ڪتڻ واريون ٽي زالون
ڳالهه ٿا ڪن ته: هڪڙي ڇوڪري هوندي هئي جا اهڙي سست هوندي هئي،
جو گهر ۾ جيڪو ڪتڻ جو ڪم ملندو هوس. سو به ڪين
ڪندي هئي.
هڪ ڏينهن خدا جو اهڙو ٿيو، جو ماڻس سندس سستيءَ کان اهڙي تنگ ٿي
پيئي، جو لڪڻ کڻي اچي ڇوڪريءَ کي ورتائين، ۽ دل تي
ڦيهه ڪڍيائينس، ڇوڪريءَ جي دانهن هيٺ دانهن مٿي،
سڄو اوڙو پاڙو مٿي تي کڻي ڏنائين، مڄاڻ ڪا ان ملڪ
جي راڻي اتان اچي لانگهائو ٿي، تنهن جو گهر ۾ روئڻ
ٻڌو سو گهڙي آئي اندر، ۽ اچي مائيءَ کان پڇيائين
ته ”ڇو پئي نياڻيءَ کي ايترو مارين؟“ پنهنجي
ڇوڪريءَ جي نڪمي هجڻ جي ڳالهه ظاهر ڪرڻ کان ته هن
کي لڄ اچڻ لڳي، سو ڳالهه ٺاهي چيائين ”هيءَ سڄو
ڏينهن چرخي تي مئي پئي آهي، ۽ ڪتڻ تي بنهه گهڻو
شوق اٿس، پر آءٌ غريب زال، آئون ايتري ڪپهه ڪٿان
آڻيان، جو کيس ڪتڻ لاءِ ڏيان.“ راڻيءَ تنهن تي
چيو، ”ادي، مون کي به ڪتڻ جو ڪم ڏاڍو پسند ايندو
آهي، جي تون موڪل ڏين ته آئون تنهنجي ڇوڪريءَ کي
پاڻ سان محلات ۾ وٺي وڃان. مون وٽ گهڻو ئي ڪپهه
پيئي آهي، جيتري وڻيس اوتري پيئي ڪتي.“
ماءُ وڏيءَ خوشيءَ سان راڻيءَ جي ڳالهه قبول ڪئي، ۽ راڻي
ڇوڪريءَ کي وٺي محلات ۾ آئي.
جڏهن محل ۾ پهتيون، تڏهن راڻي، ڇوڪريءَ کي مٿي ماڙيءَ تي وٺي
ويئي، ۽ اتي ٽي ڪوٺيون ڏيکاريائينس، جي سڄيون ڪپهه
سان فرش کان ڇت تائين ڏٽيون پيون هيون.
پوءِ ڇوڪريءَ کي راڻيءَ چيو ”هاڻ اها ڪپهه پيئي اٿيئي، ويهي ڪت.
جي اها سموري ڪپهه تو ڪَتي ورتي ته پوءِ توکي
پنهنجي وڏي پٽ سان پرڻائينديس.“
ڇوڪري ويچاري ته دل ئي دل ۾ هڄي ويئي، اها ڪپهه ايتري ته هئي،
جو هوءَ ڏينهن رات چرخو هلائي، ۽ سندس عمر ٽي سئو
ورهيه ٿي وڃي. تڏهن به هوند اها ڪپهه ڪين کُٽي.
جڏهن راڻي کيس اُتي اڪيلو ڇڏي ويئي، تڏهن ويچاري
اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ۽ ٽي ڏينهن ٽي راتيون اُتي ئي
ويٺي رهي، پر آڱر به ڪا نه چوريائين. ٽيون ڏينهن
گذريو ته ڇوڪريءَ کي اچي خيال ٿيو ته هاڻ ڇا ڪري،
پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيس. ڀڳل ۽ ڏکويل دل سان
اٿي اچي دريءَ وٽ بيٺي. جان کڻي ڏسي ته دريءَ وٽ
ٽي زالون بيٺيون آهن. انهن مان هڪڙيءَ جو اڳيون
پير تمام ويڪرو هو، ٻيءَ جو هيٺيون چپ ايترو ته
وڏو هو جو ڄاڙيءَ تائين پئي لڙڪيس ۽ ٽينءَ جي هڪڙي
هٿ جو آڱوٺو نهايت ٿلهو هو، ٽيئي ڄڻيون دريءَ وٽ
بيهي رهيون، ۽ ڇوڪريءَ کان پڇيائون: ”توکي ڪهڙي
ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي؟“ ڇوڪريءَ پنهنجي مصيبت جو
سربستو احوال ٻڌايو. اهو ٻڌي هنن چيو، ”تون جي
اسان کي پنهنجي پرڻي تي گهرائين، اسان کان لڄ نه
ڪرين، ۽ اسان کي پنهنجون سؤٽيون سڏي پاڻ سان گڏ
ماني کارائين، ته اسين تنهنجي سموري ڪپهه توکي
گهڙيءَ ۾ ڪتي ڏيون؟“
”آئون اکين سان ائين ڪنديس.“ ڇوڪريءَ انجام ڪيو. پوءِ ته ڇوڪري
انهن ٽنهي عجيب زالن کي اندر وٺي آئي، ۽ هو به اچڻ
شرط اچي ڪتڻ تي ويهي رهيون، جيڏيءَ مهل راڻي ايندي
هئي، اوڏيءَ مهل هوءَ ٽنهي کي لڪائي ڇڏيندي هئي، ۽
راڻيءَ کي ڪتيل سُٽ
ڏيکاريندي هئي، راڻي ايترو سارو سُٽ ڪتيل ڏسي، هن
جي ساراهه مان ئي ڪين ڍاپندي هئي.
جڏهن سمورو سٽ ڪتجي ويو، تڏهن ٽيئي موڪلائي وڃڻ لاءِ تيار ٿيون.
ويندي ويندي ڇوڪريءَ کي چئي ويون ته ”پنهنجو
انجام ياد رکجان، ۽ ان ۾ وري به تنهنجي ئي ڀلائي
آهي.“
پوءِ ڇوڪري وڃي راڻيءَ کي سڏي آئي، ۽ اچي کيس خالي ڪوٺيون ۽
ڪتيل سُٽ جو ڍير ڏيکاريائين. راڻي اهو ڏسي ڏاڍي
خوش ٿي، ۽ هڪدم شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي ويئي.
ڇوڪريءَ، راڻيءَ کي چيو ”منهنجون ٽي سؤٽيون آهن، جيڪي مون کي
گهڻو گهرنديون آهن. هنن جا مون تي گهڻا ئي ٿورا
آهن، سو آئون پنهنجن چڱن ڏينهن ۾ کين وسارڻ مناسب
ڪين ٿي سمجهان، ڀلائي ڪري موڪل ڏيوم ته کين شاديءَ
جي دعوت به موڪليان. ته جيئن هُو اسان سان گڏ اچي
ويهي ماني کائين؟“
راڻيءَ ۽ شهزادي ٻنهي هاڪار ڪئي، شاديءَ جو ڏينهن ٿيو ته اهي
ڪتڻ واريون زالون کل جهڙي پوشاڪ پائي اچي شاديءَ ۾
شريڪ ٿيون، ڇوڪريءَ به ”اديون، ڀلي ڪري آيون، جيءُ
ڪري آيون!“ چئي، سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اهو ڏسي
شهزادي، ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ”تنهنجون مائٽياڻيون
صورت جون اهڙيون بدشڪليون ڇو آهن؟“ ۽ پوءِ وڏي پير
واري مائيءَ کان پڇيائين ته ”تنهنجو پير ايترو
ويڪرو ۽ وڏو ڪيئن ٿيو آهي؟“
”چرخي جي چڪر هلائڻ ڪري؟“ هن وراڻيو.
وري ٻي ڇوڪريءَ کان شهزادي پڇيو ”تنهنجو اهو هيڏو سارو چپ ڪيئن
لڙڪي پيو؟“
”ڌاڳي کي آلو ڪرڻ ڪري!“ هن جواب ڏنو.
تڏهن شهزادي وري ٽينءَ کان پڇيو ”تنهنجو آڱوٺو ايترو ٿلهو ڪيئن
ٿيو؟“
هن جواب ڏنو ”ڌاڳي کي وَٽُ ڏيڻ ڪري!“
شهزادو اهي ڳالهيون ٻڌي، دل ئي دل ۾ دهلجي ويو ۽ هڪدم چيائين ته
”اڄ کانپوءِ منهنجي مومل ڪنوار چرخي کي هٿ به ڪين
لائيندي.“
ويچاري ڇوڪري هميشه لاءِ انهيءَ ڳهه ڳهان واري ڪم کان ڇٽي ويئي.
ٻارهن ڀائر
ڳالهه ٿا ڪن ته: ڪنهن سمي هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جيڪو پنهنجي
راڻيءَ سان ڪنهن ولايت ۾ راڄ ڪندو هو. هن کي ٻارهن
ٻار هئا، پر سڀ پٽ، ڌيءَ هڪڙي به ڪا نه هيس.
بادشاهه کي ڌيءُ جي ڏاڍي سڌ هوندي هئي. هڪ ڏينهن
اوڀاريون لهواريون ڪندي، راڻيءَ کي چيائين ته جي
اسان جو تيرهون ٻار نياڻي ڄائي، ته آئون ٻارهن ئي
پٽن کي ڪهائي ڇڏيندس ته جيئن منهنجي سموري دولت ۽
راڄ ڀاڳ منهنجي ڌيءُ کي ملي.“ويچاريءَ ماءُ جي دل
تي ڇا واپريو هوندو! دل جو سور دل ۾ رکي، سڄو
ڏينهن پئي روئندي رڙندي هئي.
سڀني کان ننڍڙو پٽ بنجامن هميشه ماءُ سان گڏ هوندو هو، تنهن هڪ
ڏينهن ماءُ کان پڇيو ته ”امڙ، تون ايتري ڏکويل ڇو
ٿي ڏسجين؟“
راڻيءَ جواب ڏنو، ”پٽڙا، تون انهيءَ ڳالهه تان ئي لهي وڃ.“ پر
نينگر تيسين ماءُ جي پٺ نه ڇڏي، جيسين کيس
ٻڌايائين نه.
ڳالهه ڪندي ڪندي راڻي اچي سڏڪن ۾ پيئي، تنهن تي پٽن کيس آٿت
ڏيندي چيو، ”امڙ، تون ڳڻتي نه ڪر، روءُ نه، اسين
پاڻيهي پاڻ بچائينداسون، ۽ هتان نڪري وينداسون“
”هائو پٽڙا“، راڻيءَ کين سمجهائيندي چيو ”بنجامن، تون پنهنجن
يارهن ئي ڀائرن کي ساڻ ڪري ٻيلي ڏي هليو وڃ، ۽ اتي
جيڪو سڀ کان ڊگهو وڻ هجي، اُن تي اوهان مان هڪڙو
ڄڻو چڙهي ويهي قلعي جي برج جي جاچ ڪري، جيڪڏهن پٽ
ڄائو ته برج تي اڇو جهنڊو چڙهندو، ۽ اوهين سڀ موٽي
اچجو، پر جيڪڏهن ڇوڪري ڄائي ته پوءِ آئون ڳاڙهو
جهنڊو چاڙهڻ جو حڪم ڏينديس ڳاڙهو جهنڊو ڏسي اوهين
پري نڪري وڃجو. شل خدا اوهان جي حفاظت ڪري؟“
ٻارهن ئي ڄڻا ماءُ جون دعائون وٺي ٻيلي ڏانهن روانا ٿيا. ٻيلي ۾
پهچي، واري واري سان، سڀ کان ڊگهي وڻ تي چڙهي پيا،
روزانو قلعي جي برج کي جاچيندا هئا.
آخر يارهون ڏينهن گذريو ته بنجامن جو وارو آيو. مٿي چڙهي جو کڻي
ڏسي ته اتي ڳاڙهي رنگ جو جهنڊو پئي جهوليو. اهو
جهنڊو ڄڻ ته هنن لاءِ ڦاهيءَ جو حڪم هو.
ڀائرن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳا ته ”آخر هڪ ڇوڪريءَ جي ڪري
اسين ڇو مفت ۾ مارجي وڃون؟ اچو ته قسم کڻون ته ان
جو ضرور بدلو وٺنداسين، ۽ جتي به ڪا ڇوڪري
ڏسنداسين، ان کي اتي جو اتي ڪهي ڇڏينداسون.“
اهو پڪو انجام ڪري، هو گهاٽي ٻيلي ۾ اندر گهڙي ويا. اتي پهچي ڇا
ڏسن ته ٻيلي جي پوري وچ ۾ هڪ جادوءَ جو گهر بيٺو
آهي، سڀني اهو ڏسي چيو ”اسين هاڻ اتي ئي
رهنداسون، بنجامن، تون اسان سڀن ۾ ننڍو ۽ ضعيف
آهين، ان ڪري تون ويهي گهر جي سنڀال سڙي ڪجانءِ،
اسين وري کاڌي جي ڳولا ڪنداسون.“
ٻيلي اندر انهيءَ گهرڙي ۾ رهندي ڀائرن کي ڏهه سال لنگهي ويا.
وقت گذرندي ويرم ئي ڪا نه لڳي.
هوڏانهن راڻيءَ کي جا ڪڪي ڄائي هئي، سا اڄ ننڍي، سڀان وڌي نيٺ
اچي سجهه لائق ٿي، جهڙي هئي منهن مهانڊي جي ملوڪ،
تهڙي هيس سٻاجهي ۽ ٻاجهاري دل، نرڙ تي سونو تارو
پيو لڙڪندو هوس، هڪڙي ڏينهن خدا جو اهڙو ٿيو، جو
شاهي محلات جي ڌوٻيءَ ڪپڙا سڪائڻ لاءِ کڻي باغ ۾
ٽنگي ڇڏيا. انهن ۾ ٻارهن قميصون هڪ ئي هنڌ ٽنگيون
پيون هيون. ننڍڙي شهزاديءَ جو اهي قميصون ڏٺيون،
سو اچي ماءُ کان پڇيائين ته اهي قميصون ڪنهن جون
آهن؟ پڻس جون ته ٿي نٿي سگهيون، جو اُن جي بُت کان
گهڻو ننڍيون هيون.
راڻيءَ کان ٿڌو ساهه نڪري ويو، ۽ چيائين ته ”بابلي، اهي تنهنجي
ٻارهن ڀائرن جون آهن.“
”منهنجا ٻارهن ڀائر؟“ شهزاديءَ حيرانيءَ مان پڇيو، ”مون ته ڪڏهن
به کين ڪين ڏٺو آهي، نه ٻڌو ئي اٿم. اهو وري ڪيئن
ٿيو! ڀلا هاڻي ڪٿي آهن؟“
”خدا ڄاڻي، ويچارا ڪٿي پيا ڌڪا کائيندا هوندا!“ راڻيءَ ڏک مان
چيو.
پوءِ راڻيءَ سمورو قصو شهزاديءَ کي ڪري ٻڌايو ته ڪيئن بادشاهه
تنهنجي ڄمڻ وقت ٻارهن کي ئي ڪُهڻ جو دڙڪو ڏنو هو.
راڻيءَ اڃا سڄي ڳالهه ڪري بس ڪئي، ته اچي
اوڇنگارن ۾ پيئي. ڀلا، ويچاري ماءُ جي دل، ڪڙهندي
ڪا نه!
شهزاديءَ چيو ”مٺي اما، تون روءُ نه، آئون ٿي وڃيو پنهنجي
ڀائرن کي ڳولي وٺي اچان!“ پوءِ شهزادي ٻارهن ئي
قميصون ساڻ ڪري ٻيلي ڏانهن اُسهي. سڄو ڏينهن
ويچاري رلندي رهي. آخر سانجهيءَ مهل اچي جادوءَ
واري گهر وٽ پهتي، اندر لنگهي ويئي، ڇا ڏسي ته هڪ
نينگر ويٺو آهي. نينگر، ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ڪير
آهين، ڪٿان آئي آهين، ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟
شهزاديءَ چيو ته ”آئون بادشاهه جي ڌيءُ آهيان، ۽ پنهنجي ٻارهن
ڀائرن کي ڳولڻ نڪتي آهيان.“
پنجامن ڏٺو ته مار هيءَ ته سندس ئي ڀيڻ آهي، سو چيائينس ته
”ادي، آئون تنهنجو سڀني کان ننڍو ڀاءُ بنجامن
آهيان.“
خوشيءَ کان ٻنهي جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، ۽ هڪ ٻئي کي
ڳراٽڙيون پائي، خوب پيار ڪيائون.“
گهڙيءَ کان پوءِ پنجامن چيو، ”مٺي ادي، هڪڙي ڳالهه جو ويچار
ٿي پيو اٿم: ”اسان سڀني ڀائرن پاڻ ۾ پهه ڪيو هو ته
اسين جيڪا به ڇوڪري ڏسنداسين، ان کي ڪُهي
ڇڏينداسين، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ ڇڏڻ جو سبب به هڪ
ڇوڪري هئي.“
تنهن تي ڀيڻ چين، ”ادا، آئون ميس ته گهوريس، اوهان جا شل سر
بچن، مون کي پنهنجي سر جي ڪاڻ ڪانهي.“ ”نه نه،
آئون ڪيئن به ڪري تو کي بچائيندس. هاڻ تون هيئن
ڪر، جو هن گنديءَ ۾ لڪي هلي ويهه، يارهن ڀائر آيا
ته آئون پاڻيهي انهن سان نبرندس.“ بنجامن کيس
دلداري ڏيندي چيو.
شهزادي ماٺ ڪري گنديءَ ۾ وڃي لڪي ويهي رهي. رات ٿي ته يارهن
ڀائر به شڪار تان موٽِيا، ۽ جيڏي مهل گڏجي ماني
کائڻ ويٺا، تڏهن هڪڙي ڄڻي بنجامن کان پڇيو ته ڪا
نئين تازي خبر چار؟“
”ڳالهه ته هڪڙي آهي.“ بنجامن جواب ڏنو. ”پر پهرين انجام ڪيو ته
جيڪا پهرين ڇوڪري ڏسندا ان کي ڪين ڪهندا ته پوءِ
ٻڌائيندوسانوَ؟“
سڀني مڃيو ”ها، ها- اسين کيس جيئدان ڏينداسون اهو اسان جو قول
آهي، هاڻ ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”اسان جي ڀيڻ اسان وٽ آئي آهي!“ ائين چئي گنديءَ جو ڍڪ کڻي
لاٿائين. شهزادي شاهاڻن ڪپڙن سان ٻاهر نڪري آئي!“
نرڙ تي سونو تارو پئي لڙڪيس ۽ ڏاڍي سهڻي، ۽ سٻاجهي
پئي لڳي. هو سڀ ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ کيس ڳراٽڙيون
پائي، تمام ججهو پيار ڏنائون.
شهزادي اُتي ئي رهي پيئي، ۽ بنجامن کي گهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ
لڳي.
انهيءَ جادوءَ جي گهر اڳيان هڪ باغيچو هوندو هو، جنهن ۾ ٻارهن
موتيي جا گل بيٺا هئا، شهزاديءَ خيال ڪيو ته اهي
ٻارهن ئي گل پٽي پنهنجن ڀائرن جي قميصن ۾
ٽاڪينديس، سو وڃي گل پٽي آئي، پر خدا جي قدرت اڃا
گل پٽي بس ڪيائين، ته سندس ٻارهن ئي ڀائر ڪبوتر
بڻجي اُڏامي ويا، گهر ۽ باغيچو به کِنَ ۾ گم ٿي
ويا، ۽ ويچاري ڇوڪري ٻيلي ۾ اڪيلي رهجي ويئي. حيرت
مان هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريائين ته ڇا ڏسي ته
هڪڙي ٻڍڙي سندس ڀر ۾ بيٺي آهي.
ٻڍڙيءَ چيو، ”منهنجي پٽڙي، هي تو ڇا ڪيو، تو ڇو انهن ٻارهن اڇن
گلن کي هٿ لاتو؟ اهي ته تنهنجا ڀائر هئا، جي هاڻ
هميشه لاءِ ڪبوتر بڻجي ويا!“
شهزادي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ۽ روئندي چيائين ته ”ڀلائي ڪري ڪو ڏس
ڏينم ته منهنجا ڀائر وري ڪيئن ماڻهوءَ جي صورت ۾
ايندا؟“
ٻڍڙيءَ چيو، ”هاڻ دنيا جي ڪا به شئي هنن کي ماڻهو نٿي ڪري سگهي،
پر ها البت، هڪڙي ڳالهه آهي، پر اها سخت ڪَٺن ۽
ڏکي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ڀائرن کي آزاد ڪرائڻو اٿئي
ته برابر ست سال تو کي گونگو رهڻو پوندو، انهن ستن
سالن ۾ جي تو هڪ ڪلاڪ لاءِ به ڪجهه ڳالهايو يا
کليو ته سڀ اجايو ٿي ويندو. تو جيڪڏهن ڪا ٻڙڪ به
ٻولي ته تنهنجا ڀائر مري ويندا.
شهزاديءَ دل ۾ پڪو پهه ڪري چيو، ”خدا ڪندو ته آئون پنهنجي ڀائرن
جي جند آزاد ڪرائينديس! ائين چئي هوءَ اٿي هلي.
هلندي هلندي، اچي هڪ ڊگهي وڻ وٽ پهتي، همت ڪري وڻ
تي چڙهي ويئي، ۽ اتي ويهي هٿ سان سُٽ ڪتڻ لڳي.
هوءَ نڪا ڳالهائيندي هئي، نڪا کلندي هئي، سڄو ڏينهن ماٺ ڪريو
ويٺي هوندي هئي.
هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو هڪ بادشاهه شڪار ڪندي اچي اتان لانگهائو
ٿيو. جان کڻي مٿي نهاري ته مٿي هڪ سدا سهڻي ڇوڪري
ويٺي آهي، نرڙ تي سونو تارو پيو لڙڪيس. سندس
سونهن ڏسي بادشاهه اڪن ڇڪن ٿي پيو، ۽ کيس سڏ
ڪيائين، پر هن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. تڏهن
بادشاهه وري پڇيس ته سندس راڻي بڻجڻ تي راضي آهي
يا نه؟ ڇوڪريءَ وري به ڪو جواب ڪو نه ڏنو، پر ڪنڌ
ڌوڻي هائوڪار ڪيائين.
اهو ڏسي بادشاهه وڻ تي چڙهي ويو، ۽ کيس وڻ تان لاهي، گهوڙي تي
چاڙهي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو. وڏيءَ ڌام ڌوم سان
سندن شادي ٿي، پر ڪُنوار نڪي ٿي ڳالهايو، ۽ نڪي
وري ٿي کليو.
جڏهن ڪجهه سال کل خوشيءَ ۾ گذري وين، تڏهن بادشاهه جي ماءُ جيڪا
وڏي وڻواند رن هئي، تنهن راڻيءَ تي بهتان هڻڻ شروع
ڪيا، بادشاهه کي چوڻ لڳي:
”مون کي هاڻ ته پڪ ٿي ويئي آهي ته تون ڪنهن فقيرياڻيءَ سان شادي
ڪري ويٺو آهين.، جيڪڏهن گونگي هجي ها، ۽ ڳالهائي
نٿي سگهي، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ کلي ته سهي، جيڪو
ماڻهو کلندو ئي نه، تنهن جي دل پڪ ڄاڻ ته صاف نه
هوندي .“
پهرين پهرين ته بادشاهه اهي ڳالهيون ٻڌيون اڻٻڌيون ڪري ڇڏيندو
هو، پر بادشاهه جي ماءُ ماٺ نه ڪئي، ۽ طرح طرح جون
ڪوڙيون ڳالهيون مڙهي، بادشاهه جا اهڙا ڪن ڀريائين،
جو نيٺ بادشاهه لاچار ٿي پيو، ۽ پنهنجي راڻيءَ کي
هڪ تختي سان ٻڌي ڇڏيائون، باهه جا تيز شعلا راڻيءَ
جي ڪپڙن تائين پهچڻ لڳا. ايتري ۾ ستن سالن جي آخري
گهڙي گذري ويئي، ويرم ئي ڪا نه ٿي ته هوا ۾ ڦڙ ڦڙ
جو آواز اٿيو، ۽ ٻارهن ڪبوتر جي هيٺ لٿا، اڃا
زمين تي پير مس لڳن ته ٻارهن خوبصورت شهزادا بڻجي
پيا،. هڪدم پنهنجي ڀيڻ جي چوڌاري لڳل باهه کي
وسائي سندس جند آزاد ڪيائون، ۽ کيس ڳراٽڙيون پائي
خوب پيار ڪرڻ لڳا. هاڻ راڻيءَ کي به ڳالهائڻ جي
اجازت هئي، تنهن سموري ڳالهه بادشاهه کي سربستي
ڪري ٻڌائي ته ڇو هوءَ گونگي ٿي هئي، ۽ ڳالهايائين
کليائين نٿي.
بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، جو سندس پياري راڻيءَ جي بيگناهي ثابت
ٿي.
پوءِ ته هو سڀ سڄي حياتي خوشيءَ ۽ آرام ۾ گذارڻ لڳا.
راڻيءَ جي ڪٺور دل سَسُ کي قاضيءَ جي اڳيان پيش ڪيائون، جنهن
کيس موت جي سزا ڏني، ۽ هوءَ لائق به ان جي هئي.
|