سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: واندڪائي جي وندر

باب: --

صفحو : 3

واندڪائي جي وندر

مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي

 

2- عاقبت بالخير

                هادي بخش هونءَ ته بي _ اي ڪلاس ۾ پڙهيو ٿي، پر انگريزي تعليم ڇا، کيس نئين، روشني ۽ مغربي تمدن جي نالي کان ئي نفرت هوندي هئي. ڪي قدر سندس هم عصر دوستن ۽ سڀ کان  وڌيڪ ماڻس جوئي اصرار هو، جو پنهنجي طبيعت خلاف لاچار ٿي ڪاليج ۾ ويو هو، ڇو ته ماءُ جي مرضي ڀڃڻ ۽ سندس حڪمن ۽ خواهشن جي بيعزتي ڪرڻ کي ديني خيال کان ڪبيرو گناهه سمجهيائين ٿي. ڊي _ جي سنڌ آرٽس ڪاليج جي شاندار عمارت ۾ پڙهڻ عيوض ڪنهن ملا جي ڀڳل ٽٽل ڇني ۾ زمين تي روزانو ويهي، مذهبي تعليم وٺڻ زياده پسند هيس. عربي زبان جو ته خاص عشق هوس، ۽ اگرچ ڪاليج جي مشغولين کان فرصت گهٽ مليس ٿي، تڏهن به ڪو نه ڪو عربي ڪتاب سندس زير مطالع رهندو ئي آيو ٿي. نماز، روزي خواه شرع شريف جي ٻين به سڀني حڪمن جي تعميل ۾ وس آهر ڪڏهن به نه ٿي گهٽايائين. سادو کاڌائين ۽ سادو هنڊايائين ٿي. ”نئين روشني“ سان ته ڪڏهن به نه پيس. چيائين ٿي ته ملڪ جي تباهي ۽ بربادي جو اصلي راز انگريزي تعليم ۾ ئي مضمر آهي. قرون اولا جو زمانو ياد ڪري بلڪل بيتاب ٿي ويو ٿي. خيال هوس ته اهو برڪت ڀريو زمانو ته هاڻي موٽڻو ڪونهي، ۽ نه اصحابن سڳورن جهڙا پاڪ ۽ بي لوث انسان ئي پيدا ٿي سگهندا؛ سندن تقليد ۽ پيروي جو در حقيقت ڪنهن کي اونو به ڪونهي. اسانجو مذهبي روح ۽ روحاني قوت محض انگريزي تعليم جي ئي ڪري روزبروز فنا ٿي رهيا آهن. ڪاليج جي ٻين شاگردن سان ان موضوع تي گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليس ٿي ته سندس مدلل تقرير ۽ موثر  بيان جي ڪري هر هڪ کي اڳيانس سر تسليم خم ڪرڻو ئي پيو ٿي؛ اگرچ نئين تهذيب جا عاشق ۽ مغربي تعليم جا شيدائي پنهنجن اصولن تان پوءِ به ٿي هٽيا. اڪثر چيائين ٿي ته جيستائين نئين روشني ۽ جديد تهذيب جو قطعي طور قلع قمع نه ڪيو ويندو، تيستائين اسان جي ذهنيت ۾ ڪڏهين به تبديلي نه ايندي؛ ۽ جيسين سلف صالحين جون واٽون نه وٺنداسين ۽ سندس نقش قدم تي نه هلنداسين؛ جيسين اسان ۾ اهو قديمي روح، اها غيرت، اها رقت ۽ حميت پيدا نه ٿيندي، تيسين موجوده زماني جي تحريڪن مان ذلت ۽ پريشاني کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پلئو نه پوندو؛ باهمي نفرت ۽ عناد جي جذبي پيدا ٿيڻ بنا، ڪو به خاطر خواه نتيجو نه نڪرندو.

ٻهراڙي جي سادي زندگي سان دل هوندي هيس، ۽ سادن سودن، ٻالن ڀولن ڪڙمين سان رهاڻيون ڪيائين ٿي ته بي انتها روحاني مسرت حاصل ٿيس ٿي. ڪراچي جا دلفريب نظارا، بندر روڊ، ڪلفٽن ۽ صدر جا دلچسپ چهچٽا ڪنهن کي متاثر نه ٿا ڪن. پر هادي بخش جي اکين ۾ انهن جي ڪا به وقعت نه هئي. ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) جي چوديواري مان پير ڪو ورلي ٻاهر ڪڍندو هو. بس، ڪاليج ڏي وڃڻ، هاسٽل ۾ رهڻ ۽ لکڻ پڙهڻ کانسواءِ  ٻيو ڪو به مشغلو نه هوس. شاگردن سان اجائي گستاخي ڪرڻ ۽ ساڻن گهڻي لهه وچڙ ۽ ميل جول رکڻ کان به پاسو ڪيائين ٿي، جو سندن سڀني ڳالهين ۾ تڪلف ۽ تصنع جو رنگ نظر آيس ٿي، يا ٻين لفظن ۾ هيئن ڪري چئجي ته سندس خيال ۽ سمجهه موجب مذهبي تعليم اهڙين حرڪتن جي سراسر منافي هئي. زماني جي زبان ڀلا ڪير ٿو روڪي سگهي؟ هر هڪ شاگرد پنهنجي پنهنجي خيال ۽ حوصلي موجب لاڪس راءِ رکي ٿي، پر ان ۾ ذرو به شڪ ڪونهي ته هادي بخش مذهب جو بلڪل پابند، اصول جو پڪو ۽ اخلاقي وصفن جي لحاظ سان نهايت سچو ۽ راستباز انسان هو.

(2)

وئڪيشن جي ڪري شاگردن مان گهڻا پنهنجن پنهنجن گهرن ڏي، ته ڪي سير ۽ تفريح خاطر مختلف هنڌن ڏانهن روانا ٿي ويا، پر هادي بخش هاسٽل ۾ ئي رهيو ۽ اڌ کان به وڌيڪ تعطيل اتي ئي گذاري ڇڏيائين. سندس وقت جو ڳپل حصو ديني ۽ تواريخي ڪتابن جي مطالع ۾ گذريو ٿي. هميشه اهو ئي ويچار رهندو هوس ته اسان ۾ اڳيون روح وري پيدا ٿي سگهندو يا نه؟ اڳيون اوج، اڳيون شان وڃڻ کي ويا يا وري ڪڏهن هٿ به اچي سگهندا!

وئڪيشن پوري ٿيڻ کي ويجهو آئي ته هڪڙي ڏينهن، رات واريءَ گاڏي ۾ سوار ٿي ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي پنهنجي ڳوٺ ۾ پهتو.

(3)

صبح جو دل وڻندڙ وقت هو. هادي بخش نماز وظيفي کان فارغ ٿي، هڪڙي پراڻي اخبار پئي پڙهي ته ماڻس مرڪندي مشڪندي سندس ڪمري ۾ لنگهي آئي. هوءَ بيوه هئي، سندس گهر واري کي وفات ڪندي هي اٺون ورهيه هو. اندر اينديئي ماڻس چيس ته هادو ابا! اڄ توسان هڪڙي ضروري ڳالهه ڪرڻي اٿم. وئڪيشن جو ڳچ حصو ته اڳيئي پورو ڪري آيو آهين، ٻن ٽن ڏينهن ۾ شايد موٽي به ويندين، جنهن ڪري جيترو ٿي سگهيئي، اوترو جلد جواب ڏج. هادي بخش ٻانهون ٻڌي باادب اٿي بيٺو. هونءَ به ماءُ کي بلڪل گهڻي عزت ڏيندو هو. سر جهڪائي چيائين ته جيجل امان، حاضر، ڪو اهڙو ضروري ڪم آهي ڇا؟

ها، بلڪل ضروري، اڄ ئي، بلڪه هينئر ئي جواب ڏيڻو پوندءِ. ائين چئي ماڻس کلي وڌو، ۽ هادي بخش پڻ مرڪندي مرڪندي ڪرسي تي ويهي رهيو.

ماڻس چيس ته ابا هادو! دل گهريم ٿي ته هاڻي تنهنجي ڪنوار ڏسان. حياتي تي ڀورسو ڪونهي، ۽ ماڻهو به کلي رهيا آهن ته جوان جماڻ پٽ اڃا ڇو نه پرڻايو اٿس. جيڏين سرتين جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي، آئون ته شرم کان ٻڏيو ٿي مران. ۽ ڳالهه آهي به سراسر سچي. يارو توکان سال ٻه ننڍو آهي، ته به شادي ٿي چڪي اٿس، ۽ ٻار به ڄمڻ تي آهي. تون ته شادي جي نالي کان ئي وؤن پيو وڃين. آخر ڪيستائين  جيئنديس؟ منهنجي حياتي ۾ نه پرڻين ته نيٺ ڪڏهن پرڻبين؟ اڄ ته تنهنجي هڪ به نه ٻڌنديس. ايندڙ ناتال ۾ ئي تنهنجي نڪاح جو انتظام ڪريو ٿي وٺان. رئيس ڪرم خان جي گهر واري ڪالهه آئي هئي ۽ ڌيڻس بابت ذڪر به چوريو هئائين. مونکي ته اهو رشتو بيحد پسند آهي، ۽ سچ پڇين ته اهڙي سلڇڻي ڪنوار نصيب واري کي ملي. ڏس، ضِرور مڃج نه ته ڏاڍي ڏکوئبيس!

هادي بخش شادي ڪرڻ جي بلڪل برخلاف هو. ۽ ان لاءِ عجيب و غريب دليل ڏنائين ٿي. عام طور ماڻهو طالب علمي جي زماني ۾ شادي ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن، ڇو ته تجربي مان ثابت آهي ته شادي بعد تعليم جو سلسلو قائم رکڻ بلڪل مشڪل ٿيو پوي. مگر هادي بخش رڳو ان ڪري شادي جي برخلاف نه هو ته تعليم جاري رکڻي اٿم؛ يا پنهنجي قوت ڪرائي سان جيسين چئن ڏوڪڙن ڪمائڻ جهڙو نه ٿيندس تيسين؛ يا پرڻجڻ بعد روزگار جي فڪرن ۽ ڳڻتين جو مقابلو ڪرڻو پوندم، تنهنڪري بلڪه جيئن پنهنجي دلگهرئي دوست کي چيو هئائين، سندس مخالفت جو خاص ڪارڻ هي ئي هو ته اڄ ڪلهه جهڙي زال ملڻ گهرجي، اهڙي ملڻ محال آهي. ڪتابن جي ورقن ورائيندي ڏٺو هئائين ته اڳئين زماني جون عورتون ڪهڙيون نه پاڪباز، اطاعت شعار ۽ فرمانبردار ٿيون ٿي، ۽ موجوده تجربو ڏيکاري ٿو ته زال مڙس لاءِ نه، بلڪه مڙس زال لاءِ ٿئي ٿو. مرد جيڪڏهن پنهنجي عورت جي اطاعت شعاري ۽ دلجوئي ۾ ڪجهه به گهٽايو ته هر هنڌ بدنام ۽ گلارو ٿيو پوي، ۽ اهو ظاهر ظهور انگريزي راڄ ۽ جديد تهذيب جو ئي نتيجو آهي. اڪثر زالون تعليم يافته ٿين ٿيون، جنهنڪري ماني پچائڻ،  ڇڙڻ، پيهڻ، ڌوئڻ، ٻهارڻ ته بجاءِ خود، مڙس کي رڳو پاڻي جو گلاس ڀري پيارڻ به ڏکيو پيو لڳين. اخبارون پڙهن ٿيون، عشقيه ۽ واهيات ناولن جو شوق اٿن؛ وقت جو ڳچ ڀاڱو ته ڦڻي پڻوٽي، سينڌ سرمي ۽ هار سينگار ۾ ئي لڳيو وڃين، سندس دل ۾ شوهر جي عزت، هڪ ستم زده ۽ مصيبتن ماريل مجنون کان زياده نه ٿي ٿئي، هو هر هڪ ڳالهه ۾ مڙسن سان برابري جي دعويٰ ڪري رهيون آهن. سندس حڪمن ۽ ارشادن جي تعميل ۾ ٿورڙيئي دير پيئي، ڪجهه به ڍر يا بي عنواني ٿي ته بس مڙس مٺو. گهر جو گهر مٿي تي کڻيو ڏين!

 اهي ئي خيال، اهي ئي وهم هئا، جن ڪري هادي بخش اول ته هي ئي فيصلو ڪري ورتو ته صنف نازڪ مان ڪنهن کي به پنهنجي زندگي جو شريڪ نه بنائيندس، پر ماڻس جو اصرار اهڙو ته شديد رهيو جو لاچار ٿي پنهنجي فيصلي ۾ ڪجهه ترميم ڪرڻي ئي پيس، ۽ سندس اهو پويون فيصلو بلڪل قطعي هو ته جيڪڏهن شادي لاءِ هروڀرو مجبور ڪيو ويم ته قبول نه ڪندس، پر زال جو انتخاب هر حال منهنجي ئي مرضي  مطابق رهندو.

هڪڙي ڏينهن هاسٽل جي هڪ ٻن دوستن کي چيائين ته اول ته وس ويندي شادي ئي نه ڪندس، پر جيڪڏهن سخت مجبور ٿي ڪيم به، ته هڪ اهڙي عورت سان ڪندس، جنهن کي ظاهري ۽ جسماني ساخت جي لحاظ سان انتهائي بدقسمت زال چئي سگهجي. هادي بخش جي ننڍڙي کوپري ۾ هيءُ خيال بلڪل پوري طرح ڄمي چڪو هو ته حسن ئي اها شي آهي، جنهن تي زال ذات جي سموري طلسم جو مدار آهي، ۽ انهي جي ڪري عورت پنهنجي بي پناهه دام تسخير وڇائڻ واسطي مجبور ٿيو پوي. سندس اهڙي عجيب و غريب ذهنيت تي ڪي شاگرد مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا، ۽ چوندا هئس ته اهڙن ڍينگن مارڻ وارا ته هزارين، پر سندن خيالن کي عملي جامي پهرائڻ جهڙو هڪ به نظر نه ٿو اچي. چوڻ ۽ ڪرڻ ۾، زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، هينئر ڀل ته اهڙيون لافون هڻي وٺ، پر اهڙو موقعو آيو ته سڀ ڪجهه وسري ويندءِ. جواب ۾ هادي بخش هيئن چئي ڪري ماٺ ڪندو هو ته مڃيو نه مڃيو، آئون ته ڪڏهن به پنهنجي فيصلي تان نه هٽندس.

طلب ته هادي بخش پنهنجن خيالن تي بڪل سختيءَ سان قائم رهيو. ماڻس عزيزن ۽ دوستن جي ذريعي گهڻو ئي ڪجهه چوڻ چوائڻ ڪيو هوس، پر بلڪل بي سود، مگر هن دفعي جڏهن خود پاڻ پنهنجي زبان سان ايتري آزادي ۽ بيباڪي سان اهڙو ذڪر چوريائين، تڏهن هادي بخش ”نه“ چوڻ جي جرئت ڪري نه سگهيو ۽ چيائينس ته امڙ! تنهنجي حڪم جي تعميل لاءِ حاضر آهيان، پر خبر ناهي ته جنهن ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪرين ٿي، سا ڏٺي به اٿئي يا نه، چي، ڇو نه؟ ننڍڙي نيٽي، حسين، تعليم يافته، شگفته صورت، جڏهن ڏس، تڏهن مرڪندي نظر اينديئه!

ننڍي نيٽي، حسين! تعليم يافته، شگفته صورت! نه نه، امان نه؛ مون کي اهڙي ڪنوار کپي جا انهن وصفن کان بلڪل برعڪس هجي! نه نه، آئون اتي شادي هرگز نه ڪندس. کين چوائي موڪل.

ماڻس حيران ٿي پڇيس ته تڏهن ڇا، ڪا بد صورت ۽ جاهل ڇوڪري گهرجئي؟

ها، ها، آئون ڪنهن به حسين ۽ مہ جبين ڇوڪريءَ سان بڪل نه پرڻبس. ماڻس ڳالهه کي وڌائڻ مناسب نه ڄاتو ۽ هئن چوندي ٻاهر نڪري ويئي ته خير پرڻجڻ ته قبول ڪيئي، پوءِ اتان نه، ته ڪنهن ٻئي، ٽئين، چوٿين هنڌان ئي چڱو.

(4)

رئيس ڪرم خان شهدادپور تعلقي جو مشهور وڪيل هو، ۽ نواب شاهه ۾ وڪالت ڪيائين ٿي. خانداني ڪٽنب جو شريف فرد هو، ۽ آمدني خواه مورثي جائداد به چڱي هيس. کيس فقط هڪڙي ئي نياڻي، زينت النساءِ نالي هئي. ڪيترن ئي هنڌان نسبت جا پيغام پهچي چڪا هئس، پر کيس هادي بخش ئي نظر ۾ هو. پاڻ ۽ هادي بخش جو مرحوم والد ٻئي هم ڪلاس هئا، ۽ خانداني واسطا به مدت کان هليا آين ٿي. کيس هادي بخش جي سادگي، سنجيده سڀاءُ ۽ نماڻي هلت چلت ڏاڍي وڻي ٿي، ۽ ان کي ئي پنهنجي سڪيلڌي ڌيءُ جي رفيق حيات ٿيڻ جو لائق سمجهائين ٿي.

وئڪيشن جو مدو پورو ڪري هادي بخش ته ڪراچي ڏي موٽي ويو، پر ماڻس کي اها تشويش ستائيندي رهي ته آخر رئيس جي عورت کي ڪهڙو جواب ڏينديس. انهي ئي انتظار ۾ هئي ته هڪ ڏينهن مائي به اوچتو ئي اوچتو وٽس لنگهي آئي، ۽ اوڀارين لهوارين ڳالهين بعد دوباره شاديءَ جو ذڪر چوري ورتائين. هادي بخش جي ماءُ پهرين ته گهٻرائجي ويئي، پر نيٺ دل جهلي چيائينس ته ڀيڻ! ڇوڪر جي مزاج کان ته اڳيئي واقف آهين. ڪتاب پڙهي پڙهي سندس ذهنيت ۾ عجيب ڦيرو اچي ويو آهي. اول ته شادي ڪرڻ کان ئي پڙ ڪڍي بيٺو، پر وڌيڪ زور ڀريومانس ته نيٺ ڪنهن خوبصورت ڪنوار جي عيوض هڪ اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان پرڻجڻ قبول ڪيائين جا بدصورتي ۽ ڪوجهائي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ئي هجي. ڇا چوان؟ دل ته گهڻو ئي ٿي گهريو ته پاڻ ۾ جو محبت جو ناتو اٿئون، سو رشته داري سان اڃا به زياده مضبوط ٿي پوي، ۽ وس ويندي گهٽايم به ڪو نه، پر ڇوڪر ڪنهن به صورت ۾ راضي نه ٿيو. لاچار آهيان، وڌيڪ ڇا چوان؟

هادي بخش جي دنيا کان نرالي خواهش سڻي، مائي حيران ته ضرور ٿي، پر چپ چاپ سموري ڳالهه سڻندي رهي، ڪجهه ويچار بعد چيائين ته جيڪڏهن ڇوڪر جي اهائي مرضي آهي، ۽ تڏهن ته انجو سڀ کان سولو حل هيءَ ٿيندو جو هڪ دفعو منهنجي ڇوڪريءَ کي پنهنجن اکين سان ڏسي وٺي. پسند ڪرڻ يا نه ڪرڻ سندس ئي اختيار جي ڳالهه آهي. ان معاملي ۾ کيس بلڪل ڇوٽ ڇڏيو ويندو.

هادي بخش جي ماءُ هڪ ڊگهو مايوسي جو ساهه کڻندي چيو ته ها، خط موڪليانس ٿي ته ايندڙ آچر تي اوهان وٽ حاضر ٿي وڃي، ۽ زينت ٻائي کي ڏسي فيصلو ڪري وٺي.

(5)

آچر جي ڏينهن رئيس ڪرم خان جن وٽ هادي بخش جي آمد جو بي چيني سان انتظار ٿي رهيو هو. صبح واريءَ گاڏيءَ ۾ نه اچڻ ڪري سڀني کي پريشاني هئي ته تار موڪلڻ هوندي به ڇو نه آيو! ڪنهن ٿي چيو ته گاڏي ڇٽي ويئي هونديس، ته ڪنهن چيو ته شايد ايندو ئي ڪو نه، غرض ته جيترا هئا منهن، اوتريون هيون ڳالهيون؛ هر هڪ پنهنجي پنهنجي خيال جو اظهار ڪري رهيو هو.

ڏينهن گذريو، شام آئي، پر هادي بخش جو پتو ندارد. سڀيئي مايوس ٿي ويا ته يڪايڪ رات واري گاڏيءَ ۾ هادي بخش نيٺ منهن ڪڍيو، سندس ايندي ئي ساري گهر ۾ عجب چهچٽو لڳي ويو. نوڪرياڻيون اکين ئي اکين ۾ اشارا ڏيڻ لڳيون. ٻارن مهمان جي ڏسڻ لاءِ اچ وڃ شروع ڪئي، ۽ رئيس جي عورت رڌڻ پچائڻ جي انتظام جاچڻ ۾ مشغول ٿي ويئي.

(6)

صبح جو هادي بخش کي اندر ڏيڍيءَ تي گهرايو ويو، ۽ هڪ ڪشادي ڪمري ۾، جتي آرام ۽ آسائش جو ڪافي سامان موجود هو، وڃي وهاريائونس، فرنيچر، چٽ گل، پردا وغيره جيتوڻيڪ سندس طبيعت موافق نه هئا، تڏهن به مجبوري هئي، مهمان هئڻ ڪري ڪجهه به ڪڇي نه سگهيو؛ چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو، پر دل ئي دل ۾ ارمان پئي ڪيائين ته هن نئين روشني ۽ جديد تهذيب اسان جي حالت ۾ ڪهڙو نه انقلاب عظيم پيدا ڪيو آهي! ٿورڙي ئي دير بعد هڪڙي ڇوڪري، ڳاڙهي ساڙهيءَ ۾ غلابي ڪڙتي ۾ دائي سان گڏجي اندر لنگهي آئي. هٿ ۾ طشت هوس، جنهن منجهه قسم قسم جا ميوا موجود هئا. طشت هادي بخش جي اڳيان ٽپائي تي رکي، ڇوڪري ٿورو هٽي هڪڙي ڪوچ تي ويهي رهي. ڇوڪري جي منهن تي نقاب چڙهيل هو، جنهن ڪري منهن ته ڪو نه ٿي ڏٺس پر سندس اندر اچڻ ۽ ٽپائي تي طشت رکڻ وقت هادي بخش هٿن ۽ پيرن جون پٺيون ڏسي ورتيون هيس ۽ سمجهي ورتو هئائين ته ڇوڪري تئي جي تر جهڙي ڪاري آهي، پر تڏهن به مزيد اطمينان لاءِ دل گهريس ته منهن ڏسجيس ته بهتر. دائي به ڪا هئي قيافه شناس، تنهن چهري مان دل ئي جي خواهش سمجهي ورتس، ۽ ويجهو اچي نقاب مٿي ڪري ورتائين......

هادي بخش ٻه چار منٽ محو حيرت بنجي ويو، جو ڇوڪري قياس کان زياده ڪاري ۽ ڪوجهي هئي. مٿي جا وار سناسين جي وارن وانگر ڳتل هئس، اکيون ويون، ايڏيون وڏيون جو بلڪل ڀيانڪ پئي ڀانيون؛ سياه منهن ماتا جي وڏن وڏن چگهن سان سٿيو پيو هوس؛ چپ، شنگهور شيدي جي چپن جون سڪون لاهي رهيا هئا. قد بندرو، بدن  بيڊولو، هٿ، پير... مطلب ته اهڙي هئي جو اُن جي ڏٺي قدرت تي ناانصافي ۽ بي رحمي جو الزام هڻڻ ناروا ٿي نه ٿي سگهيو. هادي بخش نيٺ به ته آدم جو اولاد هو؛ حيرت وچان ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، نه ته سندس اصولن موجب، ڇوڪري هر طرح ٺيڪ هئي. دل ۾ چيائين ته ها، هن کي بلاشڪ پنهنجي رنج ۽ راحت جو شريڪ بنائي سگهندس، منجهس اهي سموريون وصفون موجود آهن، جن جي تلاش هيم. يقين آهي.  ته هن جي ڪري منهنجي تعليم ۽ مذهبي آزادي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه پوندي... ڇوڪريءَ کان نالو پڇيائين ته اڀي ٿي ويئي ۽ ڏانهس گهور سان نهاري، ڪڙڪو ڪري چيائين ته ڇا ٿا پڇو؟ نالو؟.... نالو.... ڇتان نه نه زينت النساءِ اٿم.

ڇتان! زينت النساءِ! ٻه نالا؛ هادي بخش کي ويچار ۾ ڏسي؛ دائي چيو ته آخوند ڇتان نالو رکيو هوس، پر گهر وارا زينت النساءِ ٿا سڏينس! هادي بخش دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري ورتو ته زينت نالو ته منهن تي ئي نٿو پويس. جيڪڏهن  ساڻس پرڻيس ته کيس سندس اصلي نالي سان سڏيندو رهندس. ڇتان، ڇتان، ڪهڙو نه سولو ۽ مٺو نالو!

دائي ڇوڪريءَ کي واپس وٺي ويئي، ناشتي بعد هادي بخش کان سندس فيصلو گهريائون. کيس ڀلا ڪهڙو عذر ٿي سگهيو ٿي؟ چيائين ته منظور اٿم.

وچين ڌاري هادي بخش پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. ٽانگو تيزي سان هلي رهيو هو ۽ هو پنهنجن ئي خيالن ۾ مستغرق هو؛ قلب جي ڪجهه اورئي حالت هيس! ڇتان ٻائي جي مڪروهه ۽ هولناڪ شڪل اکين اڳيان آيس ٿي ته دل ڌڙڪجيو ويس... اڄ پنهنجي عادت ۽ اصول جي برخلاف رستي ۾ جيڪا به زال سامهون ٿي آيس، تنهن ڏي چتائي نهاريائين ٿي، ان لاءِ نه، ته ڪو ڪنهن پري جمال جي ديدار جو شائق هو، پر هن ڪري ته منجهن ڇتان جي خط ۽ خال، شڪل شباهت جهڙي به ڪا هئي يا نه.....

ماءُ سان ملي شادي لاءِ پنهنجي رضامندي ظاهر ڪري، ٻئي ڏينهن صبح جو موٽي ڪراچي ڏي هليو ويو. ٽئين چوٿين ڏينهن منجهند تاڻي خط پهتس ته شادي جي تاريخ انهيءَ ئي مهيني جي آخر ۾ 25 - تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري 22 - تاريخ  ڌاري ڳوٺ پهچي وڃج.

هاسٽل ۾ اچڻ بعد سندس حالت سراسر بدلجي ويئي، اهوئي هڪ خيال، اهو ئي تصور دماغ جي آزادي تي مسلط رهيس؛ ڇتان ٻائي جي ڀيانڪ صورت هر وقت، هر لحظي اکين آڏو ڦرڻ لڳيس. ڪيتري ئي ڪوشش ڪيائين، ڪتابن پٺيان ڪتاب اٿلايائين، دوستن سان مليو، هيڏي هوڏي گهميو ڦريو، پر ڇتان جي تصور جند نه ڇڏيس، ڀڳل دل سان پنج اٺ ڏينهن ڪاليج به ويندو رهيو، پر جيئن جيئن شادي جي تاريخ ويجهو پوندي ويئي، تيئن تيئن ذهن ۾ آرام چٽ ٿيندو ويس، ايتري قدر جو صبح جو تڙ پاڻي ڪرڻ خواه نماز وظيفي ۾ پڻ ناغو پوڻ لڳس، پنهنجي اهڙي حالت تي خود پاڻ به حيران هو، پر دماغ توڙي قلب ٻئي وس کان ٻاهر نڪري چڪا هئس؛ هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهيو؟

(7)

شادي ۾ پنج ڏينهن باقي هئا. رات جو وقت، چنڊ پنهنجي چڪر جو اڌ کان وڌيڪ سفر طي ڪري چڪو هو؛ پرند چرند، انسان حيوان وجود کان بي خبر مٺيءَ ننڊ ۾ آرامي هئا، پر بدبخت هادي بخش لاءِ ننڊ ڪٿي؟ خيالن جي بحر بي پايان ۾ غوطا کائي رهيو هو. چي: زال به ته مرضي مطابق ٿي مليم. حسن هجڪ فاني شي آهي، ۽ در حقيقت ان جي ضروت به ڪانهي، تڏهن ههڙي جي آرامي، هيتري پريشاني ڇو ويڙهي ويئي اٿم؟ سوال به پاڻ ٿي ڪيائين ۽ جواب به پاڻ ئي ٿي ڳوليائين، پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيس.

انهن ئي پريشانين، انهن ئي خيالن ۽ ويچارن ۾ رات ختم ٿي ويئي، صبح صادق جو وقت هو ته ٿوري اک لڳي ويس. ان کي خيالن جو اثر چئو، يا دماغي انتشار جو نتيجو سمجهو، پر خواب ۾ ڏسي ته هڪڙي ڪشادي برپٽ ۾ اڪيلوئي اڪيلو بيٺو آهيان. رستي کان ناواقف، ڪاڏي وڃان! انهيءَ ئي پريشاني ۾ هڪڙو خونخوار جانور مٿس ڪاهي آيو. ڀڄڻ گهريائين، پر پيرن چيو نه ڪيس. جانور ويجهو ٿيو ته هو بهو ڇتان جو همزاد هو. سڱن تي کڻي اڇلائڻ تي هوس ته امالڪ رڙ نڪري ويس، ان سان گڏ اک به کلي پيس... ڏهه ٻارهن منٽ ته بي حس و حرڪت بستر تي پيو رهيو، ۽ تنهن بعد وهاڻي هيٺان ماچيس ڪڍي، لالٽين ٻاريائين، ۽ پنهنجي حسرتناڪ حالت تي دير تائين ماتم ڪندو رهيو.

ڏنهن رات جا چوويهه چوويهه ڪلاڪ تڪڙا تڪڙا گذري رهيا هئا، ۽ هادي بخش جي روانگي ۾ باقي ٻه ڏينهن وڃي بچيا. ڪيترن ئي راتين جي لاڳيتي اوجاڳي سببئون منجهند مهل ٿوري اک لڳي ويس ته وري به خواب لڌائين، جو اڳئين کان به زيادهه هولناڪ هو، ڏسي ته هڪڙي سوڙهي ۽ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ قيد آهيان ۽ ڇتان ٻائي هڪڙي هٿ ۾ ڇري ۽ ٻئي ۾ منهنجي رت رڱيل سسي جهلي آهستي آهستي مون ڏانهن وڌندي اچي. وحشت جي عالم ۾ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. هيڏي هوڏي نهاريائين پر ڪجهه به نظر نه چڙهيس، اگرچ ڇاتي ڳچ تائين ڌڙڪندي رهيس.

                خيال آيس ته ماءُ ڏي لکان ته شادي ڪا نه گهرجيم، ڪنواريتن کي جواب ڏيئي ڇڏ. مس قلم کڻي خط لکڻ شروع ڪيائين. هڪڙو لکيائين ۽ ڦاڙي ڇڏيائين؛ ٻيو لکيائين سو به پهرئين جي پٺيان ويو؛ ٽيون لکيائين تنهن پڻ ساڳي واٽ ورتي، اهڙي طرح هڪ ٻئي پٺيان ويو مسودا ٺاهيندو ۽ ڪاغذ ڦاڙيندو. نيٺ ڪڪ ٿي چيائين ته نه، ائين به ته بلڪل نامناسب ٿيندو، شاديءَ جو سمورو بندوبست ٿي چڪو هوندو، امان کي صدمون رسندو؛ ۽ ماڻهو مون کي ڪمينو سمجهندا، نه، نه خط نه لکندس....

خيالن جي بي پناهه طوفان ۾ جڏهن اها تدبير به مناسب نظر نه آيس، تڏهن ارادو ڪيائين ته ڪراچي ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي ڏي هليو وڃان. پراڻا سراڻا ڪپڙا سمنڊ جي ڪناري تي رکيو ٿو اچان؛ ماڻهو سمجهندا ته هيستائين وڃي مڇين جو پيٽ وسايو هوندائين.عزيز رفيق روئي پٽي نيٺ به ماٺ ڪري ويهي رهندا، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته ههڙيءَ دماغي تڪليف ۽ روحاني اذيت کان نجات ملندي!

اهڙي خيال ايندي ئي منهن تي تازگي جي لهر ڊوڙي هليس، سامهئين ميز تان ٽائيم ٽيبل کڻي لڳو بمبئي ڏي وڃڻ جو وقت جاچڻ، بمبئي ۾ ڀلا مون کي ڪير سڃاڻيندو! رزق رزاق جي هٿ ۾ آهي؛ ساهه ڏنو اٿس، گراه به اوس ڏيندو! باقي رهي ماءُ، سو سندس خيريت جي احوال کان ڪنهن نه ڪنهن ريت واقف ٿيندو رهندس!

اهو خيال ايترو ته سٺو ۽ اها تدبير اهڙي ته مناسب نظر آيس جو امالڪ ٽپ ڏيئي اٿيو، ۽ سفر جو ضروري سامان ۽ هنڌ بسترو ٻڌي تيار ڪري ورتائين. پر جلد ئي خيال آيس ته اخلاقي خواه مذهبي لحاظ کان ائين ڪرڻ به ته بنهه ناروا ٿيندو. جيئرو رهي پاڻ کي مئل ثابت ڪرڻ به ته ڪنهن شريف انسان جو دستور اَلعمل ٿي نه ٿو سگهي! نه، نه، ائين هرگز نه ٿيندو...

شادي جي معنيٰ آهي خوشي ۽ شادماني، پر ويچاري هادي بخش ڪاڻ اها درحقيقت هزار مصبيتن مان هڪ مصيبت هئي. دماغ صحيح خيال ڪرڻ کان جواب ڏيئي بيٺو هوس، ۽ ان مصيبت کان نجات بخشڻ وارو ڪو به نظر نه ٿي آيس.

آخرڪار پنهنجا اهي سمورا پهه وائي بادي سمجهي چارو ناچار فيصلو ڪيائين ته ڪجهه به ٿئي، زبان ڏيئي چڪو آهيان؛ هاڻي هر نتيجي کي مردن جئان منهن ڏيڻ ضروري آهي.

  (8)

مقرر ڪيل وقت تي هادي بخش ڳوٺ پهچي ويو. ڄڃ نهايت ئي شان ۽ طمطراق سان نواب شاهه ڏي رواني ٿي. کيس ان وقت نه خوشي هئي، نه غم. خوف ۽ هراس جو تسلط به دل تان قطعي ميٽجي چڪو هوس. قاعدو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ بزدل کان بزدل سپاهي به پنهنجي موت کي وساريو ڇڏي.

دستور موجب گهوٽ ۽ ڪنوار کي هڪڙي ئي هنڌ تي گڏ وهاريو ويو. هڪڙي وڏيءَ آرسيءَ ۾ ڪنوار جو ديدار ڪرايو ويس ته ڇتان جي ڪني ڪوجهي ۽ مڪروه صورت جي بدران هڪڙي ننڍي نيٽي مه جبين ٻهڳڻ تي نظر پيس.....

بعد ۾ زينت النساءِ کان پڇا ڪندي معلوم ٿيس ته ڇتان دراصل پاڙي جي هڪڙي خاصخيلڻ ڇوڪري هئي، جا سندس اصولن جي عزت خاطر ڏيکاري ويئي هيس. اهڙي طرح شڪر جو نيٺ به رهجي آئي، عاقبت بالخير ٿي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org