(5)
حلوي کائڻ لاءِ مهانڊو گهرجي!
سفر جي صعوبتن کان ڪڪ ٿي، ڪُنهن
مسافرچوڻ کي ته چئي ڏنو ته سفر ۽ سقر ۾ تفاوت
ڪونهي، تڏهن به ائين ڪيئن چئي سگهبو ته سفر جي
ڪثرت دلچسپي کان ڪا بلڪل خالي ئي خالي آهي؟ مهينو
ٽيهن، ايڪٽيهن ڏينهن جو ٿئي ٿو، ۽ آئون ٻٽيهه
ڏينهن ٻاهر گذاريان ٿو، ۽ سفر به اهڙو جو چاڪيءَ
جي ڍڳي جئان هر چڪر ۾ گهاڻي ڌاري _ حد محدود ۽
نظارا اهي ئي جي بار بار ڏسي چڪو آهيان، تڏهن به
ڀيري ڀيري هڪ ٻه اهڙو موقعو مليوئي پوي جو سفر جي
ساري ڪوفت رفع ٿيو وڃي، مثال لاءِ هيٺيون واقعو ئي
ڪري وٺو، ۽ ٻڌايو ته اهڙن موقعن ميسر ٿيندي سفر جي
خوبين ۽ برڪتن کان ڪيئن انڪار ڪري سگهبو!
اونهاري جي موسم هئي ۽ يارهين بجي
ڏينهن جو وقت، آئون هڪڙي ريلوي اسٽيشن تي گاڏيءَ
جي انتظار ۾ ويٺو هوس. دل ۾ آيم ته گرمي جي ههڙيءَ
شدت ۾ انسان ته خير، پکي پکڻ کي به مجال نه آهي جو
وڻن جي اجهي، اوٽ کان ٻاهر نڪري سگهي... ته پريان
ڪا ڪاري ڪاري شي ايندي نظر چڙهيم، جيئن جيئن
مفاصلو گهٽبو ويو، تيئن تيئن سامهون ايندڙ شي ويئي
زياده چٽي ٿيندي، تان جو نيٺ هڪڙو سائيڪل سوار
نمودار ٿيو، ٻه چار منٽ ئي مس گذريا ته هڪ سوديشي
صاحبلوڪ، سوٽ بوٽ ڪالر ۽ نيڪٽاءِ سان سينگاريل،
فرنگي ٽوپلو مٿي تي، هڪڙي هٿ ۾ سائيڪل ۽ ٻئي ۾
چيهن جو پڃرو جهلي، اچي پليٽ فارم تي پڌاريو، قد
بندرو، بدن بيڊولو، پيٽ جو تنبوڪي قدر ٻاهر تي
اڀريل، چهرو گول، اکيون چوچيون، ڳچي ننڍي، نڪ منو،
چپ ٿلها، رنگ شيدڪو منهن ماتا جي ٽڪن سان چگهيل،
مطلب ته
حسن سبزي يا خط سبز مرا کرد اسير،
دام همرنگ زمين بود گرفتار شدم.
ڪجهه ته ان خيال کان ته صاحب بهادر
ڪي قدر اڳيئي ڄاڻو سڃاڻو هوم، ۽ ڪجهه هن ڪري ته
ترا آهو مرا هم چشم ليلى،
به ليلى هرچه ماند عين ليلى است.
اهڙي ته ادب ۽ احترام سان جهڪي
جهڪي سلام ڪيم جو هو ته هو، ڪو سنگدل کان سنگدل
مروان هجي ها ته به جواب ضرور ڏئي ها، پر افسوس جو
بدبخت مصنوعي صاحبلوڪ منهنجي سلام جو جواب ٿورڙي
ڪنڌ لوڏ سان ئي ڏيڻ ڪافي سمجهيو، ۽ منهنجي سموري
ادب ۽ احترام جو خون ڪري وڌو. دل ته جلي ويم، پر
شرم کي پرچائڻ خاطر. منهن پڪو ڪري، ڪنڌ ڦيرائي
اهڙي لاغرضي سان بيهي رهيس، جو ڄڻ ته سندس بيدردي
۽ بيپرواهي جو مٿم ڪجهه به اثر نه ٿيو هو. ها،
البت ڪنهن ڪنهن وقت آڏي اک سان ڏانهس نفرت ۽ حقارت
سان ضرور نهاريندو رهيس ٿي.
پڃري ۾ اٽڪل پنجٽيهه کن چيها
پوريل هئا، ۽ خانصاحب اسٽيشن ماستر کي انهن جي بڪ
ڪرڻ لاءِ ارشاد ڪيو، پر تڪليف کان بچڻ خاطر، يا
خدا ڄاڻي خانصاحب جي ٽوپلي جي عزت ڪندي، اسٽيشن
ماستر مرڪي چيس ته فڪر ڪونهي، ائين ئي کڻي وڃو؛
جنهن تي پڃرو کڻي، ٽپ ڏيئي امالڪ وڃي گاڏيءَ ۾
ويٺو. مونکي ته هئا پنهنجا خار، سو ٺهه ڦهه آئون
به لنگهي ٿيس اندر! صاحب بهادر جي به ڪا قسمت هئي
کٽي؛ جو گاڏيءَ جو ڇٽڻ، ۽ هڪڙي ٽي _ ٽي _ آءِ جو
منهن ڪڍڻ! لڳو مسافرن جون ٽڪيٽون ۽ سامان جاچڻ.
هلندي هلندي جو هيٺ رکيل پڃري سان پير ٽڪريس ته
غلام قوم جئان، قفس جا قيدي، لڳا آزادي لاءِ ڦٿ ڦٿ
ڪرڻ. پڇيائين ته هي پڃرو ڪنهنجو آهي؟ ته خانصاحب
ڪمال تمڪنت سان مالڪ هئڻ جو اعتراف ڪيو. بابوءَ
ٽڪيٽ گهريس ته جهٽ پٽ کيسي مان ڪڍي سندس حوالي
ڪيائين. ٽڪيٽ جاچي، بابو کپ کوڙي ويهي رهيو، ۽ لطف
هي جو ان جو موٽائي ڏيڻ جو نالو به نه ورتائين، ۽
نه خانصاحب ڪا اهڙي گهر ئي ڪيس.
ٻيءَ اسٽيشن تي بابو پڃرو کڻي هيٺ
لهي ويو. گاڏي ڇٽي ته خانصاحب بي آرام ٿي اٿي کڙو
ٿيو، ۽ لڳو دري مان ٻاهر جهاتيون پائڻ، پر بابوءَ
جو ڪٿي به پتو نه پيس. انهيءَ ئي انتظار ۾ گاڏي
ٻيون ٻه اسٽيشنون به بنا روڪ اڳتي نڪري ويئي. اتي
خانصاحب جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو، ۽ سندس
اکيون لڳيون ڪنهن همدرد جي ڳولا ۾، هيڏي هوڏي ڦرڻ
۽ واجهائڻ. جيتوڻيڪ ساڻس ڳالهائڻ دل کي ناگوار
لڳو، تڏهن به ڪهل سببئون پاڻ روڪي نه سگهيس، ۽ وک
وڌائي چيومانس ته خانصاحب ڇو، خير ته آهي، ايترو
ڇا لاءِ گهٻرائي رهيا آهيو؟ هينئر خانصاحب جا حواس
گهڻي قدر درست ٿي چڪا هئا. فرمايائين ته آهان،
ڪٿان ٿا اچو؟ خوش ته آهيو؟ هٿ ٻڌي عرض ڪيم ته حضور
جن سان گڏ فلاڻيءَ اسٽيشن تان چڙهيو هوس، ۽ سلام
به عرض رکيا هئم، پر افسوس جو شرف قبوليت کان
محروم رهيس. منهن اڳيئي ڪاراٽيل هوس، ويتر سسي ويس
۽ اهڙو ڪڇي، جهڙي ڀت. ايتري ۾ اڳين اسٽيشن به اچي
ويئي، ۽ خانصاحب تڪڙو تڪڙو لهي ٿيو هيٺ. آئون ان
شش و پنج ۾ رهيس ته اڳتي وڃان، يا پٺ وٺانس ته
ڪهڙي گت ٿي بنجيس. آخر دل نه رهي، ۽ لهي پيس. گاڏي
ڇٽي ته خانصاحب بابوءَ کي ڳوليندي ڳوليندي نيٺ
معلوم ڪيو ته بابو پڃرو ۽ ٽڪيٽ، چالان سميت ٽڪيٽ
ڪليڪٽر جي حوالي ڪري ڪاڏي هليو ويو آهي. هيءُ ٽڪيٽ
ڪليڪٽر ڪو الڙ ٿي ڏٺو، جو خانصاحب جي منٿ تي ٽڪيٽ
واپس ڪري، لڳو چالان جي رقم گهرڻ، خانصاحب به ته
ڪو اهڙو ڄٽ ته ڪو نه هو، ٽڪيٽ وٺي، ٻاهر نڪرڻ لاءِ
دروازي ڏي وڌڻ لڳو، ته بابو جهڙپ ڏيئي ڪري ٻانهن
کان جهليس، ۽ چيائينس ته خانصاحب وڃو ڪاڏي ٿا! رقم
ڏيئي، پوءِ ٻاهر نڪرو. خانصاحب منجهي پيو ته ڇا
ڪريان! جي ڏنڊ ٿو ڏيان ته چيهن جي قيمت کان به
وڌيو ٿو وڃي، جي انڪار ٿو ڪريان ته چيها ٿو
وڃايان! لاچار منٿ ميڙ سان جند ڇڏائڻ گهريائين، پر
بابو هڪ به نه ٻڌيس، ۽ گهلي وڃي اسٽيشن ماستر جي
اڳيان بيهاريائينس، نوبت پوليس تائين پهتي، ٿاڻي
تي وٺي ويس ته صوبيدار کي مٿس رحم آيو، ۽ قانوني
مشوره وٺڻ جي اجازت ڏنائينس. چناچه ميان امان الله
وڪيل جي صلاح
سان فيصلو ٿيو ته چيهن جي ملڪيت کان ئي انڪار ڪيو
وڃي. ريلوي وارن گهڻو ئي پتوڙيو، پر خانصاحب جو،
اهيئي سهي ٽنگون ٽي، انڪار لڳوئي آيو، آخرڪار
خانصاحب هٿين خالي آجو ٿيو، ۽ چيها بابوءَ صاحبن
پاڻ ۾ ورهائي کنيا.
اتي مون اڳتي وڌي، فرشي سلام ڪري
خانصاحب کي آٿت ڏنو ته فڪر ڪونهي، پر ايترو سو عرض
ڪندس ته صاحبيت ڪپڙن سان نه ٿي پيدا ٿئي. مثل
مشهور آهي ته”سهسين ڪري سينگار ته به کودڙي پٽ
کودڙو.“ .
•
|