سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :10

 

هئنسيل ۽ گريٿيل

هڪڙي وڏي گهاٽي ٻيلي جي ويجهو، هڪ غريب ڪاٺير پنهنجي زال ۽ ٻارن سان رهندو هو. ننڍڙي پٽ جو نالو هئنسيل ۽ ننڍڙي ڌيءَ جو نالو گريٿيل هوس. هنن ويچارن کي چڱيون چوکيون شيون کائڻ نصيب ئي ڪين ٿينديون هيون، ۽ جڏهن ملڪ ۾ ڏڪار پوندو هو، تڏهن ته پيٽ جي مانيءَ لاءِ به پيا سڪندا هئا. جڏهن رات جو سڀ بستري تي وڃي ليٽندا هئا، تڏهن ويچارو غريب ڪاٺير پيو ڏک ۾ ڪنجهندو ۽ ٿڌا ساهه ڀريندو هو. نيٺ هڪڙيءَ رات هن پنهنجي زال کي چيو، آخر اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو، پنهنجو پيٽ ڀرڻ به مشڪل ٿو ٿئي. سو ٻارن کي ڇا  کارائي سگهنداسين!“ زال جواب ڏنس، ”ميان، آئون صلاح ڏيانءِ ته سڀاڻي صبح جو ٻار وٺي هلون، ٻيلي ۾، ۽ پوءِ پري پري هڪ هنڌ ٻيلي ۾ باهِڙي ٻاري، ٻنهي کي مانيءَ ڳڀو هٿ ۾ ڏيئي، هنن کي اتي الله جي آسري تي ڇڏي اچون! پوءِ هو واپس گهر جو رستو ڪڏهن به لهي ڪين سگهندا. سو پاڻ  هنن کان ڇٽي پونداسون. هونئن به اکين سان هنن معصومن کي بُکن ۾  پاهه ٿيندي ته اسان کان ڏٺو نٿو ٿئي!“

مرد جواب ڏنو، ”چري، مون کان اهو ڪو نه پڄندو! ڪهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي ڪٺور  دل هوندي، جو پنهنجا پيارا ٻچا اهڙي ڀيانڪ جهنگ ۾ اڪيلا ڇڏي، ايندو، ته ڀل انهن کي مرون مانگر  کائي ڇڏين!

”ميان، مون ته ائين ڪو نه ٿي چيو. اتي به ٻچن کي الله  رکي وٺندو، پر هتي ته چئن ئي کي گڏجي بک وِگهي مرڻو آهي!“

اهڙيءَ طرح، زال مرد کي پنهنجيءَ ڳالهه ڏانهن موڙيندي ويئي، تان جو مڙس انهيءَ ڳالهه تي اَڌو گابرو راضي ٿي ويو.

هوڏانهن ٻارڙا ويچارا ايترو بکايل هئا، جو هنن کي بک کان ننڊ ئي نٿي آئي.... سو هنن اهي ڳالهيون ٻڌي ورتيون، ۽ پنهنجي ماٽيليءَ ماءُ جو ارادو به معلوم ٿي وين، ته سندن حق  ۾ هُن ڇا ٿي ڪرڻ گهريو. گريٿيل زار زار روئڻ لڳي، ۽ چيائين، ”هاڻي اسان جي حياتيءَ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن!“ اهو ٻڌي، هئنسيل چيس، ”نه رو، پياري ڀيڻ، جيسين آئون جيئرو آهيان، تيسين ائين ڪين ٿيندو!

پوءِ جڏهن سندن پيءُ ۽ ماٽيلي ماءُ سمهي رهيا، تڏهن آهستي آهستي پنهنجو ننڍڙو ڪوٽ ڍڪي گهر جي پُٺئين در کان هئنسيل ٻاهر نڪتو. ان وقت ٻاهر چانڊوڪي لڳي پيئي هئي، ۽ پٿريون جيڪي سندس گهر جي اڳيان پکڙيون پيون هيون، سي چانديءَ جي سِڪن وانگر پئي  چمڪيون، هئنسيل نمي، انهن پٿرين سان پنهنجا کيسا ڀريا. پوءِ هن پنهنجيءَ ڀيڻ کي وڃي  چيو. ”ننڍڙي ادي! دلجاءِ ڪري سمهي ننڊ ڪر، خدا وند ڪريم اسان کي ڪين وساريندو!“ ۽ پاڻ به پوءِ سمهي رهيو.

جڏهن پرهه ڦٽي، ته زال هنن ٻارن کي ننڊ مان اٿاري چيو، ”اٿو، سج چڙهي اچي، تنهن کان اڳي ڪپڙا لٽا پايو، ۽ ٻيلي ۾ هلو ته ٻيلي مان ڪاٺيون لڪڙيون گڏ ڪري اچون!“ پوءِ هنن کي ٽُڪر مانيءَ جو هٿ ۾ ڏيئي، چيائين، ”هي ٽڪر ٻن  پهرن جي مانيءَ واسطي سنڀالي رکو.جو منجهند جي واسطي ٻي ماني ڪين ملندي!“ هئنسيل، جنهن جا کيسا پٿرين سان ڀريل هئا، تنهن اها ماني وٺي کڻي جهوليءَ ۾ وڌي، تنهن کان پوءِ هو جلد ئي سڀيئي گڏجي ٻيلي ڏانهن روانا ٿيا. اڃا ٿورو ئي پنڌ ڪيائون ته هئنسيل بيهي رهيو ۽ پنهنجي گهر ڏانهن نهارڻ لڳو، ۽ پوءِ رکي رکي پوئتان نهاريائين، جنهن تي پڻس چيس، ”هئنسيل! تون ڪيڏانهن، ائين وات ڦاڙيو پيو نهارين؟“

هئنسيل جواب ڏنو، ”بابا، آئون پنهنجي ڇت تي ويٺل ننڍڙي پونگڙيءَ ڏي ٿو نهاريان. مون کان موڪلاڻي ڪرڻ لاءِ مٿي ڇت تي چڙهي اچي ويٺو آهي، ۽ مون ڏانهن پيو نهاري.“ تنهن تي ماٽيليءَ ماءُ چيس. ”بيوقوف ڇوڪرا، تنهنجو پونگڙو وري ڪٿي آهي! اهو ته پنهنجي ڇت جو بخارو آهي، جنهن تي سج جي روشني پيئي پوي ۽ پري کان پيو ڏسجي!“ هئنسيل ته هونءَ به پونگڙي ڏانهن ڪو نه ٿي ڏٺو. هو ته اڇيون اڇيون چمڪندڙ پٿريون کيسي مان ڪڍي پٺيان ڦِٽيون ڪندي پئي آيو!“

جڏهن هو ٻيلي جي وچ ۾ آيا، ته پيءُ چيو، ”هاڻي، ٻارو! اوهين ڪاٺيون  ميڙيو، هتي باهڙي ٻارينداسون!“ پوءِ هئنسيل ۽ گريٿيل ويا، ۽ جهٽ ۾ ڪاٺين جا ننڍڙا ڀاڪر ميڙي کڻي آيا، ۽ جڏهن باهه ٻري ۽ ان جون ڄڀيون مٿي اُسرڻ لڳيون، تڏهن ماءُ چيو، ”هاڻي اوهين باهه وٽ پئجي رهو، ٿوري ساهي پٽيو، ته اسين اڳتي وڃي ڪاٺين جون  ڀريون وڍي اچون. جڏهن ڪاٺيون ڪري بند ڪنداسين، تڏهن اوهان کي اچي گهر وٺي هلنداسين!“

 هئنسيل ۽ گريٿيل ته باهه وٽ ويهي رهيا ۽ جڏهن منجهند جو وقت ٿيو ته مانڙي کاڌائون، سارو وقت هنن ڪاٺين وڍجڻ جا آواز ۽ ڪهاڙين جا ٺڪاءُ پئي ٻڌا، ۽ پئي سمجهيائون ته سندن پيءُ ۽ ماٽيجي ماءُ هُتي ڪٿي ويجهو  پئي ڪاٺيون وڍيون- مگر اهي آواز ڪاٺين وڍجڻ جا نه هئا. اهي آواز ته هڪ سڪل شاخ جا هئا، جيڪا هنن هڪ سڪل وڻ سان ٻڌي ڇڏي هئي ۽ جنهن کي هوا هيٺ مٿي ڪري وڻ سان ڦهڪائي پئي هر هر هنيو. ويچارا ٻارڙا گهڻي دير انهن جي انتظار ۾ ويٺا رهيا، تان جو آخر ٿڪجي، اکيون ٻوٽجي وين، ۽ کين ننڊ وٺي ويئي، ۽ مٿان ڪاري، اونداهي رات اچي پيئي، گريٿيل روئڻ لڳي ۽ چيائين. ”هاڻي، ٻيلي مان ڪيئن نڪري سگهنداسين؟“

هئنسيل چيس، ”صبر ڪر، گهڙيءَ پل ۾ چنڊ اڀرندو، پوءِ ڏس ته ڪيئن نه ٿا پنهنجو گهر ڳولي لهون!“

گهڙي گذري ئي ڪا نه، ته چوڏهينءَ جو پورو چنڊ آسمان مان نڪتو ۽ هئنسيل پنهنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ جو هٿ وٺي، پٿرين واري گس تان هلڻ لڳو. پٿريون چانديءَ جي سڪن وانگر گس تي پئي چمڪيون! سڄي رات پنڌ ڪري ڪري، آخر پرڀات جي وقت هو پنهنجي گهر وٽ اچي پهتا. پوءِ هنن در کڙڪايو، ۽ سندن ماٽيلي ماءُ ڊوڙي اچي در کوليو. ڏسي ته هئنسيل ۽ گريٿيل بيٺا آهن. پڪو منهن ڪري چيائين، ”اوهين ايتري دير ٻيلي ۾ سمهي رهيا! اسان سمجهيو ته اوهين وري موٽندائي ڪين!“

پيءُ ٻارن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ڇاڪاڻ ته هنن کي اهڙيءَ بيرحميءَ سان ٻيلي ۾ ڦٽو ڪري اچڻ تي، هن جي اصل کان ئي دل ڪا نه هئي!

ٿورا ڏينهن ڪين گذريا ته وري خوراڪ جي تنگيءَ اچي ملڪ کي ورايو! ڪاٺير جي زال هڪڙيءَ رات وري مڙس کي چيو، ”ميان ٻڌين ٿو، کاڌي لاءِ اڌڙ مانيءَ کان سواءِ، باقي ڪي به ڪينهي، اهو به جي کاڄي ويو ته پوءِ ڇا ڪنداسين! ٻارن جو ته ڪو بلو ڪري ڇڏجي! سڀاڻي انهن کي وري ٻيلي ۾ وٺي هلي خدا جي حوالي ڪري اچون ته سٺو! پنهنجي مِٺي ساهه بچائڻ لاءِ به انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي!“

مڙس بلڪل ڏک ۾ ڀرجي زال کي چيو، ”آئون جيڪر مانيءَ جو پويون ڀور به هنن سان ورهائي کان!“ مگر زال پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو، ۽ جيڪي به   مرد چيو ٿي سو هن لاءِ بي معنيٰ ۽ بي اثر هو. سو مرد ويچارو، جنهن هڪ ڀيري زال جي ڳالهه قبول ڪئي هئي، تنهن کي نيٺ ٻئي ڀيري به ساڳي ڳالهه قبول ڪرڻي پيئي.

مگر ٻارن ته سندن سڄي ڳالهه ٻولهه سُتي پئي ٻڌي، ۽ جڏهن  هو سمهي رهيا، تڏهن هئنسيل اڳئين وانگر پٿرين چونڊڻ لاءِ تيار ٿي اٿيو، پر ٻاهر وڃي ڏٺائين ته ماٽيليءَ ماءُ دروازي کي ڪلف وجھهي ڇڏيو هو. انهيءَ مايوسيءَ جي باوجود به موٽي اچي پنهنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ کي تسلي ڏنائين- چي، ”ادي! رو نه، سمهي ننڊ ڪر، خداوند ڪريم اسان جي سنڀال ڪندو!“

ماٽيليءَ ماءُ پرڀات مهل اچي ٻارن کي ننڊ مان اٿاريو. ٻنهي کي هٿ ۾ اڳي کان به ننڍڙو مانيءَ جو هڪ ٽُڪر ڏنائين، رستي تي هلندي هئنسيل، پنهنجي مانيءَ جي ٽُڪر کي کيسي ۾ جهلي ڀور ڀور ڪيو، ۽ هر هر بيهي، ڀور ڀور مانيءَ جو پٺيان گس تي ڪيرائيندو ويو. انهيءَ تي پڻس پڇيسِ ”هئنسيل تون ڇو پٺيان رهجيو وڃين؟ هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر پيو نهارين!“

هئنسيل جواب ڏنو، ”بابا، آئون پنهنجي ڇت تي ويٺل ننڍڙي ڪبوتر ڏي پيو نهاريان، هو مون کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ الوداع پيو چوي!“

تنهن تي ماٽيليءَ ماءُ زور سان چيس، ”تون ته ڪو موڳو آهين، ڪٿي آهي تنهنجو ڪبوتر؟ اها ته صبح جي روشني آهي، جا مٿي ڇت جي بخاري تي پيئي چمڪي. ”مگر هئنسيل اڳي وانگرچپ چاپ رستي تي مانيءَ جا ذرڙا ڪيرائيندو هليو.

پوءِ ماٽيلي ماءُ ٻارڙن کي زياده  اندر ٻيلي ۾ وٺي ويئي، ۽ آخر اهڙي هنڌ وڃي پهتا، جتي هُو اڳي ڪڏهن به ڪين آيا هئا، وري به هڪ هنڌ باهه ٻاري، هن ٻارن کي چيو، ”اوهين هت ترسو، ٻارو! ۽ جڏهن ٿڪجي پؤ ته سمهي رهجو. اسين وڃون ٿا اڳتي، ۽ جڏهن ڪاٺيون ڪري لاهينداسون، ته اچي اوهان کي پاڻ سان وٺي هلنداسون!“

جڏهن مانيءَ جو وقت ٿيو، تڏهن گريٿيل پنهنجي مانيءَ جي ٽُڪر مان ڀور ڀڃي پنهنجي ڀاءُ کي ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي هئنسيل پنهنجو مانيءَ ٽڪر رستي تي ڀور ڀور ڪندو ڪيرائيندو پئي آيو.

پوءِ ته هو سمهي پيا- سانجهي گذري ويئي، ته به هنن وٽ ڪو ڪو نه آيو، ۽ پوءِ بلڪل ڪاريءَ اونداهيءَ وقت هنن جي اک کلي.  هئنسيل پنهنجي ڀيڻ کي دلاسو ڏيئي چيو، ”صبر ڪر، جيسين چنڊ نڪري- ۽ پوءِ جتي جتي مون مانيءَ جا ڀور ڪيرايا آهن، اهو رستو وٺي هلي  گهر پهچنداسون!“

مگر اهي مانيءَ جا سڀئي ڀور ته ڏينهن جو ٻيلي جي پکين کائي  ڇڏيا هئا! تنهن ڪري چنڊ اڀرڻ کان پوءِ به هنن کي گس تي مانيءَ جا ذرڙا ڏسڻ ۾ ڪين آيا! ته به هئنسيل ڀيڻ کي چيو، ”ننڍڙي ادي، دل نه لوڙهه، اسين پنهنجو رستو  جلدي ڳولي لهنداسين!“

پر هنن ساري رات پنڌ ڪيو، ۽ ٻيو به سڄو ڏينهن هَڄيا، ته به ٻيلي مان نڪري ڪين سگهيا. هنن ٿورڙن ٻيرن کان سواءِ، ڪجهه به نه کاڌو هو. سو هاڻي ته بک کان ماندا پئي ٿيا. نيٺ اهڙا ٿڪجي پيا، جو هنن جون ٽنگون وڌيڪ هلڻ کان انڪار ڪري بيٺيون، تنهن ڪري هو هڪ وڻ هيٺ ليٽي پيا، جتي هنن کي ننڊ کڻي ويئي.

گهران هلڻ کان پوءِ ٽي ڏينهن ٻيلي ۾ پئجي وين، ۽ اتي اهڙو منجهي پيا، جو اتان نڪرڻ جو ڪو به رستو ملي نه سگهين. نيٺ پڪ ٿي وين ته جيڪڏهن ڪٿان ڪا اوچتي مدد نه ملين، ته سندن پساهه اُتي ئي پورا ٿي ويندا. گهڙي نه گذري ته هنن جي نظر وڃي هڪ برف جهڙي سفيد سهڻي پکيءَ تي پيئي، جنهن هڪ وڻ جي شاخ تي اهڙو ته مٺي آواز سان پئي ڳايو، جو هي ٻيئي ٻڌڻ واسطي بيهي رهيا. جڏهن پکيءَ پنهنجو راڳ پورو ڪيو، تڏهن هي ان جي پٺيان اٿي هلڻ لڳا، تان جو اهو سهڻو سٺو پکي  وڃي هڪ ننڍڙي گهر جي ڇت تي ويٺو. هي ٻارڙا جڏهن انهيءَ گهر جي ويجهو پهتا، ته ڇا ڏسن ته هي گهر ته مانين جو ٺهيل آهي- ان جي ڇت ڪيڪن سان ڍڪيل ۽ ان جون دريون ڪڻڪ جي اُڦراٽن ۽ ڳُڙهاڙين جون ٺهيل آهن.

هئنسيل چيو، ”هي ڀيرو ته مرڻ کان بچي وياسين. هڪ دفعو ته دل کولي ويهي ٿا پيٽ ڀري ماني کائون، پوءِ ڏٺو ويندو! گريٿيل! آئون ڇت مان ڪيڪ ٽُڪر ٿو ڀڃي اچان، تون هڪ دريءَ کان شروع ڪر، واهه جون بُسريون اٿيئي!“

هئنسيل چڙهيو مٿي، ۽ ڇت مان ذرو چکي ڏسڻ واسطي ڀڳائين ۽ گريٿيل دريءَ وٽ بيهي ذرو ذرو کائڻ لڳي... ته اوچتو ان گهر جي اندران آواز آيو: ”ذرو ذرو پيو کائجي- ڪير منهنجي گهر مان ذرو ذرو پيو کائي؟“

ٻارن جواب ڏنو: ”آسمان جي رهواسڻ- هوا- هوا-؟“ ۽ بي فڪر ٿي کائيندا رهيا. هئنسيل ڏٺو ته ڇت ڏاڍي سوادي آهي، تنهن ڪري هڪ وڏو ٽڪر ان مان ڇني، کڻي وات ۾ وڌائين! ۽ گريٿيل به دريءَ جو سڄو طاق کڻي هٿ ۾ کنيو! ايتري، ۾ اوچتو ئي اوچتو، گهر جو دروازو کُلي پيو ۽ منجهائنس هڪ ڏاڏيءَ حوا جي عمر جيڏي ڪراڙي زال، ڪَڇن هيٺ ڪاٺين جي گهوڙيءَ تي، منڊڪائيندي ٻاهر نڪتي! هئنسيل ۽ گريٿيل جا ته خوف کان پير به جُتين ۾ ڏڪڻ لڳا ۽ سٺو سٺو مزيدار کاڌو جو هٿن ۾ هون، سو زمين تي ڪِري پين!

ڪراڙي زال پنهنجو ڪنڌ لوڏي پڇيو، ”پيارا ٻارو! توهان کي هت ڪنهن آندو؟ هتي اوهان جي لاءِ عمدو کانو تيار آهي- کيرڻي، ڪيڪ،  سيون، صوف ۽ ٻيو ميوو!“ ۽ تنهن کان پوءِ، ٻه بسترا پٿاريائين، جن تي هئنسيل ۽ گريٿيل ليٽي پيا، ۽ ائين پئي محسوس ڪيائون، ڄڻ ته بهشت ۾ آهن.

پر، هن ڪراڙيءَ جو اهو پيار ته رڳو هڪ ڍونگ هو، حقيقت ۾، هوءَ هڪ ٻڍي بدڪار ڏائڻ هئي، جا ٻارن جو شڪار ڪندي هئي ۽ انهيءَ مراد سان ئي هن پنهنجو گهر اهڙين لذيذ کاڌي جي شين جو بڻايو هو ته ٻار انهيءَ لالچ  تي هرکجي، سندس چنبي ۾ ڦاسن، پوءِ جيڪڏهن ڪي ٻار هن جي هٿن ۾ اچي ويندا هئا، ته هوءَ انهن کي ڪُهي رڌي کائي  ڇڏيندي هئي! هن ڏائڻ جي نظر پري ڪا نه پهچندي هئي، مگر هن جي سنگهڻ جي طاقت حيوانن وانگر ڏاڍي تيز هئي، ۽ انسان جي گوشت جي بوءِ ته هن کي پري پري کان معلوم ٿي ويندي هئي، جڏهن هئنسيل ۽ گريٿيل پري کان سندس گَهر جي ويجهو پئي آيا، تڏهن هن ڏائڻ خوشيءَ مان دل ۾ کِلي پئي چيو ته ”اجهي آيا! هنن کي مانيءَ سان کائينديس، هاڻي منهنجي هَٿن مان ڀڄي ڪيڏانهن ويندا! ها، ها! هي، هي...!“

ٻئي ڏينهن صبح جو، اڃا ٻار ننڊ مان اٿيا ئي ڪين هئا ته هيءَ ڏائڻ انهن جا ڳاڙها گلابي ۽ ڀريل ڳل ڏسي، آهستي چوڻ لڳي: ”واه جو ٻوڙ ٿيندو!“

پوءِ هن هئنسيل کي لوڏي جاڳايو. ۽ هن کي پنهنجن سڪل هٿن ۾ کڻي وڃي ڀرسان طبيلي ۾ اڇلائي سيخن وارو دروازو بند ڪري ڇڏيو. هئنسيل ويچاري کي جيترو زور هو، اوتري زور سان ڏاڍيون رڙيون ڪوڪون ڪيائين، پر وريو ڪي به ڪين.

تنهن کان پوءِ، ڪراڙيءَ ڏائڻ اچي گريٿيل کي ڌونڌاڙي جاڳايو، ۽ رڙ ڪري چيائينس: ”بيڪار ڇوڪري، اُٿ ۽ وڃي پاڻي ڀري اچ ته تنهنجي ڀاءُ لاءِ ڪو سٺو کانو تيار ڪريون. هو  ٻاهر طبيلي ۾ آهي،  ڇو ته جڏهن هو زور وٺندو ۽ بت تي چرٻي چاڙهيندو، ته پوءِ آئون هن کي کائينديس!“

اهو ٻڌي ويچاري گريٿيل زار زار روئڻ لڳي، پر کيس هوءَ بدڪار ڏائڻ جيڪو به حڪم ڪندي هئي، سو هن کي مڃڻو ئي پوندو هو.

هئنسيل کي بت ۾ مچڻ لاءِ اڍا سڻڀا سڻڀا کاڌا ملندا هئا، ۽ ويچاري گريٿيل کي فقط کيکڙن جون کلون ئي پيٽ ڀرڻ لاءِ نصيب ٿينديون هيون. هر روز ڏائڻ هئنسيل جي طبيلي وٽ ويندي هئي ۽ کيس چوندي هئي: ”هئنسيل، پنهنجي آڱر ٻاهر ڪڍ ته آئون ڏسان ته ڪيترو ٿلهو ٿيو آهين!“ پر هئنسيل هر ڪنهن ڀيري آڱر جي بدران هڪ هڏو کڻي  ٻاهر ڪڍندو هو، ۽ هن ڪميڻيءَ ڪراڙيءَ جي نظر، جا تمام جهڪي هئي، سو هر دفعي هوءَ عجب  پئجي ويندي هئي ته هيءُ  ڇوڪرو  آخر ڇو ٿلهو نٿو ٿئي!

جڏهن چار هفتا گذريا ۽ ڏائڻ ڏٺو ته هئنسيل اڃا به اهڙو ئي ڏٻرو هو، جهڙو پهريائين هو، تڏهن بي صبر ٿي پيئي ۽ چيائين ته ”هاڻي وڌيڪ ترسڻ جو ضرور نه آهي!“ ۽ گريٿيل کي پوءِ رڙ ڪري چيائين، ”جلدي ڪر- پاڻي ڀري آءُ! هئنسيل متارو هجي يا ڏمرو- سڀاڻي ڪيئن به ڪري هن کي ڪهي کائينديس!“

هن ويچاريءَ ننڍڙيءَ ڀيڻ کي پاڻي ڀريندي روئڻ اچي ويو، ۽ دل جو دل ۾ پئي ماتم ڪيائين:  سندس ڳلن تان ڳوڙها پئي وهيا ۽ چپ چاپ دعائون گهرڻ لڳي. ”او مٺڙا خدا، اسان جي مدد ڪر! جي اسان کي مرون مانگر کائي وڃن ها، ته ٻيو نه، ته به گڏ ته هجون ها!“

جڏهن هوءَ ڏائڻ ڪنهن ڪم سانگي ٿورو ٻئي پاسي ويئي، تڏهن غمزده گريٿيل وجهه وٺي ڊوڙي وڃي، جيڪي ڏائڻ جي واتان ٻڌو هئائين، سو هئنسيل کي ٻڌايو، ۽ چيائينس ته ”هيءَ ڪراڙي بدڪار رَنَ هڪ ڏائڻ آهي، ۽ اسان کي ضرور کائي ڇڏيندي. اسان کي ڪنهن طرح هتان ڀڄي هلڻ گهرجي!“

پوءِ هئنسيل جواب ڏنس، ”ننڍڙي ڀيڻ، دل نه  لوڙهه! مون کي خبر آهي ته هتان ڪيئن ڀڄي سگهبو، ڇاڪاڻ ته مون هن دروازي جو چونڪ اکوڙي ڇڏيو آهي، تون رڳو هڪڙو ڪم ڪر: ڊوڙ پائي، ڪنهن طرح هن ڏائڻ جي جادوءَ جي لٺ کڻي آءُ، ته جيڪڏهن هوءَ اسان جي پٺيان پوي ته به اسين پاڻ کي بچائي سگهون- ۽ هن جي جادوءَ جي بئنسري، جيڪا هن جي ڪوٺيءَ ۾ ٽنگيل آهي، سا به کڻي اچ!“

پوءِ گريٿيل اُهي ٻيئي شيون اهڙيءَ طرح ته وڃي کسڪائي آئي، جو انڌيءَ ڏائڻ کي خبر ئي ڪا نه  پيئي، ۽ پوءِ هو ٻيئي وٺي ڀڳا!

جڏهن هوءَ ڪراڙي ڏائڻ خبرچار لهڻ لاءِ ٻاهر آئي، ۽ ڪاوڙ ئي ڪاوڙ ۾ هُن در کان ٻاهر نهاريو، تڏهن جيتوڻيڪ سندس نظر جهڪي هئي، ته به ڌُٻي تي سمجهي ويئي ته ٻار ڀڄندا پيا وڃن! هن هڪدم پنهنجي جُتي پيرن ۾ پائي، جنهن جي پائڻ سان هوءَ ويهن وکن جيڏي هڪڙي وک کڻي سگهند ي هئي.... ۽ اڃا ٻه- چار اهڙيون  وکون مس کنيائين ته اچي ٻارن کي رسي! پر گريٿيل هُن کي ڏسي ورتو هو، ته هوءَ پٺيان سهڪندي پيئي اچي، تنهن هڪدم جادوءَ جي لٺ جي وسيلي هئنسيل کي هڪ ڍنڍ جي صورت ۾ بدلائي، پاڻ کي هنجهه بنائي، پاڻيءَ مٿان ويهي مزي سان ترڻ شروع ڪيو. ڏائڻ ڍنڍ جي ڪناري تي پهچي، اتي ويهي رهي، ۽ هنجهه کي پاڻ وٽ ڌتاري آڻڻ لاءِ روٽيءَ جا ٽڪر پاڻيءَ ۾ ڦٽا ڪرڻ لڳي، پر هنجهه هن جي ويجهو اصل نٿي آيو.آخر هوءَ گهڻي گهڻي دير ويهي ويهي ڪڪ ٿي پيئي، ۽ نااميد ٿي نيٺ خالي هٿين واپس پنهنجي آستان ڏانهن موٽي ويئي.

تڏهن، گريٿيل به جادوءَ جي لڪڙيءَ جي وسيلي پاڻ کي ۽ هئنسيل کي پنهنجي اصلوڪي انساني صورت ۾ آندو، ۽ پوءِ وٺي تڪڙا تڪڙا پنڌ ۾ پيا، تان جو اچي پرهه ڦٽي.

گريٿيل تنهن کان پوءِ ڇا ڪيو، جو پاڻ کي، هڪڙي گلاب جي گل جي صورت ڏيئي، ٻاٻرائن ڍِنگهرن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو، ۽ هئنسيل لوڙهي جي وچ ۾ هيٺ سندس ڀرسان ويهي رهيو. ڏائڻ به سوير  صبح جو سٽيندي اُتي اچي پهتي، ۽ هئنسيل کي چيائين، ”بئنسريءَ ورا  مٺڙا ٻالڪ! موڪل نه ڏينم ته اهو سهڻو گلاب جو گل پٽيان!“

هن جواب ڏنس ته ”ڀلي پٽ!“ پوءِ هوءَ لوڙهي ڏانهن تڪڙي تڪڙي گل پٽڻ لاءِ وڌي، جو هن کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته هيءُ گل حقيقت ۾ ڇا هو! پر، هئنسيل يڪدم کڻي بئنسري ڪڍي وڄائڻ شروع ڪئي- ۽ اُها بئنسري هئي جادوءَ جي، جنهن جو اثر اهڙو هو، جو جنهن جي ڪن تي اُن جو آواز پوندو هو، سو هڪدم اُٿي نچڻ شروع ڪندو هو، پوءِ نچڻ ايندو هجيس يا نه! سو، هيءَ ٻڍي ڏائڻ گل ڏانهن وڌندي وڌندي، روڪجي بيهي رهي، ۽ بيهي نچڻ لڳي ۽ بيٺي بيٺي نه نچڻ بند ٿئيس، نه گل پٽي سگهي، هوڏانهن هئنسيل به هڪ پل لاءِ بئنسري بند نه ڪري.... تان جو ڏائڻ جا   لوڙهي جي ڪنڊن ۾ وچڙي ڪپڙا ڦاٽي پيا، ۽ سندس بدن ڪنڊن جي نوڪن ۾ چُڀجي  چچرجي رتوڇاڻ ٿي پيو، ۽ اهڙيءَ طرح ته هوءَ ڍنگهرن ۾ سوگهي ڦاسي پيئي، ڄڻ ته اتان ڪڏهن به نڪري ئي نه سگهندي.

پوءِ گريٿيل پاڻ کي گل جي صورت مان موٽائي انساني شڪل ۾ آندو، ۽ هئنسيل سان گڏجي ٻيئي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿيا، ايترو پنڌ ڪيائون، جو هلي هلي ٿڪجي پيا، ۽ ويچاريءَ گريٿيل کان ڏسو ته وڌيڪ وک به اڳتي نه کڄي، تنهن تي هو ساهي پٽڻ لاءِ اُتي بيهي رهيا. ڀرسان ساوڪ ۾ هڪڙو ڪو وڏو ڀورو وڻ بيٺو هو، تنهن جي پور ۾ گهڙي، نيٺ ٻيئي مزي سان سمهي رهيا. ڏائڻ به پاڻ کي ٻاٻرائن ڍنگهرن مان جيئن تيئن ڪري ٻاهر ڪڍيو، ۽ جند ڇڏائي اچي اُتي رسي، ۽ پنهنجي جادوءَ جي لٺ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ هڪدم اها کڻي ورتائين،  پوءِ ڇا ڪيائين، جو اُن لٺ وسيلي هئنسيل کي هڪ هرڻيءَ جي ٻچي جي شڪل ۾ آڻي ڇڏيائين! جڏهن گريٿيل ننڊ مان جاڳي ۽ ڳالهه معلوم ٿيس، تڏهن ڀاءُ جي حال تي زار زار روئڻ لڳي. ننڍڙو هرڻ به اچي سندس ڀرسان ويٺو، ۽ ان جي اکين مان ڳوڙها پئي وهيا! تنهن تي گريٿيل چيس، ”پيارا هرڻ، دلجاءِ ڪر، آئون تو کي ڪڏهن به ڇڏي ڪا نه وينديس! ائين چئي، پنهنجي ڳچيءَ وارو سونو هار لاهي، ان کي ڳچيءَ ۾ وڌائين، ۽ ڊگها ڊگها ڊڀ ڇني، انهن مان هڪ رسي وٽي، سوني پٽي ۾ وجهي کڻي هٿ ۾ جهليائين... ۽ پوءِ پاڻ جتي به ويندي هئي،  ته هي هرڻيءَ جو ٻچو به ساڻس گڏ هوندو هو.

آخر هلندي هلندي، هو هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ وٽ پهتا. ڏٺائون ته جهوپڙي بنهه خالي پيئي هئي، گريٿيل  پوءِ نرم نرم پن ۽ ٿڌو ٿڌو گاهه گڏ ڪري پنهنجي ڀاءُ هرڻ واسطي ڪنئرو، بسترو ٺاهيو، ۽ اهڙيءَ طرح ٻيئي ڀاءُ ڀيڻ ان جهوپڙيءَ ۾ رهي پيا، گريٿيل هر روز صبح جو هميشه پنهنجي کائڻ واسطي ٻير ۽ ٻيا ميوا پَٽي ايندي هئي، ۽ پنهنجي ڀاءُ واسطي ننڍڙا ننڍڙا ٻوٽا ۽ نرم گاهه ڇني آڻيندي هئي، هو هرڻيءَ جو ٻچڙو سندس هٿن مان گاهه وٺي کائيندو هو ۽ سندس چوڌاري پيو ٽپندو ڪڏندو هو. شام جو جڏهن گريٿيل ٿڪجي  پوندي هئي، تڏهن هن کي ڀرسان سمهاري ان تي مٿو رکي پاڻ به ليٽي پوندي هئي، اُهي ڏينهن هنن جا اهڙا ته سکيا ٿي گذريا، جو جيڪڏهن  رڳو هئنسيل پنهنجي اصلوڪيءَ صورت ۾ هجي ها، ته انهن جي زندگي هوند ڏاڍي مزي سان پيئي گذري ها.

ڪئين سال هو انهيءَ ٻيلي ۾ ائين رهيا پيا هئا، تان جو گريٿيل اچي هڪ جوان زال ٿي، ۽ انهن ڏينهن ، اتي جو بادشاهه هڪ ڏينهن شڪار ڪندي، اچي انهيءَ جهوپڙيءَ جي آسپاس نڪتو. گريٿيل جي هرڻ کي جو ڪتن جو ڀونڪڻ، شڪارين جي گوڙ شور ۽ سڱن جي وڄڻ جا پڙلاءَ ڪن تي پيا، سو اچي بي آرام ٿيو ته وڃي ڏسان ته ڇا آهي. سو ڀيڻ کي چيائين ته ”ادي، مون کي موڪل ڏي ته آئون ٻيلي مان  گهمي اچان، مون کي هينئر هت آرام نٿو اچي.“

ڀيڻ جواب ڏنس، ”ڀلي وڃ، پر شام جو ياد ڪري، موٽي هت اچج. آئون دروازو بند رکنديس، متان شڪاري اندر گهڙي اچن، پر جڏهن تون اچين ته دروازي تي هٿ هڻي چئج:

”ادي مون کي اندر اچڻ ڏي!“

ته آئون سمجهي وينديس، ته تون آهين، ۽ دروازو کولينديس، پر جيڪڏهن تون نه هوندين ۽ جيسين ڳالهائيندي نه، تيسين آئون دروازي کي بند رکنديس، ته جيئن ڪو ڌاريو ماڻهو اندر نه هليو اچي.“ پوءِ ته هرڻ ڇلانگ ڏيندو، ٽپندو ڪڏندو هڪدم کُليءَ هوا ۾ ٻاهر، گهاٽي جهنگ ۾ وڃي نڪتو.

اوچتو ئي اوچتو، بادشاهه ۽ ان جي شڪاريين جي وڃي هن تي نظر پيئي، ۽ سڀ اچي هن سهڻي جانور جي ڪَڍ پيا: مگر ڪوئي ان کي پهچي ڪين سگهيو- اڃا ويجهو اچي، سمجهيائون  ٿي ته ”هاڻ اسان جي هٿان  ڪين ويندو.“ ته هو ٻوٽن ٻُوڙن مٿان ڇلانگ ڏيندو، نظر کان غائب ٿي ٿي ويو!

جڏهن شام ٿي ۽ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن گريٿيل جو هرڻ به جهوپڙيءَ ڏي ڊڪندو آيو. ۽ اچي در تي هٿ هڻي چيائينِ :

”ادي، مون کي اندر اچڻ ڏي!“

گريٿيل تنهن تي دروازو کوليو، ۽ هرڻ ٽپ ڏيئي اندر آيو. پوءِ ته سڄي رات پنهنجي ٿڌي ٿڌي ۽ نرم نرم پنن جي بستري تي سمهي ننڊ ڪيائين.

ٻئي ڏينهن صبح جو وري به اڳئين وانگر شڪار ٿيو، ۽ جڏهن هن هرڻ جي ٻچي توتارن جو آواز ٻڌو، ته وري به ڀيڻ کي چيائين، ”ادي، دروازو کول، آئون ضرور ٻاهر ويندس!“

پوءِ جڏهن بادشاهه ۽ سندس شڪارين جي هرڻ تي نظر پيئي، تڏهن يڪدم وٺي هن جي پٺيان پيا، ۽ سڄو  ڏينهن هن جي ڪڍ ڊوڙيا، ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي، نيٺ شڪاري هن کي چوڌاري ڦِري آيا، منجهانئن هڪڙي ته هن کي اهڙو تير هنيو، جو پير ڦٽجي پيس، ۽ منڊو ڪري وڌائينس. نيٺ دير دير سان، سهڪندو سهڪندو، لڪندو، لڪندو ۽ منڊڪائيندو منڊڪائيندو، مس مس اچي گهر سهڙيو، پر جنهن شڪاريءَ هن کي زخميو هو، سو هن جي پُٺ وٺندو پئي آيو، جڏهن هرڻ جهوپڙيءَ جي در تي آيو، ۽ در کي هٿ  هڻي چيئاين:

”ادي، مون کي اندر اچڻ ڏي!“

ته اهي لفظ انهيءَ شڪاريءَ ٻڌي ورتا. پوءِ دروازو کليو،هرڻ اندر ويو، ۽ دروازو وري يڪدم بند ٿي ويو. هن شڪاريءَ واپس وڃي سڄي حقيقت بادشاهه کي عرض ڪئي. بادشاهه چيو ته ”سڀاڻي وري به شڪار تي هلبو!“

گريٿيل پنهنجي ڀاءُ هرڻ کي زخميل ڏسي، ڊڄي ويئي، پر پوءِ هن جو زخم ڌوئي، رت اُگهي ان تي جهنگ جي ٻوٽن مان ٺهيل هڪڙي اهڙِ دوا رکيائين، جو ٻئي ڏينهن صبح جو هن جي زخم جو نشان به نظر نٿي آيو.

پوءِ جڏهن شڪار جي توتارن جو وري آواز ٿيو، ته هن ننڍڙي هرڻ وري به ڀيڻ کي چيو، ”ادي آئون هت ترسي نٿو سگهان، آئون ضرور ويندس: پاڻ کي هنن جي هٿن ۾ ڪڏهن به اچڻ ڪين ڏيندس!“

انهيءَ تي گريٿيل آخر مجبور ٿي هن کي  ٻاهر وڃڻ ڏنو، ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي، اُٿي دروازو کوليائين، پوءِ سندس پيارو ڀاءُ، خوشيءَ ۾ ڇلانگون ڏيندو، ٻاهر ٻيلي ۾ هليو ويو.

جڏهن بادشاهه جي نظر هرڻ تي پيئي، تڏهن حڪم ڪيائين ته ”سارو ڏينهن هن جو پيڇو ڪيو، ۽ جيئرو جهلي مون وٽ کڻي اچوس! خبردار، جو ڪو هن کي ايذاءُ يا زخم پهتو آهي!“ پر بادشاهه جا شڪاري سج لهندي تائين به هن کي وٺي نه سگهيا. تنهن تي بادشاهه سڀني شڪارين کي واپس سڏيو ۽ انهيءَ شڪاريءَ کي چيائين، جنهن هرڻ جي جهوپڙي ڏٺي هئي ته ”مون کي اها جهوپڙي هلي ڏيکار، جنهن ۾ تو هرڻ کي ويندو ڏٺو هو!“ پوءِ بادشاهه ۽ انهيءَ شڪاريءَ ٻنهي گڏجي جهوپڙيءَ ڏانهن رخ رکيو، ۽ اتي اچي بادشاهه در تي هٿ هڻي چيو:

”ادي! مون کي اندر اچڻ ڏي“

اندران هڪدم دروازو کليو ۽ بادشاهه اندر لنگهي ويو، سامهون ڏسي ته هڪ جوان ڇوڪري بيٺي آهي- اهڙي حسين، جنهن جهڙي ٻي ڪا به ڇوڪري هن ڪڏهن به ڪا نه ڏٺي هئي، گريٿيل جڏهن ڏٺو ته هي سندس ڀاءُ هرڻ نه آهي- هي ته ڪو بادشاهه آهي، جنهن جي مٿي تي سونو تاج آهي، تڏهن بلڪل ڊڄي ويئي، پر بادشاهه  تمام پيار ۽ محبت سان ساڻس ڳالهايو، ۽ سندس هٿ کڻي پنهنجي هٿ ۾ ورتائين، پوءِ ٿورو وقت پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري، بادشاهه گريٿيل کي چيو، ”مون سان گڏجي منهنجي قلعي ڏانهن هلندينءَ، ۽ مون سان شادي ڪندينءَ؟“

گريٿيل جواب ڏنو ته ”هائو، آئون تنهنجي قلعي ڏانهن هلنديس، مگر تو سان شادي ڪين ڪري سگهنديس، ۽ هي منهنجو هرڻ به مون سان هلندو، ڇاڪاڻ ته هن کي آئون پاڻ کان جدا ڪڏهن به نٿي ڪري سگهان!“

بادشاهه چيس، ”چڱو، هي هرڻ ڀلي اسان سان هلي، ۽ سڄي حياتي تو سان گڏ هجي، ۽ هن کي جيڪي به گهربو، سو هن کي ملندو!“

پوءِ هرڻ ويچارو اٿي کڙو ٿيو ۽ گريٿيل هن کي ڳچيءَ ۾ رسي پاتي، ۽ اهڙيءَ ريت سڀيئي گڏجي، جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتا.

بادشاهه گريٿيل کي پنهنجي گهوڙي تي کڻي چاڙهيو، ۽ ٻيئي پنهنجي محلات ڏي روانا ٿيا، غريب هرڻ پٺيان ڊڪندو پئي آيو. رستي تي گريٿيل پنهنجي سموري حقيقت بادشاهه کي بيان ڪري ٻڌائي. بادشاهه جو هن ڏائڻ کي سڃاڻندو هو، ۽ سندس بدڪارين کان واقف هو، تنهن يڪدم هن کي گهرايو، ۽ حڪم ڪيائين ته ”هن هرڻيءَ جي ٻچي  کي وري ان جي انساني صورت ۾ بدلاءِ، نه ته ماري ماري کل لاهي ڇڏيندو سانءِ!

پوءِ گريٿيل جڏهن پنهنجي مٺڙي ڀاءُ کي واپس انساني شڪل ۾ ڏٺو، تڏهن هوءَ بادشاهه جون ايتريون ته مهربانيون مڃڻ لڳي، جو هڪدم هن سان شادي ڪرڻ قبول ڪيائين.

گريٿيل جو ڀاءُ هئنسيل پوءِ بادشاهه جو وڏو وزير مقرر ٿيو، ۽ پنهنجي  باقي زندگيءَ جو وقت هن نهايت خوش ۽ سکيو گذاريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com