3-
حسرتناڪ زندگي ۽ مرڪ جو معجزو!
25 _ ڊسمبر 1945ع جو ڏينهن ڪڏهن نه وسرندم. انهي
سعيد ڏينهن منهنجي زندگي ۾ ههڙو انقلاب آيو، ۽ هڪ
اهڙو ته مفيد سبق مليم، جنهن کي پنهنجي حياتي جو
ماحاصل سمجهان ٿو.
صبح جو وقت هو، ۽ آءٌ نهايت ئي متفڪر ۽ پريشان
پنهنجي مهربان دوست وڏيري محمد بچل هاليپوٽي سان
گڏ، حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ميرپورخاص ڏي
ويندڙ گاڏيءَ جو انتظار ڪري رهيو هوس. گذريل ٻن
ڏينهن کان مسلسل بارش پئجي رهي هئي، ۽ ان وقت به
سارو آسمان ڪڪرن سان ڇانئيو پيو هو. مينهن اهڙي ته
شدت سان پئي پيو جو گمان ٿي ٿيو ته لاشڪ اڄ ٻيو
طوفان نوح برپا ٿيڻو آهي. سردي سببئون بدن جو عضوو
عضوو ڏڪي، ٿڙڪي رهيو هو.
اسٽيشن تي غير معمولي افسردگي ۽ خاموشي ڇانيل هئي.
بدين خواه ڪراچي کان آيل گاڏيون قريب قريب خالي
نظر اچي رهيون هيون، نه ته هئي مسافرن جي پيهه، ۽
نه تماشبينن جي گپا گيهه، ۽ نه وري هميشه، جئان ڪو
ڪولين ۽ خوانچه وارن جوئي شور ۽ هوڪو ٻڌڻ ۾ آيو
ٿي. مطلب ته ننڍو وڏو بارش ۽ سردي جي شدت جو شاڪي
ٿي ڏٺو.
اڄ گهرن ۾ گرم سگرين جي سامهون وهڻ ۽ آرام ڪرڻ
جهڙو ڏينهن هو، مگر آئون فلڪ ناهنجار جي ڪج رفتاري
کان مجبور، ٻن ٽن هفتن کان دربدر رلندو رهيو هوس.
بارها ٻڌو هوم ته مصيبتون هڪڙي ئي وقت گڏجي حملو
ڪنديون آهن. ان قول جي سچائي ۾ ٿورو گهڻو شڪ هوندو
هوم، پر ان وقت جي تجربي اهو شڪ يقين سان بدلائي
ورتو، جيئن آسمان تي چوطرف ڪارن ڪڪرن جو گهيرو ڪيل
هو، تيئن بيماري، بي روزگاري، تنگدستي ۽ بيڪاري
جون مصيبتون وڪوڙي چڪيون هيم. منهنجو هڪڙو ناخلف
سوٽ، جو مدت کان منهنجي مختصر جائداد کي هڙپ ڪري
وٺڻ جي فڪر ۾ هو، پنهنجي ئي مقدمي جي سلسلي ۾ هتي
هتي رلي، ڀٽڪي رهيو هوس. سڀ کان زياده اذيت هن ڪري
پهچي رهي هيم، جو جنهن وڪيل ان ڪيس جي پيروي جو
بار پاڻ تي هموار ڪيو هو، ۽ جنهن ۾ قديم دوستي جي
ڪري هزارين اميدون هيم، تنهن به عين وقت تي فريق
ثاني جي اثر ۽ رسوخ کان مرعوب ٿي، جواب ڏيئي ڇڏيو
هوم. ان وقت ائين ئي پئي ڀانيم ته هيءَ مڪار دنيا
مصيبتن جو گهر ۽ گناهن جي کيتي آهي؛ جنهن منجهه
انسانن کان زياده انسان نما درندا رهن ٿا، ڪوڙ،
مڪر، فريب؛ دغا، زور ۽ ظلم؛ بي ايماني، بي حيائي ۽
بدڪاري جو دور دوره آهي؛ ۽ همدردي، غمخواري ۽ خدا
ترسي؛ رحم، ڪرم ۽ منصف مزاجي: اخلاق، وفا ۽
ايمانداري جا لفظ بلڪل بي معنى ۽ بيڪار آهن. جيئن
اوندهه ۾ بي ضرر شيون به هيبتناڪ معلوم ٿينديون
آهن، تيئن ان وقت مايوسي ۽ مصيبت جي ڪاري ڪانڀار ۾
ساري دنيا معموره ستم ۽ هلاڪت، ۽ مجسمعہء
فريب ۽ بيوفا نظر اچي رهي هيم. دل گهريو ٿي ته شال
هيءَ برسات ڪڏهن به نه بند ٿئي، ۽ هڪ اهڙو ته
قيامت خيز طوفان اچي، جو هن سيہ
ڪار دنيا جو هميشه لاءِ خاتمو آڻي وجهي.
مطلب ته مان نئين ڦاٿل پکيءَ جئان دنيا جي پڃري ۾
ڦڙڪي، ڦٿڪي رهيو هوس، ڪڏهن خيال آيم ٿي ته دنيا
کان ڪناره ڪش ٿي، جوڳين ۽ سنياسين وانگر وڃي جهنگل
واسي ٿيان، پر ان لاءِ به ته حوصلي ۽ عزم جي ضرورت
ٿئي ٿي، جنهن کان آئون سراسر خالي هوس؛ ته ڪڏهن
وري ان کان به زياده خوفنڪاڪ خيال ورايم ٿي... آه!
خودڪشي جو خيال، موت جو تصور، ڪهڙو نه ڀوائتو،
ڪيترو نه ڀيانڪ ۽ هولناڪ آهي! اهڙي وقت ۾ به جڏهن
ڪ انسان لاءِ زندگي ۾ ڪو به لطف، ڪا به دلڪشي، ڪا
به مسرت باقي نه ٿي رهي، ساهه تان هٿ کڻڻ، حياتي
کان آسرو پلڻ، ڪهڙو نه ڏکيو ٿو لڳي!
راجا واري گاڏي ڪلاڪ ڏيڍ ليٽ هئي، ۽ آئون پنهنجن
ئي سورن ۽ ڳڻتين ۾ غرق هوس ته پڊعيدن کان آيل گاڏي
مان ڪي مسافر لهي هيٺ ٿيا. منجهن هڪڙو بلڪل ڏٻرو ۽
منڊڙو، انڌو جوان به هو، جو وضع ۽ قطع ۾ نهايت ئي
مفلس ۽ حاجتمند ٿي ڀانيو، اهڙي قيامت خيز سردي ۾
به سندس لڱن تي بلڪل باريڪ ۽ ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا پيل
هئا، بغل ۾ هڪ ننڍڙي، ميري بڊڙي، ۽ هٿ ۾ ڏنگي ڦڏي
لٺ هيس. هو هٿوراڙيون ڏيندو اچي اسانجي ويجهو بينچ
تي ويٺو، پر سيءَ جي ڪري بيد مجنونء جئان تڙڪي
رهيو هو. منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي، جو اهڙي
حسرتناڪ حالت هوندي به، سندس لبن تي هڪ دل آويز
مرڪ نچندي نظر چڙهيم. ڇا، اهڙي ڪسمپرسي جي حالت ۾
به ڪو مري سگهي ٿو! بس، اهو هو سوال جو ڏانهس
نهاريندي نهاريندي دل ۾ بي اختيار پيدا ٿي رهيو
هوم. مون ته ائين ئي پئي ڀانيو ته هيءَ دنيا هڪ
ماتم ڪده آهي، جتي اڀرو انسان گهڻو ئي ڪجهه حاصل
ڪندي به هميشه رئندو ئي رهي ٿو، پر هيءُ شخص سڀ
ڪجهه وڃائڻ بعد به مرڪي رهيو هو! عجيب ثم العجب!!
اڃا بينچ تي ويٺي پنج اٺ منٽ ئي مس گذريا هوندس،
ته هڪ نهايت ئي دلڪش ۽ رسيلي لهجه ۾ ڳائڻ شروع ڪري
ڏنائين. آواز اهڙو ته مٺو هوس، جو سندس لاغر جسم
ڏي ڏسندي ائين پئي ڀانيو جو ڄڻ ته ڪنهن بيجان
سازمان تخما نڪري رهيا آهن؛ ۽ اگرچ هو قواعد
موسيقي کان اهڙو واقف نه ٿي ڏٺو، تاهم، آواز ۾
اهڙي ته دلڪشي، ايتري ته جاذيبت موجود هيس، جو
ٻڌندڙن کي بلڪل مست ۽ مدهوش بنائي رکيو هئائين.
موسم جي خنڪي ۽ برسات جي شدت ڪري جيتوڻيڪ اسٽيشن
تي بي رونقي ۽ افسرودگي ڇانيل هئي، تڏهن به سندس
دلڪش آواز، حيات ۽ مسرت جي هڪ لهر ڊوڙائي ورتي، ۽
پليٽ فارم تي ٽڙيل پکڙيل ٿورا ماڻهو وٽس ڪٺا ٿي
ويا؛ ۽ آئون به پنهنجين ڳڻتين ۽ غم آلود خيالن کي
وساري همه تن گوش ٿي ويس. هن جي من موهيندڙ آواز،
منهنجي پريشاني ائين دفع ڪري وڌي، جيئن بهار جي
آمد بي برگ وڻن جي حسرت رفع ڪندي آهي.
کانئس ئي معلوم ٿيو ته جو راڳ ڳائي رهيو هو، سو
سندس ئي ٺاهيل هو، جيتوڻيڪ اهو عروضي خوبين ۽ بحر
وزن جي پابندين کان آجو هو، ۽ عبارت معمولي ۽ غير
عملي هئي، تڏهن به تخيل جي بلندين، ۽ خيالن جي
وسعت حيرت جهڙو هيس، راڳ جي سڀ کان وڏي خصوصيت
هيءَ هئي جو حسرت ۽ مايوسي جي عوض اميد ۽ مسرت جو
سبق ڏنائين ٿي، جي ٻه چار شعر هينئر به ذهن ۾
موجود اٿم، تن جو حاصل مطلب پنهنجن ئي لفظن ۾
ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ٻڌو؛
(1) هاڻي جبلن جي برف پگهرجڻ شروع ڪندي،نديون،
ناليون، تل ترائيون ٽٻاٽٻ ٿي وينديون. گونچ ڦٽندا
۽ چوطرف ساوڪ ۽ سبزي لهريون هڻندي نظر ايندي، هر
هنڌ خوشنوا پکين جا سريلا گيت ٻڌبا. پوٺن تي پهريل
ايلپنوهار ماڳ ڏي موٽندا، وڻجارن جا قافلا وطن
ڏانهن ورندا ۽ هڪ دفو وري به چوڌاري زندگي جي لهر
ڊوڙي هلندي.
(2) گلن ڦلن جي ڦٽڻ، ۽ پکين جي روح ريجهائيندڙ
لاتين سان گڏ ئي منهنجي محبوب پڻ ميدان تان موٽي
ايندي. چون ٿا ته پاڻ بهار جي شروع ٿيندي ئي واپس
ورندي آهي، پر منهنجي خيال ۾ سندس موٽڻ جي ڪري ئي
بهار جي موسم حاضر ٿيو وڃي ۽ ان جي واپس وڃڻ
سببئون ئي هر شي تي خزان طاري ٿيو پوي.
(3) هاڻي اسين ٻئي صبح جو ساجهر سويل گلن ڦلن کان
معطر ٿيل هوا جي فرح بخش هير ۾، منجهند مهل بڙ جي
سيبائيندڙ ڇانو هيٺان، ۽ شام جو چشمي جي ٿڌي ٿڌي
ڪناري تي، ملندا رهنداسين، هوءَ ساڻم مٺيون مٺيون
ڳالهيون ڪندي، ۽ آئون کيس پنهنجا ٺاهيل گيت
سڻائيندس. هينئر فرحت جو طويل زمانو ختم ٿيڻ،
ڦوڙائي جو ڦٽ ميٽجڻ تي آهي.
(4) منهنجي محبوبه بهار جي نوشگفته گلن کان به
زياده حسين ۽ دلفريب، ۽ شبنم جي قطرن کان به وڌيڪ
پاڪيزه آهي. سندس چهرو صبح صادق جي نور وانگر روشن
۽ اکيون هرڻ جي اکين کان به زياده خوبصورت ۽
شرميليون آهن؛ آواز بيحد شيرين ۽ مترنم اٿس. هوءَ
مجسمئه حسن و لطافت، ۽ پيڪر لطف و وفا آهي. کيس
مان ئي پوري ريت سمجهان ۽ سڃاڻان ٿو. اگرچه سندس
ڪماحقه بيان ڪرڻ کان قاصر آهيان.
(5) پنهنجي محبوبه جي آمد جي خوشي ۾ مون تي مسرت
جو نشو طاري ٿيو وڃي، پر سندس وڇوڙي ۾ به ڪم حوصله
عاشقن جئان، آه و بڪانه ڪندو آهيان. جڏهن پاڻ پوٺي
ڏي وڃي ٿي ۽ آئون اڪيلو رهجيو وڃان، تڏهن به غمگين
۽ افسرده ٿيڻ بدران کيس ٻڌائڻ لاءِ نوان نوان گيت
جوڙيندو رهان ٿو، جي سڻي هوءَ خوشيءَ ۾ ڀرجيو وڃي.
۽ سندس خوشي ئي منهنجي زندگي جو راز آهي.
(6) منهنجي محبوبه بلڪل کل مک ۽ مشفق آهي، سندس
متبسم چهري جو صور، ۽ ان جي آمد جي اميد، فرقت جي
تاريڪ گهڙين ۾ به مون کي غمگين ۽ بي چين ٿيڻ نه ٿي
ڏئي؛ بلڪ ائين ئي شاد ۽ مسرور رکيم ٿي، جيئن چنڊ
ڪارين ۽ هولناڪ راتين کي روشن ۽ خوشگوار بنايو
وجهي.
راڳ ختم ڪيائين ته سر چڪر ۾ اچي ويم، ائين محسوس
ڪيم جو ڄڻ ته انهن ساحرانه نغمن جي ڪري دنيا ۾
عظيم انقلاب اچي چڪو آهي. منهنجي دل، منهنجي دماغ
تي، جي جي تفڪرات، غم ۽ الم جا جيڪي به سياه بادل
ڇانيل هئا، سي جهٽ پٽ ڪافور ٿي ويا؛ اميد جي آفتاب
ضيا باري شروع ڪري ڏني، ۽ فضا ۾ هيءُ آواز زور شور
سان ٻرڻ لڳو ته: موسم خزان ختم ٿي چڪي، بهار اچڻ
واري آهي.
اتي مينهن بند، ۽ مطلع صاف ٿي چڪو هو. سج جي نڪرڻ
ڪري سردي جي شدت به جهڪي ٿي چڪي هئي. سندس پر لطف
راڳي منهنجو دماغ ايترو ته مسحور ڪري وڌو هو، جو
موسم جي ان خوشگوار تغير کي به ان جي ئي حيات بخش
گيتن جو نتيجو سمجهڻ لڳس.
آئون عالم خود فراموشي ۾ ان نابينا نوجوان ڏانهن
نهاريندو رهيس. سندس اڀري جسم، بي نور اکين ۽ سقيم
حالت جو خيال ٿي آيم ته کيس دنيا جو بدنصيب ترين
انسان ٿي سمجهيم، پر انجي مرڪندڙ چهري ۽ مسرت آميز
آواز ڪجهه ٻيوئي راز کوليو ٿي. مونکي سندس سربستي
ڪيفيت جي معلوم ڪرڻ جو اوترو ئي شُق هو، جيترو
ڪنهن لوڀي کي پوريل گنج جي حاصل ڪرڻ جو هوندو آهي.
حيرت هيم ته اهڙي تباه حالي هوندي به، اها ڪهڙي
طاقت اهو ڪهڙو راز آهي، جنهن کيس اهڙو مطمئن،
ايترو مسرور ۽ متبسم بنائي رکيو آهي!
ڳائڻ بند ڪيائين ته ماڻهو وري به
هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويا، مون کيس گرما گرم چانهه
جا ٻه پيالا پياري، کانئس سندس نالي، وطن وغيره
بابت پڇيو. مرڪندي مرڪندي جواب ڏنائين ته آئون نور
کان ناجهو، بيوطن، جڏو انسان، منهنجو نالو نشان
سڻي ڇا ڪندؤ! پر سخت اصرار ڪيم ته لاچار ٿي چيائين
ته:
مان هڪ خوشحال بلوچ خاندان جو فرد آهيان. نالو
فريد اٿم. جيڪب آباد ضلعي ۾ اسانجي خاندان کي گهڻي
عزت سان ڏٺو ويندو آهي. ٿوري گهڻي زمين به اٿئون،
پر عام طور اسانجو ذريعه معاش فوجي ملازمت آهي.
البته منهنجو چاچو اول کان ئي پنهنجي زمينداري جي
ڌنڌي ۾ مشغول رهندو اچي. منهنجو والد فوج ۾ ڪپتان
هو، ۽ پهرئين مهاڀاري لڙائي ۾ فرانس منجهه نهايت
ئي قابل قدر خدمتون انجام ڏيئي، ترقي ۽ شهرت حاصل
ڪئي هئائين. جنگ پوري ٿيڻ تي پينشن پائي خير سان
وطن ڏانهن موٽي آيو، ۽ چار سال ٿيا جو وفات ڪري
ويو آهي. منهنجي والده کانئس ورهيه سوا اڳ رحلت
ڪئي هئي.
آئون والدين جو هڪڙو ٻچو هوس، جنهن ڪري ڏاڍي لاڏ
ڪوڏ سان پاليائوتم، ۽ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ چار
درجا پاس ڪيم. مزيد تعليم لاءِ ڪنڌڪوٽ ۾ رهڻ ضروري
هوم، پر امان کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ منهنجي تعليم
جو سلسلو ختم ٿي ويو. نوڪري جي عرصي ۾، بابا ڪافي
روڪڙ گڏ ڪري ورتي هئي. ڪجهه زمين اڳيئي هيس، ۽
ٿوري گهڻي ٻي به خريد ڪري ورتائين، جنهن ڪري امان
کي رنجائي مونکي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ تي ضد نه
ڪيائين.
منهنجو هي ڪمزور ۽ نحيف جسم جو هن وقت هڏائون پڃرو
ڏسي رهيا آهيو، ڪڏهن بلڪل خوبصورت، تازو ۽ مضبوط
هوندو هو. منهنجو اکيون جي هينئر نور بصارت کان
محروم ٿي چڪيون آهن، تن ڏينهن ۾ هرڻ جي اکين کي به
شهه ڏيئي رهيون هيون. سندس ننڍپڻ هڪ پر ڪيف ۽
شيرين خواب مثل بسر ٿيو. دنيا جو ڪو به غم، ڪو به
فڪر ڪو نه هئم، ڳائڻ وڄائڻ، ٻلهاڙي ۽ ڪشتي وڙهڻ جو
تڏهن کان ئي شوق رکيم ٿي. چنڊ جي سهائي ۾ پنهنجي
اوطاق جي سامهون، پوٺي تي بي تڪلف ۽ همعمر دوستن
سان محفلون ڪرڻ ۽ مستانه وار ڳائڻ وڄائڻ اڃا ڪالهه
جي ڳالهه آهي. منهنجي راڳ تي رستي تان لنگهندڙ به
هلندي هلندي پنڊ پهڻ بنجيو ٿي بيٺا. مطلب ته انهن
ڏينهن ۾ آئون پنهنجي ڳوٺ جو شهزادو معلوم ٿيس ٿي.
اهو خواب جلدئي ختم ٿي ويو، ۽ هڪ ٻيو ان کان به
زياده پر ڪيف ۽ رنگين خواب شروع ٿي ويو.
هڪ ڏينهن هڪڙي ويجهي واهڻ ۾ ڪنهن شادي جي موقعي تي
وڃڻ جو اتفاق ٿيم، ۽ اتي هڪڙي رشڪ حور ۽ پريجمال
ڇوڪريءَ تي وڃي نظر پيم. سندس ديد مون کي ان پرلذت
درد سان آشنا ڪري وڌو، جنهن کي محبت چون ٿا. بس،
منهنجي اهائي حالت ٿي ويئي، جهڙي ڪنهن گرفتار الفت
جي ٿيندي آهي، ۽ اهو ڪجهه ڪرڻ شروع ڪري ڏنم. جو ڪو
اسير عشق ڪندو آهي.
والدين کي جڏهن ايءُ معلوم ٿيو، تڏهن ڪوشش ڪرڻ ۾
ڪا به ڪسر نه ڇڏيائون، ۽ ٻن مهينن اندرئي منهنجي
ساڻس شادي ٿي ويئي. اٽڪل سوا سال بعد اسان کي پٽ
ڄائو، جو بيحد خوبصورت هو، پر فلڪ ناهنجار جي ستم
ان خوش نصيبي جو جلدئي خاتمو آڻي وڌو.
گاڏيءَ جي اچڻ ۾ باقي ڪا ٿورڙيئي دير هئي، جنهن
ڪري فريد پنهنجي دلچسپ بيان کي مختصر ڪرڻ لڳو ۽
چيائين ته ڇوڪر جي ولادت وقت ماڻس بيمار ٿي پيئي؛
۽ مهيني ڏيڍ جي سختين ڪاٽڻ بعد، رحلت ڪري ويئي.
معصوم ٻچو، ماءُ جي جدائي جو تاب سهي نه سگهيو، ۽
ڏهن ڏينهن پڄاڻان پاڻ به وڃي سندس ڀرسان ستو.
منهنجي زال هڪ پاڪيزه ۽ خوبصورت گل هئي، جنهن کي
گلزار حيات مان پٽي پنهنجي سيني تي لڳايو هئم، پر
افسوس جو اهو خوشنما گل جلدئي ڪومائجي ڪري پيو،
ليڪن ساڻس گڏ جي بدنصيبي ۽ حسرت جا ڪنڊا موجود
هئا، تن جي چڀڪ اڃا تائين هنئين ۾ باقي آهي.
زال ۽ ٻچي جي علالت ۽ انتقال جو ذڪر ڪندي ڪندي،
فريد جي چهري تي رنج ۽ ملال جا ٿورا گهڻا آثار
نمودار ٿيا، پر جلدئي اهي هڪ تازي مرڪ ۾ لڪائي
ورتائين، ۽ پنهنجي بيان کي جاري رکندي چيائين ته
زال ۽ پٽ جي وڇوڙي بعد منهنجي حالت ڪهڙي ٿي هوندي،
تنهنجو اندازو خود پاڻ ئي ڪري وٺو، آئون بيان نه
ڪندس، پر اتان ئي منهنجين مصيبتن جو سلسلو شروع
ٿئي ٿو. ننهن ۽ پوٽي جي موت، ۽ منهنجي پريشان ۽
ناگفته حالت منهنجي والده کي جهوري، ڪيرائي وڌو، ۽
مهيني اڌ بعد مون کي شفقت مادري کان هميشه لاءِ
محروم رهڻو پيو. بابا ٻيءَ شادي ڪرڻ لاءِ ڪيترو به
زور ڀريو، پر انڪار ڪيم، آئون سندس سڪيلڌو پٽ ۽
پيريءَ جو اڪيلو ئي سهارو هوس. منهنجي خانه بربادي
لاڪس ناقابل برداشت ثابت ٿي، ۽ والده جي انتقال
بعد سگهوئي پاڻ به مونکي تنها ڇڏي، فردوس برين ڏي
روانو ٿي ويو. سڪرات وقت هٿ جوڙي ڀاءُ کي چيائين
ته فريد جي پارت هجيئي، ۽ چاچا به سڏڪا ڀريندي
ڀريندي، منهنجي مٿي ٿي هٿ گهمائيندي، اهڙو وعدو
ڏنس. ويجهن عزيزن مان صرف چاچوئي زنده هو، پر
افسوس جو والد جي اکيون پوريندي ئي، ان به پنهنجون
اکيون پوري ورتيون. بابا وٽ ڪافي روڪڙ موجود هئي؛
منهنجي ماءُ توڙي عورت جا زيور به هزارن جا هئا، ۽
اهي ئي چاچي جي سنگدلي ۽ ڪٺور پائي جو باعث بنيا.
منهنجي زندگي هڪ گريه مسلسل ٿي پيئي، صحت تباهه ٿي
ويم، ۽ اگرچه مون ڪاڻ اٺين اٺين پهر هڪ اڌ روٽي
ڪافي هئي، پر خبر ناهي ته چاچا کي ڇا خيال هو؛
پنهنجي حرص جي راهه ۾ منهنجي زندگي هڪ زبردست روڪ
سمجهڻ لڳو؛ پر موت ۽ حياتي تي ڪنهنجو ڪهڙو وس هلي
سگهي ٿو! بارها قتل ڪرڻ جي منصوبن ۽ زهر ڏيارڻ جي
ڪوششن هوندي به مان اڃا حيات آهيان!
چاچي جي طرز عمل بيحد صدمو رسايم. ڳوٺ، پسگردائي
خواه برادري ۾ گهڻو رسوخ هوس، ۽ سندس خوف جي ڪري،
ڪنهن کي به منهنجي مدد ڪرڻ ۽ شريڪ حال رهڻ جي همت
نه ٿي. انتظار ۽ اوسيئڙي وچان منهنجي صحت ويئي روز
بروز چٽ ٿيندي.، ته ماتا جي موتمار حملي آقي باقي
ڪيرائي وڌم. ڀرواري ڳوٺڙي ۾ محسن نالي هڪ نيڪ ۽
رحمدل حڪيم رهندو هو. بابا سان محبت جو رستو هوندو
هوس. هر چند علاج ڪيائين، ڦڪيون ستيون ڏنائين، پر
بي سود، هر ڪوشش رائگان ويئي، ۽ مان انڌو ٿي پيس.
چاچا ۽ سندس گهرواريءَ کي مٿم رحم آيو؛ سو ته
ٺهيو، اٽلو بک اڃ وغيره جون ناقابل برداشت تڪليفون
ڏيئي ڏيئي حياتي زهر ڪري ڏنائونم.
نابينا بنجڻ بعد هڪڙي ڏينهن ماڙيءَ تان هيٺ لهي
رهيو هوس ته چاچي جي پٽ وٺي ٿيلهو ڏنم، امالڪ وڃي
پٽ سان لڳس، ۽ ٽنگ ڀڄي پيم. حڪيم صاحب وري به علاج
ڪيو؛ زندگي باقي هئي. چڙي چڙي سورن لاءِ دوباره
چرڻ ڦرڻ جهڙو ٿي پيس.
هڪڙي ڏينهن پنهنجي حسرتناڪ حال تي غور ڪندي ڪندي
يڪا يڪ خيال آيم ته جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿيو، ۽ جو
ڪجهه ٿيڻو آهي، سو اوس ٿيندو. پنهنجي بدقسمتي، ۽
چاچي ۽ چاچيءَ جي ظلم ۽ ستم تي ماتم ڪرڻ ڪري
منهنجن ڏکن ۾ ڪا به ڪمي نه ٿيندي. سڀ ڪجهه وساري
ڇڏيان، يا ڪم از ڪم انجي وسارڻ جي ڪوشش ڪريان ته
بي چين ۽ عذابن ڀري زندگي ۾ ٿورو گهڻو اطمينان
حاصل ٿي پوندم. بس، ان خيال جي ايندي ئي لڙڪن ۽
سرد آهن، حسرتن ۽ انتظارن، شڪوه ۽ شڪايتن کي
پنهنجي زندگي کان ڇني، ڌار ڪري شڪر، بي فڪري ۽
اطمينان کي انهن جو قائم مقام بنائي ورتم.
چاچا کي منهنجي طبيعت جو اهڙو تغير به نه وڻيو، ۽
ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ڇينڀڻ ۽ ستائڻ تي ڪمر ڪشي
ورتائين، جنهن ڪري وطن ڇڏي، بيوطن ٿيس، ۽ هتي هتي
رلندي ڀٽڪندي اڄ هتان اچي نڪتو آهيان. منزل مقصود
جي خبر ڪانهيم؛ قسمت جتي نيو اتي هليو ويندس، بحر
زيست تي ڪک مثل لڙهي رهيو آهيان، ۽ انجي وهڪري جو
رخ ئي سندم منزل مقصود آهي.
فريد جو طرز بيان دلڪش ۽ شاعرانو هو. سندس سورن
ڀريو داستان سڻي حيران ٿي ويس. آه! قدرت ڪيتري نه
فياض آهي جو گمنام دور دراز جهنگلن ۾ اهڙا نازڪ
خيال شاعر پيدا ڪري ٿي! دنيا ڪيتري نه بي مروت، بي
رحم ۽ بدقمست آهي، جو سندين رڳو بيقدري نٿي ڪري،
پر مٿن هر طرح جا ظم ۽ ستم به روا رکي ٿي! پڇيو
مانس ته ڪجهه کائيندئو! ته ٻي تڪلفي سان مرڪي
چيائين ته: خير ڪجهه هوندو ته انڪار نه ڪندس. مون
روٽيءَ واري کي سڏي چار ڦلڪا ۽ چئين آني جو ڪباب
وٺي ڏنس، جو کائي خدا جو شڪر ادا ڪيائين، ۽ چيائين
ته ٽن ڏينهن بعد اها ئي روٽي نصيب ٿي اٿم!
مصيبت جي وقت انسان کي ڪو اهڙو همدرد ملي وڃي، جو
ڪم از ڪم ساڻس پنهنجو ڏک سور اوري سگهي، ته رنج ۽
غم ۾ ڪجهه نه ڪجهه تخفيف ضرور ٿيو پوي!
فريد مون کان منهنجو حال احوال پڇيو ته کيس پنهنجن
دردن جو داستان ٻڌائڻ لڳس؛ هو مشڪندو، سڻندو رهيو.
احوال ختم ڪيم ته تسلي ڏيندي چيائين ته فڪر نه
ڪريو. اسين خواه مخواه ماضيءَ جي پر اندوهه ياد، ۽
مستقبل جي خيالي خطرن سان پنهنجي زندگي تلخ ڪريو
وٺون؛ بلاوجہ
هر هڪ اهل ۽ نااهل سان اميدون وابسته ڪريو، ناڪامي
جي حالت ۾ حسرت ۽ مايوسي کان پريشان ٿيو پئون.
اسان جا گرم گرم لڙڪ، ۽ سرد سرد آهون، ان پريشاني
۾ هيڪاري اضافو ڪيو وجهن. ان جي بدران جيڪڏهن ماضي
جي ڏکوئيندڙ واقعن، ۽ مستقبل جي خيالي خطرن کي
نظرانداز ڪري وٺون، ماڻهن ۾ زياده اميد نه رکون، ۽
موجوده مصيبتن کي صبر ۽ اطمينان سان برداشت ڪرڻ
سکون، ته جيڪر هيءَ مصيبت ڀري زندگي اسانجي واسطي
بهشت بنجي پوي. اسان جا لڙڪ اسان کي بحر تباهي ۾
غرق ڪيو وجهن پر مشڪڻ، مرڪڻ جي هڪڙي ئي موج سلامتي
جي، ساحل تي پهچايو ڇڏي؛ تڏهن ڇو نه پنهنجين اکين
کي پرنم بنائڻ بدران، پنهنجي چهري تي هڪ هلڪي مرڪ
پيدا ڪري وٺون! ادا، جيڪڏهن قسمت جو فرشتو توکان
رسي ويو آهي، جي ڪڏهن بدنصيبي جي ڪٺور فوج توتي
چئني طرفن کان حملو ڪري ڏنو آهي، ته فڪر ڇو ٿو
ڪرين؟ تون پنهنجي رڳو هڪڙي ئي مرڪ سان انهي فوج کي
پسپا ڪري سگهين ٿو، ۽ قسمت جو فرشتو ازخود تو وٽ
حاضر ٿي ويندو.
فريد جي اهڙين زرين نصيحتن منهنجا تفڪرات بلڪل دفع
ڪري ڇڏيا: حسرت جي جاءِ تي اميد موجود ٿي ويئي.
گهڻوئي گهريم ته ڪنهن صورت کيس پاڻ سان وٺي هلان،
۽ کانئس پل به پري نه ٿيان. پر نه مڃيائين.
ايتريءَ ۾ ڪراچي واري گاڏي به اچي پهتي، ۽ هو مون
کان موڪلائي هليو ويو، پر سندس من موهيندڙ ۽ روح
افزا آواز، اڃا به ڪنن ۾ ٻري رهيو اٿم، ۽ سندس بيش
بها نصيحتن مان گهڻو ئي ڪجهه اطمينان حاصل ڪري چڪو
آهيان.
|