اُبتسُبت اِنگڙ وِنگڙو
ڪنهن سمي، هڪ جانڊاهي هو، جنهن کي هڪ نهايت سهڻي ڌيءَ هئي. هوءَ
نه فقط بيحد حسين هئي، پر ڏاڍي پختي، هوشيار ۽
قابل به هئي. پڻس آئي وئي سان سندس ساراهه ڪندي
ڪندي، هن جي لڇڻن ۽ ڏاهپ جي ڳالهين جون ايڏيون ته
ويهي ٻٽاڪون هڻندو هو، جو ماڻهن جون ڏندين آڱريون
اچي وينديون هيون.
هڪ ڀيري، جانڊاهيءَ کي بادشاهه جي محلات ۽ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻو
پيو، ۽ اتي بادشاهه جي روبرو ٻين ڳالهين ڪندي، هي
به چئي ويٺو ته ”منهنجي ڌيءَ ڪکن کي به اهڙيءَ
ڪاريگريءَ سان ڪَتي ٿي ڄاڻي، جو انهن مان سونين
تندن جا ڍيرا جُڙيو ٿا پون!“
بادشاهه هو هٻڇي، ۽ زر دولت سان هونئن ئي اجائي محبت هيس، تنهن
جو جانڊاهيءَ جي اها ڊاڙ ٻڌي، سو هڪدم حڪم ڏنائين
ته ”هن جي ڌيءَ کي فوراً مون وٽ حاضر ڪيو وڃي!“
جڏهن جانڊاهيءَ جي غريب نينگريءَ کي بادشاهه وٽ
وٺي آيا، تڏهن بادشاهه ڪکن جو هڪڙو وڏو ڍير هڪ
ڪوٺيءَ ۾ آڻايو ۽ ڪَتڻ جو هڪڙو چرغو اُتي رکائي،
ڇوڪريءَ کي کڻي انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويهاريو، ۽ حڪم
ڏنائينس ته ”سج اڀرڻ کان اڳ، هن ڪکن جي ڍير ڪَتي،
اُن مان سونين تندن جا ڍيرا بڻائي ڏي، جيڪڏهن نه،
ته تنهنجيءَ جان جو خير ڪونهي!“
ڇوڪري ويچاريءَ گهڻيئي دانهيو، ته کانئس اهو ڪم ڪين ٿي سگهندو،
پر هن ٻڌو اَڻبڌو ڪري، ڪوٺيءَ کي ڪلف لڳارائي
ڇڏيو، ۽ هوءَ ويچاري اڪيلي، ڪوٺيءَ ۾ بند ٿي ويئي!
هوءَ اتي هڪ ڪنڊ ويهي پنهنجي بدبختيءَ تي روئڻ لڳي، ته اوچتو
ئي اوچتو دروازو کلي پيو، ۽ هڪڙو آڱر جيڏڙو عجيب
غريب بيڊولو ڄامڙو اندر گهڙي آيو، ۽ اچڻ سان سلام
ڪري چيائين، ”پياري ڇوڪري! تون ڇا لاءِ پيئي
روئين؟“
هن جواب ڏنو، ”افسوس، مون کي هي سڄو ڪکن جو ڍير ڪَتي، سونن ڌاڳن
جا ڍيرا جوڙڻا آهن، پر مون کي ته اُها به ڪل
ڪانهي ته هيءُ ڪم ڪيئن شروع ڪريان!“
ڄامڙي پڇيس، ”جيڪڏهن آئون تو کي هيءُ سمورو ڍير ڪَتي ڏيان، ته
مون کي ڇا ڏيندينءَ؟“
ڇوڪريءَ جوب ڏنو، ”منهنجي ڳچيءَ جو هيءُ سونو هار!“
ڄامڙوڇوڪريءَ جي ڳالهه تي اعتبار ڪري وڃي چرخي وٽ ويٺو. ۽ پوءِ
چرخو مزي سان ڦرندو رهيو، تان جو ڪم پورو ٿيو، ۽
آهستي آهستي سڄو ڪکن جو ڍير ڪَتجي سون ٿي پيو.
صبح جو بادشاهه جڏهن آيو ۽ هي سڀ اکئين ڏٺائين، تڏهن بلڪل حيران
ٿي ويو، خوشيءَ ۾ ئي نه پيو ماپي. اِهو ڏسي،
بادشاهه جي دل ۾ اڃا به وڌيڪ سڌ پيدا ٿي، ۽ هڪدم
ڇوڪريءَ کي هڪڙيءَ ٻي ڪوٺيءَ ۾ اڳئين کان وڏو ڪکن
جو ڍير ڏيئي، حڪم ڏنائين ته ”جهٽ ڪر، هاڻي هن مان
سونا ڌاڳا ڪَتي وٺ!“
هن ويچاري، کي ڪهڙي خبر ته ڪکن مان سون ڪيئن ڪَتبو. سو وري به
ويهي روئڻ لڳي. پر وري به ڄامڙو جلدي دروازو کولي
اندر آيو. ۽ اچي پڇيائينس، ”مون کي ڇا ڏيندينءَ،
ته تنهنجو اهو ڪم به پورو ڪريان؟“
پوءِ، ڄامڙو کانئس منڊي وٺي، ڪم کي جنبي ويو- ويندي صبح تائين،
جيسين وري به سڄو ڪکن جو ڍير ڪَتجي، سونو سُٽ بڻجي
ويو!
ٻئي ڏينهن صبح جو، بادشاهه وري به هي چمڪندڙ خزانو ڏسي خوشيءَ
۾ ڀرجي ويو، پر پوءِ به هن جي دل ڪين ڍائي، سو
جانڊاهيءَ جي ڌيءَ کي اڃا ئي هڪڙي وڏي ڪمري ۾ وٺي
ويو، ۽ چيائينس ته ”جيڪڏهن هي سڀ رات وچ ۾ ڪَتجي
تيار ٿيو، ته آئون تو کي پنهنجي پَٽ راڻي
بڻائيندس.“
ائين چئي، اڃا بادشاهه ٻاهر ئي ڪين نڪتو، ته ڄامڙي اچي اندر
ٺڪاءُ ڪيو، ۽ اچڻ سان چيائين ”هاڻي آئون تو کي
هيءُ ٽيون ڀيرو به ڪکن جو انبار ڪَتي سون ڪري
ڏيان، ته مون کي ڇا ڏيندينءَ؟“
ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”مون وٽ هاڻي ڪي به ڪين آهي، جو تو کي ڏيان؟“
تنهن تي ان ڄامڙي چيس، ”واعدو ڪر ته جڏهن تون پَٽ راڻي ٿيندينءَ
۽ تو کي جيڪو پهريون ٻار ڄمندو، سو مون کي
ڏيندينءَ؟“
جانڊاهيءَ جي ڌيءَ خيال ڪيو ته شايد ائين نه به ٿئي، جو هيءُ
ڄامڙو پوءِ ٻار اچي گهري. ٻيءَ ڪندي، هن ڪَتڻ جي
ڪم جي پوري ٿيڻ جو ٻيو ڪو به وسيلو ڪونهي، تنهن
ڪري جيڪو ڄامڙي شرط وڌس سو کڻي هن قبوليو، ۽
چيائينس، ”چڱو، چڱو، پنهنجو پهريون ٻار تو کي
ڏينديس، تون هيءُ منهنجو ڪم سج اڀرئي کان اڳ لاهي
وٺ!“ پوءِ ته ڄامڙي گهڙيءَ ۾ اهو ڪکن جو انبار
ڪَتي، سون بنائي رکيو!
بادشاهه صبح ساڻ آيو ۽ جڏهن ڏٺائين ته جيئن مون گهريو ٿي، تيئن
ئي سڀ ڪجهه تيار رکيو آهي، تڏهن بيحد خوش ٿيو، ۽
پوءِ ترت ئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين.
جڏهن راڻيءَ کي پهريون ٻار ڄائو. ته راڻي ڏاڍي خوش ٿي. کيس
ڄامڙي سان ڪيل انجام بنهه ياد ڪو نه هو. پر، هڪ
ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ڇا ٿيو جو، خبر نه آهي ته
ڪٿان اهو ساڳيو ڄامڙو محلات ۾ گهڙي آيو، ۽ اچي
راڻيءَ جي ڀر ۾ بيهي رهيو. چي: ”راڻي، پنهنجو
واعدو ياد ڪر، ۽ ٻار مون کي ڏي!“
پوءِ ته راڻيءَ کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. ۽ ڄامڙي کي سڄيءَ
بادشاهت جو خزانو پنهنجي سڪيلڌي ٻار جي عوض
آڇيائين، پر هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو، تان جو
راڻي زاروزار اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. تنهن تي
ڄامڙو ڪجهه نرم ٿيو ۽ آخر چيائين ته ”چڱو، آئون تو
کي ٽن ڏينهن جي مهلت ٿو ڏيان، ان وچ ۾ جيڪڏهن تون
مون کي منهنجو نالو ٻڌائي وئينءَ، ته پوءِ آئون تو
کي پنهنجي شرط کان آجو ڪندس ۽ تو کان ٻار ڪين
گهرندس، ۽ پوءِ ڀلي ٻار تو وٽ ئي رهي!“
تنهن کان پوءِ، راڻيءَ ڪيئي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن روانا ڪيا،
ته جيئن نوان نوان نالا هنڌين ماڳين جا ٻُڌي، اچي
سڻائين.
ٻئي ڏينهن هو ڄامڙو آيو، ۽ راڻيءَ وٺي کيس نالا ٻڌائڻ شروع ڪيا-
چيِ ڪنڊو، ٻٻر، ڪرڙ، نم، عبدو، غلام ۽ ٻيا جيڪي
به نالا کيس ياد آيا سي هن کي چئي ٻڌايائين. پر،
ڄامڙي هر هڪ نالي تي ڪنڌ پئي ڌوڻيو- چي: ”منهنجو
اڃا ئي ٻيو نالو!“
ٻئي ڏينهن وري سڀيئي مسخريءَ ۽ کِل جهڙا نالا، مثلا: ڦِڏ ٽَنگو،
ڪَٻڙو، ڪَنِر، گُجُو ۽ ٻيا اهڙا ڪئين نالا هن کي
چئي ٻڌايائين، پر ڄامڙي ميان سڀ ڪنهن نالي جي
جواب ۾ ڪنڌ پئي ڌوڻيو- چي: ”منهنجو اڃا ئي ٻيو
نالو!“
ٽيون ڏينهن جڏهن ٿيو، ته هڪ قاصد راڻيءَ سان ڪن ۾ سس پس ڪئي ته
”ٻيلي ۾ هڪ اُتاهينءَ ٽڪريءَ تي چڙهندي، هڪ جهوپڙي
ڏٺم، جنهن جي اڳيان هڪ باهه جو مچ پئي ٻريو، ۽ اتي
هڪ عجيب نموني جو بيڊولو بندرو ماڻهو مچ جي چوگرد
هڪ ٽنگ تي بيٺي نچيو، ۽ ڪَن تي هٿ رکي، هيءُ راڳ
پئي ڳايائين:
”اڄ ته آئون ڪاڙهيندس، سڀان پچائيندس،
مزي سان مان ناچ ڪندس ۽ ڳائيندس:
آڻيندس مان ڪچڙو ڪچڙو ٻارڙو،
مائي مون کي ڇا ڪندي آهيان آئون ڄامڙو،
اُبتسبت اِنگڙ ونِگڙو، آهي منهنجو نالڙو!“
جڏهن راڻيءَ اهو قصو ٻڌو، تڏهن خوشيءَ مان ٺينگ ڏيڻ لڳي. پوءِ
ته ڄامڙي اچڻ سان اچي پڇيو ته ”بيبي، هاڻ ٻڌاءِ
ته منهنجو نالو ڇا آهي؟“ راڻيءَ جواب ۾ چيو،
”تنهنجو نالو گلڻ آهي؟“ چامڙي چيو، ”نه.“ وري
راڻيءَ چيو، ”گامڻ آهي؟“ هن جواب ڏنو، ”نه.“ تنهن
تي راڻيءَ چيو، ڀلا تنهن جالو اُبتسُبت
اِنگڙوِنگڙو ته ڪين آهي؟“
ڄامڙي اهو نالو ٻڌو ته طاق لڳي ويس، چي: ”توکي ضرور ڪنهن ڏائڻ
اهو نالو سليو آهي! تو کي ضرور ڪنهن ڏائڻ منهنجو
نالو ٻڌايو آهي!“ ائين چئي، ڪاوڙ ۾ سڄو ڳاڙهو ٿي
ويو، ۽ جوش ۾ وٺي جو فرش تي زور سان پير ڦهڪايئين
ته سڄو پير گوڏي تائين فرش اندر گهڙي ويس. پوءِ
جيئن تيئن ڪري، ٻيئي هٿ وجهي، ٽنگ کي زور سان زمين
مان ڪڍي، وٺي ٿو ڄامڙو اتان ڀڄي- اهڙو ته وٺي ڀڳو
جو بس واءُ ٿي ويو. پوءِ ته هر ڪو مٿس کلڻ لڳو،
ڇاڪاڻ جو هيتري ساريءَ تڪليف مان کيس آخر وريو ته
ڪي به ڪين!
راڻيءَ وري اُن جو ڪڏهن منهن نه ڏٺو. |