جنهن آفيس ۾ هو ڪلرڪ هو اتي ٻين ڪلارڪن جون ڪم
توڙي فرصت جي وقت ويجهڙي هوٽل يا آفيس ۾ ئي
ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون، پان سگريٽ ۽ چانهه
جو دور چالو رهندو هو، پر هو سڀ کان جدا، الڳ،
نرالو ڪڪ ۽ بيزا، انهي ڪري ئي سڀ کيس ڪنجوس ۽
مغرور سمجهندا هئا. ماڻهن جا طنز ڀريا جملا هن
لاءِ نئين ڳالهه نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن جي دل
چاهيندي هئي ته هو دنيا کي يا گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان
ملندڙ ماڻهن کي ٻڌائي ته هو ائين ڇو ڪري رهيو آهي؟
کيس خيال ايندو هو ته جيڪڏهن ڪير هڪ به هن کان اها
”ڇو“ پڇي وٺي ته ان ۾ ڪيتري نه پنهنجائپ ۽ خلوص
هوندو، ۽ ڪيترو نه هنجي دل جو بار هلڪو ٿي پوندو،
ليڪن ائين ڪڏهن به نه ٿيو ۽ ڪنهن به ڀُلجي کائنس
چت جي چنتا جو حال نه ورتو. هن سان سور نه سليو...
هو اڪيلو زندگي جي گهاڻي ۾ پنهنجي مقصد جي مومل کي
حاصل ڪرڻ لاءِ ڳهندو رهيو.
سندس اميدن جو مرڪز بي. اي جو امتحان هو جنهن ۾
صرف اٺ ڏينهن وڃي بچيا هئا، هو ڏاڍو محنتي اورچ هو
۽ ڪيترن ئي امتحانن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو هئائين
هن کي امتحان جو بيچينيءَ سان انتظار هو ۽ جڏهن هو
پنهنجي ڪامياب ٿيڻ جو تصور ڪندوهو تڏهن هن جي دل
خوشيءَ کان سرشار ٿي ويندي هئي. هو سوچيندو هو ته
جيڪڏهن هن سال به هو فرسٽ آيو ته ڪنهن ڪمپيٽيشن ۾
ويهندو ۽ سندس اميدن ڀريا خيالي سلسلا پري پري
تائين سک ۽ راحت جي وادين ۾ پکڙجي ويندا هئا ۽ هو
اکيون پوري انهيءَ واديءَ ۾ گم ٿي ويندو هو.
آفيس مان موٽڻ هنجي کيسي ۾ سوا رپيو هو، جنهن جي
آڌار تي هنجا قدم سامهون رسالن جي دڪان ڏانهن
وڌيا. سرسري طور هن سڀني رسالن تي نظر وڌي، هڪ
رسالي جي افساني نمبر کي ڏسي، هنجي اکين ۾ چمڪ اچي
وئي. ڏاڍي شوق ۽ چاهه سان هن رسالو پنهنجي هٿن ۾
کنيو، ٽائيٽل ڪور تي سنڌ جي هڪ آرٽسٽ جو آرٽ هو.
ڪيتري نه سادگي ۽ ڪشش هئي انهيءَ آرٽ ۾... هو ڪا
گهڙي تصوير کي ڏسندو رهيو ۽ پنو اٿلائي اديبن ۽
شاعرن جي نالن کي غور سان پڙهڻ لڳو. رسالي جي قيمت
به سوا رپيو هئي. هن خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ليڪن
هن جو ذهن گهر ڏانهن کڄي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ وارا
ماءُ جا چيل لفظ هن جي ذهن ۾ وڄڻ لڳا. اڄ ڪائين
تاريخ آهي پٽ...؟“ ”امان اڃا ته پنجويهين آهي،
توهان هاڻ کان ئي...!!“ اکر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس ۽
اڳتي ڳالهائڻ نه سگهيو. ”ها پٽ! زرينه لاءِ
سوئيٽر...“ ماڻس جي دل ڀرجي آئي ۽ جذبات جي طوفان
کي روڪڻ لاءِ پٽ جي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. هوءَ
هڪ بيوه هئي. سندس مڙس هڪ ڌيءَ ٻه پٽ مفلسيءَ جي
گهري غار ۾ تنها ڇڏي لاڏاڻو ڪري چڪو هو... سليم جي
هٿ تي ٻه گرم گرم لڙڪ ڪري پيا، جن ۾ لاءِ انتها
خواهشون ۽ ارمان هئا. هن ماءُ ڏانهن نهاريو، ”امان
تون روئي رهي آهين؟“ ڄڻ چئي رهيو هجي ته ”امي!
جيڪڏهن تون روئيندين ته مان ڇا ڪندس، توکي پاڻ
منهنجي همت وڌائڻ گهرجي.“
”نه پٽ...“ هن لڙڪن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”امڙ غم نه ڪر. جيستائين آءٌ زنده آهيان تيستائين
توکي فڪر نه ڪرڻ ڏيندس.“ هن ماءُ کي آٿت ڏنو.
”پٽ فڪر ته ڪنهن ڳالهه جو ناهي. خدا توکي سلامت
رکي... تنهنجي ڀيڻ زرينه جوان ٿي وئي آهي...“ ماڻس
اڳتي ڪجهه نه چئي سگهي، پر هو سڀ ڪجهه سمجهي ويو.
”ها پٽ... زرينه لاءِ ڪو سوئيٽر وٺي اچج...
ويچاريءَ وٽ ڪو گرم ڪپڙو ئي ناهي. اڳيون سوئيٽر
صفا ڦاٽي ويو اٿس سيءَ ۾ پئي ٿڙڪي پر مجال آهي جو
ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي.“
”چڱو امان...“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.
دڪاندار هن کي گهڻي دير کان رسالو هٿ ۾ ڏسي چيو،
”صاحب رسالو پارسل ڪيان؟“ ۽ هنجي خيال جو سلسلو
ٽٽي پيو. ”جي...جي نه معاف ڪجو هي رسالو منهنجو
پڙهيل آهي.“ هن شڪي ٿيندي چيو. دڪاندار هنکي ڪرڙي
نظر سان ڏٺو، جيئن چئي رهيو هجي، ”ڇو ٿو ڪوڙ
ڳالهائين، اڄ ئي ته هي رسالو بازار ۾ آيو آهي.“
زرينه جو ڦاٽل سوئيٽر هنجي اڳيان ڦرڻ لڳو. هو سوا
رپيو پاڻ تي خرچ نه ڪندو، سڀاڻي پگهار ملڻ تي ٻيا
پئسا گڏائي سوئيٽر وٺندو. هو واپس وڃڻ لاءِ مڙيو.
”سليم،“ ڪنهن هن کي سڏ ڪيو، هن ڏٺو سندس پراڻي
ڪلاس فيلو رضيه پنهنجي ڪار روڪي هن طرف اچي رهي
هئي. ”هلو سليم، جڏهن کان تو نائيٽ ڪاليج جوائن
ڪيو آهي تڏهن کان ڏسجين به نٿو؟“
”اوهه! رضيه، گهڻي وقت کان پوءِ ملاقات ٿي آهي.
تمام مصروف رهڻو ٿو پوي اڄڪلهه، تون ٻڌاءِ ڪيئن
آهين؟“
”مان؟ مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان.“ هن پنهنجي گلابي
چپن تي موتئي جهڙي مرڪ پکيڙيندي چيو.
”ڪاليج ويندي هوندينءَ؟“
”ڪٿي سليم، ڪاليج جي رونق ته تنهنجي ڪري ئي هئي،
جڏهن کان تو نائيٽ ڪاليج ۾ داخل ٿئين، مون به انٽر
کان پوءِ پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو.“
”ڇو ٿي بيوقوف بڻائين.“ هن سادگيءَ سان مسڪرائيندي
چيو.
”سچ ٿي چوانءِ، يقين نٿو اچي. پر سليم توکي ڇا ٿيو
آهي. ڏاڍو اداس ۽ سوگوار سوگوار لڳي رهيو آهين.“
هن دل جي اٿاهه گهرائي سان همدرديءَ ڏيکاريندي
چيو.
”مان ته... مان اُداس ڪٿي آهيان!؟“
”تون ڀل نه مڃ، ليڪن تنهنجون نظرون ٻڌائي رهيون
آهن.“
”تون اڄ هت ڪيئن آئي آهين؟“ هن ڳالهه جو رخ بدلائڻ
چاهيو.
”اهو ته توکي ٻڌائي رهي هئس، سڀاڻي منهنجي سالگره
آهي، ان لاءِ هوٽل تي ڪجهه آرڊر ڏيڻ آئي هئس، اها
ته منهنجي خوش قسمتي چئبي جو تون ملي وئين، سڀاڻي
ايندين نه؟“
”ليڪن...“
”ليڪن ٻيڪن ڪجهه به نه، وعدو ڪر آءٌ تنهنجي ملاقات
ڊيڊي سان ڪرائينديس، هو توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو.
”رضيه مونکي اچڻ ۾ ته ڪو عار ڪونهي، پر تون هڪ
امير والدين جي سڪيلڌي ڌيءَ آهين ۽ مان... مان ته
ڌرتيءَ جي ڌوڙ آهيان... ڪلر جي ڪيري آهيان... آءٌ
انهي پارٽي ۾ شريڪ ٿيڻ جي قابل ڪٿي آهيان؟“
”ڇڏ سليم، اهي ڳالهيون نه ڪر.“ هن مصنوعي ناراضگي
جي انداز ۾ چيو.
هو مشڪيو، هن کي احساس ٿيو ته ڪاليج جي زماني کان
رضيه هن کان متاثر هئي، هن کي پسند ڪندي هئي... پر
هو خود گهرو پوڻ نه چاهيندو. هو، ڇو جو هن کي
پنهنجي مفلسي جو احساس هو. پاڻ کي هنجي قابل نٿي
سمجهيو، ليڪن اڄ گهڻي عرصي بعد رضيه هنکي ملي هئي،
هن سندس دل نٿي ٽوڙڻ چاهي. ڪيتري نه پنهنجائپ سان
هن کي اچڻ لاءِ چئي رهي هئي.
”ڇا سوچي رهيو آهين؟“ هن کي خاموش ڏسي هن سوال
ڪيو.
”ڪجهه به نه...“
”چڱو، آءٌ هلان ٿي، جلدي ۾ آهيان، تون ضرور
اچجانءِ مان انتظار ڪنديس. ۽ ڏس گهڻو نه سوچيندو
ڪر.“
”مان ضرور ايندس رضيه.“ هن جذباتي ڪيفيت ۾ چيو.
”چڱو باءِ، باءِ!“ هوءَ هلي وئي.
هو سوچي رهيو هو ته سالگره تي وڃي يا نه؟... هڪ
شديد ڪشمڪش هئي جا هن کي پريشاني جي لهرن ۾ ڌڪي
رهي هئي. هو وري سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن هو نه ويو ته
رضيه کي ڏک ٿيندو، هو ڇا سوچيندي ته غريب ايترا ڪم
ظرف ٿيندا آهن. هن کي ضرور وڃڻ گهرجي.
اڄ کيس شام جو دعوت تي وڃڻو هو. هن پنهنجو جائزو
ورتو. جيڪڏهن هو هن حال ۾ ويو ته رضيه جي انسلٽ
ٿيندي. هن کي ٺاهوڪو سوٽ پائڻ گهرجي ليڪن ٺاهوڪو
سوٽ ڪٿان آڻي...
”ڪا ڳالهه ناهي. مان سادن ڪپڙن ۾ ئي ويندس. رضيه
مون کي اهڙي حال ۾ به عزت ڏيندي، هن کي منهنجي
حالت جي سڀ ڄاڻ آهي.“ هن پاڻ کي ڏڍ ڏنو.
هن گفٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ نيري رنگ جي ڪشميري شال
پسند ڪئي، بل کي ڏسي هنجي دل دهلجي وئي. پوري
پنجاهه رپين جو بل هو. ”صاحب، بس اها هڪ ئي شال
رهجي وئي هئي.“ دڪاندار شال پئڪ ڪندي چيو. هن
ڏڪندڙ هٿن سان دهين ڏهين جا پنج نوٽ اڳتي وڌايا،
جن تي ڀيڻ جون حسرتون ۽ ماءُ جون تمنائون تڙپي
اُٿيون هونديون.
بنگلي کي ڪنوار وانگر سنيگاريو ويو هو. بجليءَ جا
هزارين بلب جهرمر ڪري رهيا هئا، رڪارڊنگ ٿي رهي
هئي، فضا ڪنهن اڻ لکي نشي کان مخمور هئي. ايندڙ
ويندڙ هي نظارون حسرت ڀريل نظرن سان ڏسي رهيا هئا.
خوشيءَ جا گيت ۽ رڪارڊ پولار ڪري رهيا هئا. هُن
اڇاتري نظر سان منظر کي ڏٺو ۽ بنگلي ڏانهن وڌيو.
ماڻهن جي ميڙ ۾ ٻه اکيون هن لاءِ منتظر هونديون هن
جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو. مين گيٽ تي بيٺل
نوڪر هن کي پاڳل سمجهي روڪيو، هن لان تي بيٺل ميڙ
کي ڏٺو ٻه اکيون ميڙ ۾ گم ٿي چڪيون هيون، مبارڪباد
جا نعرا فضا ۾ پکڙجڻ لڳا، نفيس تحفا پيش ڪيا پي
ويا، هن تجسس ڀريل نگاهن سان وري ڏٺو، ٻه اکيون
چمڪي رهيو هيون جن ۾ نفرت هئي، وحشت هئي ۽ عيان هو
ته جيڪڏهن توکي پنهنجي عزت جو خيال نه هو ته
منهنجي عزت جو ته خيال ڪرين ها. هن پئڪيٽ کي زور
سان ڀيڪوڙيو.
”سچ آهي ته خاڪ جي ذري کي عرش جي بلنديءَ سان ڪهڙي
نسبت.“ هُو ڀڻ ڀڻ ڪندو تکيون تکيون وِکون کڻندو
اڳتي وڌي ويو.
پرهه کان پهرين
مِهڻي مونکي
ائي صدوري ڏس ته ڪير آيوآهي“ ڏيڍيءَ جي ٻاهران
بگيءَ جي بيهڻ گهوڙي جي سنبن جو آواز ۽ هڻڪار ٻڌي
رئيسياڻي پنهنجي شيدڻ نوڪرياڻي کي پريان ئي هڪل
ڪئي. شيدڻ وٺي ڏيڍيءَ طرف ڊوڙ پاتي. ايتري ۾ ٻانهن
جي ڪڙين جو کڙڪو ۽ پازيب جو ڇمڪو ٿيو. خبر تان پئي
جو وڏيري گامڻ جي زال وڏيري ڀمان نروار ٿي. وڏي نٿ
ڪاري ڏاوڻ سوڌو، هڪ هڪ پنڙو ڪن ۾، ست سَري دهري
ڳچيءَ ۾ پائي، ڳري زال ’دلدل وانگر جُهومندي اڳتي
آئي.
”ادي ڀمل ڀلي آئين، جي آئين!“ رئيسياڻي غلام فاطمه
ٻه ٽي تيز وکون ڀريندي، وڏيري کي ڀاڪر وجهندي ڏاڍي
قرب سان کيڪار ڪئي.
”منهنجي دلبر ڀيڻ، تنهنجو منهن ڇو لٿو پيو آهي،
ڳاڙهي انب جهڙي، صفا هيڊي ٿي وئي آهين، اصل هڏائين
مٺ وڃي بچي آهين، بنهه ڳاري ڪنڊا ڪري ڇڏيو اٿئي
پاڻ کي!“ ڀمان رئيسياڻي ڀاڪر ۾ نپوڙيندي چيو.
”ادي بس“، رئيسياڻي کي ڀاڪر مان آجي ٿيندي چيو،
”صبر کان سواءِ پيو ڇا آهي.“
”آءٌ تنهنجون ڳالهيون ويٺي ٻڌان، اندر جلي ويو
اٿم.“ ڀمان رئيسياڻي سان گڏ کٽ تي ويهي پگهر
اگهندي چيو. ”ٽيون ڏينهن ته زينب آئي هئي، ويچاري
ويهي نٿي سگهي جو تازي موقن جي آپريشن ڪرائي اٿس،
تنهن تنهنجون خبرون ڪيون، سو دل چيم ته وڃي ٿو ڀيڻ
کي ڏسي اچان، ڪيتري قدر ڳالهه آهي.“
”بس ادي، قسمت جو ڦٽي ته اُٺ چڙهي وڇون کائي ۽ جي
ڀاڳ ٿو ٺهي ته دال منجها سيرو!، سو مُهاڻيءَ جو
هينئر ڀاڳ آهي.“ رئيسياڻي پنهنجي پوتيءَ سان ڳوڙها
اگهندي چيو.
”منهنجي ڀيڻ تون ڇو ٿي روئين، جيئَن تنهنجا ٻچا،
ڪٿي شاهه ڪٿي گدا!“ ائين چوندي پنهنجي رئي سان
رئيسياڻيءَ جا جهڙو ڀانيائين ته ڳوڙها اگهان ته
چيچ اک ۾ هڻي ڪڍيائينس. رئيسياڻيءَ کان دانهن نڪري
وئي.
”ائي ادي منهنجو تارو ڪڍي رکيئي!“
”ادي آءٌ صدقو ٿي وڃئين، الائي ڪيئن موئي آڱر جوش
۾ لڳي وئي، معاف ڪجئين.“
”ادي الله معاف ڪندئي، جيڪو منهنجي مقدر ۾ هوندو
اُهو ته ملندو تنهنجو ڪهڙو ڏوهه.“ رئيسياڻي رئي جي
ڪنڊ کي وات سان ٽوڪر ڏيئي اک تي رکندي شيدڻ کي سڏ
ڪيو. ”ائي صدوري ٿوري ماکي ته آڻي اک ۾ وجهيم.“
صدوريءَ ٽپو ئي هڪڙو ڏنو ۽ ماکي آڻي اک ۾ وجهڻ
واري هئي ته ڀمان اوچتو رڙ ڪري چيس. ”ائي متان! ڏس
ته ڇوري ڪيتريون ڳاڙهيون ڪئيليون شيشيءَ کي چهٽيون
پيو آهن!“
اهو ٻڌي رئيسياڻي ڊپ مان اکيون بند ڪري ڇڏيون.
”رَن هاڻي انڌو به ڪنديم! ڪٿان منهنجي ڪاڻ قهار
بڻجي آئي آهين!“ رئيسياڻي پويون جملو بظاهر ته
صدوريءَ کي چيو پر اشارو ڀمان ڏانهن هو. ”مون پچر
ڇڏي ماکيءَ جي- وڃ ٽر!“ صدوريءَ کي دڙڪو ڏيندي
چيائين. ”ائي جيجي الائي نِپٽيون ڪيئن چڙهيون.“
صدوريءَ پنهنجون اڇيون اکيون ڦرڙائي واڇن کي ڏسڻي
۽ آڱوٺي جي زور سان اگهندي چيو.
”چڱو هاڻي وڃ، گهڻو نه ڳالهائي.“ رئيسياڻي ائين
چوندي سولي ٿي ويٺي.
اَدي دُهري ته ماشاءَالله ڏاڍي جُڙي جڙي پئي
ٺهنئي!“ رئيسياڻي، ڀمل جي گهُگهيءَ جهڙي ڳچيءَ ۾
ڦاٿل دُهري جي رسمي تعريف ڪندي چيو.
”ڀيڻ دُهري ته گهڻي چڱي پر مٿان جا مُهري پئي لڳي
تنهن ۾ مُرڳو هانوَ ٿو ٻڏي.“ سون ۾ ڳاڙهي ڀمان،
تعريف ٻڌي خوشيءَ مان ڦونڊجي رومال سان پگهر
اُگهندي چرچي مان چيو.
”مُهري لڳئي دشمن کي. ڳالهين ۾ خيال ئي لهي ويم جو
کڻي پکو چالو ڪريان ها.“ رئيسياڻي چيو.
”ائي صدوري اِهو پکي جو بٽڻ تي هيٺ ڪر.“ رئيسياڻي
وڏي واڪي سَڏ ڪيو. صدوري جيڪا اڳ ئي ڳالهين ٻڌڻ
ڪاڻ در وٽ ڪن ڏيو بيٺي هئي، تنهن ڊوڙندي ڪوٺي ۾
اچي حڪم جي تعميل ڪئي.
اڃا پکو چُريو ئي مس ته ڀمان کي اچي نڇن جو دورو
پيو. هڪ ته دُهري ۽ پنڙن نپائي ڏنو هئس مٿان وري
آڇون، آڇون ڪري زال هٿن مان ٿي وئي.
”ادي اهو وري ڇا؟ گرميءَ ۾ به زڪام!“
”ڀيڻ، آڇون... اهائي... آڇون... مُئي علوءَ جي
(ايلرجي) اٿم. گرميءَ مان ٿڌ، ٿڌ مان گرميءَ ۾
ويندس ته اجهو اهو حال ٿيو وڃيم.“ ڀمان نڇن دوران
ڳالهائيندي چيو.
”آئي صدوري تون ڏسين ويٺي! جلدي ڪر پکو بند ڪر.“
رئيسياڻي ڪاوڙ مان چيو. ”اچي ڀيڻ هي وهاڻو، ٿورو
ليٽي پئو ته ڪجهه آرام اچئي، گرمي ٿيئي ته دُهري
کڻي پرس ۾ رک.“ رئيسياڻي همدرديءَ ڪندي سهڻي صلاح
ڏنس پر ’مرسان، مرسان دُهري نه لهيسان‘ ڀمان ڄاڻي
اها ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. ليٽي ليٽي وڃڻي هلائڻ
لڳي. ڪجهه آرام آيس. نڇون به بند ٿيس. نيٺ سُر
ڪڍيائين.
”ڀيڻ رئيس کي ڪهڙي بک هئي، مولا جو ڏنو سڀڪي اٿس.
عزت، دولت نيڪ ۽ صالح اولاد ڀلا اها به ڪا عمر آهي
شاديءَ جي!“ ڀمان سامت ۾ ايندي چيو.
”ادي اها ڳالهه نه آهي. ڀلي ست شاديون ڪري ها. پر
ڪو خاندان ته ڳولي ها. ائين وڃي گپ ۾ ڪريو. اهو به
نه سوچيائين ته ڇنڊا ٻين تي به وڃي ڪرندا. ڀيڻ آءٌ
ته آئي وئي جي ٽوڪ ٽاڻي کان بيزار ٿي پئي
آهيان.“رئيسياڻي ايتري هوندي به مڙس جي گلا يا
پنهنجي ذاتي معاملي ۾ ڀمان جي دخل اندازي کي اگرو
محسوس ڪندي لنوايو.
”چوين ته سچ ٿي، ڪتو به کائجي ڪُک به نه ڀرجي! ادي
نبن کي اهو واجب ڪونه هو.“ ڀمان هيٺئين واٽ وٺندي
چيو.
”ائي ڏسين نٿي ته ڪو مهمان آيو آهي. ڏند شيڪيو پئي
قصا ٻڌين، وڃ وڃي پنهنجو ڪم ڪر.“ رئيسياڻيءَ
صدوريءَ کي دٻ پٽائيندي چيو.
”ڏس ته رن جو مٿو ڦريو آهي!“ اِهو پرايو ٿيلهو
ڪيڏانهن پئي کنيو وڃين، اِهو هتي هندوري ۾ رک ۽
ادي ڀَمُلَ لاءِ، سيگهه ۾ چانهه ٺهرائي کڻي اچ!“
رئيسياڻي صدوريءَ تي، ’سور سيدن جا، پٽجن امام‘ جي
چوڻي مطابق وسندي چيو.
”ادي منهنجي چانهه ۾ کنڊ متان وجهرائين.“ ڀمان
ائين رڙ ڪئي ڄڻ سندس چانهه ۾ کنڊ نه ڄڻ ڪو زهر
وجهڻ ٿي ويو.
”آئي ادي ڇو؟“
”ڀيڻ مٺا پيشاب ٿي پيا اٿم، سو ڊاڪٽرن مٺاڻ
واپرائڻ کان جهل ڪئي آهي.“ ڀمان همدردي حاصل ڪرڻ
جهڙو منهن ٺاهيندي چيو.
”امان، مٺا پيشاب بابا کي به آهن نه!“ رئيسياڻي جي
پنجن ورهين جي پٽ معصوميت مان ماءُ کان پڇيو.
”جِتي نه پوک اُتي اُڀريو بيٺو آهين، وڃ وڃي ٻاهر
کيڏ، تنهنجو وڏن ۾ ڪهڙو ڪم.“ رئيسياڻي پٽس کي تڙي
ڏيندي چيو. ڀمان به نينگر جي اوچتي سوال تي ڪجهه
مڙئي شڪي ٿي وئي. |