آمي هالي
هڪڙي رن زال هئي، جنهن کي ٻه ڌيئرون هيون. انهن مان هڪ سهڻي،
چئيوان ۽ ڪم جي سَچلي هئي، ۽ ٻي بدشڪل، بي چئي ۽
سست، پر، هوءَ زال اُن سست، ۽ بي چئيءَ ۽ بدشڪل
نينگر کي تمام گهڻو پيار ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ
سندس پيٽ ڄائي ڌيءَ هئي، ۽ هُن ٻيءَ نينگر کي گهر
جو سڀ ڪم ڪار ڪرڻو پوندو هو، ۽ سڄو ڏينهن
نوڪرياڻيءَ وانگر ييئي ڳَهندي هئي! گهر جو سمورو
ڪم هاج به هن جي سِرَ تي هوندو هو، ۽ ڇڙٻون به هن
کي ئي سَهڻيون پونديون هيون! هُن ويچاريءَ نينگر
کي، هر روز ٻاهر رستي تي وڃڻو پوندو هو، ۽ کوهه
جي ويجهو ويهي هوءَ سُٽَ ڪتيندي هئي، تان جو
ڪتيندي ڪتيندي هن جون آڱريون ڇِلجي رتوڇاڻ ٿي
پونديون هيون.
هڪ دفعي، هن جي آڱرين مان ايترو ته رت وَهيو، جو سندس اوبڻي رت
۾ رڱجي ڳاڙهي ٿي پيئي. هوءَ پوءِ اها اوبڻي کڻي،
کوهه تي ڌوئڻ لاءِ ويئي. اتفاق سان اوبڻي هن جي
هٿن مان کسڪي، کوهه ۾ ڪري پيئي. هوءَ روئندي،
پنهنجي ماٽيليءَ ماءُ ڏانهن ڀڄندي آئي، ۽ اُن سان
اچي هن حادثي جي ساري حقيقت ڪيائين. ماڻس هن کي
تمام سخت ڇڙٻيو، ۽ چيائينس ته ”تيستائين تو کي
معاف نه ڪنديس، جيستائين تو اها اوبڻي کوهه مان
ڪڍي نه آندي آهي!“
نينگر ويچاريءَ کي سمجهه ۾ ئي نه آيو ته ڇا ڪريان! پر تڏهن به
هوءَ وري موٽي کوهه تي ويئي. آخر وڌيڪ دڙڪن ۽
چڙٻن ٻڌڻ جي خوف کان کڻي پاڻ کي کوهه ۾
اُڇلايائين.
کوهه ۾ ڪِرڻ سان بيهوش ٿي ويئي ۽ وري جڏهن هوش ۾ آئي. ته ڇا ڏسي
ته سائيءَ ڇٻر جي هڪ وڏي کليل ميدان تي، اُس ۾
ليٽي پيئي آهي، ۽ سندس چوگرد هزارين گل ڦل ٽڙيا
بيٺا آهن.
پوءِ، هوءَ اُتان اُٿي پيرن ڀر ٿِي، ۽ ميدان مان اڳتي هلڻ لڳي
تان جو هلندي هلندي، اتان اچي، مانين پچائڻ جي هڪ
وڏيءَ بٺيءَ وٽ پهتي، جنهن ۾ بيشمار مانيون پئي
پڪيون.
مانين کيس چيو، ”اسان کي هتان ڪڍ! اسان کي ٻاهر ڪڍ! نه ته اسين
هت کامي، سڙي وينديونسين. ڪيتريءَ دير کان اسين
بٺيءَ ۾ پيون پچون ۽ سڙون!“
ڇوڪريءَ اڳتي وڌي، ٽڦڻيءَ سان مانين کي هڪ هڪ ڪري، بٺيءَ مان
ٻاهر ڪڍيو. ۽ پوءِ اٿي اڳتي هلي. اڃا ٿورو ئي پنڌ
ڪين ڪيائين ته هڪڙو وڻ ڏٺائين، جو صوفن سان
جهنجهيو پيو هو. وڻ زور زور سان رڙ ڪري چيس ”مون
کي ڌوڻ! مون کي ڌوڻ! منهنجا صوف تمام گهڻو پچي ويا
آهن!“
هن پوءِ وڻ کي ڌوڻيو، ته سونَ جهڙا صوف زمين تي اچي ڪِريا، ۽
پاڻ وري به اٿي اڳتي هلي.
هلندي هلندي، هوءَ هڪ ننڍڙي گهر وٽ اچي پهتي. هڪ ڪراڙيءَ زال هن
ڏي دريءَ مان جهاتي پائي ڏٺو، هن جا ڏند ايترا وڏا
هئا، جو هيءَ ڇوڪري انهن کي ڏسي مرڳو ئي ڊڄي ويئي،
۽ ڀانيائين ته هتان ڀڄي وڃان! پر، پوءِ ٻڍيءَ زال
پيار ڀريو سڏ ڪري چيس، ”ڇو ٿي ڊڄين، مٺڙي نينگر!
مون وٽ اچي رهه، ۽ جيڪڏهن تون منهنجي گهر جو ڪم
ڪار چڱيءَ طرح ڪندينءَ، ته هت مون وٽ تمام سُکي
گذاريندينءَ:ِ منهنجو بسترو هميشه خبرداريءَ سان
ٺاهيندي ڪج، ۽ منهنجي پٿراڻي تمام خيال سان
ڇنڊيندي ڦوڪيندي ڪج، جو ان مان جڏهن کنڀ اُڏامندا
آهن، تڏهن ڌرتيءَ تي برف وسندي آهي. خبر اٿيئي،
آئون آمي هالِي آهيان!
ڇوڪريءَ، ٻڍيءَ زال کي اهڙي مهربانيءَ سان ڳالهائيندو ٻڌي،
همت جهلي، ان وٽ نوڪري قبول ڪئي. پوءِ، هن پنهنجا
سڀ سونپيل ڪم اهڙيءَ ته سچائيءَ سان پورا ڪيا، جو
سندس ٻُڍي آمي مٿس ڏاڍي راضي ٿي- هن جي پٿراڻي به
هوءَ هر روز نهايت خبرداريءَ سان ڇنڊيندي هئي، تان
جو ان مان کنڀ ائين ڇڻڻ لڳندا هئا، جيئن ڌرتيءَ تي
برف جا ذرڙا وسندا آهن. ٻڍي مائي به هن کي ڏاڍو
ڀائيندي هئي. ۽ هر روز هن کي ڪڏهن رڌل، ته ڪڏهن
پڪل گوشت کائڻ لاءِ ڏيندي رهندي هئي.
اهڙيءَ طرح ٿورو عرصو گذريو، ته اوچتو ئي اوچتو هوءَ دل ۾ ملول
رهڻ لڳي. اول ته خود کيس ئي سمجهه ۾ نٿي آيو ته
سندس دل ڇو ملول ۽ پريشان هئي. پر پوءِ خاطري ٿيس
ته گهرَ جي سڪ کيس اُداس ۽ ملول ڪري وڌو آهي.
جيتوڻيڪ آمي هاليءَ جي گهر جي زندگي، هن کي پنهنجي گهر کان هزار
بار سُکي لڳي ٿي، ته به رکي رکي گهر جي سڪ هن کي
اهڙو ته اچي ٿي پريشان ڪيو، جو ڀائيندي هئي ته هڪ
پل به وڌيڪ پوئتي نه ترسان. آخر هُن آمي هاليءَ کي
وڃي چيو، ”آئون گهر لاءِ اهڙو اُداس آهيان، جو رات
جو ننڊ ئي نٿي اچيم. جيتوڻيڪ مون کي هت هر طرح جو
سک آهي، پر، پوءِ به آئون هت وڌيڪ گذاري نٿي
سگهان، ۽ چاهيان ٿي ته وڃي پنهنجي گهر ڀيڙي ٿيان!“
تنهن تي آمي هاليءَ جواب ڏنس. آئون تنهنجي گهر وڃڻ جي خواهش
ٻُڌي، خوش ٿي آهيان. ڇاڪاڻ ته تو منهنجي چڱيءَ طرح
۽ وفاداريءَ سان خدمت ڪئي آهي، تنهن ڪري آئون پاڻ
تو کي اوڏانهن وٺي هلنديس!“
ائين چئي، هوءَ نينگر کي هٿ کان جهلي، هڪ وڏي دروازي وٽ وٺي
آئي. دروازو کلي پيو، ۽ جنهن وقت ڇوڪري دروازي جي
ڀرسان هيٺ بيٺي هئي، ته مٿس سون جي گلن جي ورکا
ٿِي، ۽ اهو سڀ سون سندس بت ۽ ڪپڙن کي لڳي، اتي ئي
چنبڙي بيهي رهيو، تان جو مٿي کان وٺي پيرن تائين،
هيءَ سلڇڻي ڇوڪري سڄي سون سان ڇانئجي ويئي.
آمي هالي، ڇوڪريءَ کي حيرت ۾ ڏسي چوڻ لڳي ته ”تو محنت ۽ چاهه
سان پنهنجو ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري هيءُ سڀ سون تو
کي آئون سوکڙي ڪري ٿي ڏيان!“
پوءِ اهو کليل دروازو هڪ وڏي ٺڪا سان اڳئين وانگر بند ٿي ويو، ۽
ڇوڪريءَ وري پاڻ کي اڳئين وانگر هن دنيا جي زمين
تي ڏٺو. پريان سندس ماءُ جو گهر پئي ڏٺو. ۽ هوءَ
جڏهن پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ گهڙي ته سندس ڪُڪڙ جو
مٿي ڇِت تي ويٺو هو، تنهن هڪدم ٻانگ ڏيئي چيو.
”ڪُڪڙوُ ڪُو! ڪُڪڙوُ ڪُو! آئي اسان وٽ موٽي اسان
جي سلڇڻي ڇوڪري!“
پوءِ هوءَ اندر پنهنجي ماٽيليءَ ماءُ وٽ ويئي، ۽ هن کي سڄو سون
سان جهنجهيل ڏسي، سندس ماءُ ۽ ڀيڻ ٻنهي هن جي
ڏاڍيءَ محبت سان ڀليڪار ڪئي.
ڇوڪريءَ جيڪي ڏٺو وائٺو هو، سو سمورو داستان هنن کي ڪري
ٻڌايائين. ماءُ جڏهن ٻڌو ته ايترو سون هن ڇوڪريءَ
کي مفت ۾ هٿ اچي ويو، تڏهن ويهي سوچيائين ته ڪنهن
طرح سندس هن ٻيءَ بدشڪل ۽ سست ڌيءَ کي به اها
دولت ملي. پوءِ هن پنهنجيءَ انهي ڌيءُ کي ٻاهر
کوهه تي ڪتڻ لاءِ روانو ڪيو. سست ۽ بيڪار ڇوڪريءَ
ڇا ڪيو. جو ڪنڊن جي ڍنگر ۾ هٿ وجهي آڱر مان رت
ڪڍي، کڻي اوبڻيءَ کي مکيائين ۽ پوءِ ان ابڻيءَ کي
کوهه ۾ ڦٽو ڪري، پاڻ به ان جي پٺيان وٺي ٽُٻي
هنيائين!
پهرينءَ نينگر وانگر، اک کولڻ تي، هن به پاڻ کي هڪ سائيءَ ڇٻر
جي ميدان ۾ پيل ڏٺو، ۽ پوءِ اهو ئي ساڳيو پيچرو
وٺي اٿي هلي. جڏهن مانين جي بٺيءَ وٽ پهتي ته
آواز ٻڌائين ته ”اسان کي هتان ڪڍ! اسان کي ٻاهر
ڪڍ! نه ته اسين هت سڙي کامي وينديونسين! سست
ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ”اوهان کي انهن ڪارن ڪوئلن مان
ڪڍي آئون ڪو پنهنجا هٿ خراب ڪنديس ڪيئن؟“
ائين چئي، اڳتي هلي، ۽ اچي صوفن جي وڻ وٽ پهتي، جتي ٻڌائين،
”مون کي ڌوڻ! مون کي ڌوڻ! منهنجا صوف، تمام گهڻو
پچي ويا آهن!“ پر هن ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ”اهو ته
آئون به ڏسان ٿي ته تنهنجا صوف پچي راس ٿيا آهن،
پر تو کي ڌوڻن سان ڪو صوف منهنجي مٿي تي اچي ڪري،
ته پوءِ؟“
ائين چئي، تکي تکي هلي ويئي، تان جو اچي آمي هاليءَ جي ننڍڙي
گهر وٽ پهتي. هن کي ته خبر هئي ته آمي هاليءَ جا
ڏند بلڪل وڏا آهن، تنهن ڪري پهرينءَ نينگر وانگر
هن کي ڏسي، بنهه ڊپ ڪين ٿيس. پهرئين ڏينهن ته هن
ڇوڪريءَ گهڻي سون ملڻ جي اُميد تي،
آمي هاليءَ جا سڀ حڪم بجاءِ آڻڻ ۽ محنت سان سڀ ڪم ڪار ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر ٻئي ڏينهن هوءَ ڪجهه ڍري ٿيڻ لڳي، ۽
ٽئين ڏينهن ته اهڙي سست ٿي پيئي، جو صبح جو سوير
رڳو ننڊ مان به ڪين اُٿي! نڪي آمي هاليءَ جو بسترو
برابر ٺاهيائين، ۽ نڪي هن جي پٿراڻيءَ کي ئي زور
سان چنڊيائين جو ان مان کنڀ، برف جي ذرن وانگر
اُڏامن! آمي هالي انهيءَ ڪري هن مان بيزار ٿي
پيئي، ۽ هن کي چيائين ته ”تون منهنجي ڪم جي نه
آهين، بهتر آهي ته جتان آئي آهين. اوڏانهن موٽي
وڃ!“
سست ڇوڪريءَ کي ته اها ئي ڳالهه گهربي هئي، سو خوش ٿي دل ۾ سوچڻ
لڳي، بس اجها ٿي مٿن سون جي ورکا ٿئي!“
پوءِ، آمي هالي هن کي دروازي وٽ وٺي ويئي، ۽ جڏهن برابر دروازي
جي هيٺان اچي بيٺي، تڏهن سون جي بدران، هڪ وڏي
ڪاري ڪُني ڏامر سان ڀريل، مٿس اوتجي هيٺ اچي پيئي!
آمي هاليءَ چيس، ”هي آهي اُجورو تنهنجي خدمتن جو!“
آمي هاليءَ جو ايترو چوڻ، ۽ دروازي جو ٺڪاءُ ڏيئي
بند ٿيڻ!
اهڙيءَ طرح، سست ڇوڪري سڄي ڏامر سان ڪاري ٿي، گهر موٽي آئي.
ڪڪڙ جو مٿي ڇت تي ويٺو هو، تنهن هن کي ڏسي، هڪدم
وٺي ٻانگ ڏني.
”ڪڪڙوُ ڪُو! ڪُڪڪڙُو ڪُو! آئي اسا وٽ گدلي اسان جي ڇوڪري!“ ڏامر
جو ڪارو رنگ، اُن ڇوڪريءَ تان، پوءِ ڌوئڻ سان به
ساري عمر نه لٿو. |