙ ۾ ڪيوٽيون لاھي مائي کي ڏنيو، جنھن اھي وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌيون. مولوي صاحب اڳلو سوال پڇيو:

”جوا نھ ليڏندين، دارون نھ پيئندين؟“

”نھ سائين.“

”مسلمانن وانگر ختنو بھ ڪرائيندين؟“

”ھا سائين.“ سيتل انھيءَ صدق سان چيو.

”جزاڪ الله، جزاڪ الله!“ مولوي صاحب کيس شابس ڏني. وڌيڪ ٻين سوالن پڇڻ جي بھ ضرورت نھ سمجھيائين ۽ کيس چيائين: ”ٿورو سري منھنجي ويجھو اچي ويھھ.“

سيتل رڙھي وڃي سندس ڀرسان ويٺو تھ مولوي صاحب کيس چيو: ”چؤ لا الــــٰـه.“

سيتل چڱيءَ طرح چئي نھ سگھيو ۽ چيائين: ”لائيلا.“

”ائين نھ، چؤ لا – الاھ.“ مولوي لفظ لفظ ھوريان ھوريان ائين چيو، جيئن کتابين کي پڙھائيندو ھو.

”لا – اِلاھ.“ سيتل چيو، ھن ڀيري برابر.

”اِ – لل – لاھ.“ مولوي صاحب اڳتي وڌيو.

”اِ – لل – لاھ.“

”م – حم – در.“

”م – حم – در.“

”رسول الله.“

”رسول الله.“

ھاڻي چڱيءَ طرح سڄو ڪلمو ائين پڙھ، جيئن مان پڙھان.“

”ھا سائين.“

چؤ: ”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“

”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“ سيتل چڱيءَ طرح چئي ويو. سڀ جماعتي ھڪ بي دين کي الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيندو ڏسي خوشيءَ ۾ پر ٿي ويا ۽ مولوي صاحب کي مبارڪ ڏئي وري سيتل کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ھڪ ديندار تھ تڪبير جو نعرو ھنيو، جنھن جو جواب جماعتين ايترو تھ زور سان ڏنو، جي ڪي گھڙيون مسيت جي قبائين ڇت ۽ ڀتيون، اھي اکر ورجائينديون رھيون. ان کان پوءِ مائي ٽليءَ کان بھ ساڳيءَ ريت ڪلمو پڙھايو ويو. ان کي بھ مبارڪون مليون. پوءِ مولوي صاحب سيتل ڏانھن منھن ڪري چيو:

”اڄ کان تنھنجو اسلامي نالو عبدالله ٿا رکون.“

”ھا سائين.“

وري مولوي صاحب ٽليءَ ڏانھن منھن ڪري چيو: ”۽ مائي، تنھنجو نالو فاطمه.“

”ھا سائين.“

ڪي جماعتي اٿڻ لڳا تھ مولوي صاحب کين ھٿ جي اشاري سان جھليو ۽ چيائين: ”ترسو، اڃا ھنن جو نڪاح پڙھڻو آھي.“ اھا ڳالھھ ٻڌي ھرڪو پنھنجي جاءِ تي ويھي رھيو. مولوي صاحب ٻنھي کان رضا پڇي، آمنت بالله پڙھڻ شروع ڪئي.

ھوڏانھن ڳوٺ جي ٻاھران اڏيل اوڏن جي پکن ۾ باگھيارو متل ھو. زائفن زنين جدا ٽولو ٺاھي پئي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڌاڙا گھوڙا ڪئي تھ مرد وري پنھنجي مکيءَ ڦڳڻ مل جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکيءَ ڦڳڻ مل بھ ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ سٿرن تي زور سان ھٿ ھڻي پئي ان ڳالھھ جو ارمان ڪيو. ھن کي پھرين پھرين اھا خبر پئي ھئي تھ ھن سيتل کي ايلاز منٿون ڪيون ھيون، گيتا جا واسطا وڌا ھئا ۽ آخر ۾ سڄي پنچائت جي سامھون پنھنجي مکيائپ جو ڪيسري رنگ جو پٽڪو بھ سندس پيرن تي رکيو ھو، پر سيتل کيس کلي ڀلو جواب ڏنو ھو ۽ چيو ھو: ”مکي، تون کڻي ڇا بھ ڪرين، مان مذھب ضرور مٽائيندس.“

”پر تون مذھب ڇو ٿو مٽائين؟“

”منھنجي مرضي.“

”نيٺ بھ؟“

اتي مس مس سيتل کليو ھو ۽ چيو ھئائين: ”مون کي پنھنجو مذھب نٿو وڻي.“

”گھوڙياري، توکي ڇو نٿو وڻي پنھنجو مذھب؟“

”چڱو مکي، ٻڌاءِ اسين ڪير آھيون؟“

”اسين ھندو آھيان.“

”ڀلا ھندو لاش چتا تي چاڙھيندا آھن، اسين ڇو پوريندا آھيون؟“

”اھا اسان جي رشم آھي.“

”چڱو اسان ڇيلو ڇو حلال ڪري کائيندا آھيون؟“

”اھا بھ اسان جي رشم آھي – ابن ڏاڏن کان.“

”پر اھي تھ مسلمانن جون رشمون آھن.“

”انھن جون بھ آھن تھ اسان جون بھ آھن.“

”پوءِ ڪيئن ٿو چئين تھ اسين ھندو آھيون؟“

”نھ تھ ڇا ھيون ڙي؟“

”اڌ ھندو اڌ مسلمان. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.“

مکي ڦڳڻ مل ان سوال ۾ لاجواب ٿي ويو، پر ھن ڳالھھ بدلائي چيو: ”کڻي ڇا بھ ھجون پر مذھب ڇو بدلايون؟“

”مون کي مسلمانڪو مذھب وڻي ٿو.“

”اسان جو مذھب ڪوڙو آ؟“

”ھا ڪوڙو آ.“ سيتل دليريءَ سان چيو ھو.

ان ڳالھھ تي پنچايت ۾ ويٺل اوڏن جي رت ڦري وئي. موتي ۽ ٻيا ٻٽي ڄڻا تھ کيس ٿڪ چنبي ھڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر مکيءَ ھٿ ٻڌي کين جھليو ۽ چيائين: ”پئنچو مارڻ ڪٽڻ مان ڪجھھ نھ ورندو. ھن کي مسلن تاويج پياريا آھن.“

اھا ڳالھھ سندن دل ۾ ائين کپي وئي، جيئن سندن تکي ڪوڏر آلي زمين ۾ کپي ويندي ھئي. مولوي برابر تعويذن لکڻ ۾ مشھور ھو ۽ پري پري کان سوالي پنڌ ڪري کانئس تعويذ لکرائي ويندا ھئا. اٿي بيٺل اوڏ پنھنجن پنھنجن جاين تي ويھي رھيا ۽ اھا ڪاوڙ حقي مان زور سان وزم ھڻي لاھڻ لڳا. مکي سڀني کي ماٺ ۾ ڏسي وري سيتل ڏانھن منھن ڪيو ۽ کانئس پڇيو: ”توکي مسلمانڪو مذھب ڇو ٿو وڻي؟“

”مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي کائن ٿا. اسان ھندن ۾ ڪي اوڏ تھ ڪي اوت، ڪي برھمڻ تھ ڪي کتري.“ مکيءَ کي ڪو جواب نھ سجھيو. اھا ڳالھھ تھ برابر ھئي تھ برھمڻ اڇوتن ۽ اوڏن کي پنھنجي ويجھو بھ اچڻ نھ ڏيندا آھن، ھڪ ٿالھي ۾ کارائڻ تھ پري رھيو. مسلمان تھ اھڙو ڪو ويڇو ئي نھ ڪن. اتي مکيءَ ٻي طرح ڍارو اڇليو:

”سيتل، تون مسلو ٿيندين تھ پوءِ اسان سان ڪو وسطو ڪونھ رھندءِ!“

”ڀلي نھ رھي.“

”اسين توکي پاڻ وٽ اچڻ بھ ڪونھ ڏينداسين، ولر وٽ بھ ڪونھ!“

مکيءَ سيتل کي دڙڪو ڏنو. ولر جي گھر واري سيتل جي سڳي ڀيڻ ھئي.

”ڀلي نھ اچڻ ڏجو. مان مسلمان ڀائرن سان اٿندس ويھندس. ڀيڻ بھ مئي سھايم.“

ھن مھل تائين مکيءَ ٿڌو پئي ڳالھايو. ھن کي پڪ ھئي تھ سيتل ڪٿي نھ ڪٿي کٽي پوندو ۽ سندس دام ۾ ڦاسي پوندو، پر ھن جو ڪنھن بھ ڳالھھ کي چخي نھ ڪئي ۽ ڀيڻ کي بھ جيئري ماري ڇڏيائين تھ مکيءَ کي جڪ اچي ويا. ٿورو گرم ٿي چيائين: ”ياد ڪجانءِ سيتل، گڏھن کي کڻي پنج سنجيون پارائي گھوڙن سان بيھاربو تھ بھ گڏھ ئي ھوندا، گھوڙا ڪونھ ٿيندا.“ پئنچايت جي اٿڻ کان پوءِ مکيءَ ولر کي سمجھايو ھو تھ سيتل کي پنھنجي منھن پٽڪا ميڙيون ڪري سمجھائيندو رھي، پر سيتل، ولر ۽ ڀيڻ جي ايلازن تي بھ ڪونھ مڙيو ۽ مولوي اميد علي سان ٻڌل موقع موجب، جمع جي ڀلاري ڏينھن، گھر واريءَ کي وٺي سڌو مسيت ۾ ويو ۽ ڪلمو پڙھيائين. پوئتان اوڏن ۾ باگھيارو متل ھو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاھي پنھنجي ٻولي ۾ پئي ڌاڙا گھوڙا ڪئي تھ مرد پنھنجي مکيءَ جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ ھئا. مکي ڦڳڻ مل بھ ڪڏھن ڪڏھن خار ۾ ٻئي ھٿ زور سان سٿرن تي ھڻي پئي ان ڳالھھ جو ارمان ڪيو.

مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سيتل ھڪدم بدلجي ويو. اڳئي ٻئي ٽئين ڏينھن ڏاڙھي ڪونھ ڪوڙائيندو ھو تھ آرام ئي ڪونھ ايندو ھوس، پر پوءِ باقاعدي سونھاري ڇڏي ڏنائين، جا روز بروز وڌندي سندس منھن جي نور کي جرڪائيندي پئي وئي. نماز ۾ ايندو تھ مولوي کان بھ اڳ ھو، پر جي دير ٿيندي ھيس تھ بھ ايتري جو مولوي بانگ ڏئي اڃا دڪيءَ تان لھندو ھو تھ سندس ھڪ پير مسيت جي در جي چائٺ ٽپندو ھو. مسيت جي سيوا، ٻھاري، نکن ويڙھڻ ۽ مٽين ڀرڻ ۾ بھ سڀني جماعتين کان اڳرو ھو. قرآن شريف پڙھڻ ۾ اھڙو شوق رکيائين جو مھيني ڏيڍ ۾ باب نامو پڄائي وڃي سيپارو شروع ڪيائين. پنھنجي گھر ۾ اسر جو ۽ سومھڻي جو وڏي سر سان پيو ذڪر ڪندو ھو. مطلب تھ خدا کيس اھڙي ھدايت ڏني ھئي، جو شل ساري جڳ جھان کي ڏئي. مولوي صاحب کي بھ اڳ ڪنھن بي دين کي مسلمان ڪرڻ جي سعادت نصيب ڪانھ ٿي ھئي، ان ڪري کيس پنھنجي آخرت جو توشو سمجھي ڏسي ڏسي پيو ٺرندو ھو ۽ آئي وئي سان ھن جي تعريف ڪندو ھو. ”ابا، ھي اسان جو عبدالله ڪنھن ڊگھي منزل نھ رسي تھ مون کي ڏٺي نھ کيڪارجو!“

ڪڏھن ڪڏھن مولوي صاحب ڪن بي نمازين کي خدا، رسول ۽ آخرت جا ڀو ڏيندو ھو ۽ ھن جو مثال ڏئي کين چوندو ھو: ”اڙي نماز پڙھو، دور ڪيو، نھ تھ قيامت جي ڏينھن ھي اوڏ توھان کي شڪي ڪندو.“ عبدالله جو نماز، صلوات ۽ درود ۾ شوق ڏسي مولوي صاحب کيس دلداري ڏيندو ھو ۽ چوندو ھو: ”عبدالله، نھ گھٻرائجانءِ. رب سائين تنھنجا سڀ گناھ معاف ڪندو. ڀلو ڀلو ڀاڻ ايندو آھي تھ ڀلو نھ چئبو آھي.“

عبدالله وري ان ڳالھھ تي عاجزي سان مولوي صاحب کي عرض ڪندو ھو تھ ھو خدا جي پيارن ٻانھن مان آھي، ان ڪري خدا جي درٻار ۾ عرض ڪري تھ سندس اڳيان گناھ معاف ٿين، قبر جي عذاب ۾ آساني ٿئي ۽ قيامت موچاري ٿئي. مولوي صاھب ھڪدم ھٿ کڻي دعا گھرندو ھو ۽ پھرين صلوات شريف ۽ ٻٽي آيتون پڙھي وڏي سر ۽ عاجزيءَ سان ھيءَ دعا پڙھندو ھو:

عرض سڻ عاصين اسان جو مصطفيٰ جي واسطي

ھٿ کڻڻ آھي شرم پر وس نھ توريءَ واھ ٻي

سوال سڻ صديق اڪبر دل صفا جي واسطي

سخت آ سرڪار تنھنجي اسان ڏوھي ٿا ڏڪون

فضل ڪر فاروق اعظم بي ريا جي واسطي

نفس واري جنگ ۾ تون اسان کي فتح بخش

حل ڪر مشڪل اسان جي مشڪل ڪشا جي واسطي

ان وچ ۾ عبدالله ھڪ ھڪ بند کان پوءِ آمين چوندو ويندو ھو ۽ سندس اکين مان ڳوڙھا ڳڙي ڳڙي سندس سونھاري ۾ جذب ٿيندا ويندا ھئا.

ھڪ ڏينھن ٽپھري جي نماز کان ٿورو اڳ ولر جو پٽ ٻاٻيھو وٽس ڀڄي اچي پھتو ۽ پنھنجي ماءُ جي بيماريءَ ۾ کيس ياد ڪرڻ جو ٻڌايائين. عبدالله کي اڳ ۾ ھن ھن جي واتان اھا خبر پئي ھئي، پر مکيءَ ڦڳڻ مل سان ڪيل فيصلي موجب ھو ڪونھ ويو ھو. ڀيڻ جي بيماريءَ جو ٻڌي ھن کي جھٻو تھ گھڻو آيو، پر ٻاٻيھي کي چيائين: ”مان اوڏانھن ڪونھ ھلندس، مکيءَ ڪاوڙ ڪندو. تون گاڏي تي ھيڏي کڻائي اچينس.“ ٻاٻيھي مامي جو اھو عذر ٻڌي کيس چيو: ”ماما، تون ان ڳالھھ جي ڳڻتي نھ ڪر. بابي مکي جي پيرن تي پٽڪو رکي تنھنجي ٿوري گھڙي کن لاءِ موڪل ورتي آھي.“

ان موڪل ملڻ کان پوءِ عبدالله کي ٻيو ڪھڙو اعتراض ھو. ھو ٻاٻيھي سان گڏجي اوڏانھن ھليو ويو.

ٽپھريءَ جي نماز تي جو مولوي صاحب عبدالله کي نھ ڏٺو تھ حيران ٿي ويو ۽ جماعتين کان پڇيائين. ھڪ جماعتي جنھن پري کان عبدالله کي ٻاٻيھي سان گڏ ويندي ڏٺو ھو، تنھن اھا ڳالھھ مولوي صاحب کي ٻڌائي. مولوي صاحب پريشان ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”کيس وڃڻ نھ گھربو ھو. جيتري دير ڪافرن جي صحبت ۾ ويھندو، سندس ايمان ۾ ڪتر پوندي. ڪو وڃي کيس وٺي اچي.“

مولوي صاحب جو حڪم ٻڌي فتح ناريجو اٿيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي وڃي اوڏن جي پکن وٽ پھتو. اتي لوڙھي جي ٻاھران بيھي سڏ ڪيائين: ”عبدالله، او عبدالله!“

مکي ڦڳڻ مل جو پکو لوڙھي جي ڀرسان ھو. ھن ان وقت ٻاھران آيل مزمانن سان چوپڙ راند پئي ڪئي. ھو سڏ ٻڌي اٿيو ۽ پکي کان ٻاھر نڪري فتح کان پڇيائين: ”ڇا ھي فتح؟“ ”اسان جو عبدالله توھان وٽ آيو آھي، ان کي مولوي ٿو سڏائي.“ مکيءَ کي ان ڳالھھ تي ٿوري چڙ آئي. عبدالله جو سندن ھڏ، رت، پت مان ھو ۽ جو سندن بکن ۾ ڄائو نپنو ھو، سو وري فتح وارن جو ٿي ويو ھو؛ پنھنجي بيمار ڀيڻ کي ڏسڻ آيو ھو تھ پوئتان ماڻھو ڀڳو آيو. مکيءَ شوخائيءَ سان پڇيو: ”عبدالله توھان جو آ فتح؟“

”ھا، اسان جو آ.“

”توھان ھن جا وارث آھيو؟“

”ھا، اسان جو مسلمان ڀاءُ آھي، اسين ھن جا وارث آھيون.“

ان وچ ۾ عبدالله کي بھ ڪنھن سڏ جو ٻڌايو ۽ ھو ڀيڻ جي پکي مان نڪري اچي وٽن بيھي رھيو. مکيءَ فتح کان پڇيو: ”چڱو فتح، ھڪ ڳالھھ ٻڌاءِ. سڀان جو ھي مري وڃي تھ جوڻس کي تھ لوڌي ڪڍندؤ نھ؟“

”ڇو لوڌي ڪڍنداسونس.“

”توھين مسلمان ساڻس نڪاح ڪندؤ.“

”جي مالڪياڻي راضي ھوندي تھ ان ۾ ڪو عيب ڪونھي.“

”گريان نھ ايندو؟“

”ڇو ايندي گريان مسلمان کان!“

عبدالله مکيءَ کي سوالن جوابن ۾ مئل ڏسي مشڪڻ لڳو. مکي ڦڳڻ مل کيس پاڻ تي کلندو ڏسي، پنھنجي دماغ کي ائين تڦوليو جيئن ھو راند ۾ ڪنھن جي ڳوٽ مارڻ لاءِ ڍاري کي گھڻي دير تائين کڙڪائي کڙڪائي گھربل داءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. اوچتو ھن پڇيو: ”چڱو فتح، جي جوڻس مري وڃي تھ کيس پاڻ وٽان پرڻائيندؤ؟“

مکيءَ جو سوال ٻڌي فتح جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو. سندس اکيون لال ٿي ويون. ھڪ خسيس اوڏ کيس گار ڏني ھئي، حالانڪ اوڏ کي خبر ھئي تھ ٻھراڙي ۾ ڪو پنھنجي ذات کان ٻاھر سنڱ نھ ڏيندو آھي. ناريجا ناريجن ۾ ڏيندا آھن تھ ڪلھوڙا ڪلھوڙن ۾ ڏيندا آھن. فتح ڪاوڙ مان مکيءَ کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”مکي، زبان سڀال. اڳتي حرف نھ ڪڇجانءِ نھ تھ.....“ پر مکي ھيسجڻ بجاءِ رھندو مرڪڻ لڳو ۽ فتح کي چيائين: ”اھو ڪھڙي قانون ۾ لکيل آھي جو توھان وٺندؤ باقي ڏيندؤ ڪونھ. توھان جي مذھب ۾ تھ سڀ مسلمان ڀائر آھن ۽ ڪو ويڇو ئي ڪونھي.“

”اھا اسان جي رسم آھي، ابن ڏاڏن کان.“ فتح ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو.

مکي ڦڳڻ مل پنھنجو گھربل داءُ وٺي مرڪيو. عبدالله جي منھن مان رت ڇڏي ويو. ھن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اکين جي الائي ڪھڙين ڪنڊن مان ڳوڙھا نڪتا، جن سندس ماڻڪيون آليون ڪري ڇڏيون. جيسين اھي ڳوڙھا ڇپرن ۽ پنبڻين جو بند ڀڃي ڳلن ڏانھن وڌن، ھو مکي جي چنبي ۾ چنبو ڏيئي، مسيت ڏانھن وڃڻ بجاءِ پنھنجي اباڻن پکن ڏي موٽيو.

ٻئي ڏينھن عبدالله پئنچايت ۾ ڏنڊ ڀري رکيل ڏاڙھي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گھاري ۾ وھنجي، پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب ”پاڪ“ ڪيو تھ ھوڏانھن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپھري جي نماز کان پوءِ، ھڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو: ”مولوي صاحب، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.“

ٻئي چيو: ”سائين گڏھ کي پنج سنجيون پارائي گھوڙن سان بيھاريو تھ ڪو گھوڙا ڪونھ ٿي پوندا!“

آخر ۾ مولوي اميد علي پنھنجي سونھاري کي ھٿ سان سنواريندي چيو: ”ھا ابا! سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com