”ائي ادي، اِنهن مين بيمارين جي ته ڪا ڪَل ئي نٿي
پوي. نه ٻڌيون نه سڻيون، الائي ڪٿاَن ڦٽيون پون.“
رئيسياڻي ڪراهت مان چيو. ”اڳي ته هنيون ڪونه هينئر
اِهي سڙيا بناسپتي پيدا ٿيا آهن تن سڀ بيماريون
پيدا ڪري ڇڏيون آهن.“
”ها ڀيڻ، مڙيئي پڇاڙي آهي. چوڻي ناهي ته ڏٻري ڍور
تي مڇر گهڻا.“ ڀمان هٿن کي ائين موڙو ڏنو ڄڻ سچ
پچ، مٿانئس مڇرن حملو ڪيو هجي.
”ائي ادي خير گُهر، هينئر ئي پوڙهي به اچي ٿئينءَ،
اڃان ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو ’چيڪلي پايان، پير
گسايان، پير ۾ ڪنڊو‘ انهيءَ ساڳئي ڳوٺ ۾ گڏجي ڳائي
ڪڏنديون هيوسين.“ رئيسياڻي، ڀمان جيڏي سرتي هجڻ جي
حيثيت سان، پوڙهپڻ جو اهو الزام پاڻ تي عائد ٿيڻ
جو ڊپ کان ڀمان کي جوان ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش
ڪندي چيو.
”ادي غلام فاطمه! چئين ته سچ پئي پر پريشانين هڻي
جهوري ڇڏيو آهي. ڪيترن سالن کان فصل به چڱو نٿو
ٿئي؛ ٻيو وري ڀاڻهين کي دل جي بيماريءَ سان گڏوگڏ
بليڊ پريشر، سو تپڻ تپايو پيو آهي. آءٌ پنهنجن
سورن جي ڪريان ڪي سندس بليڊ پيشر جي. مون واريءَ
بيماريءَ لاءِ ته ڊاڪٽر ائين پئي چيو ته اهو
انساني جسم لاءِ هڪ اڏوهيءَ مثل آهي. جنهن ۾ اندر
ئي اندر ماڻهو کاڄيو وڃي!“ ڀمان پنهنجا سور پٽيندي
۽ سچ پچ پاڻ کي ننڍي محسوس ڪندي چيو.
”ائي ادي، اسين اڳئي ڏکويل ويتر اهي ڳالهيون ته نه
ڪر، اصل هانءُ ٿو کاڄي، ٻي ڪا خير خبر ڪر!“
رئيسياڻي نيڪ نيتيءَ سان چيو.
”ادي خبرون وري ڪهڙيون، مڙيئي گاڏو پيو گهلجي جهان
جو.“
”ٻڌم ته اَدو گامڻ خان به رئيس جي نڪاح ۾ ويٺو
هو.“ رئيسياڻي اصل موضوع تي آئي.
”ائي ادي قسم کڻاءِ جو ويچارو ويو هجي، باقي اهو
سو آهي ته ادي رئيس وڏا وس ڪيا ته هلي، پر ڀاڻهين
نابري واري بيٺو، چيئين، اسين ڪي بي غيرت آهيون جو
پنهنجي ڀيڻ تي پهاڄ آڻيون.“ ڀمل مڙس جي وڪالت ڪندي
چيو.
”ادي ماڻهن ته ائين پئي چيو ته ادو هُن مهاڻيءَ جي
نڪاح ۾ شريڪ ٿيو هو؛ پر منهنجي دل بنهه نه مڃيو!“
رئيسياڻي مٿئين دل سان چيو.
”ادي، شادي کان پوءِ جڏهن مڙسم ۽ ادي رئيس جو
پرچاءُ ٿيو ته ڀاڻهين مونتي ڏاڍو زور ڏنو ته
سفوران وٽ اچان وڃان پئي، پر مون چيو، اَڇو اَلله
ڳاڙهو رسول- آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي دشمن ناهيان، توهين
مرد آهيو جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو، مونکان منافقي
مُور نه پڄندي جو پنهنجي ڀيڻ جهڙي سرتيءَ جي پهاڄ
سان جيڏڙپو رکجي. منهنجو ته آهي نور، جسين جيئري
آهيان ته پنهنجي ڀيڻ جي ٻانهي آهيان، مري ويس ته
ڇٽا سڀئي!“ ڀمان وڏي واڪ ڦونڊجندي چيو.
”جيجي، اجهو چانهه آندي اٿم.“ صدوري، چانهن هندوري
جي پاسي ۾ رکيل ٽپائيءَ تي رکندي چيو.
”ادي چانهه جي پتي ته ڏاڍي سٺي آهي.“ ڀمان ڪوپ ۾
سيڪرين جون گوليون وجهندي چانهه جي تعريف ڪندي
چيو، ”اسان کي ته نوڪر بيسوادي پتي آڻيو ڏين.“
”ڀيڻ تڏهن ته اهي بيماريون به وڌن ٿيو. اڳ ته ائين
ڪونه هو پر جڏهن کان اهي مُئا ڀينگ پيا، ملڪ ۾ آيا
آهن ته سڀ کائي پوٺو ڪري ڇڏيو اٿن، ايڏي ڪا ازلي
بک اٿن جو اڃان تائين ڀِڀ نه ٿو ڀرجي.،
”چئين سچ ٿي، ڀَمل رئيسياڻي جي تائيد ڪندي چيو.
”آهن به ته مئا کائڻ جا کڏ ۽ هنگڻ جا ڳوٿرا.“
”ائي ادي هاڻي ٺهيو، هانوَ ته نه ڦيرائي.“
رئيسياڻي ڪراهت مان منهن ٺاهي وراڻيو.
”ٻيو ڇا! سچ ته چوان ٿي.“ ڀمل مرڪندي چيو.
”ادي ڪر خبر! هاڻي ادا جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
رئيسياڻيءَ موضوع بدلائيندي چيو.
”ادي نه کاڌي جو نه پيتي جو! هر ڳالهه ۾ رک ۽
پرهيز. گوريون بند ڪري ته وريو بليڊ پيشر وڌيو
وڃينس. هاڻي ته سوچيو اٿئو ته مرسل جي پار کان ٿي
اچون ته من ڪا سڻائي ٿئي. ڀاڻهين هن سال لاءِ
منهنجو ۽ پنهنجو حج جو فارم ڀرائي آيو آهي، دعا ڪر
ته اِهو مٺو پار گهمي اچون ته مديني جو مير سڻائي
ڪري. پاسپورٽ ۽ ٻيا ٽيا سڀ تيار ٿي ويا آهن. اڌ
کان گهڻو ڪم ٿي ويو آهي. روزن کان اڳ جيڪو پهريون
جهاز پيو وڃي؛ جي ان ۾ ٽڪيٽ ملي وئي ته ڏاڍو سٺو
ٿيندو، ڇو ته دير سان وڃڻ ڪري دير سان موٽڻو پوي
ٿو ۽ پوءِ گرمي زياده هجڻ جي ڪري ڀاڻهين کي وڌيڪ
تڪليف هجڻ جو ڊپ آهي. اڄ توسان ملڻ به انهيءَ لاءِ
آئي هئس ته موڪلائي به اچان ۽ چيو چوايو پڻ بخشائي
اچان. حياتيءَ جو ڪهڙو ڀروسو.“ ڀمان يڪ ساهي سڄو
داستان ٻڌايو.
”ادي مولا مبارڪ ڪريوَ! ڪهڙوچيو چوايو ۽ ڇا جو
بخشائڻ تون ته ڀيڻن کان به وڌيڪ آهين. مون لاءِ به
اُتي دعا گهرجانءِ ته مولا مون تان به اِها آفت
ٽاري.“ رئيسياڻيءَ پهاڄ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”چڱو ادي! هاڻي موڪلاڻي. شل پنهنجي ٻچن سوڌو خوش
هجين!“
”مولا مددگار ۽ حامي ٿيندئي.“ ائين چوندي
رئيسياڻي، ڀمان کي در تائين ڇڏڻ وئي
جڏهن کان ڪرڙوڍو رئيس غلام نبي عرف نبن، مهراڻ جي
ڪپ تي اڏيل پکن مان چاليهن ورهين جي صفوران کي
’سول ميرج‘ ڪري حويليءَ ۾ وٺي آيو تڏهن کان صفوران
سندس سڄي ڳوٺ ويڙهي ۽ وڳر جي اکين جو ڪنڊو بنجي
وئي هئي. پنجن پٽن ۽ اٺن ڌيئن جي ماءُ تي پهاڄ پوڻ
ڪا سولي ڳالهه ته نه هئي. گهر ۾ ويٺي ويٺي لوڪ جا
طعنا تنڪا ۽ مهڻا ٻڌي سندس اندر جا پتا پيا سڙندا
هئا. ڏينهن رات پئي جهرندي ۽ پڄرندي هئي، پر تڏهن
به ٻڙڪ ٻاهر نٿي ڪڍيائين. اصل ماٺ... ڊنل ڊنل...
هيسيل هيسيل، رئيس کان سواءِ ٻيو هو به ڪير جنهن
کي هوءَ پنهنجو ڪري سمجهي ها. مِٽن مائٽن سان ته
انهيءَ ڏينهن کان ئي لاڳاپا لٿس، جڏهن رئيس سندس
هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو هو.
ڳوٺ کان پري، صفوران کي رئيس، شهر ۾ وڏي عاليشان
حويليءَ ۾ رهايو؛ جت سندس اڳيان پٺيان نوڪرياڻيون
ڦرموٽين وانگر پيون ڦرنديون هيون پر کِکيون ۽
کاريون کائڻ واري صفوران ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. ڀل
ست طعام پيا هجن پر تڏهن به هوءَ ڍوڍي ۽ بصر يا
کڳي ۽ ڪُرڙي کي مٿن ترجيح ڏيندي هئي. ائين ٿي لڳو
ڄڻ نوريءَ وارو نياز سندس نس نس ۾ سمايل هجي. رئيس
سندس عاشق هو. پر ڪن عاشقن جي فطرت ئي پنهنجي
هوندي آهي. جڏهن عورت محبوب هوندي آهي، تڏهن سندس
مقام دل جي خاص گوشي ۾ هوندو آهي. عاشق سڳورو
پنهنجي عشق کي دنيا جي سڀني عشقن کان نرالو
سمجهندو آهي ۽ کيس پڪو يقين هوندو آهي ته سندس
جهڙو پيار ڪير به نٿو ڪري سگهي. مذحڪه خيزيءَ جون
حدون لتاڙيندي هن کي ٽيليپيٿي ذريعي اها به خبر
پوندي آهي ته سندس محبوبا کي هينئر ڪهڙا ۽ ڪهڙي
رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن ۽ ڇا ڪري رهي آهي. پنهنجي
انهيءَ خداداد صلاحيت جو اظهار هو هر ايندي ويندي
آڏو ائين ڪندو آهي ڄڻ ڪو کيپ کٽيو هجيس. ۽ جڏهن
محبوبا سان شادي ٿيندي آهيس. تڏهن اهو عشق دل مان
لهي ڏائي گوڏي ۾ اچي واسو ڪندو آهي، سو رئيس جو به
اهو حال اچي ٿيو. صفوران سندس لاءِ هاڻي صرف زال
هئي... گهر جي گندي. عشق ڪرڻ سندس وس ۾ نه رهيو
هو، پر رسم عشق نڀائڻ سندس لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه
هئي... سو انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن سفوران کي چادريءَ
۾ سوگهو ڪري ٻين لفظن ۾ چوکنڀو ٻڌي پڪچر وغيره تي
وٺي ويندو هو. روز مَڇيون ۽ ڄرڪا مارڻ واري آزاد
گهراڻي جي سفوران کي قيد جهڙي حويليءَ ۾ سڄا سارا
پنج سال گذري ويا، انهيءَ عرصي ۾ هوءَ هڪ ڌيءَ ۽
پٽ جي ماءُ به بڻجي وئي هئي.
جڏهن پاڙي جي ايڪڙ ٻيڪڙ زالن وٽس اچڻ شروع ڪيو
تڏهن مس وڃي ڪجهه ساهه پٽيائين. زبيده کي ته
پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي هئي. وس نه هلندو هئس
نه ته جيڪر کيس پل نه اکين کان پري ڪري. چڱي چڱي
دير تائين هوءَ وٽس هوندي هئي ۽ اڃان اٿڻ جي ڪندي
هئي ته صفوران نماڻا نيڻ کڻي، وٺي واسطا وجهندي
هئس، ”ائي واسطي الله جي تون وڃڻ وايون مَ ڪر.
گهڙي ساعت ته ويهه؛ هينئر هينئر ته آئي آهين. اڃان
ته سڪ به ڪونه لٿي اٿم!“. ”ائي ادي ڏس ته ڪيتري نه
دير ٿي وئي آهي.“ هوءَ ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ڏانهن
ڏسندي چوندي هئي.
”ائي چڱو هاڻي ويهه“ صفوران حجت مان سندس ٻانهن
جهلي ويهاريندي چوندي هئي، ”انسانن جي منهن ڪاڻ
پئي سڪان، قياس به ته نٿو پونئي!“ هوءَ پنهنجي
بيحد ڀوائتي شڪل واري نوڪرياڻي ڌميءَ کي ڏسندي
چوندي هئي ۽ پوءِ ڪجهه دير تائين، زبيده وٽس ترسي
پوندي هئي.
اڄ به زبيده وٽس آيل هئي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کيس
احساس ڏياريندي چيائين، ”ڀيڻ صفوران؟ ڪيترو وقت
گذري ويو اٿئي شاديءَ کي، پر تون اها ئي ’گنگوءَ
جي غار‘ ۾ پئي آهين! گمنام جي گمنام. تنهنجا ٻار
اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، زماني ۾ اٿندءِ ويهندينءِ نه،
ته ڪير توکي سڃاڻندو؟ آخر تنهنجو به اوتروئي حق
آهي جيترو رئيسياڻيءَ جو آهي.“
”چئين سچ ٿي!“ سفوران ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
”جڏهن اچان تڏهن اهو ساڳيو روڳ جهڙو ناسي وڳو پايو
فراسيءَ تي ويٺي ڀاڄي سوئين يا چانور چونڊين!“
زبيده، سندس ڦٽل ناسي وڳي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”مردن تي ڪهڙو اعتبار جنهن پهرين هوندي ٻي ڪئي سو
ٽيجهي ڪندي به دير ڪونه ڪندو. جيسين ٿي سادي بڻجي
پاڻ وڻائين، تيسين ٿي مورڳو مڙس وڃائين، تو ڇو
پنهنجا بڇڙا حال ڪيا آهن.“
”ڇا ڪريان زبي!“ سفوران چانورن مان سُرو ڪنڍندي
عاجزيءَ مان چيو. ”پهاڄ جو لقب اڳئي سر تي، وري جو
ٺهي جڙي ٻاهر نڪران ته دشمن الائي ڪهڙا ويل
وهائين.“
”منهنجي ڀيڻ رڳو وڏي بلڊنگ ۾ رهي ٻه چار
نوڪرياڻيون چاڪرياڻيون ويهاري تون لوڪ ۾ پنهنجي
ڪهڙي حيثيت برقرار رکي سگهين ٿي. گهر گرهستي
پنهنجي جاءِ تي، راڄ ڀاڳ ۾ اٿڻ ويهڻ پنهنجي جاءِ
تي.“
”آئي پوءِ ڇا ڪريان؟“
”ڪجهه گهر ڏي به ڌيان ڏي.“ زبيده معتبرائيءَ مان
چيو، ”اهڙي عاليشان گهر ۾ به فرنيچر ڍنگ جو نه ڪو
طريقو. اسين وچولي طبقي جا سادا سودا آهيو تڏهن به
پنهنجو مان مرتبو رکيو اچون، ڪرائي گهر ۾ ڪو ميلاد
دعوت ڏي سڄي شهر جي معزز زالن کي ائين ته ڄاڻ سڃاڻ
ٿيندي.“
”ائي تون جو منهنجي ڀيڻ آهين، پوءِ مونکي ٻين جي
ڪهڙي گهرج.“ صفوران وڏي پنهنجائپ مان چيو.
”ادي اها ته تنهنجي مهرباني آهي، پر مان به آخر
پنهنجي گهر گهاٽ واري آهيان، ڪيترو تو وٽ ويهندس.“
زبيده کيس احساس ڏياريندي چيو، ”ڀل ته ٻيون به
ڀينرون ٺاهي.“
”ائي ٻيون ته تنهنجي جتي جهڙيون به نه ڀانيان.“
صفوران سمورو پيار پنهنجن ننڍين پر انتهائي پرڪشش
اکين ۾ اوتي ڏانهنس ڏٺو. منجهس ٻيو هو ئي ڇا، اهي
اکيون ئي ته هيون جن کي ڏسي رئيس جهڙو مڙس به
پوڙهي ڀونئر وانگر بولاٽيون پائڻ لڳو هو... زبيده
ته وري به سندس سرتي هئي. موٽ ۾ مشڪي ڏنائين. ڇا
ڇا نه هو انهيءَ مرڪ ۾ ڄڻ چئي رهي هجي ”تون ڪيتري
نه سادي آهين صفوران!“ ۽ انهي ڏينهن هو تصور ئي
تصور ۾ صفوران کي اعليٰ سوسائٽي جي بيگم جي روپ ۾
ڏسندي پنهنجي گهر روانو ٿي هئي.
اڄ ٻيو ڏينهن ٿيو هو جو ڀاڻس آچر جي مرڻ جي خبر
ٻڌي صفوران رڙي رڙي سڄي حويلي مٿي تي کڻي ڏني هئي.
رئيس نبن، جيڪو سندس ڀر ۾ ڏکارو ٿيو بيٺو هو، تنهن
اچي اکين کي ورتو، مهٽي مهٽي اکيون رت ڪري وڌائين
پر مجال آهي جو ڪو ڳوڙهو نڪريس. لاچار ڪنڌ کڻي هيٺ
ڪيائين.
”رئيس!... مون تنهنجي ڪاڻ ڇا ڇا نه ڪيو. گهر تڙ
ڇڏيم... مٽ مائٽ ڇڏيم، وڳر کان وڇڙجي هڪ ڪونج مٽل
تو وٽ اچي رهيس... رڳو تنهنجي سر ڪاڻ!“ صفوران
سڏڪا ڀريندي چيو.
”هائو سفو! آءٌ ڄاڻان ٿو...“ رئيس سندس ڀر ۾
ويهندي ٿڌو ساهه کڻي چيو.
”آءٌ ڪا تنهجن مائٽن کي سڃاڻان.“ هن ڳوڙها ۽ نڪ
اُگهندي چيو، ”تنهنجي پٺيان ائي آهيان.“
”آءٌ سڀ ڄاڻان ٿو صفو!“ رئيس ساڳيءَ طرح ڪنڌ هيٺ
ڪري ٻيهر ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو.
”هيڏو سارو ڌندڪ جواڻ، ڀاڻم آچر هليو ويو؛ تنهنجن
مائٽن مان ڪنهن جهاتي به نه وڌي! ٻيو ڪير نه، ته
من تنهنجي زال ئي اچي ها. تڏهن به مونکي نڪ پوي
ها!“ صفوران جو احساس جاڳي رهيو هو.
”دلجاءِ ڪر صفو!“ رئيس سندس پٺي ٺپيندي پيار مان
چيو. ”سڀئي ايندا، کين ڄاڻ نه ٿي آهي؛ آءٌ ٿو
ٻڌائي اچان!!“ رئيس ائين چوندي، حال جند ڇڏائي وٺي
ڀڳو.
ٻئي ڏينهن ٺونٺون ٺوڪي جڏهن وڏي حويليءَ ۾ پهتو
تڏهن نرتڪيءَ وانگر نئين چال هليائين. آخر به ته
زماني جو گٺل پيٺل هو.
”ٻيلي ڳالهه ٻڌي اٿئي!“ رئيس زال آڏو آرام ڪرسيءَ
تي ويهي اکيون چنجهيون ڪري سگريٽ جو سوٽو هڻندي
چيو. ”منهنجي عزت تنهنجي هٿ ۾ آهي... تون منهنجو
رت جگر آهين... غلطي ٿي سا ٿي... پنهنجي وڍيءَ جو
ويڄ نه طبيب... هوءَ وري به پرائي آهي؛ هلي ڀاءُ
آچر جو افسوس ڪري اچينس.“ رئيس سگريٽ جو ٽوٽو
چلمچيءَ ۾ اُڇليندي زال کي ايڪٽنگ ڀريل التجا وارا
نماڻا نيڻ ڪري ڏٺو.
”اسانجو آچر سان ڪو ’ڊول ڪو چمٽو‘ جو هلي روئون!“
رئيسياڻيءَ موڙو ڏيندي چيو. ”اسين ڇو روئون آچر
ڪاڻ!“ رئيسياڻي امالڪ کڻي نڙيءَ کان ورتس.
”ٻيلي منهنجي لڄ کي ڏس!“ رئيس، هيٺين واٽ وٺندي
ليلايو.
”چڱو، توهان زور ٿا ڪيو ته وڃي ٻه پير ڀري
اينديس.“
رئيسياڻي وري به ڏاڏي پوٽي هئي. مڙس کي مايوس نه
ڪري سگهي ۽ رئيس سان گڏجي پهريون ڀيرو صفوران وٽ
آئي. جيترو پڳس ٿڌا ساهه کڻي ڏک جو اظهار ڪيائين،
ٻه چار ڪلاڪ ويهي واپس هلي آئي. هوءَ ته هلي وئي
پر صفوران کي واقعي نڪ پئجي ويو.
”مار! هيڏي وڏي شان مان واري رئيسياڻي به آخري اچي
پيش پيس!“ هر ڪنهن جي زبان تي اِهيئي اکر هئا. خود
صفوران کي به اهو احساس هو ۽ انهي احساس، سندس
اهميت سندس ئي نظرن ۾ وڌائي ڇڏي. جهڙيءَ طرح پڪن ۽
سخت هٿن تي مينديءَ جو رنگ نرم ۽ نازڪ هٿن کان،
وڌيڪ تکو ۽ پائدار چڙهندو آهي، ساڳيءَ طرح دنيا جو
رنگ به ڏاڍي تيزيءَ ۽ جٽا سان مٿس چڙهڻ لڳو. ۽
اهڙو چڙهيو جو نوريءَ واري نياز جو نشان به منجهس
نظر نه آيو. نوري ته نياز هئي- سراپا نياز- صفوران
ته پنهنجي خوف ۽ حراس کي نياز جي چادر ۾ ويڙهيو
هو؛ جيڪا هاڻي ليڙون ليڙون ٿي وئي هئي. خوف ۽ حراس
منجهس باقي نه رهيا هئا. سندس گهر، جنهن ۾ اڳ
پراڻا موڙا ۽ فراسيون رکيل هيون انهن جي جاءِ نئين
طرز جي فرنيچر ۽ قيمتي غاليچن ورتي، جلد ئي سندس
شمار شهر جي معزز بيگمات ۾ ٿيڻ لڳو. رئيس به سندس
نئين روپ کان گهڻو مرعوب ٿي ڏٺو. جڏهن ڪا
’نافرماني‘ ٿيندي هئس ته صفوران جي طرفان ’هيرو‘
ڳڙڪائي ’آپگهات‘ ڪرڻ جي ڌمڪي ملندي هئس ۽ مڙس
’ميلن ۾ گيسيون‘ ڪري ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي کانئس
معافي گهرندو هو. ڏٺائين ته هاڻي ڦاٿس ته ڦٿڪڻ
ڪهڙو. جهڙا ڏينهن ڏسڻا پيس اُهي پيو گهاريندو هو.
چڙهندڙ سج کي سلام- ٻيو ته ٺهيو وڏيري ڀَمان، جنهن
جي حج جي جهاز ڇٽَڻ ۾ ڪي ڏينهن وڃي بچيا هئا، سا
به ننهن، ڌيئن، ڏهٽين ۽ پوٽن سوڌو، پاڻ کڻائي اچي
پُڳي. چيئين: ”اسانجي وڏي بزرگ ڀاءُ جي زال آهين
ته اسان جي به وڏي آهين!“ ائين چوندي ادب مان پيرن
تي ڪريس ’الله ميڏيان سڀئي پڄايان‘ وانگر صفوران
اِهو مان ڏسي ٽڙي پئي.
”ادي توکي ڪير چوي مهاڻي! توهان ته پاڻيءَ جا مير
آهيو! بحر جا مير!! توهان جهڙي ته ڪا ذات هجي.
هڪڙي راڻي به ته توهان جي مائٽياڻي هئي نه؟ ڪهڙي
نه نوڙت هئس جو باڇا کي به موهي ڇڏيائين. ڪير توکي
چوندو مهاڻي! اسان ته رئيسياڻيءَ ڏانهن وڃڻ ئي ڇڏي
ڏنو- وڃ کڻي ته رڳو تنهنجي گلا. ادي مري جهان ڇڏبو
پرائي پچر به ته ڏوهه آهي؛ چوي ٿي ته ڏاڍي ڪا زال
آندي آهيس! ڀَمل چيو.
”ادي مونکي ته بس خدا ٺاهيو آهي. انهيءَ کي ته
وڻان ٿي جيڪو وٺي آيو هيم.“
”ادي آءٌ ته ٻچن سوڌو تنهنجي غلام آهيان، چيم ته
توکان به موڪلائي اَچان- چڱي چونٺ چمڻ ٿي وڃان.“
”ڀلي آئينءِ!“
”چڱو هاڻي موڪلاڻي.“
رئيسياڻي ته وري صفوران وٽ نه آئي پر ٻين لاءِ ڄڻ
واٽ کلي پئي. ڏيرياڻيس حليمان، جڏهن پنهنجي ماسات
(رئيسياڻيءَ) سان رُٺي تڏهن لڪندي ڇپندي پنهنجين
ڌيئن سوڌو صفوران وٽ اچي لٿي. گلائو غيبتون ڪري
چوٽ چڙهي ويون. سفوران به خوش ٿي پنهنجا ريشمي وڳا
پهرائي ڌيئن سوڌو پلنگن تي چاڙهي ويهارين. ڦونڊائي
ڦونڊائي سفوران کي عرش تي چاڙهي ڇڏيائون- ”تون اصل
خاندانڻ، تنهنجو مٽ ڪير ٿئي؟ تون غريب نواز، دل جي
سچي“- صفوران کي ساڻن جيتوڻيڪ ڪو دلي لڳاءُ نه هو،
پر رڳو پنهنجي ڦونڊ جو ڀرم رکڻ ڪاڻ، پيئي کين منهن
ڏيندي هئي.
اڄ جيئن ئي سفوران ڊريسنگ ٽيبل اڳيان ويهي ڪيس پئي
ڪيو ته زبيده ۽ عاشيءَ اچي کيس ڇرڪائي ڇڏيو. زبيده
جو ته نه، باقي عاشيءَ جو اوچتو بيڊروم ۾ اچڻ کيس
سٺو نه لڳو، ڇو ته اها وارن جي حقيقت کان بيخبر
هئي.
”ائي ادي ڪيس پئي ڪرين؟“ عاشيءَ ايندي ئي حيرانيءَ
مان پڇيو.
”نه ڀيڻ! ’هيئر ڪلر‘ ٿي ڪريان.“ صفوران لفظ ’ڪيس‘
جي تلخيءَ کي ٻڍاپي سان منسوب سمجهندي، انگريزي
لفظ استعمال ڪيو.
”هان!“ عاشي شوخيءَ مان چيو.
”ڀيڻ تون وٽ مهمان آيل آهن ڇا؟“ زبيده ٽپائيءَ تان
صوف کڻندي چيو.
”هائو ڀيڻ، ڏيرياڻي ۽ سندس ڌيئر آيل آهن.“
”اڳ ته ڪڏهن ڪونه آيون هيون؟“ عاشي چيو.
”بس ڀيڻ! ڀونءِ ڦرنديءَ جا ڀاڳ آهن.“ صفوران جواب
ڏي تنهن کان اڳ زبيده مشڪندي چيو.
”ادي پر ويچاريون ڏاڍيون همدرد ۽ هڏڏوکي آهن...
خبر اٿو ته پر سال جيڪو سخت بيمار ٿي هئس سو ڇو؟“
”ڇو؟“ ٻنهي گڏجي سوال ڪيو.
”ڏيرياڻي ٻڌايم ته رئيسياڻيءَ ڪارو علم ۽ جادو
ڪرايا هئا... نه رڳو ايترو پر بوتا ٺاهي زمين ۾
پوريا هئائين!“
”ها... ا... ن!... پوءِ؟“ عاشيءَ جو وات پٽجي ويو.
”الله ڏيرياڻيم جي من ۾ وڌي، جو مون ٻچڙيوال تي
قياس ڪري اُهي سڀ علم لڪي لڪي ضايع ڪرائي
ڇڏيائون!“ صفوران شڪر گذاريءَ واري لهجي ۾
ڳالهايو.
”چئبو ته سرخرو ٿيڻ ڪاڻ ڪوڙ بدوڙو هڻي سڄو ڏينهن
ٿيون تنهنجو رت ولوڙين“ زبيده ٽوڪيس.
”نه ادي ويچاريون اهڙيون ناهن.“ صفوران ڪيس وارا
هٿ ڌوئي رومال سان نڪ اُگهندي چيو.
”نه وري ڇا، ڳڻتيون ڪري ڪري اَڇا پئجي ويا اَٿئي.“
زبيده چيو.
”ائي ادي اِهي اَڇا مُئا ته ائين ئي اچي خوار ٿيا
آهن.“ صفوران اڇن وارن جي تصديق ڪندي وراڻيو.
”منهنجي عمر به ته ڪا وڏي ناهي ويهن ٻاويهن ۾ ته
پرڻي هئس رئيس سان!“
”ها... ئو!“ زبيده ڄاڻي ٻجهي پاڻ تي عجب جي ڪيفيت
طاري ڪئي.
”ڀلا ڪٿي آهن تنهنجا مهمان؟ ملاءِ ته سهي.“ عاشيءَ
چيو.
”ادي ويون آهن سرڪاري باغيچو گهمڻ، ڄاڻ آيون.“
”بلي! همدرديءَ جي همدردي، گهمڻ جو گهمڻ. ڳوٺ ته
ويچاريون ستن پردن ۾ بند پيون هونديون.“ زبيده کان
رهيو نه ٿيو.
”خير نه اٿئي، اڄڪلهه جو پردو ٿيندو به ته رڳو
ڀاءُ، پيءُ، پٽ يا مڙس کان آهي.“ عاشيءَ پنهنجو
مشاهدو بيان ڪيو، ”رستي پنڌ، جت انهن تي نظر پئي،
ڊپ کان جهٽ نقاب هيٺ.“
”چپ ڪر ته سفوران نه ڪاوڙجي پويئي!“ زبيده کيس
تتبيهه ڪندي چيو.
”ڇو ادي؟“ عاشيءَ صفوران کان پڇيو. ”مان سچ نٿي
چوان!“... پر حقيقتن جو جواب خاموشيءَ سان ئي ڏبو
آهي. سفوران ڏانهنس رڳو مرڪي ڏٺو.
ايتري ۾ ڊراڪولا جي گائون جهڙي اڇي برقعي ۽ ڪارين
چادرين سوڌو، پوڙهي ڏيرياڻي حليمان ۽ سندس ڌيئون
به اچي پهتيون. زبيده ۽ عاشيءَ سان کيڪر ڪري اڃا
ڀانيائون ته ويهون ته صفوران حجت مان کين برقعن
ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”وڃو! وڃي ٻوجها لاهيو، هانوُ ٿو ٻڏي... ماني تيار
پئي آهي.“
”بس اِجهو ٿيون اچون هٿ منهن ڌوئي.“ ٻانهياريءَ جو
بجو به سونو جي چوڻيءَ موجب، ماءُ ڌيئرن يڪدم حڪم
جي تعميل ڪئي.
چڱو ڀيڻ صفوران! هاڻي اسان کي به اجازت ڏي.“
عاشيءَ اُٿندي چيو.
”ويهو ته سهي!“
”اسين ته رڳو توکي چوڻ آيونسين ته پريهن تيار
رهجئين ته ادي ڀمان کي حج جي مبارڪ ڏيئي اچون.“
زبيده چيو.
”اچي وئي خير سان!“ صفوران ٽڙندي چيو.
”اڄ ٻيو ڏينهن اٿس.“ زبيده وراڻيو.
”اول خير پريهن هلنداسين.“ صفوران چيو.
”سائڻ!“ ڌميءَ ٻڪريءَ جهڙي آواز ۾ اوچتو پٺيان اچي
صفوران کي سڏ ڪيو.
”ڏائڻ! ڏڪائي ڇڏيئي، ڇا اهي؟“ صفوران جي پهاڙ جهڙي
جسم ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو.
”ماني رکي آهي ٽيبل تي.“ ڌميءَ کلي ڏند ڏيکاريا...
سندس ستن پيڙهين، ڏندن صفا ڪرڻ جو ’فيشن‘ ئي ڇڏي
ڏنو هو.
”هلي مهمانن کي ته ويهار، اسين اچون ٿيون.“
صفوران، ڌميءَ کي دڙڪي مان چيو.
”اُٿو ادي توهان به هلي بسم الله ڪيو.“ صفوران
چيو.
”نه ڀيڻ، اسين ٻئي گڏجي کايو پيو اچون، تون وڃي
بسم الله ڪر.“ زبيده چيو.
”ائي ادي خبر ڪونه اٿوَ ته آءٌ رئيس کانسواءِ
کائيندي ڪونه آهيان.“
”ته پوءِ هلو ته اتيئي ٿا هلي ويهون. تنهنجي
ڏيرياڻي اڪيلي ڌيئن سوڌو ويٺي هوندي.“ عاشيءَ چيو.
ٽئي ڄڻيون ڊرائينگ ڪم ڊائننگ روم ۾ اچي ويٺيون.
حليمان، جنهن ڌيئن سميت ميز ۾ اکيون وجهي سندن
انتظار پئي ڪيو، کين ايندو ڏسي بي تابيءَ مان چيو،
”ادي اچو! ماني پئي ٺري!“
”ائي توهين ماٺ ڪري ويهي کائو، اسان جي اون نه
ڪريو!“ صفوران سهيلين سميت صوفن تي ويهندي چيو.
حليمان ۽ ڌيئن، فرمانبرداريءَ سان کائڻ شروع ڪري
ڏنو هڏڙن جي مٺ پوڙهي ڏيرياڻيءَ جا هٿ پئي ڏڪيا،
پر ڊپ کان ته متان ڪسر گهٽ ٿئيس، چمچو ڪيئن ڇڏي.
اڃان ڪو چانور ذرو ڪري ته ڌيئن جون اٺئي اکيون
ڪوڪلي جهڙي ماءُ ۾ کپيو وڃن. اٺن ئي اکين منجهان
مختلف اشارا ٿيڻ لڳن. ويچاري حليمان جون اکيون
اڳيئي ننڍيون ويتر جوڌيئن کي ائين ڪندو ڏٺائين ته
ماڳهين اندر گهري ويس. کاڌو رت پونءِ ٿي ويس، پر
تڏهن به پنهنجي ’عروج‘ کي ڏسيو ئي پئي ٺري، زبيده
اهو نظارو ڏسي صفوران کي هوريان چيو.
”ائي صفوران، تو هنن سان ڪهڙا ويل ڪيا آهن.
ٻهراڙيءَ جون زالون ڇا ڄاڻن چمچن ڪانٽن مان!“
”ائي ادي! منهنجي گهر جو سڄو رعب ڏسي وڃي رئيسياڻي
کي ٻڌائينديون!“ صفوران ڦونڊجي وراڻيو.
”مئو کڏس اهڙي رعب جو!“ زبيده چيو.
حليمان ۽ ڌيئون ماني کائي هٿ ڌوئي صوفي تي ويٺيون
ئي مس ته يڪدم صفوران چين.
”ادي ٻاهر موٽر بيٺي اٿوَ، وڃي ڄامشورو گهمي اچو!“
”چاچي تون به ته هل نه، هيکلو وري ڪيئن مزو
ايندو!“ حليمان جي وڏي ڌيءَ، شرم کان وٽجي سٽجي
لانڍ ۾ ڳالهايو.
”وڃو، وڃو! ڌمي گڏجي ٿي هليوَ، رئيس جي اچڻ جي مهل
ٿي آهي؛ آءٌ ڪيئن هلنديس.“ صفوران کين ڪوڙي پيار
ڀريل حجت مان ڄڻ ڇنڀيندي چيو. اوچتو سندس نظر
حليمان تي پئي.
”ائي ادي، اهو چمچل ٿي پايو وڃين! منهنجو کڙيءَ
وارو سئنڊل پائي وڃ!“ ائين چوندي صفوران ڌيءَ کي
ڪٻٽ هيٺان رکيل سئنڊل کڻي آڻڻ لاءِ چيو.
”نه، نه ادي، مونکي هيءَ چڱي آهي.“ حليمان کُڙيءَ
جو ٻڌي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو.
”ماڻهو ڪير؟ اسان جي عزت کي به ته ڏس!... هي سُڪل
پلي جهڙا پادر پائي ويندينءِ!؟“ صفوران جي حجت
ڀريل ڪاوڙ ۾ حڪم هلائڻ واري انداز حليمان کي
ڪنبائي ڇڏيو.
”چڱو ڀلا ڏي...!“ حليمان ڄڻ پادرن جي پيهن مان
ڳالهايو ۽ مجبوريءَ مان ڌميءَ کان سئنڊل وٺي پاتو.
ڌيئون خوش ته اسان جي ماءُ کي ايڏي اهميت ۽ مان
پيو ملي... ماءُ کي سر جي لڳي پئي هجي پر ڪيئن
ڪڇي، مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.
”ائي مارين ٿي پرائي هڏڙن جي مٺ کي، گوڏا ڀڃي چٽ
ٿي ڪرائينس.“ زبيده، حليمان کي در ڏانهن ٿاٻڙندي
ويندو ڏسي صفوران کي چيو.
”ادي چٽ ٿينس ته پيا ٿينس هتان ته نڪري.“ صفوران
جي بيزاري ڏسي زبيده کي کل اچي وئي.
”چئبو ته هاڻي اچي ڪڪ ٿي آهين!“ عاشيءَ به کلندي
چيو.
”بس ادي، دنياداري جو ڪرڻي ٿي... ڄڻ تلوار جي ڌار
تي هلڻو ٿيو.“ صفوران معتبري ڏيکاريندي رعب مان
چيو.
”مان ته ادي دل ۾ نفرت ۽ زبان تي محبت رکڻ واري
دنيا داريءَ جي قائل ناهيان.“ زبيده چيو، ”سخيءَ
کان شوم ڀلو جو ترت ڏي جواب.“
”پنهنجو پنهنجو خيال آهي.“ صفوران ٿورو رکائيءَ
مان جواب ڏنس.
معاملو سنجيده ٿيندو ڏسي، گفتگوءَ جو موضوع بدلي
ٿوري دير ۾ عاشي ۽ زبيده به موڪلائي پنهنجي گهر
روانو ٿيون. |