4-
ڪامل اطمينان ڪٿي
امير امرا کانئس خوش، رعيت راضي ۽ اهل عيال مٿس
فدا هئا. هو نهايت نيڪ انسان، نهايت ئي با اخلاق،
منصف مزاج ۽ رعايا پرور حاڪم هو. مزاج مٺو، طبع
حليم ۽ دل آئيني جئان صاف ۽ اجري هيس. مگر ڪن
ڏينهن کان بيمار هو. مرض ڪنهنجي به سمجهه ۾ نه ٿي
آيو. ويڄن، حڪيمن جون سموريون ڪوششون رائگان ٿي
رهيون هيون. رعيت پريشان، شاهي محل جو هر فرد
حيران ۽ امير وزير سرگردان هئا.... ڪهڙو علاج ڪجي
جو جهان پناهه چاڪ چوبند ٿي اٿي! ڏينهن، هفتا،
مهينا گذري رهيا هئا، ۽ مريض جي حالت هر صبح،
گذريل شام جي مقابلي ۾ بد تر ٿيندي رهي.
(2)
مرض به عجيب هو! نه بخار هو نه
درد، نه سوڄ هئي، نه سور، بدن جو خون خشڪ ٿي ويو ۽
نبض ڪمزور، مزاج ڪومائجي، طبيعت سرد ۽ دل هيڻي ٿي
رهي هئي. نه منهن ۾ مرڪ، نه ڳالهين ۾ مزو! ساٿين
سنگتين جي صحبت نه ٿي وڻي؛ عزيزن قريبن جي همدردي
چهري تي خوشي جا آثار پيدا ڪري نه ٿي سگهي. ذوق
نفرت، ۽ لطف بي لطفي سان بدلبو رهيو. نه ته ڪو غم
هوس، نه فڪر؛ نه رنج نه ملال، پر تڏهن به زندگي بي
ڪيف هيس. دستر خوان لذيذ لذيذ طعامن سان ڀرپور
هوس، مگر گره ٻه کڻي هٿ ڪڍي ورتائين ٿي. موسيقي جا
بهترين ماهر حاضر ٿيا ته ڳائڻ وڄائڻ کان اڳيئي
هٽايا ويا ٿي. شاهي درٻار جا خوبصورت ناچو صبح شام
مجرا عرض رکڻ آيا ٿي، پر امالڪ هڪاليا ويا ٿي....
غرض ته ڪنهن به ريت معلوم ٿي نه ٿي سگهيو ته جهان
پناهه آخر ڪهڙي مرض ۾ مبتلا آهي! پر ڄاتو سڀني ٿي
ته بيمار ضرور آهي.
(3)
مرض جي تشخيص ئي نه هجي ته علاج
ڪيئن ٿي سگهي؟ شاهي طبيب ۽ مرضن جا وڏا وڏا ماهر
آيا ٿي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ طبيعت تپاسيائون، نبض
جاچيائون، دل جي حرڪت ڳڻيائون، خون چڪاسيائون
دوائون ڏنائون، غذا مٽايائون، سڀ ڪجهه ڪيائون ٿي،
هر حيلو هلايائون ٿي، پر مرض جي نوعيت جو پتو نه
پيو نه پيو! امير وزير، فهم قاصر ۽ عقل حيران هون.
(4)
انهن ڏينهن ۾ پاڙيسري سلطنت جو ڪو
طبيب بلڪل مشهور ٿي رهيو هو. هو جيترو طبيب هو،
تنهن کان زياده حڪيم هو، ماڻهن چيو ٿي ته: نه ته
دوا ٿو ڏئي، نه نسخو ئي ٿو ڏسي؛ پر جو علاج ڪري
ٿو، سو ڪامياب! معمولي ترڪيبن سان مريض جو مزاج
سمجهيو وٺي. ۽ خدا ڄاڻي، ڪيئن؟ پر مرض سندس گرفت ۾
اچيو وڃي!
انجي ڪمال جو هر هنڌ چرچو متل هو،
۽ اميرن وزيرن آخرڪار ان جي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو.
قاصد تيز رفتار گهوڙن تي روانا ٿيا، ۽ ڳولي ڳولي
کيس نيٺ به وٺي آيا.
(5)
مريض جي حالت اڳي کان بدتر ٿي
چڪي هئي. اٿڻ وهڻ جي طاقت به باقي نه رهي هئي.
حياتي جي دريا جو پاڻي روز بروز خشڪ ٿي رهيو هو، ۽
جو ڪجهه باقي بچيو هو، سو به سڪڻ تي هو.
حڪيم صاحب آيو. احوال ٻڌائين، نبض
جاچيائين، ۽ پنهنجي معمول مطابق ڪيترائي ڪلاڪ نيم
اعتڪاف جي حالت ۾ ويچار ڪندو رهيو. ٻئي ڏينهن صبح
جو پنهنجو فيصلو سڻايائين؛
شاه جي بيماري لادوا آهي.....
لادوا آهي! حاضرين جي واتان امالڪ
رڙ نڪري ويئي، منهن مايوسي وچان، ڪومائجي زردا ٿي
وين.
ها، لادوا آهي، پر......
پر ڇا؟ سڀني بي اختيار ٿي چيو.
پر علاج ٿي سگهي ٿو.....
ٻڌڻ وارن جا چهرا ٽڙي پيا.
اطمينان جو ڊگهو ساه ڀريائون.....
حڪيم صاحب پنهنجي گفتگو جاري
رکندي چيو ته: علاج ٿي سگهي ٿو، پر پيئڻ، کائڻ،
هڻڻ جون دوائون بيڪار آهن....
ته تڏهن حڪيم صاحب! آخر ڇا ڪيو
وڃي؟
ڪجهه به نه. سڻو! جا دوا چوان ٿو،
سا جلد ڳولي وٺو. جهان پناه جي خون مان، طاقت جا
اهي ذرات فنا ٿي ويا آهن، جن جي گردش ۽ حرڪت،
اطمينان قلب ۽ حقيقي مسرت پيدا ڪئي ٿي. طب بيوس، ۽
طبيب لاچار آهن! اهي ڪي اهڙيون شيون نه آهن، جي
ڪنهن کاڻ، ڪنهن جبل، ڪنهن جهنگل مان ملي سگهن! اهي
ذرات روح کان به زياده غير محسوس آهن....
ته تڏهن آخر ڪٿان ته ملي سگهندا؟
ملندا، ملندائي ڪين...؟
حڪيم صاحب ڄڻ ته اهو سوال ٻڌوئي
ڪونه. پنهنجي گفتگو جار رکندي چيائين ته: هڪ اهڙو
انسان ڳولي وٺو، جنهن کي جسم ۽ جان، دل ۽ دماغ جو
هر طرح ڪامل اطمينان هجي... هر طرح ڪامل.......
سمجهوَ نه؟ ان جي بدن جو ميرو چولو گهري وٺو، زور
سان کسي اچو... جيئن به مليَو، ضرور آڻيو، ۽ جهان
پناهه کي ڍڪايو... ان شخص جي جسم جا ذرات، فقط
انهيءَ ئي نموني، جهان پناه جي جسم ۾ منتقل ٿي
سگهن ٿا بس، صرف اهوئي هڪ علاج آهي...
حڪيم صاحب ته ائين چئي ويندو
رهيو، ۽ اها خاموشي جا حاضرين تي طاري هئي، يڪا يڪ
بلند آوازن ۾ بدلجي ويئي؛ ۽ سڀيئي يڪزبان چئي اٿيا
ته: اهو ڪهڙو علاج آهي؟ ائين ڪيئن ٿي سگهندو؟
هڪ آواز؛ ڇو نه ٿي سگهندو؟ ڪوشش
ڪرڻ فرض آهي.
گهڻا آواز؛ چولو ڪٿان ملندو؟ ڪير
آڻيندو؟
ڪو اهڙو شخص ڪٿي موجود به هوندو؟
هڪ آواز: جهان پناهه جي وسيع
سلطنت اهڙن خوش نصيبن کان بنهه خالي هوندي ڇا!
ڳوليو، من جدوجد فوجد.
ڪيترائي خادم هيڏي هوڏي پکڙجي
ويا، هڪڙي ٽوليءَ جي ٽن ڄڻن مان هڪڙي چيو ته؛ ڇو؟
ادا! وزيراعظم کان به وڌيڪ خوش نصيب ڪو ٻيو ٿي
سگهي ٿو، ڇا؟ هر وقت ڪهڙو نه شاد، ڪيترو نه خوش
بشاش نظر اچي رهيو آهي!
ٻيو: سچ ٿو چوين. بيشڪ هر طرح جو
اطمينان حاصل اٿس.
ٽيون: مون ته کيس ڪڏهن به ملول نه
ڏٺو آهي. هلو ته اول وٽس ئي هلون.
(7)
ٽيئي مصاحب وزيراعظم جي ديوانخاني
۾ آيا. وزيراعظم اجهو هينئر ئي شاهي محل مان تشريف
فرما ٿيو آهي. ٽنهين ڏي آڏي نظر سان نهاريندو،
يڪدم حرمسراء ۾ هليو ويو. اڌ ڪلاڪ به وئي نه ٿيو
هوس ته اندران هارمونيم، خوش آواز باجن ۽ نعمت بخش
نغمن جو آواز اچڻ لڳو. پڇا تي معلوم ٿين ته وزير
صاحب طعام تناول فرمائي رهيو آهي. ان بعد ٿورو
آرام فرمائيندو، پوءِ جيڪڏهن حرمسرا ۾ تفريح جو ڪو
ٻيو شغل شروع نه ٿيو، ته ديوانخاني ۾ تشريف
آڻيندو...
ڪلاڪ ڏيڍ گذري ويو. ٽيئي مصاحب
منتظر ويٺا هئا ته يڪا يڪ محل مان هاءِ گهوڙا جو
شور شغب ٻڌجڻ ۾ لڳو. نوڪر چاڪر بد حواس ٿي وٺي
ڏيڍيءَ ڏي ڊوڙيا، ۽ اندران گوليون ٻانهيون ڪيهون
ڪنديون دروازي تي نڪري آيون.
ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ خير ته آهي؟
خير! خير ڇا جو؟ بيگم صاحب هڪڙي
ٻانهيءَ کي ٿنڀ سان سوگهو ٻڌيو، ڦٽڪن سان ڦٽي رهي
آهي، ڀلا بيگم صاحبه جو غصو! الامان والحفيظ!
پنهنجي پاڻي مان ئي نڪري چڪي آهي!
ته آخر ڇو؟ ٻانهيءَ جو قصور! ڪجهه
ته هوندو.
قصور؟ اڙي سائين، قصور هيءُ ته
وزير صاحب آرام واري ڪمري ۾ هو، ته بدبخت ٻانهي
ڪنهن ڪم خاطر اندر لنگهي ويئي، ۽ بيگم صاحبه ڏسي
ورتس. پوءِ ته الله ڏئي ۽ بندو سهي! جهٽ هڻي وزير
صاحب جي ڏاڙهي ڪري پڪڙيائين. هن پنهنجي لاعملي ۽
بي گناهي جا گهڻيئي سنهن قسم کنيا، پر بيسود. هاڻي
ٻانهيءَ جي مرمت ٿي رهي آهي.
هن محل ۾ ته ڏهين ويهين ڏينهن هڪ
نه ٻيو ٽنٽو ٿيندو ئي رهي ٿو.....
بس بس، ڏٺيسون وزير صاحب جي
وزيري! وزارت ۽ وزيري حرمسرا کان ٻاهر آهي، ۽ اندر
ته بس، بيگم صاحبه جو موچڙو ۽ وزير صاحب جي ٽپر.
لاحول ولاقوﺓ!
۽ ٽيئي مصاحب تڪڙا تڪڙا ديوانخاني مان ٻاهر نڪري
ويا.
(8)
هلو ته ملڪ التجار ڏي هلون. کانئس زياده خوش نصيب
هن ملڪ ۾ ڪو ڇڊو لڀندو. دولت سندس گولي آهي، مٽيءَ
کي هٿ ٿو لائي ته سون ٿيو پوي. اهل عيال جي کٽراڳ
کان به آجو آهي. ٻڌو اٿئون ته نهايت پرڪيف زندگي
بسر ڪري رهيو آهي. هلو، کيس به ته آزمايون!
ملڪ التجار هوا خوري کان شايد
هينئر ئي موٽيو آهي. سندس سواري جو عربي گهوڙو
دروازي تي بيٺو دڙها هڻي ۽ پڇ ڦيرائي. نوڪر چاڪر
زرين ۽ خوشنما لباسن ۾ چوطرف ڦري رهيا آهن. سندس
خالص سنگ مرمر جو محل، عالي شان قلعي مثل آهي.
دنيا جو ڪو به غم فڪر، زماني جو ڪو به انتظار ۽
اوسيئڙو ڪو نه اٿس.
مصاحب: ذرا اسانجو اطلاع ڪريوس!
هوا خوري تان ته اچي ويو آهي، نه؟
نوڪر: اڙي يار، هن وقت ملاقات مان
هوند، شڪر؟ سيٺ صاحب صبح کان پريشان آهي، جو رات
سندس ڀاڻيجو هڪڙو قيمتي هيرو چورائي ويو اٿس. انهي
ئي ارمان ۾ سرگردان آهي! هوا خوري ڇاجي؟ نڀاڳي
ڀاڻيجي کي ڳوليندو ٿو وتي. ڏينهن ٻن ۾ رڙي روئي
ويهي رهندو...
ها ها، اهو ته سچ آهي، هيرن
جواهرن جي وٽس ڪمي ڪانهي. هڪڙو هيرو ويو ته ڇا، نه
ويو ته ڇا! پر ڪير سمجهائيس؟ هيرو ڇا ويو، ڄڻ ته
ساهه نڪري ويو اٿس! ڏسڪندو، سرد آهون ڀريندو، پاڻ
ڇني رهيو آهي. هيستائين هڪ به گرهه نڙيءَ مان هيٺ
نه لٿو اٿس....
ٽنهي مصاحبن حيران ٿي، هڪ ٻئي ڏي نهاريو
(9)
نه ادا! دنيا دارن کي ڇڏيو. هتي ته عيش جي ڪا به
دامن نه ملندي، جنهن تي غم جو ٽڪو نه هجي. دولت جو
سڳو ڀاءُ غم آهي. شي جا پاڻ ڳولهي رهيا آهيون، ملي
به، ته ديندارن ۾ ئي ملندي. هلو ته مفتي صاحب ڏي
هلون!
مفتي صاحب، بادشاهه سلامت جي سلطنت ۾ سڀ کان وڏو
مفتي هو. ديني علم جي دولت مڪہ
معظمہ
۽ جامع ازهر مان حاصل ڪئي هئائين. ذهد ۽ تقويٰ ابي
ڏاڏي کان ورثي ۾ مليل هئس. سنت ۽ شريعت جو سختيءَ
سان پابند هوندو هو؛ مفتي به هو، ۽ شاهي مسجد جو
امام به. قادريه ۽ نقشبنديه طريقن ۾ بيعت به
ورتائين ٿي. هزارين عقيدتمند سندس صحبت ۾ رهي،
عرفان جي خزانن سان مردان جي دامن ڀري ويا ٿي.
سندس پرهيزگاري ۽ پاڪ نفسي جو شهرو پري پري تائين
پکڙيل هو.
اڄ عشا نماز کان فارغ ٿي، مسجد جي صحن ۾ ورد وظيفو
ڪري رهيو هو. مريدن جو حلقو قائم هو، جيئن شمع جي
چوڦير پروانن جو ميڙ، بادشاهه سلامت جي مصاحبن کي
ايندو ڏسي، مريدن سري پهرئين صف ۾ جاءِ خالي ڪئي.
وڏا ماڻهو ۽ سندن دوست احباب خدا جي گهر ۾ به
پهريئن صف ۾ وهڻ جا حقدار هوندا آهن، نه!
مصاحبن خيال ڪيو ته مفتي صاحب کان زياده خوش نصيب
ٻيو ڪير هوندو! دنيا ۾ هيڏو احترام ۽ آخرت ۾ روضئه
رضوان! لاڪس ٻنهين جهانن ۾ خوشي ئي خوشي آهي...
مفتي صاحب جو وظيفو اڃا اڌ تي ئي هو، ته ڪو ماڻهو
ڀڄندو، سهڪندو اتي پهتو ۽ رڙ ڪري چيائين ته:
حضرتا! گهر ڏي هلو، پوليس وارا ننڍي صاحبزادي جو
لاش کڻي آيا آهن...
ڇا! ڇا! ڇا چيئي؟ ننڍو صاحبزادو! ڪنهنجو صاحبزادو؟
لاش! ڪنهنجو لاش؟ پوليس وارا!.... هاءِ گهوڙا،
ڦرجي ويس! ڪرڻ تي هو ته مريدن سنڀالي ورتس، ۽ جيئن
تيئن ڪري گهر پهچايائونس. مفتي صاحب کي ڀلا سوال
جواب جو هوش ڪٿي!
پوليس وارن ٻڌايس ته صاحبزادو مدت کان بڇڙي صحبت ۾
ڦاٿل هو. خبر ناهي ته ڇاتان، پر ڪاوڙجي جوش ۾ اچي
زهر کائي ورتو اٿس. جاچ جاري آهي، جلدئي ڪجهه نه
ڪجهه معلوم ٿي ويندو.....
اندر ٻاهر محشر متل هو. مفتي صاحب کي ڏندڻ پئجي
ويا ۽ بلڪل بي سرت هو.......
مصاحب رومالن سان اکين جا لڙڪ اگهندا، ٻاهر نڪري
آيا، ۽ چيائون ته هتي به ته، نه، آخر ڪٿي؟ جا شي
ڳولي رهيا آهيون، سا دولت جي دامن ۾ ڪانهي، دنيا
وٽ ڪانهي، دين وٽ ڪانهي... ته تڏهن ڪٿي هوندي!
(10)
انهن کي ڇڏيو، اتي هلو جتي نه
دنيا آهي، نه دين. اچو ته ڪنهن مئخاني ڏي هلون،
ڪنهن پراڻي پاپيءَ کي ڳولي لهون.... ڪنهن اهڙي
مواليءَ کي، جنهن جو نشو ڪڏهن به نه لهندو هجي؛ جو
دنيا کان بي تعلق هجي، جنهن پنهنجا سمورا ڪم،
سڀيئي غم ۽ وهم مئخاني جي خم ۾ غرق ڪري رکيا هجن؛
جنهن کي نه مرڻ جو ڊپ، نه جيئڻ جو فڪر هجي! نه
دولت جي تلاش، نه عزت جي آرزو؛ نه دوزخ جو خوف، نه
جنت جي جستجو!
مئخاني ۾ ويا ته ڪو ڦاٽل تڏي تي،
ڪو ڀڳل ٽٽل بينچ تي، ڪو خاڪ جي فرش تي، ڪو اوڪڙو،
ڪو دوزانو، ڪو پاسي ڀر، ڪو ڀت کي ٽيڪ ڏيو ته ڪو
ڪنهن ٻئي موالي کي طول وهاڻو بنايو ويٺو هو....
مطلب ته مئخوارن جي هڪ دنيا آباد هئي!
جه سي سڃا اڱڻ آيا ته سرو ڪندا سڃ،
سائي ٿيندين اُڃ، هي پيتو، هو آڻ ڪي.
آڻيو، آڻيو، هڪ ٻيو به آڻيو. مٺو
نه، تکو ڏيو، ڀري ڏيو، اڌ نه! اڙي هيڏي آڻ، هيڏي
آڻ؛ پيار، پيار!
نه هڪ ساغر صبوحي سان ڪريان مٽ دين دنيا کي،
سدائين ساقيا تنهنجو هجي آباد مئخانو!
وجهه، وجهه، اڃا به وجهه! ڇا نشي
۾ آهيان؟ غلط، خدا جو قسم بلڪل غلط! موت؟ موت جو
نالو نه وٺ! پيالي ۾ زندگي آهي؛ پيالي خالي ته
موت، پيالو ڀرپور ته زندگي! آَڻ، آڻ! ڇا؟ دوزخ!
جنت! بيوقوف، جنت وارا دوزخ کي ڇا سڃاڻن! جنت وارن
سان دوزخ جو ذڪر! فضول، بلڪل فضول، آڻ، ڏي!
ٿو ڪريان هيءُ سوال صبح و مسا،
تشنه لب کي ڏي ساقيا سغراق.
بيمار آهي! ڪير بيمار آهي؟
بادشاهه سلامت! ڪنهن چيس ته بيمار ٿيءُ! پياري
وٺوس شراب جو شيشو! چاڪ ٿي پوندو. وڃو، وڃو، چيم
ڪين ته چڱو ڀلو ٿي پوندو! حڪيم کي چئو ته پاڻ به
پيئي، هن کي به پياري.... ايترو پياري، ايترو ته
پياري.... ڇا؟ مفتي صاحب؟ هڻوس کڏ ۾. هتي ڪي ٿورا
مفتي ويٺا آهن! اسان مان هر هڪ مفتي، هر هڪ
بادشاهه سلامت آهي... هر هڪ جهان پناه! هڪ ٻيو به
ته ڀري آءُ. آئين؟
مصاحب: (پاڻ ۾) حقيقي مسرت جو
مڪان ملي ويو. منزل مقصود هتي ئي آهي. هنن مان
ڪنهنجو چولو وٺڻ گهرجي؟....
مئخاني جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي،
ٽيئي مشوره ڪرڻ لڳا.
هڪڙي موالي؛ ٻين کان ٿورو پرڀرو،
تڏي تي ويٺي ٽهڪ ڏنا. هٿ ۾ صراحي هيس، صحراحي مان
ڍڪ ڀريائين ٿي، مرڪيائين ٿي ۽ پيتائين ٿي.
ٽنهين چيو ته اچو ته هن وٽ هلون.
ڪير آهين؟ ڪٿي ويٺو آهين؟ ڇا ڪندو
آهين؟ مرڪندي مرڪندي کانئس سوال پڇڻ لڳا.
ڪير آهيان؟ شرابي! وطن؟ شرابخانو!
شغل؟ شراب نوشي! زندگي شراب، منهنجي جنت شراب،
دنيا شراب، عقبى شراب! ٻيو ڇا ٿا پڇو؟ اچو، اچو،
لپ ڏيڍ پي وٺو!
ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين؟
خوش! خوش ڪهڙي جانور جو نالو آهي؟
کيسو خالي، مفت ۾ ته ڦڙو به نٿو ملي، چار چار
ڏينهن ڍڪ ٻن لاءِ سڪندو رهان ٿو! مئخاني مان ئي
ٿڙا مٿي تي! خوش؟ ڪاش ڪو ڏوڪڙ هجي، رڳو اوتروئي جو
سنجهي صبح بوتل، ٻه پي سگهان! شاهوڪار ته سون
چاندي جا ڍير مٽيءَ ۾ پوريو ويٺا آهن، ۽ اسين
مسڪين ڍڪ ٻن لاءِ واجهائي رهيا آهيون! مولا نعمتن
جي ڪهڙي نه غلط تقسيم ڪئي آهي! اسين به ته سندس ئي
بندا آهيون، نه؟ هنن کي ايترو سارو، ۽ موالين کي
ڪجهه به نه! شراب جي هڪڙي جام جيترو به نه.... !
هو سيج پلنگ تي سمهن، ۽ اسين خاڪ تي ليٽون! خدا
ڪنهن کي ٿا چئو؟ جو هڪڙن کي ڏئي ۽ ٻين کي نه؟
خالق، رزاق، معبود، سچ! شڪوه ڪرڻ ڪفر، شڪايت ڪرڻ
گناه.... خوش؟ هٽو، هٽو، ٽرو، مسخريون ڪرڻ آيا
آهيو، نه؟ نه پيئو ٿا، نه پياريو ٿا! هٽو، وڃو،
اڙي او.... آڻ، آڻ، پيالو آڻ.....
ڇا ڏسڻ آيا هئا، ڇا ڏٺائون! سري
جي مستي، مدهوشي! هو ته دولت جو ماتم ڪري رهيو هو؛
بدنصيب کي مسرت ڪٿي؟ زندگيءَ جي برپٽ ۾ ڇا رڳو رڃ
ئي رڃ آهي؟
(11)
شهر به ته ڏٺوسين، هاڻ هلو ته
جهنگل ڏي هلون، ڇا عجب، جبل جي ڪنهن گهاٽيءَ ۾،
جهنگل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي، ڪو سالڪ، ڪو الله وارو
ملي به وڃي!
هفتن جا هفتا جهنگل ڳوليائون،
ڏونگر ڏوريائون؛ ڳوٺڙن ۾، واهڻن ۾، وسين ۾ ويا؛
ندي جا ڪنارا ووڙيائون؛ لڪن، دڙن، ڀٽن ۽ ماٿرين ۾
ڦريا...
هڪ ڏينهن ڪنهن واهڻ جي ويجهو، بڙ
جي هيٺان هڪڙي ڪکائين ڀنگي نظر چڙهين. ٻاهران هڪڙو
سفيد ريش درويش منهن مونن ۾ وجهيو ويٺو هو. منجهند
جو وقت، ڌر تتي، ٽامڻي، جهولو ساڙي رهيو هو. ٻه
چار واٽهڙو، ساهي پٽڻ، آرام ڪرڻ ڪاڻ جهوپڙي جي
سامهون، ڇانو ۾ ترسيا، درويش ٿورا ڀڳڙا ڦلا آڇين.
ڦڪ هڻي، پاڻي ڍڪ پي، تڪڙا هئا، اٿي پنڌ پيا.
درويش جي چهري تي هڪ دلڪش مرڪ
نمودار ٿي؛ منهن تي نور ۽ اکين ۾ ڪيف هوس.
ٽيئي مصاحب جهولي جي شدت ۽ تڪليف
کان تنگ ٿي چڪا هئا. ڇني جي سامهون، بڙ جي ٿڌي
ڇانو، ۽ درويش جي ٻهڪندڙ نوراني صورت، سندن قدمن
کي روڪي بيهاريو، پٿل ماري، ڪانڀا ڪڍي ويهي رهيا.
ڪيئن، درويش ڪڏهن کان هتي رهو ٿا؟
جڏهن کان ڄائو آهيان؛ ۽ ڄائو ان
وقت آهيان، جڏهن دنيا جو سڀيئي خواهشون نفس جون
سموريون سڌون مات ٿي ويم. انهن جو موت، منهنجي
زندگي آهي!
ڪو فڪر، ڪا ڳڻتي، ڪا تڪليف به
اٿو؟
فڪر! ڳڻتي! تڪليف! ابا، خواهش فڪر
جي ماءُ آهي. جڏهن خواهش ئي نه رهي، تڏهن فڪر ڪٿان
اچي، تڪليف ڪيئن ٿئي!
پنهنجي هن زندگي ۾ خوش، مطمئن،
باآرام آهيو؟
ها، ها، هر طرح مطمئن ۽ خوش
آهيان؛ آرام اٿم، اهڙي ڪنهن به شي سان واسطو
ڪونهيم، جا غير مطمئن، ناخوش يا بي آرام ڪري
سگهيم!
خدا جو شڪر جو نيٺ به ڪيامياب
ٿياسين. اسان کي اوهان جهڙي ئي نيڪ انسان جي تلاش
هئي.
پوءِ پنهنجي اچڻ جو مختصر احوال
سڻائي چيائونس ته: بادشاه سلامت بيمار آهي ۽ سندس
صحت لاءِ اوهان جي مدد جي ضرورت اٿئون.
بابا، آئون بادشاه بادشاهه کي ڇا
سڃاڻان! آئون جنهن دنيا ۾ آهيان، تنهن ۾ بادشاهه
حاڪم ٿئي ئي ڪو نه!
خير، اوهين انسان ذات جي ته خدمت
ڪريو ٿا، نه؟ اسان کي به مدد ڏيو.
ها، جيڪي مون وٽ حاضر آهي سو سڀ
خوشي سان ڏيئي سگهان ٿو. اوهان جي ڪم اچي ته
منهنجو ڇنوئي اکيڙي کڻي وڃو.
نه، اسانکي فقط اوهانجو هڪڙو
پراڻو چولو درڪار آهي.
پراڻو چولو! ورهيه ٿيا جو منهنجو
جسم چولي کان نا آشنا آهي. دنيا ڇڏيم، دنيا وارن
جا ويس ترڪ ڪيم؛ جسم جي کل ئي سندم پوشاڪ آهي.
چولو ڪٿان آڻيان؟
(12)
بادشاهه اڄ سوڌو بيمار آهي.
نوڪر چاڪر ساري دنيا جو چڪر هڻي
آيا، پر اهڙو ڪو به انسان منهن نه چڙهين، جنهنجو
چولو جهان پناه جي مرض جو علاج ٿي سگهي. هڪڙو ملين
به، ته اهڙو، جو انجي بدن تي اصل چولو ئي نه هو!
...
|