”اهڙا ماڻهو ملڻ، مشڪل هوندا آهن. وڏي ڳالهه ته
توهان ٻنهي جون ساراهون ٿو ڪري.“
مونکي راڻي جي اها ڳالهه نه وڻي جو هوءَ گهڙيءَ
گهڙيءَ ”ساراهه“ جو اکر چئي مونکي متاثر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رهي هئي. مون کيس ڪو جواب نه ڏنو.
مان ۽ پپو لان تي ويٺا شاد جو انتظار ڪري رهيا
هئاسين. منهنجي نظر پريان ڀوري تي پئي، جيڪو ڇٻر
ڪتري رهيو هو. مونکي ڏسي اکيون هيٺ ڪري ٻي پاسي
هليو ويو. ڏاڍو شريف معلوم ٿي رهيو هو. راڻيءَ جي
ڳالهين تي يقين ئي نه پئي آيم. خيال ڪيم ته شڪي
آهي ته اسان جو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو اهو سندن
گهريلو معاملو آهي. پر شاباس هجي ويچاري کي جو
اسان تي اعتبار ڪري راڻي کي ڇڏيو اٿس. پر هوءَ ته
مصري جي سامهون ايندي آهي. انهيءَ ڏينهن چئي رهي
هئي ته اگر ڀوري کي اها خبر پئي ته ساهه ڪڍي ڇڏيم.
پاڻ ڪيتري به شريف ڇو نه هجي پر اسان تي جيڪو
اعتبار ڪيو اٿس مونکي ان جو احترام ڪندي راڻيءَ کي
روڪڻ گهرجي ته هاڻي مصريءَ جي سامهون وڃڻ جو ڪوبه
ڪم ناهي. جنهن صورت ۾ تنهنجو مڙس اهڙي اجازت نٿو
ڏي؛ تنهنجو فرض آهي ته ان تي عمل ڪرين. ٻئي ڏينهن
مون راڻيءَ کي مصريءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽
سامهون اچڻ کان منع ڪري ڇڏي. مون محسوس ڪيو ته
منهنجي اها ڳالهه راڻي کي ڏکي لڳي، پر هو ڪجهه ڪڇي
نه سگهي.
ٻپهرن جو ننڊ پئي آئي، اس به تکي هئي ۽ سيءُ به
گهٽ هو، مون چاهيو ته ٿوري دير لان ۾ ويهي نٽنگ
ڪجي. مان ٻاهر وڃڻ لاءِ جڏهن رڌڻي اڳيان لنگهيس،
تڏهن... مان ذري گهٽ بيهوش ٿي ٿيس... مون ڏٺو ته
مصري فرش تي ويٺو هو ۽ راڻي سندس هنج ۾ ڏاڍي بي
حيائي سان ليٽيل هئي ٻنهي مونکي ڏٺو. خوف کان کين
سڪتو ٿي ويو. مان فوراً ئي واپس ڪمري ۾ هلي آيس.
ڏک ۽ ڪاوڙ کان منهنجي دل تکي هلڻ لڳي. ڀوري جي شڪل
منهنجي اکين اڳيان ڦري آئي- اٻوجهه ۽ معصوم.
منهنجو دم جهڙو گهٽجڻ لڳو... مان پاڻ کي گنهگار
سمجهڻ لڳيس... ڪاش منهنجون اکيون اهو ڪجهه نه ڏسن
ها.... هي دلڪش علائقو، اسان جي پهرين ملاقات جو
يادگار، جنهن کي ياد ڪرڻ سان روحاني مسرت ٿيندي
هئي اهو داغدار بنجي ويو، هڪ عورت جي هٿان... مون
آلين اکين سان دريءَ جي ٻاهران ڏٺو. مونکي محسوس
ٿيو ڄڻ، پهاڙ، جن تي سدائين نور وسندو هو، ٻُسا ۽
بي ڊولا لڳي رهيا هئا سندن اوچا ڳاٽ جهڪي ويا هئا.
واريءَ سندو ڪوٽ
اڄ زينت جي گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. رڳو رکي رکي
سندس ڪوٺيءَ مان هُن جي آواز جا سنهڙا سنهڙا سُر
ڦٽي رهيا هئا. هوءَ پلنگ تي اڍائي مڻي ڳوڻ وانگر
ائين ليٽي پئي هئي جيئن ڪانٽي تي ڪا وزني شيءِ
تورڻ لاءِ رکي هجي. سامهون سندس رڻ ڪڇ جيان ڏڪاريل
جسم جهڙو مڙس الهه ڏنو، جنهن جي مجموعي تور ٽيهن
سيرن کان وڌ نه ٿيندي، سو حڪم جي بندي وانگر ڪاغذ
تي پنهنجي زال جون فرمائشون لکي رهيو هو.
الهه ڏنو هو ته تپيدار پر منجهس تپيدارن واري
چُستي ۽ چالاڪي بنهه نه هئي، قد هيڪاندو ڊگهو، بدن
اهڙو سنهڙو ۽ ڪمزور جو تيز هوا جو جهوٽو به هوند
کيس اُڏائي وڃي... طبيعت به گهڻي حد تائين يتيماڻي
هئس، ايتري تائين جو چالاڪ کاتيدار سندس ”آنڪي“
واري ڳجهي اڪائونٽ ۾ گهوپيون هڻڻ جي ڪوشش ڪندا
هئا.
اِنهن ڪمزورين جي هوندي به هو ڏيتي ليتي واري
معاملن ۾ ڏاڍو ڀَڙ ۽ هوشيار هو. ”هذا من فضل ربي“
جي وٽس ڪمي نه هئي. کيس سنڱ نه ٿي مليو. گهڻائي
حيلا هلايائين ۽ وس ڪيائين آخر ڪجهه تقدير ۽ ڪجهه
سنڱ ڪرائڻ وارين ”سڳورين“ کيس وَڏ گهراڻي مان شادي
ڪرائڻ جا آسرا ڏيئي ۽ وڏا وڏا دستاويز لکائي هڪ
مَڙهه جيڪا کانئس گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال وڏي هوندي
اڙائي ڇڏي ۽ اهو قول ثابت ڪري ڏيکاريو ته، ”مڱيو
ته ٽنگيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ، ماڻهو ڪيو ماٺ، مڙس
به ويو پئسا به ويا!“
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه هو ته زينت برابر وڏي گهر مان
آئي هئي، ڇو ته سندس چاچو ملڪ رحيم خان چڱي پئسي ۽
اثر رسوخ وارو شخص هو. اها جدا ڳالهه هئي ته زينت
جي حيثيت اُتي هڪ پورهيت کان وڌيڪ نه هئي. هوءَ
اڃان ننڍي ئي هئي جو سندس بدڪ جيڏي رنگين مزاج
ماءُ ڀڄي وڃي ٻيو مڙس ڪيو- ڀلا هڪ ونڊ جي ٽڪرن تي
پلندڙ، مسيت جي مُلي مجاور جي سرءُ جي ساڙيل بنجر
۽ ويران زندگيءَ سان سندس چلولي ۽ وسڪڻي من کي
ڪٿان ٿي قرار مليو- ۽ هڪ ڏينهن وجهه ڏسي زينت کي
جا تن ڏينهن ۾ ڇهه ستن سالن جي مس هئي، اُتي ئي
درگاهه جي اوطاري ۾ ڦٽو ڪري پاڻ درگاهه جي ڪنهن
عقيدتمند سان نڪري وئي.
زينت جو پيءُ ان مهل ميت کي دفنائي ڪانڌين سميت
موٽيو پئي آيو جڏهن کيس زال جي ”سنجن سوڌو“ ڀڄي
وڃڻ جي خبر پئي تڏهن ڪجهه دير پهريائين جيڪا ميت
دفنائي آيو هو، تنهن ساڳي هنڌ پاڻ کي دفن ٿيندو
محسوس ڪيائين. انهيءَ اوچتي سور کيس اندر ئي اندر
کائي ڇڏيو ۽ هڪ ڏينهن اُڏوهي کاڌل ڪاٺ وانگر اچي
پٽ پيو وري نه اُٿيو-
پيءَ جي مرڻ کان پوءِ زينت جي پرورش ۽ سار سنڀار
سندس چاچي رحيم خان وٽ ٿيڻ لڳي. چاچيس جنهنکي اڳ ۾
ئي ڌڻ ڌيئن ۽ ٽوڪرو پٽن جو هو، هن اوچتي بلا جي
اچڻ تي نانگ وانگر ڦوڪارا ڏيڻ لڳو. ”اڳ ئي پنهنجا
ٻار ٿورا اٿئي جو مٿان وري هيءَ مصيبت به آڻي ڦٽي
ڪيئي.! سندس آواز وِڄ جيان رحيم خان تي ڪِريو.
”ٺهيو هاڻي ڪريم ماءُ الله سڀڪي ڏنو اٿئون، هيءَ
يتيم به پلجي ويندي.“ ”اسان ڪو ڀاڄوڪڙن جي ڌيئن جو
ٺيڪو کنيو آ ڇا؟“ ”پر هو ته ويچارو منهنجو رت...
جگر... سڳو سؤٽ هو!“ هُن ڄڻ دردمندانه اپيل ڪئي.
”هائو سؤٽ! مُئو استنجي جو ڀِترُ! مجاور ڪٿي
جو!!!“ هن وِڄ جيان وڪڙ کائيندي ڳالهه ختم ڪئي.
انهي ڏينهن ئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي زينت جي
ننڍڙي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته سندس هن
گهر ۾ چلهه جي مارنگ جيتري به اهميت نه هئي. چاچي
جي ته اها خواهش هئي ته هوءَ به سندس ٻارن سان گڏ
اسڪول پڙهڻ وڃي، پر منڍ کان ئي سندس سر تي گهر جا
ڪيئي ڪم مڙهيا ويا هئا، جهڙُڪ: چاچيءَ جي چيلهه تي
زور ڏيڻ، سندس مٿي جا اڇا وار چونڊڻ، چاچي جي
روزانو ڏيڍ پاءُ بلغم سان ڀريل گينڊي کي برش سان
صاف ڪري چمڪائي پلنگ جي سيراندي رکڻ- ”اٽئچ باٿ
روم، جا ڪموڊ ڌوئڻ وغيره وغيره، پوءِ ڀلا ويچاريءَ
کي اسڪول وڃڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ايترو وقت ڪٿان ٿي مليو.
زينت جون سوٽيون پنهنجين جيڏين سرتين اڳيان کيس
مائٽياڻي ظاهر ڪندي مهڻو سمجهنديون هيون نه ته به
”اٺين پيڙهي اُٺ- ماڪوڙو ماسات“ کان وڌيڪ نه
ڄاڻينديون هئس.
هوءَ جيئن جيئن وڏي ٿيندي ٿي وئي تيئن تيئن سندس
ڪم ڪاريون ۽ ذميداريون وڌنديون ٿي ويون- هن ۾ ڪا
خودداري نه هئي... ڪو احساس نه هو... هُن ڪڏهن به
سوٽين ۽ پنهنجي وچ ۾ فرق محسوس ڪري پاڻ کي اُداس
نه بڻايو هو. هوءَ سمجهندي هئي ته هو پيدائي ڄڻ
انهن جي خدمت لاءِ ٿي آهي. پنهنجي انهيءَ حال ۾
گهڻو خوش هئي. اها عزت افزائي هن لاءِ ڪا گهٽ هئي،
جو چاچيس سندس سگهڙائپ مان خوش ۽ مطمئن ٿي گهر جون
سموريون ذمينداريون مٿس وجهي ڇڏيون هيون... هوءَ
سڄو ڏينهن گڏهه وانگر ڪم ڪندي هئي. ڪپڙن سبڻ جي
مشين هلائڻ، استري ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، سوَڙون ۽
رِليون سبڻ کان وٺي، ٻهاريون، پوچيون ڏيڻ، ڪڻڪ
ڇنڊڻ، چانور چونڊڻ، مصالحه ڪٽڻ ۽ ٻارن کي وهنجارڻ
سهنجارڻ جا سڀئي ڪم سندس ذمي هئا. ڪنهن نوڪر جو ڪم
کيس وڻندو به ته نه هو، بس رڳو گهر ۾ هڪ ئي نوڪر
هئو جيڪو بورچيءَ جو ڪم ڪندو هو. اڳ جو ايترو پئسو
نوڪرن ۾ ضايع ٿيندو هو تنهن جي هاڻ بچت ٿي وئي
هئي. کيس ته پگهار ڏيڻ جو سوال ئي نٿي اُٿيو، ڀلا
مائٽن کي پگهار ڏيئي ذليل ٿورو ئي ڪبو آهي؟ ها-
عيد برات تي چاچي ۽ چاچيس کي مبارڪ ڏيڻ جو اُجورو
کيس چاچيءَ کان ٻه ۽ چاچي کان پنج رپيا ملي ويندو
هو ۽ ڪنهن نوڪرياڻيءَ وانگي بي بي يا صاحب چوڻ جي
بجاءِ کيس ”چاچا“ ۽ ”چاچي“ چوڻ جو فخر حاصل هو. هڪ
دفعو هن جي ذهن ۾ خيال آيو ”ڪهڙي خبر چاچيس سندس
سگهڙائپ مان خوش ٿي کيس ڪريم جي ڪنوار بڻائي ڇڏي.“
پر جڏهن ڪريم ولايت وڃڻ کان اڳ سيٺ قاسم ڀائي صالح
ڀائي جي ڌيءُ سلميٰ ٻائي سان نڪاح جو ارادو ظاهر
ڪيو هو ته پاڙي جي هڪ ڪراڙي زائقا نڪ تي آڱر رکندي
کيس نصيحت ڪندي چيو هو: ”ابا! پنهنجي موتين جهڙي
سؤٽ کي ڇو ٿو ڌارين لاءِ ڇڏين؟“ تڏهن ڪريم بي
پرواهيءَ سان چيو هو ته: ”زينت اسان جي لائق
ناهي.“ بدقسمتيءَ سان زينت اهي اکر ٻڌي ورتا ۽
ڪجهه دير لاءِ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو پر هُن انهيءَ
ڏينهن کان پوءِ انهيءَ گهر جي نُنهن بنجڻ لاءِ
ڪڏهن سوچيو به ڪونه. سندس سوٽين، جي کانئس گهڻو
ننڍيون هيون، پڙهي لکي، ڊگريون وٺي وڃي شينهن ڪلهي
چڙهيون. کين جڏهن ڪو ٻارڙو ڄمڻ وارو هوندو هو ته
زينت کي گهرائي وٺنديون هيون، جيڪا مٿائن نه فقط
راتين جون راتيون اوجاڳا ڪڍندي هئي پر گهر جي
سموري ڪم ڪار ۽ ٻين ٻارن کي پڻ سنڀاليندي هئي.
جيڪڏهن هو ڪٿي گهمڻ گهتڻ وينديون هيون ته زينت
پٺيان خوش اسلوبيءَ سان گهر سنڀاليندي هئي، پر
اتفاق سان جيڪڏهن کيس ساڻ به وٺي وينديون هيون ته
هوءَ واپسيءَ تي ڪپڙن ۾ ئي نه ماپندي هئي. کيس
ائين لڳندو هو ته ڄڻ چنڊ تان گهُمي آئي هجي. ”ادي
زينت نه هجي ها ته هوند اسان جو الائي ڪهڙو حشر
ٿئي ها. اهڙيون سگهڙ سوٽيون ته شل ڪنهنجيون هجن.“
هڪڙي سوٽ اک جي ميڇ ڏيئي جڏهن سڀني جي آڏو، زينت
جي تعريف ڪندي هئي ته کيس پنهنجو وزني جسم ڪنهن
ڪپهه جي پوڻيءَ جيان لڳندو هو ءَ هوءِ هوا ۾ ترڻ
لڳندي هئي. رت جو دورو خوشيءَ کان تيز ٿي ويندو
هوس. هنجي مرجهايل جوانيءَ تي هڪ دفعو بهار اچي
ويندي هئي ۽ سندس جسم، جنهن ۾ اڳ ئي رت جي ڪائي
کوٽ نه هئي وڌيڪ اضافو ٿي ويندو هو. موڪلائڻ مهل
سندس خدمتن جي عوض؛ کيس تحفي طور ريشمي رئو، چمپل
يا چولو ملندو هو ته: جيئس ڙي جيئس! منهنجا
ڄاڻائون ٿا جيئن“ جي چوڻي مطابق فخر مان ٺونٺيون
هڻندي، اچي گهر ٺڪاءُ ڪندي هئي- جتي ساڳيا لاٽون
ساڳيا چُگهه ۽ اهي ئي روهه رلا مٿي گلا، وري اچي
پنهنجو اصلوڪو عهدو سڀاليندي هئي. سؤٽن جون زالون
۽ چاچيس کيس ڏسندي ئي چهٽي وينديون هيون، ڄڻڪ ”هٿ
جي ڏوئي“ يا ”انڌي جي لٺ“ اچي وئي هجي. ”آئي! ايڏا
وڃي ڏينهن لاتيءَ؟ گهر اُٻاڻڪو ٿي پيو هو
توکانسواءِ اسان کي ته بنهه کائڻ ٿي آيو.“ تڏهن
سندس واڇون ٻن ويسن ۾ کنڊيرجي وينديون هيون ۽
ناسون ڦنڊي، مشڪندي ۽ لڏندي وڃي ڪم کي جنبندي هئي.
اهڙيءَ ريت سندس نوجواني جواني ۾ ۽ جواني، ٿولهه ۽
ڪراڙپ جي سنگم سان هم آهنگ ٿي رهي هئي. سندس
زندگيءَ جا ٻٽيهه سال سندس چاچي ملڪ رحيم نواز خان
جي گهر واري گهاڻي ۾ چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڳهندي
ڳهندي گذري چڪا هئا. ”مائي قهر آهي. ڇوريءَ جي
ڄمار ئي ڳاري ڇڏيائون. امڙ! پرائي ڄائي اٿن نه،
تڏهن ته ڪو فڪر ئي ڪونهين، پنهنجون ڌيئر پٽ ته
پرڻائي ڇڏيائون، غريبڙي يتيم زينت تي ته ترس ئي نه
ٿو اچين جو کڻي ويچاريءَ جي ڪٿي شادي ڪرائي ڇڏين.“
اوڙي پاڙي جي زالن ۽ گهر ۾ ايندڙ ويندڙ زائفن جي
طعنن ۽ مهڻن جي تيرن، چاچي ۽ چاچيءَ جي ڪنن کي
زخمي ڪري ڇڏيو، تڏهن کين زينت کي اُٿارڻ جو خيال
آيو ۽ ٿورڙي تڪليف سان ئي زينت جي قسمت جو فيصلو
ٿي ويو. سندس پاند الهڏني تپيدار جي پاند سان
اٽڪايو ويو. زينت جنهن جي زندگيءَ جي رنگيني
چاڪيءَ جي ڏاند کان ڪنهن به صورت
۾ وڌيڪ نه هئي تنهن کان ڀلا کٽ تي ويهي کائڻ ۾ ڪٿان ٿي مزو آيو. ”جن کاڌا
پلن جا پيٽارا تن جا هنيئڙا ويچارا“ وانگر زينت کي
به ڪم کانسواءِ قرار نه آيو ۽ شادي جي ٽين ڏينهن
ئي مڙس ۽ سسڻس جا ميرا ڪپڙا چونڊي هڪ هنڌ ڌوئڻ
لاءِ گڏ ڪيا ۽ ٻهاري کڻي گهر صاف ڪرڻ لڳي.
ڪراڙي سس جنهن کي سڪي پني مس مس ننهن ملي هئي تنهن
دانهن ڪري وڃي ٻهاري ڦريس- ”منهنجي شهزادي جي
راڻي، آءٌ مري وئي آهيان جو توکان ڏياريندس
ٻهاريون-؟ نوڪرن جي هوندي سوندي تون ڇو ڪم ڪرين؟“
”پوءِ ڇا آهي امان، چاچيءَ جي گهر به ته ڪم ڪندي
هئس، ۽ هي ته منهنجو پنهنجو گهر آهي، مونکي ته
نوڪرن جو ڪم وڻي ئي ڪين.“ زينت ننڍي نيٽيءَ ڪنوار
جيان شرمائيندي خوشي کان ٻلهار ٻلهار ٿيندي چيو.
”آئي امان، تنهنجا دشمن ڪم ڪن، منهنجو الله ڏنو ڪو
سڃو آهي ڇا- مولا جو ڏنو سڀڪي آهي تولاءِ سوَ
ٻانهيون رکجن تڏهن به ٿورڙيون. چري نه ٿيءُ منهنجي
راڻي، سڪيلڌي! منهن ڌوئي پلنگ تي ٿي ويهه مڙسهين
جي اچڻ جي مهل ٿي آهي. ڇا چوندو-“ سسڻس سراتاپاءِ
پيار ٿيندي چيو زينت مشڪي ٻهاري رکي ڇڏي. پوءِ
اهڙا گهڻيئي موقعا آيا جنهن ۾ سسڻس کي ڪم ڪندو ڏسي
زينت وٽس ادب مان ڊوڙي ويندي هئي، پر هوءَ هميشہ
جيان کيس راڻيءَ بادشاهزاديءَ جا لقب ڏيئي ڪم کي
هٿ نه لائڻ ڏيندي هئي. نتيجو اهو ٿيو جو ٿورن ئي
ڏينهن ۾ زينت جا سنڌ سُڪي ويا ۽ کانئس ڪو ڪم نه
پڄندو هو. غير معمولي اهميت ۽ ڌيان ملڻ ڪري هو
پنهنجي ليکي پاڻ کي سچ پچ انگلينڊ جي راڻي سمجهڻ
لڳي هئي.
الهه ڏني تپيداريءَ مان ايڏو ته ڪمايو هو جو سندس
ست پيڙهيون به هوند ڪک ڀڃي ٻيڻي ڪرڻ کانسواءِ ئي
کٽ چڙهي کائي ٿي سگهيون. هن پنهنجي سڪيلڌي زال
لاءِ اهو ڪي ڪيو جو ويچارو چڱو خاصو وچولي طقبي جو
سکيو ستابو ماڻهو به هوند ڪجهه نه ڪري سگهي.
زينت ويچاري؛ جنهن پنهنجي اڌ وهي پرايا ٻيلپا ڪري
گذاري هئي اڄ ان جي اڳيان پٺيان نوڪر هئا ۽ کٽ تان
هيٺ پير نه ٿي لاٿو. سندس ”سنهڙو ۽ ڪمزور جسم“
ايترو ته سنهڙو ۽ ڪمزور ٿي ويو هو ڄڻ هاٿي. زينت
اڳ جيڪا ٻالي ڀولي ۽ سادي سودي نوڪرياڻي هئي فقط
هڪ ئي سال ۾ سچ پچ هڪ وڏ گهراڻي ۽ خانداني زال
بڻجي چڪي هئي.
”الاني ماءُ! ڪر خبر، اٿئي ڪا ننهن کي اميدواري؟“
پاڙي جي هڪ گهاگهه ۽ ڪامياب دائي، سندس سس کان
پڇيو. دائيءَ جو جملو لاٽونءَ وانگيان بولاٽيون
کائيندو، زينت جي ڪنن ۾ پڙلاءُ ڪرڻ لڳو.
”اميدواري!“- زينت اهڙي ريت ساهه کنيو جيئن ڪا
مينهن ڇرڪ ڀري پاڻيءَ مان نڪتي هجي. ”اُميدواري-
اُميدواري“ ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين اهي لفظ سندس
لاشعور ۾ ٻار لاءِ دٻيل خواهش کي چيڀاٽيندا رهيا.
”مائي! خير سان شاديءَ کي سال ٿيو آهي. ننهڻي جو
اڃا پير ڳرو نه ٿيو آهي؟ ڪا دوا ٻوا نه ٿا ڪرايوس؟
مان ته پنهنجي آهيانوَ ڪهڙا ٽڪا خرچ ايندو ڪو
ڪاڙهو ٻاڙهو پياريوس، ڪا سُتي ڦڪي ڏيوس ته عضوا
کُلي پونس. من ڪا مولا سڻائي ڪريوَ. گهر جي سونهن
ته هوندي ئي ٻارن سان آهي. الله ويچاري الاني کي
ڪو اولادي ڪري.“ دائي هاسيڪاري زينت جي ڪمري ڏانهن
منهن ڪندي زور زور سان چوڻ لڳي.
”اميدواري- ڪاڙهو ٻاڙهو- سُتي ڦڪي- غضوا!“ دائي جي
اکرن طوفاني واچوڙي وانگر زينت جي ذهن کي جهنجهوڙي
ڇڏيو. ”مان پنهنجي آهيانوَ ڪهڙا ٽڪا خرچ ايندوَ.“
زينت جو خيال دائي جي اُنهن لفظن ڏانهن کڄي ويو،
جن مان کيس لالچ جي بوءِ پئي آئي. هن هڪ دفعو ٻيهر
ٿڌو ۽ اونهوساهه کنيو، پر هن دفعي سندس ساهه ۾
اطمينان هو.
”ابا واحد جي زال، کتو دائي آئي هئي. ڪنوار لاءِ
ڪاڙهي ٺاهڻ جو چئي وئي آهي. مون ته حامي ڪونه
ڀريس؛ ڏاڍو پنهنجائپ مان زور پئي ڀريائين. چيائين
ته رڳو ست ڏينهن، نيراني هانءِ منهنجو ڪاڙهو پيئ،
جي ٻار نه ٿئيس ته منهنجو نالو کتوءَ دائي مائي
ڦيرائي... رکجو! مون چيومانس ته پٽ اچي ته ان کان
پڇي توکي ٻڌائينديس“ الهڏني جي گهر ۾ گهڙڻ شرط،
ماڻس کيس کتوءَ دائي جو قصو ٻڌايو. ”امان! گهر جي
وڏي تو آهين... ٻيو ته اهي زالن جا ڪم آهن، مان ڇا
ڄاڻان ڪاڙهن مان... جيئن وڻئي تيئن ڪر-“ الهڏنو
ائين چوندو، اڱڻ مان صفحي ۾ اچي بيٺو. ”ڀلا ڪاڙهي
پيئڻ سان زينت کي....“ الهڏني شرم کان يتيم ۽
مسڪين صورت ٺاهيندي جملي کي ائين ڳيت ڏني، ڄڻ
نڙيءَ ۾ ڪو ڪنڊو ڦاسي پيو هجيس. ”ابا! کتوءَ
دلداري ته ڏاڍي پئي ڏني پوءِ به مولا جي هٿ وس
آهي.“ ماڻس ڏاڍي نراسائي مان، سندس مطلب سمجهندي
چيو. ”چڱو! چڱو! الهڏنو ائين چوندو پنهنجي ڪمري ۾
گهڙڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ”ڇا هي چڱو چڱو؟ ماسيءَ
کتوءَ ڪنهن کي ٿي دلداري ڏني؟“ زينت سموري مام کي
سمجهڻ جي باوجود به هاسيڪاري اڻڄاڻ ٿيندي پڇيو.
”نه نه ڪا ڳالهه نه آهي.“ الهڏني زال کي ٻانهن کان
وٺندي اندر ڪمري ۾ داخل ٿيو.
ڀنڀرڪي مهل، الهڏني اڃا پاسا پئي ورايا ته باٿ روم
مان، الٽي ۽ اوڪارن جا آواز، زور زور سان سندس ڪنن
تي پيا. هُو حيرت ۽ خاموشيءَ سان، منهن تان چادر
لاهي هنڌ تي ئي اٿي ويٺو. ”امان! امان! خير ته
آهي؟ ڪير ٿو الٽيون ڪري؟ زينت ته نه آهي! ڇا سندس
طبيعت خراب آهي ڇا؟“ الهڏني جو ميڪڻو ۽ روئڻهارڪو
آواز ڪمري جو ڀتيون لتاڙيندو، صفحي جي ديوارن سان
ٽڪر کائيندو، اڱڻ ۾ ماڻس جي ڪنن تي پيو. الهڏني جي
ماءُ جنهن ٻُڙو پئي جُهڳيو ۽ ٻُڙو جهُڳي، هٿن سان
مکڻ جا چاڻا ٺاهي ٺڪر جي دکيءَ ۾ رکندي ٿي ويئي
سان پٽ جي رڙين ۽ زينت جي الٽين کان بيساخته ۽ نيم
خوشيءَ کان پاڳل ٿيندي، باٿ روم طرف، هٿ اگهڻ
کانسواءِ ئي ڊوڙ پاتي. ”امڙ زينت! خير ته آهي.“
”ها امان! مڙيوئي خير آهي؛ اسر کان ئي دل پئي ڪچي
ٿي.“ زينت، سڄي هٿ جي ڏسڻي ۽ وچين آڱرين کي اگهندي
(جيڪي هن ڪاڪڙي تائين پهچائي زوري الٽي ڪرڻ جي
ڪوشش پئي ڪئي) ۽ دُدڙيون ڀريندي چيو. ”ڇو- خير ته
آهي؟“ الهڏني ماءُ ۽ زينت جي ويجهو اچي پريشاني
مان پڇيو. ”اي ابا! تون ته ڪو ڇيڳڙو آهين- تنهنجو
ڪهڙو ڪم زالن جي ڳالهين ۾، وڃ وڃي هٿ منهن ڌوءِ ۽
ڏندڻ پاڻي ڪر.“ ماڻس خوشيءَ مان ٻلهار ٿيندي،
الهڏني کي هلڪي تڙي ڏني. ”مان گهور وڃان پنهنجي
راڻي ڌيءَ تان... صدقي وڃان سائين جي نانءَ تان
جنهن منهنجون اسون پڄايون. ”زينت امان! شل ست
پٽيتي ٿين.“ پوڙهيءَ تي زينت جي الٽين ۽ اوڪارن،
ايڏو ته اثر ڪيو جو سندس لنو لنو خوشيءَ کان پهڪڻ
لڳي- الهڏنو ڳالهه کي نه سمجهندي به واڇون
کنڊريندو اڳتي وڌي ويو.
زينت فقط هڪ سال جي عرصي ۾ چالاڪ نوڪرياڻين ۽ اوڙي
پاڙي جي زائفن سان اٿڻ ويهڻ ڪري ڏاڍو تجربو حاصل
ڪري ورتو هو. سندس ٻانهپ واري زندگي جي غير شعوري
طور سان گذاريل عرصي، هن جي تحت الشعور جي بند
کڙڪين کي کولي ڇڏيو هو- هوءَ هن وقت اها زينت نه
هئي جيڪا چوويهه ڪلاڪ مشين جيان گگدام بنجي گهندي
رهندي هئي. ڪالهوڪي زينت ۾ زمين آسمان جو فرق هو.
ڪالهوڪي زينت هڪ ٻانهي هئي ۽ اڄوڪي زينت هڪ گهر
ڌياڻي ۽ خود مختار، هن جي زندگي جا ٻئي دور هن
لاءِ هڪ ٺوس تجربي جي صورت ۾، سندس حوصلي ۽ شعور
کي وڌيڪ پختي ۽ پڪي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا- هوءَ ڪنهن
کتوءَ دائي جي ڪاڙهي وغيره پيئڻ کان اڳ ۾ ئي
”اميد“ سان ٿي پئي هئي. الهڏنو ۽ ماڻس، سندس مڪر
کي حقيقت سمجهي، مٿائنس گهور گهور پئي ٿيا.
”امڙ زينت اٿي ڪجهه پيٽ ۾ گرهُه ته وجهه، رات کان
نيراني آهين.“ سسڻس ڏاڍي پاٻوهه مان کيس مخاطب
ٿيندي چيو. ”امان بک ته جهجهي اٿم پر نڙيءَ مان
ڪاشيءَ هيٺ لهي ئي نه ٿي. هانوَ تي ڄڻ ٻوسٽ ٿي
ڀانيان، دل ڪچي ڪچي پئي ٿئي.“ زينت پاسو ورائيندي
چيو. سندس پاسي ورائڻ سان، پلنگ مان چرڪاٽ نڪري
ويا. ”امان... ڪا سائي مرچ ته تري ڏيوم... ڀلا
واڱڻ هوندا!... من ڪريلا ۽ گوشت هجي... الا امان!
ڪٿان کٽڙو ڏڌ نه آڻين ڏين... صوف ڪونه هوندا... ڪا
ڪنڌاري ڏاڙهون جي ڦاڪ ئي هجي... انبڙي ذري ڪٿان نه
ملندي... دل ماندي پئي ٿئيم.“ زينت هڪ ئي ساهه ۾،
موسمي ۽ غير موسمي شين جي ائين طلب ڪئي ڄڻ، سسڻس ۽
مڙس وٽ ڪو علاءُ الدين جو جادوءَ وارو چراغ هجي،
جنهن کي مهٽي ڏيڻ سان هر شيءِ موجود ٿي ويندي.
گوشت بند هجڻ وارن ڏينهن تي ته ڪڪڙ، تتر، آڙيون،
ڄانگا، ڦاڙها ۽ ڇيلن جو موجود هجڻ ته معمولي ڳالهه
هئي؛ ان کي الهڏنو پڄي ٿي سگهيو پر ڊسمبر جي مند ۾
انب ۽ اهڙيون ٻيون بي موسمي ميوا ۽ شيون ڪٿان ٿي
آڻي سگهيو- هڪ طرف اولاد جي آمد جي تصور کان سندس
دل شاد هئي پر جوڻس جي بي مندائتي فرمائشن، ماڻس ۽
هن کي پريشان ڪري ڇڏي هو... ڀلا اهڙو ڪهڙو انسان
هوندو جيڪو هوندي سوندي... پنهنجي اولاد ۽ گهر جي
سونهن لاءِ ڪجهه نه ڪري- الهڏني، ماڻس، نوڪرن ۽
سندس دوستن کان جيڪي ٿي پڳو انهن اهو سڀڪي ٿي ڪيو
جيڪو ڪنهن جي وس ۾ به نه هو- الهڏنو ۽ سندس ڪوٽار
ڪالو سڄو ڏينهن، زينت طرفان لکايل فرمائشن جي لسٽ
۽ ڇليون هٿن ۽ جهليو بازار ۾ رلندا وتندا هئا-
الهڏنو ۽ ماڻس، پٽ ۽ پوٽي جي تمنا ۽ آس ۾ ايڏو ته
پري نڪري چڪا هئا جو انهن جو پٺتي موٽڻ ڏاڍو مشڪل
ٿي پيو هو... پر ٽن مهينن جي هڻ هڻان ۽ ڪشمڪش کان
پوءِ سندن اميدن جو گهڙو ٽٽي پرزا پرزا ٿي پيو-
زينت هفتو کن چاچيءَ وٽان خير سان گذاري جيئن
پنهنجي گهر موٽي رهي هئي ته سندس ٽانگو قبرستان جي
پٺ واري رستي خراب هئڻ ڪري، قبرستان جي وچ واري
ڪچي رستي کان هلڻ لڳو ۽ سندس گهر پهچڻ تي هوءَ ڦان
ڪري اچي پٽ تي پئي ۽ سڀني جي اميدن جو حسين تاج
محل گهڙيءَ جي گهاڙي ۾، پرزا پرزا ٿي هوا ۾ تحليل
ٿي ويو.
”مئي خميسي کي مار پوي... ڪهڙي کٽي کنيو هوس جو
ماءُ واري قبرستان مان ٿي لنگهيو... سندس گهوڙي جي
ڄنگهه ڀڄي.“ الهڏني جي ماءُ زينت جي ٻار ڪرڻ ۽
بيمار ٿيڻ تي، خميسي ٽانگي واري کي هٿ کڻي پٽي رهي
هئي... پر الهڏني ته پنهنجي دوست جمعدار بخشڻ کي
چئي سندس ٽانگي جو ڪوڙو چالان به ڪرائي ڇڏيو هو. |