ان بعد ٻوڙ جي پئسن کانسواءِ
اٺ آنا پنڌاڻي ۽ سير مان پاءُ گوشت پنهنجي لاءِ
تڳائي وٺندو هو. رهيو سوال وڌيل اگهه جو، سي پئسا
ته هئا ئي سندس کيسي ۾، جيڪڏهن ڪنهنجو نوڪر نه
ڀڄندو هو ۽ ڪجهه وقت جٽاءُ ڪندو هو ته گانگٽ
پنهنجا سڀ گُر هلائيندو هو. جن ۾ پهريون گُر ته ان
گهر جي گِلا سان شروع ڪندو هو، ۽ نوڪر کي چوندو هو
ته: ”آءٌ انهن جو رت آهيان پر هي اهڙا خنوص
(خنذير) آهن جو منهنجي ڏاڏيءَ جا جهومڪ ۽ دُهري به
کائي ويا! ابا توکان پهرين به هت گهڻئي آيا پر
هڪڙو ته مائي گاريال، سڄوڏينهن پئي وڙهسون ڪري ڪم
ته ابا ڪنهنجو وڻيس ئي ڪونه.“ ان بعد جلد گانگٽ
پنهنجو مٿيون چپ سڄائي ۽ منهن چٻو ڪري چوندو هو
”ابا جيڪو بدنصيب مهنو رهي نوڪري ڪري ته پگهارکان
آڱوٺو! هڪ نه ٻيو بهانو ڪري مائي چوندي ته: منهنجا
ٿانوَ چوري ٿي ويا ائين ڪري غريبان مار تي هري ويا
آهن“- نتيجي ۾ سنئون سڌو نوڪر ٻئي ڏينهن غائب ٿي
ويندو هو ۽ وري بار کڻن باري. اِهي ڳنڌڻ وٺڻ جا
بار سڀ گانگٽ ۽ سندس ساٿين مٿان. هٿن جون ٻُڪيون
ڏيئي ٻئي ڏينهن ساڌ ٿي چوندو هو: ”ماسي اِهي نوڪر
وڏا خُنوص اٿو هينئر وري جو ڀُٽي صاحب مزور ڀاءُ،
مزرو ڀاءُ ڪري مٿي تي چاڙهيو اٿن ته مالڪياڻيءَ کي
ٿُڪ ئي ڪونه هڻن!“
”ٿُڪون هڻن پاڻ کي ڳالهائين ڇا ٿو!!“
”ماسي مون توکي ٿورئي چيو، ڳالهه ڪئي زماني جي.
هڪڙو توهانجو ڪم ڪريون، وري مٿان سيٽ! وڃي ٻئي
ڪنهن کان گهرايو سودو.“ گانگٽ جو منهن وساڻيل
ڦوڪڻي وانگر ڍرڪي پيو ۽ چپ ذري گهٽ اچي گوڏن تي
پيس.
”ابا مون توکي ٿوروئي چيو.“ اتي ماسي سُسي وئي.
”چڱو ڀلا ڏينم پئسا ته وٺي اچان.“
پلي جڏهن ڀنگ سان گڏ شراب شروع ڪيو هو تڏهن کان سچ
پچ ته پاڙي لاءِ آزار پيدا ڪري ڇڏيو هئائين. سڄو
ڏينهن رڪشا تي گهمي، واپسيءَ مهل پاڙي ۾ مائٽن جي
هڪڙي گهر مان لنگهي ۽ سندس گهر جي ٻئي در يا دري
مان ٽپي وڃي پنهنجي اباڻي گهر نشي ۾ چور ٿي
کونگهرن ۾ پئجي ويندو هو ۽ رڪشا وارو ويچارو تنگ
ٿي جڏهن هارن وڄائڻ شروع ڪندو هو ته کڳو ۽ گانگٽ
اچي رڪشا واري جي نڙيءَ کان وٺندا هئا. ”اڙي شريفن
جي پاڙي ۾ ڇوٿو هارن وڄائين، اهل بيتن جي گهر جي
اڳيان! بي شرم آل رسول جو به خيال ڪونه ٿو پئيوَ.
پنج تن پاڪ جي اولاد، تنهنجي گهر جي اڳيان گستاخي،
تون ته ڪو يزيد جو اولاد آهين!!“ اڙي سائين مون
ڪهڙو گناهه ڪيو! چار ڪلاڪ ماڻهو کي رڪشا تي گهمايو
اٿم. ڪلاڪ هتي بيٺو آهيان، هينئر اجهو هن گهر ۾
گهڙي ويو آهي.“
”بي شرم! شريفن جي گهر ۾ ڪير گهڙي ويو؟ ڪتا،
تنهنجي ايڏي همت. ڪلاڪ ٿيو آهي شريفن جي پاڙي ۾
بيٺو آهين! هي ته ڪو گڏهه ٿو ڏسجي!“ گانگٽ رڪشا
واري کي گاريون ڏيندي آخر ۾ کڳي ڏي تڪيندي چيو.
”اڙي مردار تنهنجي اها مجال!“ کڳو به سِنگهه ڪڍي
ساڄو ٿيو. ٻنهي ڄڻن گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو. رڪشا
وارو وٺي ڀڳو، ان بعد ٻنهي وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو:
”يار، پلو آهي ته پنهنجو، پر ائين واجب ڪونه هئس.“
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن لال اکيون ڪري پلو ننڊ مان
اٿندو هو ته کيس ڄڻ يادگيري به ڪانه هوندي هئي ته
هن ڪنهن سان ويل وهايو هو.
ٽرن... ٽرن.. ٽن! ڪنهن يڪو ڊور بيل تي آڱر رکي
ڇڏي.
”ائي گلان! ڇوري اُٿ ڏس ڪير پيو ٽرڙائي ڪري.“ ڀورل
ماءُ ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي بيزاريءَ مان چيو. ”اِهو
مئا کڳا هوسي!“ گلان ٿانو ڌوئڻ اڌ ۾ ڇڏي اٿي در
ڏانهن وئي.
”جيجي، مائين اڳهين آکيا ته اِهو نپٽا کڳا هي. اٽا
منگڻ آيا هي اُڌارا.“ گلان واپس اچي چيو.
”ٻڌڻ ويو وسري لُڏڻ آيو ياد! شرم ئي ڪونهي ماڻهن
کي.“ ڀورل ماءُ چڙندي چيو. ”سوَ دفعا اُڌي کُٽي
ورتي اٿن، آءٌ ته واپسيءَ جو نالو ئي ڪونه وٺان
ڪهڙو مسڪينن کان وٺبو، پر تڏهن به سيٽ نٿا ڇڏين جو
اُڌار جو ٺپو لڳو اچي. وڃ ڏيئي اچينس ڪڻڪ داڻا.“
”جيجي مائين ڦڪي پيئي ٿيندي هان، ڪون ويسان، اڄ ول
مُڇان به ڪاليان ڪر کڙا هي، ڪيس وٺو ڪِتا هِس،
مئيڪون ڏيک کنگهڪار به ڪِتائين.“ گلان هٻڪندي چيو.
”اهڙو مڙس ٿي پيو آهي؛ آءٌ هڏ هڏ تي ڀڃرايانس، رڳو
سائين اچي. جيڪو جيو سو جيو.“ ڀورل ماءُ گلان کي
خوش ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ڪڻڪ جي هڙ کڻي در ڏانهن
وئي، کڳي کي ڏسندي ئي عجب مان چيائين:
”اڙي اَبا، ڇا ٿي ويو، تون معصوم ڪالهوڪو، جهڙو
کوپ ٿي ويو اٿئي وات! شيخون ڏندن جون نڪتيون پيون
اٿئي تنهن ۾ وري ڳاڙهو پان کاڌو اٿئي سو واڇن مان
پيو وهيئي! سڙيا شڪل ته ڏس، ڄڻ نور پيو لڳين.“
کڳي ڦڪي کل کلندي پنهنجون مير ڀريل ٽن منڊين
واريون آڱريون يڪدم ڏاٺن ۾ وجهندي وڏو وات ڦاڙي
وراڻيو: ”رڳو هي اڳو پوءِ نڪرن ته نوان ڏند
وجهرائيندس، نزلو ڇڏيئي ڪونه ٿو ان ڪري ڀڄي پيا.“
کڳي عمر جو الزام نزلي تي وڌو.
”پر ابا ڪو پڪو پوڙهو هجين ته به ٺهيو مس ٻاونجاهه
ٽيونجاهه جو هوندين. مونکان ڪو ٻه ٽي سال ننڍو
هوندين. پر تڏهن به منهنجو اولاد، ڇو ته منهنجا
رشتا وڏا- آءٌ اڃا ٻٽيهي کنيو ويٺي آهيان، تون
سرمي جي لپ پائي ڪِنا ڦسا ڏند کنيو بيٺو آهين، وڃي
سين سان ڏند ڪڍرائي.“
”جيجي هاڻي وڃي ٿو وجهرايان.“ ڏندن کي لوڏو ڏيندي
چيائين. ”غلام آهيون توهان جي در جا. بس اسان جي
پارت هجيئي.“ کڳي ٻئي هٿ جوڙيندي ڳالهه ڪئي ۽ ڪڻڪ
وٺي دعائون ڪندو اڳتي وڌي ويو.
”توبهن روح ڦيرائي ڇڏيو موئي.“ ڀورل ماءُ ٿُڪ
اڇلائيندي چيو، ”ٽڪرڀور تازو کاڌم، اهو به زهر ٿي
ويو!“
”جيجي تائين به ڪونه گهٽايا، ککر وچ وٺو کڙا
ماريئي. ڏندين دا حال ٻِٺينس پڇڻ!“ گلان مشڪندي
چيو.
”امان مون ته مارئي کي هيسائڻ لاءِ ائين ڪيو مونکي
ڪهڙي خبر ته مئو انڌي کوهه وانگر اونهو ۽ ڪارو وات
کولي پنهنجا ڀڳل ڪٽيل ڏند ڏيکاريندو.“
ڀورل ماءُ هڪ دفعو وري پٽ تي ٿڪ اڇلائيندي ڪٻٽ مان
ڦوٽا ڪڍڻ چٻاڙڻ لڳي.
گانگٽ جي بواسير جي پراڻي شڪايت اهڙو ته زور ورتو
جو رهيل سهيل رت به نچوڙجي ويس، اڃان انهيءَ
نامراد ’ڪشني‘ جو اثر باقي هئس جيڪو شاهه صاحب کي
زورن ڏيڻ مهل وجهه وٺي معجون سمجهندي هنجي پلنگ
جي سيرانديءَ کان تڳائي ورتو هئائين، جنهن کي
گذريل سياري ۾ شاهه صاحب سيوهڻ جي نامي گرامي حڪيم
کان سوين رپيا خرچ ڪري ٺهرايو هو. ڪشتو وري اهڙو
هو جو هوند مردو کائي ته هڪدم کڙو ٿي وڃي، پر
گانگٽ ڄاڻيءَ وانگر فرڙين سان ڀرجي ويو. سڄو شهر
جاچين، هيلٿ سينٽر ۽ جرمن هيلٿ سينٽر رلي رلي
اڳيون سوجهرو به وڃائي ويٺو.
ڪم ڪار کان ته اڳئي لاچار هو هن بيماري ته مرڳو کٽ
داخل ڪري وڌس. ليٽي ليٽي هيراڦيريءَ لاءِ نيون
اٽڪلون پيو سوچيندو هو؛ نه ته يادن جي ڄار ۾ پيو
تڙپندو ۽ ڦٿڪندو هو.
ڪڏهن اُهي به ڏينهن هئا جڏهن اوڙي پاڙي ۽ برادريءَ
جي سڀني نياڻين سياڻين کي سندس منهن نه پوڻ ڏبو
هو. ڄڻ هو کين کائي ٿي ويو. اتفاق سان جي کڻي ڪڏهن
گانگٽ جي مٿن نظر پئجي ويندي هئي ته شرم کان وٽجي
سٽجي ڳاڙهيون ٿي وينديون هيون، ساهه تکو کڄڻ لڳندو
هئن. هٿ پير ٺري ڄڻ برف ٿي ويندا هئن. ڀلا ايترن
ساريون جو کائنس شرمائينديون هيون ته ويچارو ڪو
فيصلو به نٿي ڪري سگهيو. ڪڏهن شاهوءَ تي ساهه
ڇڏيندو هو ڪڏهن ڪاشي سندس دل جو ٽڪر بڻجي ويندي
هئي ۽ ڪڏهن ڇڏيندو هو ڪڏهن ڪاشي سندس دل جو ٽڪر
بڻجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڀنڀئيءَ جو پڄاري بڻجي
ويندو هو، پر هاڻي ته سال گذري ويا، دنيا کيس خطري
جي حدن کان ٻاهر سمجهڻ لڳي هئي. سڀني کانئس شرمائڻ
ڇڏي ڏنو هو. ٻيو ته ٺهيو ڀنگياڻي لڇميءَ جي چُچي
سَس جيڪا صبح شام سندس اٽيج ، ڪاڪوس مان بالٽيون
ڀري کڻي ويندي هئي. سا به اکين ۾ اکيون وجهي ساڻس
ايئن ڳالهائيندي هئي ڄڻ هو ڪو اڳڙيءَ جو گُڏو هجي.
سندس مڱ حوا، جنهن کي سندس اچڻ جي خبر ٻڌي هسٽيريا
جو دورو پئجي ويندو هو ۽ ڏندڻجي ويندي هئي؛ سا به
سندس آڏو پنهنجي پوٽي کي پيرن تي ويهاري ڦِس ڦِس
ڪندي هئي، سندس حيثيت حوا جي اڳيان ڄڻ هڪ ڦِس،
بنجي رهجي وئي هئي.
اها حوائي ته هئي جنهن کي هن ٺڪرائيندي ماڻس کي
چيو هو ”مان دوريءَ واريءَ سان شادي نه ڪندس. جڏهن
ٻڌ تڏهن ڏند شيڪيو پئي آهي!“ ڪيترو نه غرور هئس
پنهنجو پاڻ تي. مڱڻو ٽوڙي جڏهن عاشيءَ سان نڪاح
ڪرڻ جو خيال ماڻس اڳيان ظاهر ڪيائين تڏهن ماڻس
اُمالڪ پنهنجو کنڊو وات کولي کنوڻ وانگر مٿانئس
ڪڙڪو ڪيو ”مئا ڇتو ٿيو آهين، ڀيڻ سان پرڻين! خبر
نه اٿئي ته عاشي تنهنجي ٿڃ شريڪ ڀيڻ آهي!“ انهي
اوچتي انڪشاف سندس اُميدن کي ڪفن پارائي ڇڏيو. هن
کان ٿڌو اونهو ساهه کڄي ويو. کيس اڳئين زماني جي
ڪراڙين تي ڪاوڙ اچڻ لڳي جيڪي هروڀرو ٿڃ پياري
رومينٽڪ رشتن جو ستياناس ڪنديون هيون. حوا سان
مڱڻو ٽوڙڻ کان پوءِ ڪنهن به کيس سڱ نه ڏنو جيڪا
ٿوري گهڻي گهوٽ ٿيڻ جي اميد هئس سا به ماءُ جي مرڻ
بعد ختم ٿي ويس ۽ اهو شهر ئي ڇڏي هليو ويو هو.
اهو ته قسمت جو لکيو هو جو ورهين کان پوءِ وري
پنهنجي اباڻي شهر موٽي آيو. هڪ بيماري ٻيو بک،
بيماريءَ کي ته گانگٽ ليکيندو ئي نه هو، پر بک
سندس برداشت کان ٻاهر هئي، جنهن کي وندرائڻ لاءِ
هو ڏاڍي ڳوڙهي ويچار سان سوچي رهيو هو. پنڻ جي
معبتر ڌنڌي ۾ اڄڪلهه چاڙهو ئي ڪونه هو. مهانگائي
ايتري ته وڌي وئي هئي جو خيرات ڏيندڙ سکيا ستابا
ماڻهو به سوچي رهيا هئا ته پنڻ شروع ڪري ڏجي پر ڪي
اڻٽر مجبوريون هيون جو هو کليو کلايو پلي ۽ گانگٽ
وانگر پني نٿي سگهيا باقي ذهني طرح ته هتي هر
ماڻهو پينو آهي. اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ نالو تري
آيو... شاهو...! ماسي شاهو!
”اڙي مار پوئي، ماسي ڪين؟“ هن کي پنهنجي ئي سوچ تي
ڪاوڙ اچڻ لڳي، هن کي پلي ته به ڪاوڙ اچڻ لڳي ته هو
سندس معذوريءَ جو ناجائز فائدو وٺي کيس نه فقط بي
وقتي ماني پهچائي ٿو پر تازا ۽ سوادي کاڌا واٽ تي
ئي هضم ڪيو ڇڏي.
شاهو، جا ڪڏهن سندس منظور نظر هئي ۽ هاڻ عاروءَ جي
ماءُ ٿي ويئي هئي تنهنجي باري ۾ هو رکي رکي سوچي
رهيو هو... پر ڇا؟ تنهن لاءِ کيس پلي جو انتظار
هو.
عاروءَ ماءُ هئي ته اصل ۾ دائي پر دنيا جو ڪوبه
اهڙو پيشو نه هو جو هن اختيار نه ڪيو هجي. شروع
کان ئي اوڙي پاڙي جي ڪم ڪار ۾ پاڻ کي هيري ڇڏيو
هئائين، ڪنهن گهر جا ٿانوَ، ڪنهنجي ٻهاري، ته
ڪنهنجا ڪپڙا، ڪٿان کاڌو مليو ڪٿان ڪپڙو، کيس مستقل
نوڪرياڻي جي ڇاپ لڳائي ڪنهن گهر جو پابند ٿيڻ نه
وڻندو هو. جڏهن کان عارو پرڻايو هئائين تڏهن کان
سڀ ڌنڌا ڇڏي رڳو ڍڳين ۽ مينهن پويان تغاري کنيون
انتظار ڀريون اکيون ڄمايو پئي ڦرندي هئي ته من ڪو
ڇيڻو لهي، عام طرح سان ڇيڻو تغاريءَ ۾ ئي لهندو هو
پر اتفاق سان جي اچي پٽ پيو ته جهٽ هڻي ورائي
تغاريءَ ۾ ڦهڪو ڪرائيندي هئي. هڪ ڀيري ڀورل ماءُ
جو اتان اچي لنگهي تنهن چادريءَ جو نقاب هٽائيندي
چيس: ”ڇو اچي بڇڙي ٿي آهين عاروءَ جي ماءُ ڪيترا
ڀيرا چيو اٿماءِ ته اچي مون وٽ فضيلت سان ڪم ڪر،
ڪپڙو لٽو، ماني ٽڪر پيو ملندئي عزت سان.“
”جي...! ڇا؟“ عارو ماءَ ڪن اڳتي ڪري پاڻ کي ڄڻ
ٻوڙو ظاهر ڪيو.
ڀورل ماءُ ساڳي ڳالهه ورجائي.
”ائي امان، چاڪ ئي ڪونه ٿي رهان، عارب ڇورو سڄو
سارو زال جو ٿي پيو- مون کي ته بنهه ليکي ئي ڪونه،
خرچ به ڪونه ڏينم، تڏهن ٿي اهي ڪم ڪريان، من چار
پئسا ٿي پون.“ هوءَ پنهنجا سور روئيندي اڻ پورو
جواب ڏيئي عادت مطابق گُڪي ٿي چنگهڻ لڳي.
”رن تڏهن ته چوانءِ ٿي ته اچي مون وٽ ويهه.“
”ائي امان ڇا ڪريان، لاچار ٿي پئي آهيان.“
”هونءَ سڄا شهر پئي لتاڙين، مونکي ڏسي سڀئي ڇٽا
لڳيو وڃنئي. ٻوڙي به ٿين ۽ جڏي به ٿيو پوين.“ ڀورل
ماءُ طعنو هنيس.
”ائي نه منهنجي مٺي! اها ڳالهه ئي ڪونهي، سنڌن جو
سور ڇڏيم ته ٿانيڪي ٿي ڪم ڪريان، هلڻ کان هلاخ ٿي
پئي آهيان، گوڏن جي سور وڃائي ڇڏيو اٿم.“ عاروءَ
ماءُ چنگهندي ۽ موڙا ڏيندي چيو.
”خدا جو تغاري مٿي تي کڻائي اٿئي ته پئي ڇائي
پاءِ!“ ڀورل ماءُ ڇڙ مان چادري هيٺ ڪري بڙ بڙ ڪندي
اڳتي وڌي وئي.
ڳالهين ئي ڳالهين ۾ مينهن گهڻو اڳتي نڪري وئي ۽
عاروءَ جي ماءُ وائڙي ٿي وي ڊوڙپاتي.
پنهنجي انهي پيشي ۾ هوءَ ايتري ته ماهر ليکي ويندي
هئي جو ڪنهن به مينهن يا ڳئون کي ڏسي اندازو لڳائي
وٺندي هئي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙي گهٽيءَ ۾ رستي ۾
ڇيڻو ٿيون ڏين!
مانيءَ جي مهل ناسون هڻي سُنگهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي
ته ڪنهنجي گهر ۾ ڇا رڌو آهي ۽ چڱي چوکي سوادي ٻوڙ
جي خوشبوءَ جو ڏور جهلي هو ان گهر ۾ گهڙي پوندي
هئي.
”ائي امان ڪنوار، ڇا ويٺي ڪرين؟“ ڪنوار کي چُلهه
وٽ ويٺل ڏسي به اجايو سوال کڙو ڪندي هئي ۽ وري پاڻ
مرادو ئي چوندي هئي: ”گوشت جو ٻوڙ چاڙهيو اٿئي!
ائي امان بيهه وڌا اٿئي ٻوڙ ۾؟“ آهستي آهستي رڙهي
رڌڻي جي چونٺ وٽ اچي لاپرواهي مان بهندي هئي.
نه ماسي عارو جي ماءُ ڪٿي ٿا ملن اڄڪلهه بيهه،
پٽاٽا پيا هئا سي کڻي وڌم-“ ڪنوار، ديڳڙي تي ڍڪ
ڏيندي وراڻيو.
”صدقي رب تان! ڪهڙي نه سٺي خشبون آهي. الله مرحيات
عارب جو پيءُ، پٽاٽن ۽ واڱڻن تي اصل ساهه ڏيندو
هو. سدائين چوندو هئم ته ڪڏهن ٿي پٽاٽن وارو ٻوڙ
کارائين!“ عارو ماءُ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. ”ويچارو
مئو به انهن پٽاٽن جي وگهي! اها نڀائي مُٺي ريح جي
تڪليف- ريح مُنجهي پئي جنهن وڃي هانءُ ورتس!“
هاڻي ته مهينا گذريو وڃن جو پٽاٽن وارو ٻوڙ اکين
به نٿو ڏسجي.“ عاروءَ ماءُ ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي ڄڻ
ڪن کڻايو. ظاهر آهي ته ايترو ڪجهه ٻڌڻ بعد کيس اک
ڏنڀاڻي ئي سهي ٻوڙ ڪيئن نه ملندو.
سڄي پاڙي کي خبر هئي ته جوانيءَ ۾ گانگٽ مٿس ساهه
ڇڏيندو هو. گانگٽ جي ٻيهر واپس اچڻ ڪري سندس هم
عمر ڪراڙيون ته ٺهيو ننڍيون به کيس ستائڻ لڳنديون
هيون.
”ائي عارو ماءُ، نڪاح ڇو نه ٿي ڪرين!“ شريفان کيس
چيو:
”ڪنهن سان ڪريان! مڙسهين سان کڻي ڪرائيم!“ هو
ڪاوڙجي پئي. ”گانگٽ سان ڇو نٿي ڪرين ويچارو اڃا به
صدقي صدقي به پيو ٿينئي، پيريءَ ۾ لٺ ملي پوندس.“
۽ جواب ۾ عارو ماءُ، گارين جو وسڪارو لاهي ڏيندي
هئي، اهڙيون گاريون، جو ماڻهو جون وايون بتال ٿي
وينديون هيون.
”ملي ته سهي... مڇون ته پٽيانس نه چئجانءِ!“ پر
گانگٽ جڏهن ٺڪر جي ڪونئري سوڌو رستي پنڌ ملي ويندو
هئس ته ماٺڙي ڪري پاسو وٺي لنگهي ويندي هئي.
گانگٽ کي پور پچائيندي پچائيندي ننڊ اچي وئي، ننڊ
وري ڪهڙي بلغم سندس ڇاتيءَ ۾ رستا ڪٽڻ واري انجڻ
وانگر پي هليو. گلي جون رڳون دم جي دوري جي ڪارڻ
ڌونڪڻي وانگر ڪڏهن ڦنڊيون ٿي، ڪڏهن سسي ٿي ويون،
مکين به وجهه ڏسي ڪوٺڙيءَ ۾ پيل گند ڪچري مان
هانوَ پلي زبان جو ذائقو بدلائڻ لاءِ مٿانس سرڙاٽ
ڪري هلڻ شروع ڪيو، ڪن سندس واڇن ۾ گڏ ٿيل پڪ تي
مارو ڪيو، ته ڪي وري سندس ڏرا ڏنل اکين جي کوپن ۾
گهڙڻ لڳيون. آخر ڪار مکين جي لڳاتار حملي کان ڪڪ
ٿي گانگٽ اٿي کڙو ٿيو. پلو به اوڏيءَ مهل پان جون
پچڪاريون اڇلائيندو اچي پهتو.
”يار ڏاڍا پان پيو کانئين، ڪهڙا حال آهن“ گانگٽ
مکين جي ڇڪتاڻ کي ويساري ڇڏيو جيڪي هاڻ پلي جو
معائنو ڪرڻ لاءِ سدنس واڇن تان هيٺ لهي آيون هيون.
ادا حال ٻال اشان غريبن جا ڪهڙا هوندا، مار پوي
ٻليءَ کي، ڪونڊو پيو آهي ڀڄي، هاڻي ٻه رپيا ڪٿان
آڻيان؟ ڀورل شائين به هاڻ پڪو ٿي پيو آهي پئشو به
نٿو ڏي!“
”ٻيلي منهنجي دماغ ۾ گهڻن ڏينهن کان هڪ ڳالهه پئي
ڦري!“
”ڪهڙي؟“ پلي اک جي تُنلي مان مک کي اڏائيندي پڇيو.
”اهائي جوڳيءَ واري.“ ساڳي مک گانگٽ جي واڇ تي اچي
ويٺي. جوڳي واري! پلي حيراني مان وات پٽيو. ”اڙي
ڪن هيڏانهن ڪر ته ٻڌايانءِ ڀتين کي به ڪن آهن.“
گانگٽ واڇ کي اوچتو ٽپو ڏياري، مُک اڏائيندي چيو ۽
پلي جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيائين.
”يار هي ته وري شوني مرغي آهي شونن آنن واري!“ پلي
جو منهن خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳو.
”مان نه چوندو هومانءِ“ گانگٽ ڦونڊجي ويو،
”بش يار، شڀاڻي پيو ڏش! ٻيڙائي پار!“
”موليٰ ئي موليٰ“
صبح سان عاروءَ جي ماءُ جڏهن تغاري مٿي تي ڪري
ڇيڻان چونڊڻ نڪتي ته اوچتو جو سامهون نظر پيس ته
تغاريءَ سوڌو ڏندڻجي ڪري پئي! اکيون ڦاٽي ويس! پلو
جو اتي اُجرا ڪپڙا پايو ٻانهون ٻڌيو ويٺو هو تنهن
بروقت کڳي کان پاڻي گهرائي کيس ڇنڊا هڻي هوش ۾
آندو.
”آ... اب... آبا! هيءَ!!“ عارو ماءُ مست ڍڳيءَ
وانگر تارا ڦوٽا ريا. ”ماشي مُٺ رک!“ پلي عمليءَ
طرح سان مُٺ ڀيڪوڙيندي سندس ڪن ۾ ڀڻڪيو.
”هائو ابا!!“ عاروءَ ٻهڪندي چيو ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾
سندس منهن تغاريءَ وانگر گول ٿي پيو.
”ٻچڙا، آءٌ به اوهان جي آسري ويٺي آهيان باقي هن
ڇوري مان ته ڪجهه ٿيو نه ٿيندو.“ عاروءَ ماءُ
پنهنجي ڳيري جهڙي ڄنگهه تان ڦرڙيءَ جي سڪل ڪڙي نهن
سان کرڙيندي پٽس لاءِ چيو.
”ماشي رک الله تي، رک الله تي! اشين ڪي مري ڪونه
ويا آهيون پرينهن چئين بجي شام جو هتي ضرور پهچي
وڃجانءِ!“ پلي ڏاڍي رازداريءَ ۾ کيس صلاح ڏيندي
چيو. پلي سان صلاح مشوري ڪرڻ بعد هوءَ خالي
تغاريءَ سوڌو تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندي
پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي.
اڃان پورا چار به نه وڳا هئا ته عاروءَ ماءُ سنجن
سوڌو اچي پڳي پر سندس نمونو ئي اور ٿي ويو هو. لڳي
نٿي ته ڪا اها ساڳي عارو ماءُ آهي.
”وٺ ماشي موج ڪر! ڏاڏهين جوڳي به ڇا ياد ڪندءِ“
پلي سندس ڇيڻن هاڻي تريءَ تي ڪجهه رکندي چيو.
”اَبا مونکي هي ٿا ڏيو، پنج ٺڪريون!“
عاروءَ ماءَ پنج رپيا تِريءَ تي پکيڙيندي چيو.
جهولي جهولي ڪنڌ سڪي پيو رڳون سيٽجي پيم، پيٽ جا
وکا پيا ڏکن. رپئي جا ته رڳو مصريءَ ڦوٽا ورتم. سي
به اڌارا تنهن کانسواءِ مڻڪن ۽ ڪڙڻ جو ته الائي
ڪيترو حساب ڏيڻو پوندم!“
”ماشي ڪهڙي ڪوڏر هنيئي! ڏاڏهين کي مئي ٿيا شٺ شال،
دعا ڪر اشان جهڙن مولائين کي جن نئين شئين
اولياءُڪري اُجاريش! تو وري اجايو ٽر ٽر ڪري لاتي
آهي.“ پلي لهجو بعزتي ڪرڻ جهڙو هو.
”ٽر ٽر ڪرئي ماڻهين!“
”ڀينران ڪم ذات، وري وات ٿي ڪرين، شرافت انهي ۾
اٿئي ته چپري ڪري هلي وڃ.“
”هلي وڃان جو پڻهين جو راڄ ٿو هلي. سِڌا ٿي مونسان
هلو، نه ته خلق ۾ خوار ڪندي سانوَ!“ عارو ماءَ جي
انداز پلي کي ڊيڄاري ڇڏيو
”ماسي دل ننڍي نه ڪري هيءَ ته شروعات آهي، اڃا ته
ميلا لڳندا پڙ چڙهندا باسون باسبيون، ٻڪريون
ڪسنديون، ڪڃريون نچنديون.“ کڳي کڳيون هڻندي چيو.
”گهٻرائن ڇو ٿي ماشي! گانگٽ پوين پشاهن ۾ آهي، رات
ڪڍيائين ته وڏي ڳالهه اڄ نه مئو ته شبحاڻي، انهيءَ
مان به ته حِشو ملندءِ نه!“ پلي هار کائيندي
عاروءَ ماءُ جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري ڇڏيو.
گڏهه جي لت
”منهنجي صلاح اٿئي ته انهيءَ ’مائٽيءَ‘ لاءِ ’ها‘
ڪري ڇڏ، گڏهه جي لت کان هاٿيءَ جي لت وري به چڱي
اٿئي!“
”گڏهه جي لت سان جيئرو ته هوندس، هاٿيءَ جي لت ته
اُتيئي پورو ڪري ڇڏيندم!“
لڙڪن جو راز
جنهن ڪو ڏک وارو سنڌي راڳ ريڊيو تان وڄندو هو ته
ننڍي ڀيڻ ڀاءُ سان شرطون لڳائيندي هئي ته، ”ڏسجان،
امان ڄاڻ رُني.“ ۽ جڏهن ماڻس جي اکين مان پنهنجي
ورهين کان وڇڙيل اڪيلي ڀاءُ کي ياد ڪري لڙڪن جون
لڙيون وهڻ لڳنديون هيون ته کين کل اچي ويندي هئي.
”ڏٺئي نه! امان روئي ڏنو. ڀلا راڳ ۾ ڇا آهي جو
ائين روئڻ ٿو اچي؟“ ماءُ جي اها ’عادت‘ ڏاڍي عجيب
۽ کل جهڙي لڳندي هئن. کين ڀلا ڏک سکن جي ڪهڙي خبر!
اڄ جڏهن هو پاڻ هڪ زال ۽ ماءُ بڻجي چڪي آهي، تڏهن
ريڊئي تان ”آءٌ ويٺي روز رڙان پئي، سڄڻ جا ساريو
سانگ“ ۽ اهڙا ٻيا ڏک ڀريل گيت ٻڌي، پنهنجي هميشہ
لاءِ وڇڙيل ڀائرن کي ساري سندس اکين مان به لڙڪ
ڇُلڪي پون ٿا. هاڻي کيس انهن لڙڪن جو راز سمجهه ۾
اچي چڪو آهي.
ڏِٺا ڏنڀ
”امان ڪنوار، سسڻين ڪيڏانهن وئي آهي؟“
”چاچي ته، ادي خورشيد جي گهر وئي آهي!“
”ائي پوءِ ڪيڏي مهل موٽندي؟“
”بس شام تائين سج لهڻ کان اڳ موٽي ايندي.“
”مون چيو ته وڃي پوٽي کي ڏسي اچانس، سِڪي جي ڄائو
آهي.“
”ڀلي ڪري آئينءَ!“
”سسڻين ته ڏاڍي دير لاتي.“ پرس ۾ هٿ وجهندي.
”دير ته ٿي اٿس، پر ڄاڻ آئي.“
”ڏسان ٿي گهڙي ساعت.“ پرس مان خالي هٿ ڪڍندي.
”بس هينئر پنڌ ۾ هوندي!“
”هاڻي تون به گهر جي ننهن آهين، ساڳي ڳالهه آهي.“
وري پرس ۾ هٿ وجهندي.
”... ... ...!“
”تنهنجي سس سان منهنجو ڀيڻپو آهي. زال ڍول آهي.
روز به نٿي اچي سگهان، اچي ته منهنجا سلام ڏجان.“
پرس مان خالي هٿ ڪڍندي.
”... ... ...!“
”سسڻين ته نڪو اچي نه وڃي، اصل ويساري ڇڏيو اٿس،
اها آءٌ آهيان جو ڪڏهن ڀيرو نه ڀڳو اٿم. هينئر به
چيم ته وڃي مبارڪ ڏيئي اچانس.“ پرس ۾ هٿ وجهندي.
”ماسي پوءِ ساڳي ڳالهه آهي، جهڙي چاچي تهڙي آئون،
توهان ننڍڙي کي ڏسو!“
”ٺهيو ڀلا اڳو پوءِ سسڻين اچي ته پوءِ ڏسندي
سانس.“ ائين چئي هو پرس لوڏيندي گهر مان ٻاهر نڪري
وئي.
ڪامريڊ صوف
صوف جڏهن شهر ۾ رهي ڪاليج مان بي- اي پاس ڪئي ته
اخبار وارن کي چار رپيا ڏيئي پنهنجو نالو صوف مان
ڦيرائي ڪامريڊ سيف الملوڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيائين.
جڏهن ڳوٺ آيو ته ماڻس پيار مان ”پٽ صوف!“ ڪري سڏ
ڪيس. صوف يڪدم ڪاوڙ ۾ اُڀو ٿي ويو ۽ خوفناڪ نگاهن
سان ماڻس کي ڏسندي چيائينس، ”ڄٽڻيون رنون اُهي ئي
ڄٽڻيون! خبر ڪانه اٿئي ته اخبار ۾ اعلان ڪري مون
پنهنجو نالو ڪامريڊ سيف الملوڪ رکايو آهي!“
اهڙو کهرو جواب ٻڌي ماڻس کي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
اهي ڏينهن ياد آيس جڏهن شاهه گودڙيءَ جي درگاهه ۾
وارن سان ٻهاري ڏني هئائين ۽ فقير کيس دعا جو صوف
ڏنو هو جنهن کي کائڻ کان پوءِ جلد ئي سندس وڏي
ڀاءُ يعني صوف جي مامي ڪن ۾ وڏي واڪي ٻانگ ڏيئي
سندس نالو صوف پٽ ڏاڙهون رکيو هو.
حنيفت، صوف جي ماميءَ، جنهن پريان ٿانوَ ويٺي ڌوتا
تنهن رڙ ڪري چيس ته، ”ابا چار رپيا ڏيئي پڻهين جو
نالو به بدلائي ڇڏ!“ صوف ڪاوڙ مان کيس گهوريندي
پنهنجو ٽڪنڊو منهن ڦيرائي ڇڏيو.
ذهنيت
هڪ رات اوچتو ئي اوچتو جڏهن هاجوءَ کي سور ٿيا،
تڏهن شرم ۽ ڏک جي ماريل ماءُ کيس لڪ ڇپ ۾ اسپتال
وٺي وئي. پاڙي ۾ رهندڙ ڏيرياڻين، کتوڙي ۽ فاتوڙي
جن کي اڳي ئي ڪجهه کڙڪ هئي تن کي اچي اورا کورا ۽
آنڌ ماند لڳي ۽ انهيءَ مهل ئي جُتي پير ۾ وجهي ڀر
واري گهر ۾ گهڙي پيون ۽ اتي ويٺل زال کي ساڻن گڏ
اسپتال هلي ’تماشو‘ ڏسڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لڳيون.
”نه ادي نه! آءٌ پنهنجن ڄاين واري آهيان، مون کان
ڪونه ٿيندو، ڀل خدا ڪنهنجو پردو رکي.“
ٻئي اڇن برقعن ۾ پيرين پنڌ پنهنجي منهن اسپتال وڃي
پڳيون. اوچتو کين ڏسي، بيوس ۽ لاچار اڇي مٿي واري
ماءُ پنهنجي ڪنڌ تي زماني جي سمورين بدنامين جو
بار محسوس ڪيو. هيڊي، ڪمزور ۽ هيسيل هاجو شرم کان
پنهنجو منهن پلاند سان ڍڪي ڇڏيو. هنن ٻنهي ”ڇا
ڄائو؟ ڇا ڄائو؟“ ڪري سندس ڀر ۾ پيل ٻار جي منهن
تان زوري ڪپڙو هٽائي کيس چتائي ڏٺو.
”پٽ ڄائو اٿئي!“ ٻنهي لچائيءَ سان چيو. کين ڪوبه
جواب نه مليو.
واپس اچي فخر ۾ چيائون، ”دانگي گهمائي آيو آهيونس!
هاڻي اسان آڏو ڪَر ته ڪڏهن ڪونه کڻي سگهندي.“
ڪرفيو ۾
رڪشا جو آواز ٻڌي زرينه ڏڪي وئي.
”آئي نوري! ڏس ته در تي ڪير آهي!“
”ادي! ادي! ناني رحمت آئي آهي!“ سندس ڀيڻ نوري،
خوشيءَ مان ڪڇون ٺوڪيندي آئي.
نانيءَ جو ٻڌي زرينه جو منهن جو پنو لهي ويو، ”ائي
مٺيس! مهمانن سان گهر ڀريو پيو آهي، وري هيءَ دوزخ
جو ٽڪر هينئر ڇو ٿي آئي؟ ڀانيان ٿي ته اهي ماميءَ
وارن جا ڪم آهن جو اها جزا، ڪڪ ٿي هيڏانهن اماڻي
اٿن.“
”امان زرينه ڪٿي آهين،“ ناني رحمت گهر ۾ گهڙندي ۽
کٽ جو سهارو وٺي ڏڪندي چيو. ”دل چيم ته وڃي ڏسي
اچان، ٻار ڪيئن خوش اٿئي؟“
زرينه جي سس، زينب جي، اوچتو جو مٿس نظر پئي ته
منهن دُهل ٿي ويس. ڄڻ ککر کاڌو هجيس. مڇي، جيڪا هٿ
۾ هئس سا به ڇڏائجي ويس. ”ائي منهنجي لاءِ ته ويل
ٿيو، هو ڪنڍي کائڻ وارو اڳيئي مٿان ويٺو آهي ته
سنجن سوڌو هيءَ به اچي سهڙي!“ پاڻمرادو ائين چئي
سڄي خار مڇيءَ کي زور سان ڇليندي ڪڍيائين. نيٺ سور
پي اُٿي ۽ لاچار ٻرندي سڙندي وڏو ڀاڪر ڀاتائينس.
”ماسي ڀلي ڪري آئينءِ!“ اکر نڙيءَ مان نه پيو
اُڪليس، پر جيئن تيئن ڪري زبان چوريائين.
ايتري ۾ نوڪرياڻي ستابي، جيڪا ڪرفيو جي ڪري ٽن
ڏينهن کان گم هئي سا به اچي نڪتي. زينب کيس ڏسندي
رڙ ڪئي:
”ائي امان توکي شابس هجي! موت جي منهن ۾ مونکي ڇڏي
هلي وئين؟“
”جيجي ڇا ڪريان، ماريو ڪرفيو جو هو!“
”چڱو ڇڏ انهن ڳالهين کي، وڃي مڇيءَ کي لوڻ ڏي.“
”جيجي مڇي! ڪٿان آئي مڇي؟ غريبن کي ته ڇڏ، چڱن
چوکن کي دال به ڪانه ٿي ملي.“
”ائي امان، الله ڀلو ڪري پاسي واري صوبيدار موليٰ
بخش جي زال جو، جنهن اڌ مڇي قرب ڪري ڏياري موڪلي
آهي.“
”چيم ته وڃي ٻه ٽي ڏينهن ڇوڪريءَ وٽ ٽڪي اچان،
ساهه پيو ياد ڪريم.“ ناني رحمت قرب مان چيو. اهو
ٻڌي زرينه دهلجي وئي. سسڻس جا سور سجهيس پئي،
ڏٺائين ته هڪڙو اڳيئي ڪرفيو لڳا پيا آهن، ٻيو وري
مٿان مينهوڳي. مهمان اڳيئي گهر ۾، هن مصيبت کي
ڪيڏانهن ڪنديس، سو نه ڪيائين هم نه تم سڌو ڪوٺيءَ
۾ پنهنجي ماءُ ڀنڀيءَ وٽ ويئي، جيڪا هڪ ڏينهن اڳ
ننڍي ڌيءَ سوڌو لٿل هئي.
”امان ڏٺئي ناني رحمت جا ڪم! هينئر وٺي ڀڳي آهي.
چئي ٿي ته ٽڪنديس! منهنجا ننڍا ٻار، سس منهنجي
اڳيئي اُڀ وٺي ڏاريا آهن سو ڇا ڪريان؟“
”آءٌ پاڻي ٿي ڀونڊو هڻانس!“ ڀنڀي، پنهنجي ماسيءَ
رحمت لاءِ چوندي اٿي کڙي ٿي.
”ماسي خوش آهين، تون ڪوهه پنڌ پئي آهين ڪرفيوءَ
۾؟“ ڀنڀيءَ چيو.
”ائي ڌيءَ ٻارن لاءِ ساهه پئي سڪيم!“
”اسين ٻه اڳيئي ويٺيون هيوسين وري تون ٽين به مٿان
اچي لٿي آهين. ڪنهن کي ڀي سولو ويهڻ ڏنو اٿوَ!“
”ائي دڙين ڪوهه پئي، آءٌ وڃان ٿي.“
”نوري! ڇڏي اچينس اڪيلي ڪيئن ويندي!“
”آءٌ ڊڄان ٿي.“ نوري لاڏڪي بڻجي وراڻيو.
”ڪنڌ لهيئي، تون نه ويندينءَ ته آءٌ وينديس؟“
اونهه... اونهه... آءٌ ڀلا پنهنجو شام جو وري موٽي
ايندس.
”ائي ماڪڙ پيا هلن تون ڪٿان موٽي ايندينءَ، چئو
وڃي سومر کي ته رڪشو وٺي اچي!“
”اون..... آءٌ موٽي اينديس.“
”وڃي ڌوڙپاءِ ڇوري!“
”ماسي رحمت، تون ڇو ٿي وڃين،
ماني ٽڪي ته کائي وڃين ها زينب، رحمت کي ٽرندو ڏسي
مٿئين دل سان صلاح هنئي.
”ائي امان ماني ڪهڙي کان! ڏٺو اٿئي ته ماءُ ڌيئن
مون سان ڪهڙا حال ڪيا آهن.“
”ائي مٿو ڪوهه پئي هڻين؟“ ڀنڀيءَ ڪوٺيءَ اندران رڙ
ڪئي.
”امان ڪونه ٿي هڻان. ڪير ايندو اوهان وٽ، وڃان
پئي.“
ايتري ۾ سومر رڪشا وٺي ڊوڙندو آيو.
”جلدي ڪريو، ڪرفيو جو ٽائيم پورو ٿيڻ وارو آهي.“
”ائي وَرَ ڪوهه پئي کائين، وڃي ڇو نه ٿي. رخشو
بيٺو اٿئي وڃي چڙهه.“ ڀنڀيءَ ٻيهر رڙ ڪئي.
”ائي امان، مونکي ڪاڪوس ته ڏيکار. گهران نڪتي
آهيان ته پيٽ ۾ گهمرو اهڙو ٿيو اٿم جو بيهي به نٿي
سگهان.“ نانيءَ رحمت، ڀنڀيءَ کان لنوائيندي، زينب
ڏي منهن ڪري چيو.
”ماسي! ڪاڪوس ۾ پير رکڻ جي به جاءِ ڪونهي وڃي ڇا
ڪندينءَ، ماڪڙن جي جهيڙي ۾ اڄ اٺون ڏينهن ٿيو آهي،
جو ڀنگين جو پتو ڪونهي. تنهن کان ته ٻه سرون کڻي
هو وٿاڻ وارو پريون پاسو اٿئي اتي وڃي ويهه!“
”آءٌ نياڻيءَ ڌيءَ، سرون کڻي وڃي ميدان ۾ ويهان
شاباس هجيئي!“
”سؤ ورهين ۾ به مائٽن نياڻي ڪيئي تنهن ۾ منهنجو ته
ڏوهه ڪونه ٿيو. پِٽِ پنهنجن مائٽن کي جن وهي
وڃايئي.“
ايتري ۾ سومر وري در مان ظاهر ٿيو، ”اي بابا رڪشا
وارو ڀڳو پيو وڃي جلدي ڪريو!“
اهو ٻڌي ناني رحمت ڊُڪ پائي وڃي رڪشا ۾ ويٺي ۽
رڪشا زوڪاٽ ڀريندو اڳتي وڌي ويو.
ڪارو اڇو
ڪارو. ڪارو آهي ۽ اَڇو، اَڇو!“
”غلط، سڄي اشرف المخلوقات جو اندر هڪ ئي رنگ جو
آهي.“
”اِهو وري ڪيئن؟“
”سندس رت جيئان!“ |