سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :3

 

شيشي ۾ بند ٿيل ڀُوت

هڪڙو هو غريب ڪاٺير. هو صبح جو سوير اٿندو هو، ويچارو رات جو دير تائين پيو پورهيو ڪندو هو. هن جڏهن ٿوري رقم گڏ ڪئي، تڏهن پنهنجي پٽ کي چيائين، ”تون منهنجو هڪڙو ئي پٽ آهين، هِي پئسا جي مون پنهنجي پگهر جي پورهيي مان ڪمايا آهن، سي توکي ٿو ڏيان. تون اهي کڻي وڃي علم پراءِ- اهڙو ڪمائتو ڪو علم پراءِ، جو پيريءَ ۾ جڏهن منهنجا سڀ عضوا ڌنڌي ڪرڻ کان  جواب ڏيئي ڇڏين، سواءِ هن جي جو سياري ۾ باهه جو پاسو وٺي ويٺو هجان، تڏهن تون منهنجي ڪا سنڀال لهي سگهين!“

ڪاٺير جو ڇوڪرو، پيءُ جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، وڃي اسڪول ۾ داخل ٿيو، ۽ اهڙيءَ محبت ۽ چاهه سان اڀياس ڪرڻ شروع ڪيائين، جو هن جا استاد هن جي ذهن ۽ اورچائيءَ جي ساراهه مان ڍاپندا ئي ڪين هئا.

هن ڪجهه وقت اسڪول ۾ گذاريو، ۽ ان کان پوءِ، ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پر، جيسين علم پڙهي پورو ڪري، تيسين سندس غريب پيءُ جي ميڙيل چونڊيل پونجي ختم ٿي ويئي. لاچار ٻي واهه نه ڏسي، هن کي ڪاليج ڇڏڻو پيو. اهڙيءَ ريت، پنهنجيءَ تعليم کي بند ڪري موٽي گهر اچڻو پيس. سندس پيءُ کيس نهايت ڏک ڀريل آواز ۾ چيو، ”تنهنجي واسطي وڌيڪ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته هاڻي منهنجي ڪمائي ايتري آهي، جو مس ان مان پنهنجو پيٽ ٿا پورو ڪري سگهون!“

پٽ جواب ڏنو، ”پيارا بابا، تون ارمان نه ڪر. جيڪڏهن خداوند ڪريم جي اها ئي مرضي آهي، ته ان ۾ ضرور ڪا ڀلائي هوندي!“ پوءِ ٻئي ڏينهن، هو پريو مڙس جهنگ ڏانهن ڪاٺين ڪرڻ جي ارادي سان وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ته پٽس به ساڻس گڏجي وڃڻ لاءِ سنڀريو.

پيءُ چيس. ”چڱو پٽ، اچ! مگر تو لاءِ هيءُ ڪم  ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته تون هن  هٿن جي پورهئي ۽ محنت تي هريل نه آهين. تنهن کان سواءِ، مون وٽ فقط هڪ ئي ڪهاڙي آهي، ۽ ٻيو ايترو پئسو به ڪو نه اٿم، جو تو لاءِ ڪا ٻي ڪهاڙي خريد ڪري سگهان!“

”فڪر نه آهي! ٻي ڪهاڙي ڪنهن پاڙيسريءَ کان اُڌاري وٺنداسين، ۽ يقيناً هو اسان کي ڪين موٽائيندو. پوءِ آهستي آهستي ڪمائي، آئون پنهنجي ڪهاڙي پاڻ خريد ڪندس.“ پٽ جواب ڏنو.

پوءِ ته پيءُ وڃي هڪ پاڙيسريءَ کان ڪهاڙي اُڌاري وٺي آيو، ۽ صبح جو سوير، پرڀات ويلي،  ٻيئي گڏجي، ٻيلي ڏانهن روانا ٿيا.

نوجوان پُٽَ،  پوڙهي  پيءُ کي جو ڪم ۾ پئي مدد ڪئي، سو هو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو.

جڏهن آسمان ۾ سج چڙهي ڪاپار تي آيو، تڏهن پوڙهي پيءُ چيو، ”هاڻي اچ ته ٿَڪ ڀڃون، ۽ منجهند جي ماني به کائون! ماني کائڻ ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هن وقت جهڙو ٻيو وقت ئي ڪونهي!“

پُٽ پنهنجي مانيءَ جو حصو کائي، پيءُ کي چيو، ”بابا، تون هاڻي آرام ڪر، آئون ٿڪوئي ڪين آهيان، تنهن ڪري آئون وڃي ٿو ٿورو گهمان ڦران، ۽ پکين جا آکيرا نهاريان.“

پيءُ واڪو ڪري چيس، ”بي عقل، تون جيڪڏهن ائين اجايو ڊوڙندين، ڊڪندين، ته پوءِ اهڙو ٿڪجي پوندين، جو ٻانهن به مٿي کڻي ڪين سگهندين، بهتر آهي ته منهنجي ڀر ۾ ليٽي پؤ!“

مگر پٽ، پوڙهي پيءُ کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ اُٿي ٻيلي ۾ گهمڻ نڪتو.مزي سان ٻانهون لوڏيندو.سينڍون هڻندو، وڻن جي ٽارين ۾ پکين جي آکيرن ڏانهن ڏسندو رهيو، تان جو سندس نظر وڃي هڪ شاهي بڙ جي وڻ تي پيئي، جو ڪن سوَن ورهين جي عمر جو پئي معلوم ٿيو، ۽ سندس ٿڙ جو گهيرو ايترو ته ويڪرو هو، ۽ سندس ڏارَ ايترو ته پري پري پکڙيل هئا، جو هزارن جا هزار ماڻهو سندس ڇانوَ ۾ هوند آسانيءَ سان گهر ڪري ويهي رهن! ڇوڪري جڏهن ايڏو پراڻو ۽ ايڏو وڏو وڻ ڏٺو، تڏهن چپ چاپ اُتي بيهي خيال ڪيائين ته ”ڪيترن نه پکين هن وڻ ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهيا هوندا!“

ان وقت هن جي ڪنن تي ڪنهن طرح جو آواز پيو. هو ڌيان سان ٻڌڻ لڳو. پڪ ئي پڪ هڪ گُهٽيل آواز هو، جنهن مان ظاهر پئي ٿيو ته ”مو کي ٻاهر ڪڍ! مون کي ٻاهر ڪڍ!“ هُن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر ڪجهه به نظر نه آيس ۽ ائين سمجهه ۾ پئي آيس ته هيءُ آواز زمين جي اندران ئي اندران پيو اچي! تنهن تي هُن زور سان پڇيو، ”تون ڪٿي آهين!“ جواب ۾ آواز آيو،  ”آئون هتي آهيان، بڙ جي پاڙن هيٺان. مون کي ٻاهر ڪڍ! مون کي ٻاهر ڪڍ!“

پوءِ هُن وڻ جي پاڙن هيٺان کوٽڻ شروع ڪيو ۽ آخر هُن هڪ ڏرڙ ڏٺو، جنهن ۾ هڪ بند ٿيل شيشو پيو هو، جنهن کي ڪڍي، روشنيءَ تي جهلي ڏٺائين ته اُن ۾ هڪ ڏيڏر جهڙي شيءِ آهي، جا اُتي پيئي هيٺ مٿي، هيڏي هوڏي ٿئي ۽ هر هر پيئي ٽپا ڏيئي!

پوءِ انهيءَ ڏيڏر جهڙيءَ شيءِ رڙ ڪري چيو، ”مون کي ٻاهر ڪڍ! مون کي ٻاهر ڪڍ!“

هن جوان، سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، شيشي جو ٻوچ کڻي کوليو. شيشي جو ٻوچ کلڻ، ۽ هڪدم هڪڙو ڀُوت ان مان ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر به ڪيئن نڪتو! نڪرڻ سان ويو، وڏو ٿيندو،  تان جو انهيءَ پراڻي بڙ جي بنهه اڌ جيڏو، دهشتناڪ ديو بڻجي بيهي رهيو، ۽ هڪدم هڪڙي دل ڏهڪائيندڙ آواز سان چوڻ لڳو، ”خبر اٿيئي، مونکي آزاد ڪرڻ جو تو کي ڪهڙو انعام ملندو!“

شاگرد ويچاري بيڊپائيءَ سان جواب ڏنو، ”نه، مون کي ڪهڙي خبر!“ ڀوت چيس، ”خبر نه اٿيئي ته ٻڌ! آئون تنهنجو گردن ٽوڙيندس!“

”اهو منهنجو انعام ڏيڻ آهي!“ شاگرد  حيرت وچان جواب ڏنو. ”افسوس! جو اِها ڳالهه ٿورو اڳي نه ڪئي، نه ته آئون جيڪر تو کي اتي ئي ڇڏي ڏيان ها، جتي پيو هئين! باقي منهنجي سر جو نالو  نه وٺ! مون کي هٿ لائڻ کان اڳ ۾ جن سان صلاح ڪرڻي هجيئي، تن سان صلاح ڪري وٺ! هيءَ ڪا اڪ جي ماکي نه آهي، جا هڪدم لاهي وٺندين!“

ڀوت وراڻيو، ”مون کي صلاح ٻلاح جي ضرورت ڪانهي! تون جنهن انعام جي لائق آهين، سو تو کي ضرور ملڻ گهرجي، تون ڇا ٿو سمجهين ته خواه مخواه مونکي قيد ۾ رکيو ويو هو؟ اِها ته منهنجي سزا هئي؟ آئون ”مرڪيوريس“ ڀوت آهيان، ۽ جيڪو به  مون کي آزاد ڪري ها، آئون ان جو ضرور ڪنڌ ڀڃان ها!“

شاگرد نهٺائيءَ سان جواب ڏنو، ”بلڪل ٺيڪ، پر اهو به ائين جهٽ  پٽ ۾ ته ڪين ٿي سگهندو! پهرين ته مون کي به ثابتي ڏي ته برابر تون ايڏو پربت جيڏو ڀوت، هن هيڏڙي ننڍڙي شيشي ۾ڪيئن ويٺو هئين! تون  جيڪڏهن موٽي هن  ساڳئي شيشي جي اندر وڃي ڏيکارين، ته پوءِ منهنجي به دل مڃيندي ته برابر جيڪي تون چوين ٿو سو سچ آهي! ۽ پوءِ تو کي مون سان جهڙي هلت وڻي، تهڙي ڪج!“

ڀوت جي مغز ۾ هئي ڀلا هوا ڀريل سو اُتاڇرو جواب ڏنائين ”بسِ اِهو ته منهنجي کاٻي هٿ جو کيل آهي.“ ائين چئي، هو ويو سُسَندو، سُسَندو، تان جو ايترو سنهون ۽ ننڍڙو ٿي ويو، جو سُري اُن شيشي ۾ گهڙي ويو. اڃا شيشي جي اندر ويو ئي مس ته شاگرد ڦڙتائيءَ سان ٻوچ ڏيئي، شيشي کي بند ڪري، هڪدم بڙ جي پاڙن هيٺان کڻي ڦٽو ڪيس، ۽ هٿ ڇنڊي مزي سان پري بيهي رهيو!

ڀوت کي عمر جي شهه اچي ويئي!

هاڻي، نوجوان موٽي پنهنجي پيءُ وٽ وڃڻ جو خيال ڪيو، پر شيشي جي اندران ڀوت دانهُن تي دانهون لاهي ڏنيون. ”او مون کي ٻاهر ڪڍ! مون کي ٻاهر ڪڍ!“ شاگرد ٺهه ڦهه جواب ڏنس ته ”ٻيهر اهڙو ڪسو ڪم ڪيئن ڪندس؟“ پر ڀوت منٿ ميڙ ڪري چيس، ”منهجي رڳو ڳالهه ته ٻڌ! آئون انجام ٿو ڪريان ته تنهنجو ڪنڌ ڪين ڀڃندس، تو کي اها دولت ڏيندس، جا جيسين تنهنجي حياتي آهي، تيسين ڪين کُٽندي!“

ڇوڪري جواب ڏنو، ”مون کي ڪيئن اعتبار اچي، وري به اڳي وانگر مون سان دغا ڪرين ته پوءِ؟“

ڀوت جواب ڏنو، ”اجايو شڪ ڪري، سڄيءَ عمر جو سک ٿو وڃائين! آئون قسم کڻي چوان ٿو ته هاڻي آئون تنهنجي هڪ وار جو به نالو نه وٺندس!“

تڏهن شاگرد خيال ڪيو، ”خير، اها بازي به  لڳائي ڏسڻ گهرجي! شايد هن ڀيري هو پنهنجي انجام تي قائم رهي!“ اهو خيال ڪري، هن شيشي جو ٻوچ کوليو، ۽ ڀوت اڳي وانگر جيئن پوءِ تيئن ويو ڊگهو ٿيندو.

”هاڻي تو کي تنهنجو انعام ضرور ملڻ گهرجي!“ ائين چئي، ڀوت هن کي هڪ ميٽ جي لٺ ڏني، ۽ چيائينس ته ”جيڪڏهن ڪنهن به زخم کي هن جي هڪڙي پاسي سان ڇُهندين، ته اهو ائين ڇٽي ويندو، ڄڻڪ هو ئي ڪو نه، ۽ ٻيو پاسو جيڪڏهن تون لوهه يا رُڪ  جي تئيءَ کي هڻندين، ته اها هڪدم بدلجي چانديءَ جي ٿي پوندي!“

شاگرد چيو، ”پهرين مون کي هن جو آزمودو وٺڻ ڏي!“ پوءِ هڪ وڻ وٽ وڃي، ان مان ڇوڏي جو ٽڪر ڪهاڙيءَ سان ڪپي لاٿائين. ان ڇليل هنڌ کي وڃي ميٽ جي لٺ سان ڇُهيائين ته برابر اهو وڍيل هنڌ هڪدم وري به ڇوڏي سان ڍڪجي ويو، تڏهن هن ڀوت ڏانهن منهن ڪري چيو. ”هيءَ لٺ برابر سچي آهي. هاڻي تون پنهنجو رستو وٺي، ۽ آئون پنهنجو رستو ٿو وٺان.“

ڀوت پنهنجي آزاد ٿيڻ لاءِ هن جا شڪرانا مڃيا ۽ شاگرد به ڀوٿ جو احسان قبوليو. پوءِ ٻيئي پنهنجو پنهنجو رستو وٺي روانا ٿيا.

جڏهن شاگرد پنهنجي پيءُ وٽ پهتو، ته پڻس ڪاوڙجي چوڻ لڳس، ”هيتري مدت پنهنجي ڪم کي ڇڏي، ڪيڏانهن ويو هئين؟ مون توکي اڳيئي چيو ٿي ته هيءُ ڪم تو کان ڪين پڄندو!“

پٽ جواب ڏنو، ”بابا، هروڀرو ڪاوڙج نه، مون جيڪو وقت ضايع ڪيو آهي. ان جي پورائي ڪري وٺندس!“

پوڙهي پيءُ کي ويتر غصو چڙهي ويو، ۽ چيائين. ”پورائي ڪري وٺندس! ڏسان ته ڪهڙيءَ ريت ٿو پورائي ڪري وٺين!“

پٽ چيو، ”بابا، هيڏي نهار! آئون هو وڻ هڪ ئي  ڌڪ سان ڪيرائي ٿو ڏيکاريانءِ! پوءِ، هن اُها ميٽ جي لٺ ڪڍي، اول ڪهاڙيءَ کي اُن سان مهٽيو، ۽ پوءِ لڳو وڻ کي ان سان وڍڻ، پر ڪهاڙي ته ميٽ جي ڇهڻ سان چانديءَ جي ٿي پيئي هئي، تنهن ڪري پهرئين ئي ڌڪ سان ان جو مُنهن مُڙي ٻيڻو ٿي پيو، تنهن تي پٽ پيءُ کي چيو ته ”بابا، هيءَ توهان ڪهڙي بيڪار ڪهاڙي اُڌاري ورتي آهي؟ هيءَ ته سڄي ڦِڏي ٿي پيئي آهي!“

پيءَ ڪهاڙيءَ ڏي نهاري، حيران ٿي پيو، ”تو ته ڪهاڙيءَ جي ستياناس ڪري ڇڏي! هاڻ ته هن ڪهاڙيءَ جي قيمت ڀرڻي پونديسون! پر پئسا ڪٿان ايندا، جو ڀري ڏجن! مون کي ته تو پنڻهارڪو ڪري ڇڏيو. هيءُ چڱو منهنجي ڪم ۾ هٿ ٺايو اٿيئي!“

پٽ جواب ڏنو، ”بابا، تون ڪاوڙج نه، آئون ڪهاڙيءَ جا پئسا پيدا ڪري ڏيندوسانوَ!“

تنهن تي پيءُ بنهه رڙ ڪري چيس ”اڙي، او بيوقوف! ايترا پئسا ڪٿان آڻيندين؟ لڀيئي کيسي ۾ سکڻي پائي به ڪين، ۽ پٽ پئسا پيدا ڪري ڏيندو! هونئن کڻي تون ڏاهو هوندين، پر هن ڪاٺين وڍڻ جي ڌنڌي جي ڪا  به  سمجهه تو کي ڪانهي!“

ٿوريءَ دير کان پوءِ، پٽ پيءُ کي چيو، ”بابا، مون کان وڌيڪ ڪم اڄ نٿو پڄي. اچو ته اڄ اڌ ڏينهن موڪل ڪريون!“

پيءُ ڪاوڙ کان سڄو پگهر ۾ شل ٿي ويو. جواب ڏنائين، ”هان، ڇا ٿو چوين؟ تون سمجهين ٿو ته گهر ۾ ايترو رکيو اٿيئي، جو ويهي چپٽيون وڄائيندين، تڏهن به  پيٽ پيو ڀربئي؟ تو کي جي چپٽيون وڄائڻيون آهن، ته  ڀلي وڃي وڄاءِ! مون کي ته پورهيو ڪرڻو آهي!“

پٽ جواب ڏنو، ”پر بابا، هيءُ پهريون ئي دفعو آهي جو آئون ٻيلي ۾ آيو آهيان، هاڻي اڪيلو پنهنجي گهر جو رستو ڪيئن لهي سگهندس؟“ مون سان مهرباني ڪري گهر تائين گڏجي هل! اڄ منهنجي اها ڳالهه رک، اڳتي تو کي ڪڏهن به ڪين ستائيندس!“

اِتي پيءُ جو غصو به ڪي قدر ٿڌو ٿيو، ۽ لاچار پٽ سان گڏجي، گهر  وڃڻ تي راضي ٿيو.

گهر پهچي، پٽ کي چيائين ته ”هاڻي وڃي هيءَ مڏي ڪهاڙي وڪڻي اچ! ڏس ته ڇا ٿو مليئي؟ پوءِ باقي پورهيو ڪري، پاڙيسريءَ کي نقصان ڀري ڏينداسون!“

پٽ ڪهاڙي کڻي، سوناري وٽ ويو، جنهن ڪهاڙيءَ کي هيٺ مٿي ڏسي، جانچي پرکي، ساهميءَ ۾ وجهي، توريو، ۽ چيائينس ته ”چئن سوَن روپين جي آهي مگر مون وٽ ايتري روڪڙ موجود نه آهي، جو تو کي هن وقت ڏيان!“

شاگرد جواب ڏنو، ”فڪر نه آهي، هينئر تو وٽ جيڪي هڙ ۾ آهي سو ڏي، باقي پئسا  پوءِ جڏهن ٿينئي، تڏهن ڏج!“

تنهن تي سوناري هن  کي ٽي سؤ رپيا ڪڍي ڏنا، ۽ باقي هڪ سؤ روپين جو پاڻ کي قرضدار قبول ڪيائين.

شاگرد پوءِ گهر ويو، ۽ پيءُ کي وڃي چيائين، ”بابا، مون وٽ هاڻي پئسا آهن. تون پاڙيسريءَ کان پڇ ته ڪهاڙيءَ جي قيمت ۾ ڪيترا پئسا ڏيونس؟“

پيءُ جواب ڏنو، ”پڇانس وري ڇا؟ مون کي خبر آهي ته هڪ  رويپ ڇهه آنا ڏبس!“

پٽ چيو. ”خير، کڻي ٻه روپيا ۽ ٻارهن آنا ڏينس. اصل قيمت جي ٻيڻ! تون خيال ئي نه ڪر، مون وٽ اصل ڍڳ پئسن جا آهن، ڍڳَ! ائين چئي، هُن هڪ سئو روپيا ڪڍي، پيءُ کي ڏنا، ۽ چيائينس ته بابا، تو کي هاڻي ڪا به پئسي جي تنگي ڪا نه ٿيندي، هاڻي تون بيفڪر ٿي آرام ڪر. ۽ گهر ۾ آسودو ٿي رهه!“

پيءُ پئسا ڏسي چيو، ”سبحان الله! ڪٿان هيءَ ايتري دولت هٿ آيئي!“

پوءِ ته پٽ، جيڪي به ٿي گذريو هو، تنهنجي سموري حقيقت پيءُ کي بيان ڪري ٻڌائي، ۽ باقي بچيل رقم سان وري به وڃي ڪاليج ۾  داخل ٿيو. ڪاليج مان پڙهي، پڪو ٿي نڪرڻ کان پوءِ، ڌيري ڌيري، هو هڪ وڏو حڪيم ٿي يو ۽ نيٺ سندس حڪمت جو نالو ديسان ديس مشهور ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته وٽس سچ پچ اُها ميٽ جي لٺ هئي، جيڪا جنهن به ڦٽ تي لائيندو هو، ته اُهو ڦٽ جهٽ ۾ ڇٽي ويندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com