شهزاديءَ وڃي دروازو کوليو، ۽ ڏيڏر هن جي پٺيان ٽپڪندو اندر
گهڙي آيو، ۽ ڪرسيءَ وٽ بيهي چيائين ”مون کي کڻي
پاڻ وٽ ويهار!“
شهزاديءَ کي ڏڪڻي وٺي ويئي، مگر بادشاهه حڪم ڏنس ته ”جيئن ڏيڏر
چوي ٿو، تيئن ڪر“ ڏيڏر ڪرسيءَ تي به ويهي ماٺ نه
ڪئي، ۽ هڪدم چيائين ته ”ميز تي ويهارينم!“ جڏهن هن
کي ميز تي ويهاريائين، تڏهن هن شهزاديءَ کي چيو،
”پنهنجي ننڍڙي سوني ٿالهي هيڏانهن ڪر ته بيئي ان
مان گڏجي کائون!“ لاچار شهزاديءَ ائين ڪيو، پوءِ
ڏيڏر ته بلڪل مزي سان ويهي پيٽ ڀري کاڌو، پر
ويچاريءَ شهزاديءَ کي هڪڙو گرهه به مس ٿي هيٺ لٿو.
نيٺ ڏيڏر چيو، ”مون پنهنجو پيٽ ڀري کاڌو آهي- هاڻي
آئون ٿڪو آهيان، سو مون کي پنهنجي ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾
وٺي هل، اُتي پنهنجو ريشمي بسترو وڇاءِ، جو پاڻ
ٻيئي ان تي سمهنداسون.“
شهزاديءَ کي ته هن ڪنئري ڪنئري، ٿڌڙي ٿڌڙي ڏيڏر کي هٿ لائڻ کان
به بڇان ٿي آئي، سو جڏهن سوچيائين ته اهو ڏيڏر
ساڻس بستري تي گڏجي سمهندو، ته وٺي روئڻ شروع
ڪيائين. بادشاهه تنهن تي غصي ۾ اچي ويو ۽ چيائين
ته ”جن اسان کي ضرورت جي وقت مدد ڪئي هجي، تن کي
پوءِ ڌڪارڻ نه گهرجي!“
انهيءَ تي شهزادي ٻن نازڪ آڱرين سانڏيڏر کي جهلي، پنهنجي سمهڻ
جي ڪوٺيءَ ۾ کڻي ويئي، ۽ کڻي هڪ ڪنڊ ۾ رکيائينس،
پر پاڻ جڏهن بستري ته وڃي ليٽي ته ڏيڏر به سري
بستري جي پاسي وٽ اچي بيٺو، ۽ چيائين: ”آئون به
ٿڪل آهيان! آئون به آرام ڪرڻ گهران ٿو! مهرباني
ڪري مون کي به کڻي بستري تي ڪَر، نه ته آئون وڃي
ٿو پڻهين کي دانهن ڏيان!“
اهو ٻڌي، شهزاديءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هن کي زور سان وٺي کڻي
ڀت تي ٺڪاءُ ڪرايائين.
”هيءَ وٺ- ڪنا، بڇڙا ڏيڏر، اڳو پوءِ وڃي ننڊ ڪر!“
ڀت سان لڳي جو ڏيڏر، پَٽ تي ڪِريو، ته واه واه! هڪدم بدلجي هو
سهڻين اکين ۽ مرڪندڙ منهن وارو هڪ شاندار شهزادو
بڻجي پيو، ۽ شهزاديءَ جي پيءُ، بادشاهه سلامت جي
خواهش موجب هو شهزاديءَ جو پياري ۾ پيارو دوست ۽
راند ڀائي ٿي پيو. پوءِ هن شهزاديءَ کي ٻڌايو ته
”آئون هيئن ڪي هونئن، هڪ بدڪار ڪراڙيءَ ڏائڻ جي
جادوءَ جي اثر ڪري ڏيڏر ٿي پيو هوس ۽ سواءِ تو
ننڍڙي سهڻي شهزاديءَ جي ڪنهن کي به طاقت نه هئي
جو مون کي کوهه مان آزاد ڪري! سڀاڻي آئون پنهنجي
ملڪ ويندس، تون به مون سان گڏجي هلجان!“ هو پوءِ
سمهي رهيا، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سج اُڀريو ته
هڪ اَٺن سفيد گهوڙن جي عاليشان گاڏي اچي دروازي وٽ
بيٺي. گهوڙن جي مٿن تي سفيد ڪلنگيون هوا ۾ هيڏي
هوڏي پئي لڏيون، مٿن سونا سنج پيل هئا، ۽ پٺيان
جوان شهزادي جو وفادار نوڪر هينري، گهوڙن جون
سونيون واڳون وٺيو بيٺو هو. جڏهن شهزادو مٽجي ڏيڏر
ٿي پيو هو، تڏهن هن وفادار نوڪر کي ايترو ارمان
ٿيو هو، جو هن ٽي لوهه جون پٽيون پنهنجي دل جي
چوڌاري ٻڌي ڇڏيون هيون ته متان هن جي محبت ڀري دل
شهزادي جي ڏک ۾ ڪٿي ڦاسي نه پوي!
اها گاڏي شهزادي ۽ شهزاديءَ کي سلطان بادشاهه ڏانهن کڻي وڃڻ
واسطي آئي هئي. وفادار هينريءَ، هنن ٻنهي کي
گاڏيءَ ۾ چاڙهي، پاڻ پنهنجي جاءِ تي وري گاڏيءَ جي
پٺيان وڃي بيٺو. اڃا ٿورو ئي پر ڀرو ويا ته هنن
ڪنهن شيءِ جي ڀڄي پوڻ جو ٽڙڪو ٻُڌو، ٿوري وقت کان
پوءِ، ساڳئي نموني جو ٽڙڪو ٻيهر ٿيو، ۽ وري ٽيهر
به ٿيو. شهزادي ۽ شهزاديءَ سمجهيو ته گاڏيءَ ۾ ڪا
شيءِ ڀڄي پيئي آهي، پر اهو آواز انهن لوهه جي پٽين
جي ڀڄڻ جو هو، جيڪي هينريءَ جي دل تي ٻڌل هيون:
وفادار هينريءَ کي سندس مالڪ جي آزاديءَ تي ايتري
خوشي ٿي، جو سندس دل تان ارمان جون سڀ ڪڙيون ٽٽي
پيئون!
|