سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: واندڪائي جي وندر

باب: --

صفحو : 7

واندڪائي جي وندر

مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي

 

ڀاڱو ٻيو

ادبي نڪتا

1_ ماءُ جي دل!

موت جي فرشتي، هڪ ننڍڙي ٻچي جي پينگهي تي پنهنجا پر پکيڙيا. هو ڪو معمولي ٻار نه هو؛ ان گهر جو سوجهرو، ساري ڪٽنب جو پيارو، سڀني جي اکين جو تارو هو. بهار ۽ خزان جون ٽي منزلون ئي مس ڏٺيون هئائين ته بيمار ٿي پيو.

ايترو جلد عدم آباد ڏي موٽي وڃڻ واري معصوم جي ڪمري ۾ چپ چاپ لڳي پيئي هئي. صرف جيجل ماءُ هئي، جا نيم جان مڙدي سان هنج ڀريو ويٺي هئي، اکين مان مينهن مثل لڙڪن جو بوندون جاري هيس؛ ڪنڌ هيٺ ۽ نگاهه زمين ۾ کتل.

پيءُ سويروئي دڪان بند ڪري موٽي آيو، پر زال سان ڳالهائڻ جي همت نه ٿيس: ڪمري ۾ اندر به نه گهڙيو ته ٻچو جاڳي نه پوي، پريان ئي اداس ۽ نماڻي نظر سان نهاريندو رهيو، ته موت جي فرشتي کي ٻچي تي جهڪندو ڏٺائين!

اوه! ڪهڙو نه دردناڪ نظارو!

ملڪ الموت آيو هو ته آسمان واري جي امانت، زمين وارن کان کسي وڃي!

موت! رحم، رحم، پيءُ پنهنجيون پاڻي ڀريل اکيون پوري ڏند ڀيڙي، مناجات شروع ڪئي: هن ٻچي تي رحم ڪر؛ سندس محبت ڏيندڙ بيڪس ماءُ جي درد وندي دل تي رحم ڪر. سندس ماءُ جي دردوندي دل تي رحم ڪر. نيڪ فرشتا، جيڪڏهن خالي هٿين موٽڻ نه ٿو گهرين ته ٻچي جي بدران مون کي وٺي هل. خدا جي نالي، کيس سندس ڏکويل ماءُ لاءِ ڇڏي ڏي، ٻچي جو موت، ماڻس کي به ماري وجهندو. رحم ڪر، رحم!

فرشتو هوريان هوريان چريو، ۽ اشاري سان چيائينس ته ها، منهنجي پٺيان هليو اچ.

ها، ها، مهربان فرشتا هلان ٿو. خدا جو قسم، دنيا جي آخرين حد تائين به هليو هلندس، خوش نصيب آهيان، جو پنهنجي جان پياري ٻچي تان قربان ڪري رهيو آهيان! ها، موت جلدي ڪر. هل، توسان گڏجي هلڻ لاءِ بيقرار آهيان!

 فرشتو وڄ جي رفتار سان روانو ٿيو، ۽ غمگين پيءُ سندس پويان ڊوڙندو هليو، گهڙيءَ شهر جي شاهي باغ مان گذر ٿين، ساوا ساوا درخت، ميوي سان ڀرپور، چوطرف لڏي، جهومي رهيا هئا. هر هنڌ ساوڪ ۽ سبزه زاري، جت ڪٿ روح کي ريجهائيندڙ، من موهيندڙ نظارا دل کي ڇڪي رهيا هئا.

بازار ۾ گهڙيا ته پنهنجي دڪان تي نظر پيس؛ دوست احباب نظر آيس. هر طرف وڻج واپار، پئسن جي ڏي وٺ ۽ رپين جي ڇڻڪار ڪنين پهتيس.

فرشتو کيس ڇڪي شهر پناهه جي ڦاٽڪ تي پهتو. شهر پناهه جي برجن ۽ منارن تي سج جا سونهري ڪرڻا نچي، فاني دنيا جي محبت جا گيت ڳائي رهيا هئا.

پيءُ جا گوڏا ڏڪڻ لڳا؛ ٽنگن ست ڇڏي ڏنس. ڀانيائين ته ڪنڌ ورائي دنيا تي آخر نظر وجهي وٺان، ۽ خدا حافظ چئي کانئس موڪلائي وڃان، پر پير بيهي نه سگهيس، ۽ ٿڙندو، ٿاٻڙبو وڃي منهن ڀر ڪريو.

ڏاڏي بيڪسي، ڏاڍي عجز ۽ آزي سان رڙ ڪري چائين ته، نه، نه، موت رحم ڪر، مونکي مرڻ منظور نه آهي. آ؟ون اڃان نوجوان آهيان. دنيا جي چهچٽن، مزن ۽ مسرتن کان جدا ٿيڻ نه ٿو گهران. نه، نه، آئون پنهنجي جان نه ڏيندس. مونکي زنده رهڻ ڏي منهنجي دل حياتي گهري ٿي. وڃ، جنهن کي به وڻيئي، تنهن کي وڃي مار! مونکي ڇڏ، آئون توسان هلڻ نه ٿو گهران!

فرشتو پنهنجا پر پکيڙي، وري به وڃي بيمار ٻار جي سر تي بيٺو. ٻچي جي ڀيڻ اسڪول مان موٽي آئي _ سهڻي صورت، موهني مورت. ايندي ئي اچي ماءُ جي ڀرسان بيٺي، ته اوچتو موت جي فرشتي تي نظر پئجي ويس. ڊني، ۽ واڪو ڪري چيائين ته توکي ڇا کپي؟ پاڙي ۾ ٻيا ٻار ڪينهن ڇا؟ هن معصوم تي رحم ڪر. منهنجو ڀاءُ، آه! منهنجو پيارو ڀاءُ! کيس ڇڏي ڏي. آئون به ته تنهنجي اڳيان بيٺي آهيان. نه؟ مون کي وٺي هل!

فرشتو چريو، ۽ آڱر جو اشارو ڪري چيائينس: ها، هلي آءُ، باغ ۾ پهتا؛ ميوه دار وڻن وچان لنگهي حوض تي آيا، ڦوهاري جي پاڻي جو ناچ ڏسي، چمن ۾ بنفشي جي ڪلين، گلاب جي مکڙين جي ويجهو پهتا ته پريان سرتيون سهيليون کلنديون، ڪڏنديون، نچنديون ۽ ڳائينديون نظر آيس. شهر مان گهمتاري ڏيئي، اسڪول جي دروازي تي آيا. ڀانيائين ته سڀني جيڏين ڀينرن سان الوداع ڪريان، ته همت جواب ڏيئي بيٺيس؛ ۽ رڙ ڪري چيائين ته: نه، نه فرشتا ڇڏينم. آئون مرڻ نه ٿي گهران؛ وڃ وڃ، گهران؛ وڃ وڃ، منهنجي جند ڇڏ؛ ٻئي جي بدران پنهنجي عزيز جان ڇو ڏيان؟

فرشتو موٽي، وري به وڃي بيمار ٻچي جي سر تي بيٺو. نبض ڍرڪندي، ۽ هٿ پير ٺرندا ويس. ڏکويل ماءُ ڪنڌ مٿي کنيو ته پنهنجي لاڏلي جو آخرين ديدار ڪري، کيس ڇاتيءَ سان لڳائي وٺان. منهن جهڪائي پنهنجا چپ، پنهنجي منٺار جي چپن سان ملائڻ تي هئي، ته ڊني ته ڪٿي پيار، حياتي جو رهيو کهيو رس به نه چهي، چوسي وٺيس!

منهن هٽائي ورتائين؛ اک مٿي کنيائين ته سامهون ملڪ الموت کي بيٺل ڏٺائين. غمزده ماءُ امالڪ ٻچي جي پينگهي اڳيان دعا لاءِ جهڪي ويئي، ڏڪندڙ هٿ اُڀا ڪري دردناڪ آواز سان چوڻ لڳي ته:

موت، رحم ڪر. جيڪڏهن هن معصوم تي رحم نه ٿو اچيئي ته بدنصيب ماءُ تي ئي ترس کاءُ. نيڪ فرشتا! هيءُ منهجو رت آهي، منهنجي جگر جو ٽڪرو ۽ زندگي جي بهار! ائين نه ٿئي جو بدبخت ماءُ کي سندس تربت تي بيهڻو پوي. احسان ڪر، پاڻ ڀلاءِ، کيس ڇڏي ڏي ته پنهنجي جيجل اما جي قبر تي فاتح پڙهي سگهي. نيڪ فرشتا ڇا تون ٻچي جي بدلي ماءُ جي جان قبول ڪندين؟

ملڪ الموت اشارو ڪيس، ۽ ماءُ ساڻس گڏجي هلي ته پنهنجي مٺڙي تان قربان ٿئي، باغ ۾ وٺي ويس. سهڻا سهڻا رنگ برنگي گل، دل وڻندڙ ٻوٽا، ميويدار وڻ، حوض، ڦوهارا، ناليون نهريون ڏيکاري ساري شهر جو چڪر هڻايائينس، هڪ هڪ ڪري اهي سموريون شيون ڏيکاريائينس، جي روح کي مسرور، ۽ من کي مست بنائي سگهن.

ماءُ ڊگهو، ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ نيڻن مان گرم لڙڪن جون ٻه سنهيون ليڪون سندس رخسار تي ڊوڙنديون نظر آيون.

فرشتو بيٺو ۽ خيال آيس؛ ته ڇا؟ ماءُ به پنهنجي جان کي زياده مٺو رکندي! ڇا، ماءُ به محبت ۾ ڪچي ثابت ٿيندي؟ ماءُ جي محبت ڪوڙي ٿي ته دنيا کي سلام؛ انسانيت تي ماتم!

پوءِ ڀيڻس جي گهر وٺي ويس، جا پنهنجي ٻارن سان روح رهاڻ ۾ ريڌي ويٺي هئي. هڪ پياري ساهيڙيءَ جي گهر پهتا ته هار مونيم تي ويٺي ڳايائين، ۽ ٻار هيڏي هوڏي نچي ٽپي، کلي ڪڏي رهيا هئا. بيمار ٻچي جي ماءُ جو ڪنڌ نميل، اکيون ڳوڙهن سان ڀرپور، پر قدم اڃا مضبوط هئس.

فرشتو بيهي رهيو، پير کوڙي، چپ چاپ بيٺو ئي رهيو، بي تاب ماءُ رڙ ڪري چيس ته نيڪ فرشتا! هل؛ جلدي هل ته منهنجي جانب جي جان بچي پوي! ڇو بيهي رهيو آهين؟ هل، تڪڙو هل؛ وک وڌاءِ جهٽ ڪر، ائين نه ٿئي جو ڪو ٻيو ملڪ الموت اچي سندس روح قبض ڪري وڃي!

ان غير فاني محبت جي اڳيان فرشتي کي نيٺ هٽڻو پيو. هوا جئان، وڄ وانگي نظرن کان يڪايڪ غائب ٿي ويو. ماءُ؛ جيجل ماءُ ڊني ته ڪٿي هو ٻچي وٽ نه هليو ويو هجي! بي تحاشا چرين جئان ڊوڙندي ڊوڙندي گهر پهتي ته پنهجي لال کي پينگهي جي سامهون بيٺل ڏٺائين. امالڪ کڻي ڇاتيءَ سان لاتائينس، جان سان جڙيائينس.

ماءُ جي لازوان محبت رنج کي راحت ۽ ماتم کي مسرت سان بدلائي ورتو.

 

2- غلط آرزو!

                اميد جي رڃ جي جهلڪ توسان مسخري ڪري رهي آهي، ۽ تون وهمي اميدن جي خيال سان عاليشان عمارتن جي تعمير ۾ مشغول آهين، ڇا، توکي ڪڏهن هن ڳالهه تي غور ڪرڻ جي توفيق نه ٿي آهي، ته اڳين ان کان به عمدا عمدا محل ٺهرايا هئا؟ آخر اهي ڪاڏي ويا، ۽ اهڙي شوق جو نتيجو ڇا نڪتو؟ وڃ وڃ، قيصر ۽ ڪسريٰ جي قبرن تي وڃ، ۽ پڇ ته سندن تخت ۽ تاج ڪاڏي ويا: سندن لشڪر ۽ شاهي محلاتن جون حورون ڪٿي آهن؟ هر ڪنهن جو حرص ۽ هوس ختم ٿي ويو، ته تنهنجو ڪيستائين قائم رهندو؟ فاني جهان ۾ دائمي حياتي جي غلط آرزو ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڇو وڃائي رهيون آهين؟ تنهنجو پيٽ نه ٿو ڀرجي؛ توکي ڍءُ نه ٿو ٿئي، پر غور ته ڪر ته اها بيشمار دولت توکان پوءِ، آخر تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندي! ڪي گڏ ڪرڻو ئي اٿئي ته نيڪي گڏ ڪري وٺ، جا دنيا ۾ دوامي زندگي بخشي ٿي، ۽ آخرت ۾ خالق اڪبر اڳيان سرخرو بنائي ٿي.

 

3- قسمت!

مدت کان ماڻهو چوندا آيا آهن ته قسمت به هڪ پوشيده طاقت آهي؛ انساني خيال، انساني جذبات، انساني عقل ۽ انساني دماغ کي روز بروز جي ٿيندڙ حادثن ۾ ڪو به دخل ڪونهي؛ حياتي جي ڪشتي، قسمت جي ئي بي پناهه ضربن ۽ ٿڦڙن جي وس آهي. مصيبتن جي ڀيانڪ ۽ هولناڪ اونده جي قسمت ئي انسان جي مددگار ٿئي. انساني فهم، انساني سمجهه ۽ ادارڪ جو پرواز فقط معمولي واقعن جي سطح تائين ٿئي ٿو، ۽ ان کان اڳي ان جي رسائي امر محال آهي؛ دنيا جا سمورا واقعا رڳو قسمت جا ئي ممنون آهن: عدل ۽ انصاف جو دنيا جي ڌنڌن جي ڪو به دخل ڪونهي. جو ٿئي ٿو، سوئي ٿيو، جيڪي ٿيڻو آهي، سوئي ٿيندو!

مگر عقلمندن اڳيان قسمت ڪا به شي ناهي. اهو فقط انساني وهمن جي تصوير جو هڪ رخ آهي. اسين بزرگن جي قولن، دانائن جي تدبيرن ۽ اڳين جي خيالن جي پيروي فقط اوستائين ڪريون ٿا، جيستائين اسان کي ڪو فائدو پهچي رهيو هجي؛ انهن جو رڳو انهي ئي وقت تائين قدر ڪيو وڃي ٿو، جيسين هو راحت، آرام ۽ آسائش جو باعث رهن ٿا. جيڪڏهن اهي ساڳيون ئي ڳالهيون، تڪليفن ۽ مصيبتن جو ذريعو بنجي پون، ته اهو ٿيو اسانجي قسمت جو قصورپنهنجن مقصدن، پنهنجن مرادن جي تڪميل ۾ ڪامياب ٿي وڃون، ته ان ڪاميابي کي پنهنجي محنت جو ثمر چئون ٿا، پر جيڪڏهن ناڪام رهون ته ڏوهه ٿيو قسمت جو!

 

4- ماءُ جو منهن!

انڌي ڇوڪري بي تاب ٿي ماءُ کي هٿ لاتو، ۽ هٿوراڙيون ڏيندي باغ ۾ لنگهي ويئي. جڏهن چوطرف هٿ ڦيرائي ڦيرائي پڪ ڪيائين ته هتي ٻيو ڪو به موجود ڪونهي، تڏهن بارگاه ايزدي مان دعا پنڻ لڳي ته:

منهنجا الله! ٻڌو اٿم ته تو سج خلقيو آهي، جو دنيا کي منور ڪري ٿو، ۽ هر شي کي زندگي بخشي ٿو؛ تو چنڊ ۽ تارا بنايا آهن، جي اونداهين راتين کي ڏينهن جئان روشن ڪن ٿا. چون ٿا ته تو رنگ برنگ گل پيدا ڪيا آهن، جي پنهنجي رنگ ۽ خوشبوءِ سان روح کي فرحت ڏين ٿا. تو جبل ۽ دريا اپايا آهن، جن جو نظارو روح کي راحت بخشي ٿو، ۽ اهل ذوق تي پنهنجي عظمت ظاهر ڪري ٿو.

الاهي! آئون انهن مان ڪا به شي ڏسي نه ٿي سگهان، تڏهن به زبان تي تنهنجي شڪايت نه ٿي آڻيان. آئون اهو به نه ٿي گهران ته انهن پر لطف نظارن ڏسڻ لاءِ مونکي بينائي ڏي. منهنجا مولا! منهنجي دل جي فقط اهائي تمنا آهي، ته آئون جيجل امان جو منهن ڏسي سگهان!

 

5- شريف ۽ شرير ڇوڪر !

هڪ اولوالعزم شهنشاهه کي ايتري عزت حاصل ٿي نه ٿي سگهي، جيتري هڪ عالم باعمل کي ٿئي ٿي؛ ڇو ته شهنشاهه کي فقط سندس سلطنت اندر مان ملي ٿو؛ پر عالم کي هر جڳهه.

جيئن هڪڙي خوشبودار وڻ جي اثر ڪري انجون ٽاريون معطر ٿيو وڃن، تيئن هڪ شريف الطبع ڇوڪر جي سببئون سندس خاندان جي ناموس وڌي ٿي. جهڙي طرح هڪ گهاٽو جهنگ، هڪڙي ننڍڙي چڻنگ سان جليو خاڪ ٿيو وجي، تهڙيءَ طرح هڪ بداطوار ڇوڪرو پنهنجي سموري خاندان جي عزت مٽيءَ ۾ ملايو وجهي.

شرير ماڻهو کان هميشه پري رهو، ڀل ته هو ڪهڙو به وڏو عالم ڇو نه هجي. ان جو مثال نس پس ان نانگ جهڙو آهي، جنهنجي مٿي ۾ قيمتي مڻ موجود هجي. ڇا، تنهن هوندي به، هو خطرناڪ نه آهي!

 

6- وقت جي پابندي

اڄ جو ڪم اڄ ئي ڪري ڇڏ، سڀاڻي ڇا خبر ته ڇا ٿيندو! سڀان جو خيال محض هڪ سودا ۽ جنون آهي:

وقت جو قدر نه ڪرڻ، ان جي قيمت نه سڃاڻڻ، هڪ وڏي ناداني، ۽ پڌري پڌري حماقت آهي.

پروگرام تي پروگرام ۽ رٿن تي رٿون تيار ڪيون وڃن پر اڄ سڀان ڪندي ڪندي، انهن کي عملي جامو پهرائڻ نصيب نه ٿئي، ته ان کان وڌيڪ بيوقوفي، ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اڄ سڀان ۾ زندگي جا مفيد ۽ ڪارائتا  ڏينهن ختم ٿي ويندا، ۽ توکي خبر نه پوندي ته ڪيئن ويا

!

 

7_ خوابگاهه!

جتي سج پوري آب تاب سان چمڪي رهيو آهي، جتي ماکيءَ جون مکيون هوا ۾ هلڪو، سريلو نغمو پيدا ڪري رهيون آهن؛ جتي زمين جي آغوش ۾ خوشبودار گل ڦل ٽڙن ٿا، جتي پاڇا آهستگي سان وڌن ٿا ۽ پکي شام جي شفق ۾ ڳائين ٿا، اتي اهي سمهي رهيا آهن، جن سان اسان کي محبت هئي، ها اهي سمهي رهيا آهن، کين آرام سان سمهڻ ڏيو......

هو زبان حال سان اسان کي سڏي رهيا آهن. سگهو يا چرڪو ضرور وڃي ساڻن ملنداسين. فراق جا ڦٽ، ورهين جا وڇوڙا، وصل جي مرهم سان ميٽجي ويندا!

ان مڪان ۾، جتي هو آرام ڪري رهيا آهن؛ روڄ راڙو، هل شور هئڻ نه گهرجي، جو هو سونهري دروازن مان لنهگي چڪا آهن، ۽ صبح صادق جا منتظر آهن!

 

 8- پويان لفظ!

روح خالق ڏي وڃي رهيو آهي ۽ آئون بزدل نه آهيان، دنيا جي چهچٽن جو خيال منهنجي دل ۾ حسرت پيدا ڪري نه ٿو سگهي.. آئون خالق جي جلال کي ڏسي رهيو آهيان، منهنجو ايمان اڃا قائم آهي!

اي منهنجا الله او مالڪ، ۽ هر وقت موجود رهڻ وارا معبود! منهنجي حياتي پوري ٿيڻ تي آهي، ۽ سڄي عمر جي تلاش بعد اڄ ئي توکي ڏسي رهيو آهيان...

دنيا جا هزارين عقيدا جن تي ماڻهو ايترا جهيڙا جهٽا ڪري رهيا آهن، بي سود، بلڪل بي سود ۽ حقيقت جي بي پايان بحر ۾ صرف خواب آهن! اهي دلين ۾ شڪ شبها پيدا ڪري، تنهنجي طالب کي تنهنجي راه کان ڀٽڪائي رهيا آهن. آه! ڪمزور انسان، ڪانهن جي ڪشتيءَ مثل وهمن ۽ گمانن جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو وتي.....! ليڪن تنهنجي محبت ابدي حياتي ڏئي ٿي.

جيڪڏهن زمين، آسمان، سج، چنڊ، تارا ۽ انسان، سڀيئي فنا ٿي وڃن، تڏهن به تون موجود رهندين، تنهنجي ئي حڪم سان ڪائنات آباد آهي. هر شي فنا ٿي ويندي، پر تون باقي رهندين.... يا حي، يا قيوم!

 

9- التجا

اي منهنجا الله، ڪشتي ڪن ۾ ڦاٿي اٿم توکان سواءِ ٻيو ڪير ان کي بچائيندو؟ يا رب! ساري دنيا محو خواب آهي؛ زمين خاموش، آسمان ماٺ ۾، فقط تون ئي جاڳين پيو، ۽ منهنجي ڪشتيءَ کي غرق ٿيندو ڏسي رهيو آهين! سمنڊ تي اونده انڌوڪار ڇانيل آهي، تون ئي منهنجي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جو نگهبان ٿيءُ. فقط تون ئي ان کي بچائي، پار پهچائي سگهندين. الاهي! رات جو رنگ ڦڪو ٿي چڪو آهي، تارا زرد ٿي ويا آهن، پر منزل اڃا دور آهي. تون ئي ان کي ستڙ رسائي سگهندين. يا رحمان_ يا رحيم

 

10_ بيوهه جو فرياد

منهنجا سرتاج، آءُ ۽ اچي ڏس ته تنهنجي، ها صرف تنهنجي.... ڪهڙي نه دلگير ۽ اداس ويٺي آهي! منهنجي دکي دل جي دوا، اچ، ۽ پنهنجين اکين سان ڏسي وٺ. ته ڪهڙي نه پريشان ۽ غمگين آهي! منهنجا گلابي گلن جهڙا ڳل زرد ٿي چڪا آهن پيارا، اچ، منٽ اڌ لاءِ ئي اچ، ۽ منهنجي حسرتناڪ حالت ڏس...

تنهنجي جدائي جو غم، منهنجي جان جو ناسور بنجي چڪو آهي. منهنجي دل منهنجي وس، منهنجي اختيار کان ٻاهر وڃي رهي آهي؛ منهنجون اکيون روئي روئي. اگرچ پنهنجو ديد، پنهنجو حسن وڃائي ويٺيون آهن، تڏهن به تنهنجي اچڻ، تنهنجي آمد جي انتظار ۾ اڃا کليل آهن: منجهن اڄ به، تنهنجي محبت چمڪي رهي آهي....

مگر هاءِ، دل تي جيترو به ضبط ڪريان ٿي، اوتروئي بيقراري وڌيم ٿي، جيترو روڪيانس ٿي، اوتروئي تولاءِ واجهائي رهي آهي... گهران ٿي ته دنيا جي رسم ۽ رواج کي ڀڃي آزاد ٿي وڃان؛ جوڳڻ بنجي، هنڌ هنڌ توکي ڳوليان. توکي ڳولي لهان، يا ڳوليندي ڳوليندي سورن ڀري بي بقا دنيا مان موڪلائي وڃان!

منهنجو هيءُ خوبصورت گورو بدن، منهنجا هي ڊگها ڊگها ڪارا زلف، جن تي تنهنجو پيارو هٿ ڦرندو هو، اڄ تنهنجي هجر، تنهنجي فرقت ۾ خاڪ آلوده ٿي رهيا آهن! منهنجو سينو اڄ تنهنجي وڇوڙي جي صدمي سبب، ڦاٽي چڪو آهي! گذريل بهار جو تحفو، اڳوڻي محبت جي نشاني، منهنجيون هي سونيون چوڙيون، اڄ فقيرن جي لوهي ڪڙين سمان آهن، ۽ ٿالهي، جنهن ۾ ٻئي گڏجي کائيندا هئاسين، اڄ دربدر بيک پنڻ ۾ ڪشتي جو ڪم ڏيئي رهي آهي!

منهنجي جان! منهنجا دل آرام، آئون دنيا کان بيزار ٿي چڪي آهيان؛ جڏهن تون ئي نه رهئين، تڏهن منهنجو ڀلا هتي ڪهڙو ڪم! ماءُ روڪيم ٿي؛ منهنجي جواني... تنهنجي عزت، تنهنجي امانت ٻاهر نڪرڻ نه ٿي ڏيئم، ورنه ديوانگي جي تقاضا ته اهائي آهي ته تنهنجي تلاش ۾ جهنگ منهن ڪري وٺان؛ مگر مجبور آهيان؛ آئون تنهنجي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙي رهي آهيان، ۽ هميشہ ڳاڙيندي رهنديس؛ پر ڇا تو مون کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي؟ منهنجا خاوند، منهنجا سرتاج! جيڪڏهن ظاهر ظهور وٽم اچي نه ٿو سگهين ته ڪڏهن خواب ۾ ته ديدار ڏيندو رهيم

***

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org