عالم پناها
فتنه بيدار دو چشمت به شکر خواب هنوز،
يا نبي زود سر از بالش راحت برکن،
مسلمانن جي
نڌڻڪي حالت
۽
هوم رول جي هلچل
ڪن ڏينهن کان وٺي، هندوستان ۾ هوم رول يا حڪومت جي
نون سڌارن لاءِ هلچل ٿي رهي آهي ۽ گرما گرم ڪوشش ۽
تقاضا، رعيت جي طرفان ٿي رهي آهي، تان جو ان جو
اثر محسوس ڪري، وزير هند جي خيال ڪيو ته پاڻ وڃي
هندوستان جي ماڻهن جا رايا وٺي ۽ روبرو ساڻن بحث
مباحثو ڪري. ان موجب سنڌ ۾ به ماڻهو، انهيءَ خيال
۾ لڳي ويا آهن.
هي سڀني کي معلوم آهي ته جئن سنڌ ۾ مسلمان آدم
تمام گهڻو آهي تئن جِهل جي اونداهه ۾ به زور آهي.
لکين ماڻهو آبادگار ۽ پورهيت آهن، جن جي ڪمائيءَ
تي سڀني آسودن ماڻهن جو گذران آهي. سرڪاري ڪامورن
کان وٺي، زميندارن ۽ بيٺلن تائين، يا وياج خور
شاهوڪار هر وقت سندن رت پي رهيا آهن. هو ڍڳن ۽
ڍورن وانگي رات ڏينهن پيا ڳهن، وهن ۽ رت پيڻ وارا
کين نپوڙيندا، آسودا ٿيندا وڃن. انهن لاءِ نه
تعليم آهي نه تربيت. انهن جو نه ڪو آواز آهي نه
اثر، ۽ نه انهن کان ڪو پڇڻ ڳڇڻ وارو آهي، ڄڻ ته
ماڻهن جي قطار ۾ ئي ناهن. اهو سڀ عدد مسلمانن جو
آهي، تن ۾ جيڪي ٿورا پڙهيل يا نوڪر آهن، يا ٻين
ڌنڌن ۾ آهن، سي پڻ پنهنجي نفس جا بندا، انهن کي
ڦرڻ کائڻ وارا، ۽ پنهنجي پنهنجي خيال وارا، نه کين
قوم جي ڪاڻ نه همدردي، فقط پنهنجي پيٽ پرستي ۽ حظ
نفسي ۾ مشغول آهن. جيڪي وري غير قوم جي صحبت ۽
پنهنجي نام و نمود لاءِ ليڊر ٿيا آهن، سي سمورو
غير قوم جي خيال جا پابند ۽ تابع آهن، نه ته نه ڪو
سندن ڪم هلي، نه نانءُ نيڪي نڪري. گويا مسلمانن جي
غريب رعايا ۽ قوم جو نه ڪو سچو عيوضي آهي ۽ نه ڪو
هڏڏوکي، نه همدرد، اهي اهڙا نڌڻڪا آهن، جهڙو
چوپايو مال، تعليم، تمدن ۽ سياست توڙي سوشل، توڙي
سرڪاري اختيارين ۾ سڀ غير قوم، يعني هندو ڀائر
چڙهيل آهن. مسلمان خال خال ڪاالعدم جهڙا. هينئر
غير قوم ملڪ جي چرپر ۽ تقاضا جو وجهه وٺي، پاڻ کي
ان جو لائق ۽ اهل ڄاڻي، هر طرح ڪوشش ڪري رهيا آهن
۽ هند سنڌ ان تحرڪ ۾ ڳنڍجي وئي آهي.
هند جي مسلمانن اوائل ۾ پنهنجو هوش گوش قائم رکي،
آڳاٽن بزرگن جي قول ۽ فعل تي عمل آڻي، پوليٽيڪل
حقن لاءِ جدا ’مسلم ليگ‘ ٺاهي، مگر غالب شئي هر
ڪنهن تي غالب آهي. تن کين اهڙو جادو ڦوڪيو جو انهن
جا پير ترڪي ويا ۽ پاڻ ۾ رل مل ٿي، هڪ اسڪيم جوڙي
تيار ڪيائون ۽ سرڪار ۾ موڪلي اٿن. هاڻي طرفين ان
تي ڌم لاتي آهي ته اها منظور ٿئي.
ڪانگريس، جنهن سڄا 30 سال برابر لکن ڪروڙن روپين
خرچڻ سان تجربو حاصل ڪيو، تنهن سان ٻن سالن جي ليگ
وڃي ڪلهو هنيون، سا مسلمانن جي ڪرامت ليکبي. ڀلا
هي ويچارا، نئين الف – بي ٿي سکيا. هنن کي ڪامل
تجربو هو ۽ آخر هنن سمجهيو ته جيستائين هي بيوقوف
مسلمان، اسان سان شامل راءِ نه ٿيندا، تيستائين
چاڙهو ڪونهن. تن اسان جي پير نابالغن کي ڏٽا ڏيئي،
اهڙو مطيع ڪيو جو انهن ڀانيو ته رڳو ٻن سالن جي
ليگ ٺاهڻ ۾، اسان کي مقصد ملن ٿا ته ٻيو ڇا؟ سي
يڪدم ٽپو ڏيئي، ستيءَ وانگر ڏاگهه ۾ گهڙي پيا، ته
بس واه واه ٿي وئي! ڪي وڏا مغز ڪوٺجڻ لڳا، ڪن کي
مجلسن جون پريزيڊنٽيون ڏيئي، سندن ڳڻ ڳائي، شريمت
جا خطاب ڏيڻ لڳا.
اهڙيءَ طرح سندن مٿو صاف ڪري اٿيا. هاڻي ساريءَ
قوم جي ستيا ناس ڪرڻ لاءِ ڪات ڪهاڙيون کڻي پيا آهن
۽ وڏا مغزيه جي رڳو هاٿين ۽ شينهن وانگر هئا، سي
به اليڪٽرڪ جي چهبڪ اڳيان ڪنڌ نمايو بيٺا آهن.
ڪانگريس ۽ ليگ جي سمجهاڻي بابت مون مسڪين، اخبار ۾
ڏاڍو پٽيو ڪٽيو، پر ٻڌي ڪير؟ - سنڌ ۾ مسلمان سمجهي
ڪير؟ غير پنهنجي پيٽ ۽ پورهئي ۾ حيران، تن کي
پکيءَ وانگر ڪهڙي خبر ته سندن لاءِ ڍٻي ٿي ٽنگجي.
جن کي ٿوري گهڻي خبر، تن ۾ قوميت ۽ همدرديءَ جو
انگ ڪونه. ڪو مري ته ڇا، جي بچي ته ڇا، هو پنهنجين
زميندارين يا عهدن جي موجن ۾ خوش. خير ڪنهن مهل ڪا
مجلس ٿي، يا ڪو موقعو آيو، ڪنهن حاڪم پڇو ته کڻي
خير جو ڪلمون چوندا، نه ته ٿيو ڀلو. زندهه قوم
سواءِ اهڙين ڳالهين جي، نه رڳو اخبارن ۾ پر
اشتهارن سان، ميٽنگن سان، وفدن سان، جا به جا
اهڙيون سمجهاڻيون ڏيندا وتن ۽ مسلمانن کي به
هرکائيندا وتن.
”ميان! اوهان کي سڌارا نه گهرجن ڇا؟ مطالبن ۽
لالچن جي چوڻ تي نه لڳو، جي رڳو آفيسرن کي خوش ٿا
ڪن. اچو ته اسين اوهان کي آفيسر به مروڙي سروڙي ڪن
۾ وجهي ڏيون، پوءِ مزا ويٺا ڪريو!“
جئن ته رڳو هندواسيءَ جي هڪ ٻه چوپڙي اسان کي هٿ
آئي آهي، جنهن ۾ نمبر 6 آهي. اهڙيون 5 ته اڳي ئي
ڪڍيون اٿس. اهڙيءَ طرح ٻي چوپڙي، نمبر کان سواءِ
اٿس. هوڏانهن اسان جي يار ريس خان ٻروج
کي به سنڀرائي بيهاريو اٿس، سو به چوپڙيون پيو
ڪڍي.
هندن جون ٻه چار روزانيون اخبارون، ٻه – ٽي باءِ
ويڪلي ۽ ڪيئي هفتيوار آهن، تن سان گڏ چوپڙين جو به
ٺڪاءُ پيو پوي. هيڏانهن هڪ انڌو ٻيو منڊو، الامين،
مخالفن جي چنبي ۾، ۽ انهن سان هم راءِ. ’الحق به
نيمي درون، نيمي برون‘، بلڪ ان جا خيال به ساڳيا
آهن. باقي هڪ اخبار ڇا پٽيندي، ڇا روئيندي؟ هڪ هٿ
سان تاڙي نه وڄندي آهي. جيڪي قوم جا سربرآورده،
انهن ڳالهين جا مخالف به آهن، سي به خواب خرگوش ۾
ستل، يا ڀائين ته مسلمان، سائو گاهه آهن، سو ڀلي
پيا ڪپجن. اوهين سائي جا ساوا رهندا. خبر ناهي ته
اهو سندن خيال ڪيتري قدر مفيد آهي. يا ته رضا تي
راضي آهن، ته جئن خدا کي وڻندو، تئن ڪندو. مگر
خداوند ڪريم هٿ – پير – زبان – طاقت – قوت – دولت
به ڪنهن ڪم لاءِ ته ڏني آهي، جن کان دين ۽ دنيا جو
ڪم وٺون. پر اسين ته پاڻ کي ٻنهي ڪمن کان عاري ۽
ڪورو ٿا ڏسون. الا ماشا الله!
ان بابت آفتاب ۾ جيڪو مٿو هنيو آهي ۽ هيترن سارن
مسلمانن کي سوال جواب ڪيا آهن، سو به ناظرين تي
روشن آهي. ٽن مهينن کان اها ڌوڻ لڳي اچي، پر هڪ
نيٺ هڪ آهي، ڪيترين بلائن کي پڄندو. آخر سکر جي
ميٽنگ ۾، پاڻون هزار اشتهار ڇپائي، مشتهر ڪيا ويا،
وري اخبار ۾ سپليمنٽ ڪڍي وئي، تان جو ٻين جي
چوپڙيءَ جو ڦهڪار ڏسي، وري هن پمفليٽ جي ڇاپائڻ جو
خيال ڪيو ويو، مگر افسوس ته:
خداوندان نعمت را کرم نيست،
کريمان را به دست اندر دم نيست.
سکر ۾ پليگ، پريس ۾ ماڻهو نه ٺهي، مايا جو سوال
درپيش! نه ڪو مددي، نه ڪو حال پڇڻ وارو. ظلم هي جو
ڪو مسلمان ڪنهن به مضمون جو انگريزي ۾ به ترجمو
ڪري نه ٿو ڏئي! ايڏي بيدردي، ايڏي سنگدلي، ايڏي
غفلت مٿن ڇانيل آهي، جو ڀانئجي ٿو ته هاڻي اسان جو
آخري وقت آهي، شايد غير قوم جي پيرن ۾ ائين ٿڏا
کائي مرنداسين. ڇو ته اسان کي قوميت جو ذرو به
احساس ڪونهي. لاچار پنهنجي جڏي مڏي حال موجب،
جيترو ٿي سگهيو آهي، اوترو مسلمانن جي سمجهائڻ ۽
سندن حقن بچائڻ لاءِ پنهنجي حتي المقدور ڪوشش ڪئي
وئي آهي، آئينده اختيار خدا جي – وڏو ارمان ته
پليگ جي ڪري ”آفتاب“ به بند ٿي وئي هئي. مخالفن کي
خالي ميدان ملي ويو. اميد ته هيءُ رسالو تلافي
مافات ڪندو.
|