واندڪائي جي وندر
ڀاڱو پهريون
افسانا!
1- بيڪاريءَ جا گل!
”جاءِ خالي ڪانهي“، بس جواب سڻي
وايون ئي بتال ٿي ويم. مون کي پڪ به پڪن جهڙي هئي
ته هڪڙو پوڙهو منشي اڃا ڪالهه ئي هن جهان جي ٽڪيٽ
تي راهي ٿي چڪو آهي. مردي جي بوءِ تي يا ته غسل
ڏيڻ وارو هڪيو حاضر ٿيو وڃي، يا ڪفن سبڻ وارو ملا،
پر آئون ته نه هي هوس، نه هو. رڳو پنهنجي نصيب
آزمائي ڪرڻ گهريم ٿي، ۽ ان جاءِ جي ملڻ جي اميد
هيم، جا اهو پوڙهو منشي پنهنجي ڊگهي ڄمار جي ڪري
ڦٻايو ويٺو هو.
لاڳيتا ٽي ورهيه بي_اي جي ديوار
تي نشان چٽيندو رهيو هوس، پر هر وار خالي ويو،
جيئن صبح جو اٿنديئي ڪوهه اڌ پنڌ ڪرڻ جي هير هيم،
تيئن هيءُ به روز مرهه جو دستور ڪري ڇڏيو هوم ته
ڪنهن نه ڪنهن آفيس ۾ پهچي، منشي يا پٽيوالو، يا
جيڪو به ٻيو منهن چڙهي ٿي ويم، تنهن کان ”ڪا جاءِ
ته خالي ڪانهي؟“ جو سوال ضرور پڇيم ٿي، ۽ ان بهاني
سان اندر وڃي سڀيئي منشي به نظر مان ڪڍي ورتم ٿي،
جي پنهنجي پنهنجي ميز تي ڪنڌ لاڙي دنيا و مافيا
کان بي خبر، ڪاغذن ۾ غرق نظر اچي رهيا هئا. جيڪڏهن
منجهانئن ڪنهن ڪڏهن مون ڏي نهاريو به ٿي، ته منهن
تي گهنج چاڙهي، اهڙي نفرت سان جو ڄڻ ته سندس کاٽ
هڻي ويو هوس.
لڳاتار ٻه سال اهو مشغلو رهيم.
تڏهن جي شهر جي سڀني منشين جي رنگ ڍنگ ۽ شڪل شباهت
جو ماهر بنجي چڪو هوس ته عجب ئي ڪهڙو! ڪي منشي
نوجوان هئا، ڪي ڪرڙوڍ، ۽ ٻه چار پيرسن هئا ته اهڙا
کڙا تڙا جو جوانن کان به زيادهه جيئڻ جي صلاحيت
رکيائون ٿي. تخفيف جي ڪري ڪنهن نئين جاءِ جو آسرو
به ته ناممڪن هو، جنهن ڪري تلاش هيم ته ڪنهن اهڙي
ٿڪل منشيءَ جي، جو هن دنيا مان هميشه جي موڪل تي
وڃڻ ۽ مڪمل آرام وٺڻ جو مستحق هجي. خوش قسمتي سان
نيٺ هڪڙي آفيس ۾ هڪ اهڙو منشي نظر چڙهي ويم، جنهن
بابت آسانيءَ سان اڳڪٿي ٿي سگهي ٿي ته اجهو ڪي
اجهو ٿو چولو بدلائي، هو نه رڳو پوڙهو هو، پر هو
به رڳو هڏا ۽ چم، ۽ کنگهيو ائين ٿي، جو ڀانيو، پي
ته ڪنهن به دم، دم کان بيدم ٿي وڃي ته عجب ڪونهي،
سچ، نوڪري ۽ حياتي، ٻئي مٿس ناگوار بار هئا!
آئون ان منشي جي موت جو آسروند
برابر هوس، پر جناب عالي! ٿورو هيءُ به ته خيال
ڪجو ته مائٽن ننڍڙي ئي هوندي شادي ڪرائي ڳٽ ڳچيءَ
۾ وجهي ڇڏيو هوم. بي _اي ڪلاس تائين پهتس ته اڌ
ڊزن ٻارن جو پيءُ به بنجي چڪو هوس. مصيبت ته هيءَ
جو اڃا پنهنجي فرسٽ نمبر صاحبزادي جو رجسٽرڊ پبلشر
بنيس ئي مس ته والد صاحب ڪفن دفن جو خرچ به منهنجي
ئي ڳاٽي مڙهي، هن دار فاني مان عالم جاوداني ڏانهن
ڪوچ ڪري ويو، ۽ جيڪڏهن منهنجي خود غرض گهرواري
آئيندهه جي اميدن تي، پنهنجي ڳهه ڳٺو نيڪال ڪري
مون کي نه پڙهائي ها ته بي _ اي فيل ته ڇا، آئون
مئٽرڪ پلڪڊ سڏائڻ جو حقدار به بنجي نه سگهان ها!
منهنجين ٽن سالن جي مسلسل
ناڪاميابين کان ڪاوڙجي، هڪ ڏينهن نيٺ منهنجي عورت
به ٻارن سميت وڃي پيڪين پهتي، ۽ مون پنهنجي فرصت
جو سمورو وقت فقط ان آفيس جي جاچ پڙتال لاءِ وقف
ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هو ٻڍو منشي پنهنجي ذلت آميز
زندگي جا باقي دم کنگهندي لنگهندي ڪاٽي رهيو هو،
الانتظار اشد من الموت، اهڙن ئي موقعن لاءِ چيو
ويو آهي. هر صبح آفيس جي دريءَ مان جهاتي پائي، ان
هڏائين پڃري کي ڪرسي تي ويٺل ڏسي، سخت مايوس ٿي
ويندو هوس. پر دنيا اميد تي قائم آهي! مهينن جي
لاڳيتن ليئن پائڻ پڄاڻا نيٺ هڪ ڏينهن ڪرسي خالي
ڏٺيم، اعتبار ئي نه اچيم! چوان ته اکيون ڌوڪو ته
نه ٿيون ڏينم! ڏڪندڙ هٿن ۽ ڌڙڪندڙ ڇاتيءَ سان کيسي
مان رومال ڪڍي اکيون اُگهي اُگهي چتائي ڏٺم ته ها،
برابر ڪرسي اُڦٽ خالي پيئي آهي. پوءِ ترسڻ ڇا جو!
بنا ديرورانڊي ۾ وڃي هڪڙي منشي صاحب کان پوڙهي
بابت پڇيا ڪيم. چيائين ته دمڪشي جي دوري سبب موڪل
تي ويل آهي.
ڪيترا ڏينهن؟
ست
بس، ڏينهن ئي ست! رهندو ڪٿي آهي؟
ڇو؟ اوهانجو ڪو منجهس ڪم؟
نه، مزاج پرسي جو خيال هوم!
واقف اَٿوَ ڇا؟
گهٻرائجي ويس، پر امالڪ پاڻ سنڀالي چيم ته ڇو نه؟
۽ چيم به اهڙي نوع ۾ جو ڄڻ ته سندس اهڙا واهيات
سوال دل کي بنهه نٿي وڻيا.
معاف ڪجو. اڳي به ته ڪيترائي ڀيرا اوهان کي هتان
لنگهندو ڏٺو اٿم، پر ساڻس ڳالهايو ته ڪڏهن به ڪو
نه هوَوَ؟
ها، پر اهڙي ضرورت جا ڪا نه هئي!
خير، سندس مڪان ته ڏٺل هوندوَ! نه ته ٿورو ترسو ته
وٺي هلانوَ.
پر.... اوهين ڇو ايڏي تڪليف وٺو!
تڪليف ڇا جي! مونکي ته هونءَ به وٽس وڃڻو آهي.
ڇا، اوهانجو مائٽ ٿئي؟
ها، آئون سندس ناٺي آهيان.
دل ۾ چيم ته اڙي هيءَ ته نئين مصيبت ٿي، ۽ ڪجهه
خيال ڪري رهيو هوس ته هن چيو ته: اچو سائين اندر
اچو. بس ٿورڙوئي انتظار ڪرڻو پوندوَ!
لاچار اندر وڃي ڪرسي سيري ويهي رهيس، ۽ پاڻ چک
هٽائي ڀرواري ڪمري ۾ هليو ويو.
مزاج پرسي ڇا جي؟ آئون ته ان پير فرتوت جو بلڪل
واقف ئي ڪو نه هئس؛ هروڀرو جيءُ جنجل ۾ اڙائي وڌم!
هاڻي ڳڻتي هيم ته رڳي اها، ته هن نئين آفت کان جند
ڪيئن آجي ڪرايا،
انهي ئي مونجهاري ۾ هوس ته هو ميان به ڇٽيءَ سوڌو
اچي سر تي رسيو، ۽ مرڪي چيائين ته: اچو صاحب. هلو
ته هلون.
لاچار هلڻو ئي پيم، ڊڄان به پيو ته ڪٿي هن منحوس
جو مڪان ويجهو نه هجي، ۽ مفت شرمساري کڻڻي پوي.
..... ..... ....... ......
....... ....... .......
اوهان جو اسم شريف؟
يورپ جي مدبرن جئان سوال ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، هيڏي
هوڏي نظر ڦيرائڻ لڳس ته پريان ڪو ماڻهو واچ مينهن
وانگر تڪڙو ايندو ڏٺم. ائين پئي ڀانيو ته ڪنهن
اوچتي حادثي جي ڪري ڪنهن ڊاڪٽر کي سڏڻ لاءِ وڃي
رهيو آهي، يا ڪنهن وڏي عملدار جي دعوت تي حاضر رهڻ
۾ دير پئجي ويئي اٿس.. شڪر جو سندس رفتار جو حساب
لڳائي رستي کان ٿورو هٽي بيٺو هوس، نه ته نڪ بيني
جو الله واهي هو. جڏهن طوفان ميل جئان وٽانم فرڙاٽ
ڪندو ڪجهه اڳڀرو ويو، تڏهن ڏانهس اشارو ڪري پنهنجي
رفيق کي چيم ته: ڪهڙو نه بي حيا! ڄڻ ته سڃاڻي به
نه ٿو!
ڇو، سڃاتو اَٿوَ ڇا؟
ڇو نه؟ ڇهن مهينن کان سندس ڳولا ۾ زمين آسمان هڪ
ڪري وڌو اٿم. منهنجي سوني واچ کڻي ائين ته گم ٿي
ويو جو ڄڻ ته ڄائوئي ڪو نه هو... ۽ ٿورو تڪڙو وڌي،
چيومانس ته يار معاف ڪجو. وجهه وڃائڻ چڱو ناهي.
وري ڪنهن ٻئي وقت ملنداسين. ائين چئي پنهنجي فرضي
چور پٺيان اڙي يار، اڙي يار، چوندو ڊوڙڻ لڳس؛ پر
پنهنجي رفيق کان جند نه ڇٽيم، ۽ هو بنا ٽڪيٽ مفت
تماشي ڏسڻ لاءِ منهنجي پويان وکون وڌائيندو
وڌائيندو ايندو رهيو.
منهنجن سڏن ۽ ڪوڪن نيٺ به اثر ڪيو، ۽ هو باد رفتار
شخص ڪجهه ڍرو ٿي، مڙي مون ڏانهن نهارڻ لڳو؛ ۽ هٿ
سان اشارو ڪيومانس ته بيهي رهيو. پوءِ ته پنهنجي
پٺيان ايندڙ رفيق ڏي اشارو ڪري ڏاڍي پريشاني سان
چيومانس ته: هن وٽ بم گولو آهي. خدا جي نالي
بچائينم.
بس، منهنجو ايترو چوڻ، ۽ سندس ريس هارس جئان پير
مٿي تي رکي واءُ ٿي وڃڻ؛ ۽ آئون به پٺيانس ائين
ڊوڙڻ لڳس جو ڄڻ سندس پيڇو ڪري رهيو هوس. ٻن اڍائي
فرلانگن بعد ڏسان ته نه منهنجي رفيق جو پوئتان پتو
آهي، ۽ نه فرضي چور جو اڳيان.
اتفاق سان اتي ان آفيس جو هڪڙو پٽيوالو نظر چڙهي
ويم، کانئس ان پوڙهي منشي جي گهر جو پتو هٿ ڪيم،
البته اِيءَ معلوم ٿي نه سگهيو ته هو ڪمبخت ڪهڙي
ڊاڪٽر جي زير علاج هو، نه ته جيڪر ان وٽ وڃي، پڇي
وٺانس ها ته بيماري مهلڪ هيس يا معمولي.
شام جو منهن مير مهل امالڪ وڃي پوڙهي جي مڪان وٽ
پهتس، جيتوڻيڪ سندس نڀاڳي ناٺيءَ جو کٽڪو ضرور
هئم. ڪجهه خوف ڪجهه اميد وچان، ڪن ڏيندو رهيس، پر
ٻڙڪ به ٻڌڻ ۾ نه آيم.
بس، ان ڏينهن بعد منهنجي ذمي هيءَ ڊبل ڊيوٽي ٿي
ويئي ته صبح جو آفيس جي دريءَ مان جهاتي پائيندو
وتان، ۽ شام جو هن نالائق جي گهر جو طواف ڪندو
رهان!
منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي جو ڪن ڏيئي ڏيئي ٿڪجي
پيس، ته به نه انجي گهر ۾ ڪڏهن ڪو کلڻ جو آواز
آيو، نه روئڻ جو. هڪ ٻه ماڻهو ان جاءِ مان ٻاهر
نڪتا به، ته نه ته هين پيشاني تي ڪا تشويش يا
مايوسي جي نشاني، ۽ نه هٿن ۾ دوا جي شيشي!
هڪڙي شام جو رستي جي شمعدان جي جهڪيءَ روشني ۾ ان
مڪان جي بنهه سامهون حسب معمول جاسوسي ڪري رهيو
هوس، ته ڪنهن پٺيان اچي ڪلهي تي هٿ رکيم. ڦري
نهاريان، تنهن کان اڳيئي هٿ رکندڙ ڳالهائڻ به شروع
ڪري ڏنو: ڪيئن صاحب، واچ مليوَ؟..... سڄي جسم جو
خون خشڪ ٿي ويم، ڇو ته هو اهوئي منهنجو پراڻو رفيق
۽ پوڙهي منشي جو ناٺي هو. ڳالهائڻ ته بلڪل نه
اجهيو، نفيءَ ۾ فقط ڪنڌ ڌوڻي ورتم. پر ٻڌ ته سهي،
هو مون کي ڏسي ڀڳو ڇو هو؟
آئون ته اڳيئي ڳڻتين ۾ هوس، ويتر جو هن اهڙو اوچتو
سوال ڪيو، تنهن بلڪل وڄائي رکيم، مناسب جواب ٺاهڻ
لاءِ وقت گهربو هو، سو ٽهه ٽهه ڪري خوب کلڻ لڳس.
ها، مون دڙڪو ڏنو هوس ته واچ موٽائي نه ڏيندين ته
هو پريان منهنجو سئوٽ، جاسوس پوليس جو ڪماني اچي
رهيو آهي، تنهنجي حوالي ڪندو سانءِ!
قہ
قہ
قہ،
ٻنهين ڪکين تي هٿ رکي کل ۾ ذري گهٽ اونڌو ٿي ٿيو!
موقعي کي غنيمت ڄاڻي پڇيومانس ته:: پوڙهي جي طبيعت
ڪيئن آهي؟
چي: بس شڪر آهي، دعا ڪجوس.
دعا ڪجوس... دعا ڇا جي؟ قيامت جي ڪکن ميڙڻ لاءِ ته
ڪو نه ڄائو هو. هڪ ڏينهن نيٺ به ته مرڻو هوس، سو
جيڪڏهن ٿورو اڳتي مري منهنجي لاءِ ڪرسي خالي ڪري
وڃي ها ته ڇا هو!
هو ميان به ڪو هو تڪڙو؛ سو عليڪ سليڪ ڪري ويندو
رهيو. پير زور هئم، ۽ رهجي آئي.
ٻئي ڏينهن سانجهيءَ مهل اتي ويس ته ڪن عورتن جي
رئڻ پٽڻ جو آواز ڪنين پهتم. ويجهو وڃي معلوم ڪيم
ته سارو گهر زالن سان ڀرپور آهي؛ جي روڄ راڙي سان
زمين آسمان هڪ ڪري رهيون آهن، بس، پڪ ٿيم ته پوڙهو
سڌاري هليو.
هيڏي هيءَ واويلا متل هئي ته هوڏي اکيون پوري پاڻ
کي پوڙهي جي ڪرسي تي ويٺل ۽ هِن هُن کي حشمت سان
حڪم احڪام ڏيندو ڏسڻ لڳس.
طلب ته اتي وڌيڪ ترسڻ بيسود سمجهي تڪڙو تڪڙو گهر
پهچي ويس، ۽ مس قلم کڻي ان آفيس جي وڏي صاحب جي
نالي درخواست لکڻ شروع ڪيم. ”جاءِ خالي هئي،“
تنهنجي مڪمل ثابتي لاءِ مرحوم منشي جي نالي ۽ سندس
گهر ۾ گريه و زاري جي سموري تفصيل سان گڏ، پنهنجي
علمي لياقت، مسڪيني ۽ شرافت جو احوال به شدومد سان
لکيم؛ ۽ ڪن اهڙن سرٽيفڪيٽن جا نقل به شامل ڪري
ورتم، جي نه ته ڪنهن ڪڏهن ڏنا هئم، ۽ نه انهن جي
ڏيندڙن کي سڃاڻندو ئي هوس.
جيئن شمع پروانن کي ڇڪي ٿي، تين نوڪري به اميد
وارن کي پاڻ ڏي گهليو وٺي. آخر عريضي کڻي، تڪڙو
تڪڙو آفيس ۾ پهچي ويس، ته ٻين کان اول نمبر ۾
رهان.
آفيس ۾ گهڙنديئي سامهون ويٺل منشي سان ”اڄ ته جاءِ
خالي آهي، نه؟“ چئي ڳالهائڻ لڳس. چڙي تکو ٿي
چيائين ته: روز روز ساڳي ئي سوال پڇڻ مان ڇا حاصل؟
جاءِ خالي ٿيڻ جو امڪان ئي ڪونهي.
ڏاڍي ڪاوڙ آيم ته هتي ڪهڙي نه انڌ ڌنڌ لڳي پيئي
آهي، جو منشين جي موت ۽ حياتي جي به خبر ڪانهين.
پر لاچار سمورو سور پي ويس ۽ نرمي سان چيم ته:
صاحب، ناراض ڇو ٿا ٿيو؟ ڇا خبر نه اَٿوَ ته اڃا
ڪالهه ئي هڪڙي جاءِ خالي ٿي آهي؟
منهن تي ور چاڙهي ٺڙٺپ چيائين ته، ڪنهنجي؟ ڇو؟ ان
صاحب جي. جو هتي ڪنڊ ۾ ويهي کئون کئون پيو ڪندو
هو! ڪير؟ ميان الهه بچايو!
ها، صاحب.
استعفى ڏني اٿس ڇا؟
نه، نه استعفى نه نوٽيس.
ته تڏهن ڪيئن؟
ويچارو ڪالهه وفات ڪري ويو!
اڙي هي ڇا چئي رهيو آهين؟
سچ ٿو چوان. منهنجي روبرو ته دم ڏنو هئائين!
افسوس! افسوس! ڌڻي شل مرهه ڪريس! ڏاڍو چڱو ماڻهو
هو!
اجها هيءَ درخواست حاضر آهي.
آئون ڪاڏي ڪريان؟ وڃي وڏي صاحب کي ڏي.
ڪٿي؟
منشيءَ تي ميان الهه بچائي جي اوچتي رحلت جو ايترو
ته اثر ٿيو هو جو اکين مان پاڻي وهي رهيو هوس. ۽
مون کي صاحب جي دروازي تي پهچائي موٽي ويو. مون
ڪمال ادب ۽ احترام سان پنهنجي درخواست پيش ڪئي، جا
پڙهندو ۽ مرڪندو رهيو. آخر پوري ڪري، ڪرسيءَ تي
ڊگهو ٿي، مون ڏي نهاري چيائين ته:
اوهانکي ڪيئن معلوم ٿيو ته ميان الهه بچايو وفات
ڪري ويو آهي؟
ڇو، هو بيمار هو، نه؟
هون... ۽ سندس بيمار هئڻ مان اوهان اهو نتيجو ڪڍيو
ته هو مري ويو!
نه، جناب! ڪلهه سندس گهر ۾ رئڻ پٽڻ جو هنگامو متل
هو.
ها، تڏهن ته ڪجهه به شڪ نه رهيو. افسوس! افسوس!
ميان الهه بچايو ڏاڍو شريف انسان هو. سندس ارمان ۾
اڄ آفيس بند ڪرڻي پوندي. اوهين مهرباني ڪري سڀان
اچجو.
نهايت ئي وڏو احسان، چئي آئون ڪرسي تان اُٿڻ تي
هوس ته هٿ جي اشاري سان روڪي چيائينم ته نه. ترسو،
اوهان جي درخواست جو هينئر ئي فيصلو ڪريو ٿو وٺان.
گهنٽي وڄائڻ تي پٽيوالو ”حاضر صاحب،“ چوندو اندر
آيو. صاحب بهادر ڪن ۾ ڪي چيس، جنهن تي هو امالڪ
ٻاهر هليو ويو. ٿورڙي ئي دير بعد چک هٽي، ۽ مرحوم
منشي جو ناٺي اندر لنگهي آيو. کيس ڏسي ٿورو ڇرڪ
ڀري، کيسي مان رومال ڪڍي، پيشاني سڪائڻ لڳس. هو
اڃا ويٺو ئي مس، ته چک مٿي ڪري اهو شخص اندر گهڙي
آيو، جنهن کي ڏسي ”هان“ چئي بي اختيار ڪرسي تي ڦان
ٿي ڪري پيس. هاءِ نصيب! هيءُ ته ساڳو پوڙهو منشي
هو، جنهن کي مئل سمجهيو ويٺو هوس، ۽ جنهن کي ماتم
جو هل خود پنهنجن ڪنن سان ٻڌو هوم. نس نس ڪنبڻ
لڳيم ۽ اکين آڏو اوندهه ڇائنجي ويم، دل گهريو ٿي
ته زمين ڦاٽي جاءِ ڏئيم ته منجهس پيهي وڃان.... هڪ
ته نوڪري ملڻ جو خواب ڪافور ٿي ويو، ٻي جا مٿان
شرمندگي ۽ خواري، ڪنهن جي طاقت جو هڪڙي ئي وقت ٻن
مصيبتن جو مقابلو ڪري سگهي!
ڪنڌ جهڪائي، اکيون نمائي ڪرسي تي ئي ويٺو رهيس،
ايستائين جو سارو ڪمرو منشين ۽ پٽيوالن سان ڀرجي
ويو.
”ميان الهه بچايا! اوهان کي صحتيابي جي مبارڪ
هجي.“ ائين چئي صاحب اُٿي ساڻس هٿ ملايو، ۽ مون
ڏانهن نهاري چيائينس ته ذرا هن صاحب سان به ته ملي
وٺو، خاص اوهانجي ئي ڪري تشريف فرمائي اٿس.
هو مون ڏي وڌيو، ۽ مونکي به لاچار ڪرسي ڇڏي اُٿي
بيهڻو پيو. پنهنجو ڏڪندڙ هٿ سندس سڪل هٿ ڏي وڌايم،
۽ ڪجهه چيائين ئي پئي ته چک پاسي ڪري امالڪ ٻاهر
نڪري هوائي ٿي ويس ۽ .... پٺيان هنن ستم پرورن جي
قہ
قہ،
کل مسخري، ۽ گوڙ جو گهمسان! خدا پناهه ڏي!
پوءِ هو سندن گهران روئڻ جو آواز ڇا جو هو؟ خبر
پئي ته ڪو ويجهو عزيز گذاري ويو هو!!
|