هندو مسلم ڪشيدگيءَ جو پس منظر
’جام جم‘ ۾ ’بلبل‘ مرحوم، هندو مسلم ڪشيدگيءَ جي
پس منظر بيان ڪندي، اهڙا دلدوز ۽ وقت انگيز واقعا
بيان ڪيا آهن، جن جي پڙهڻ سان، لونءِ لونءِ
ڪانڊارجي وڃي ٿي. هندن پاران مسلمانن تي هٿياربند
ٿي حملو ڪرڻ، مسجدون ڊاهڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، فساد مچائڻ،
ڪا پراڻي روايت آهي، جنهن کي تاريخ اڄ تائين محفوظ
رکيون آئي آهي. اهڙن واقعن کي بيان ڪرڻ کان پوءِ
’بلبل‘ سوال اٿاريو آهي ته، انهن صورتن جي هوندي،
’هندو مسلم اتحاد‘ ۽ ’هوم رول‘ ڇا معنيٰ ٿا رکن؟
بهرحال، ان دور جي ڪشيدگيءَ ۽ هنگامه خيز واقعات
کي سمجهڻ جي سلسلي ۾، ’بلبل‘ اپيل ڪئي آهي ته هندو
ذهنيت جي تنگ نظريءَ ۽ تنگ خياليءَ کي مطالعه ڪرڻ
گهرجي.
ان سلسلي ۾ محقق عالمن جو ڪجهه بحث ڪيو آهي، ان جا
ٿورا ٿورا مختصر اقتباس، ان دور کي سمجهڻ ۾ وڏي
مدد ڏيندا، جن جي روشنيءَ ۾ ’جام جم‘ جي دانهن ۽
رڙين جو ڪو سبب ۽ دليل ملي سگهندو.
تاريخي پس منظر:
برصغير هند و پاڪ جي تاريخ جا گذريل هڪ هزار سال
مطالعه ڪبا ته پوءِ معلوم ٿيندو ته غالباً سڀ کان
وڌيڪ اهم پهلو، هندو مسلم ڪشمڪش آهي. هر دور ۾،
مسلم فڪر، مسلم سياست، مسلم تهذيب ۽ تمدن، مسلم
ثقافت ۽ خود دين اسلام سان، هندو ذهن جي ڪشمڪش نظر
ايندي.
نئون نسل، جو تاريخ کان اڻ ڄاڻ آهي، اهو شايد ان
تاريخي شعور جو علم نه رکندو هجي، ليڪن ڳالهه اها
ئي آهي ته اها ذهني ڪشمڪش اڄ تائين موجود آهي، ڇا
لاءِ ته ان جو بنياد تاريخ جي هڪ هزار سالن واري
دور سان وابسته آهي.
حقيقت اها آهي ته هزار ساله تاريخ ۾ ’اسلام‘ گويا
هندو ڌرم ۽ هندو تهذيب لاءِ هڪ چئلينج ڪري تصور
ڪيو ويو آهي، جلد باز ۽ جذباتي، متعصب ۽ ڪم علم
ماڻهن، ڪڏهن به اسلام جي اصلاحي ۽ اخلاقي، امن
پسند ۽ انسانيت نواز تصور حيات کي مطالعہ نه ڪيو
آهي، نه ڪو اهڙن ماڻهن اسلام جي انقلاب متعلق
پنهنجن مشهور عالمن، راڌا ڪرشنن جي ”فلسفه هند“ يا
ڊاڪٽر تاراچند جي ”اسلام جو هند تي اثر“ مطالعہ
ڪيو آهي، نه ڪو جواهرلال نهرو جهڙي شهره آفاق
شخصيت جي تحريرن کي مطالعہ ڪيو آهي، جن صاف صاف
ٻڌايو آهي ته ’اسلام‘ هندوستان لاءِ امن ۽ ايمان،
توحيد ۽ وحدت، محبت ۽ اخوت جو نصب العين آندو آهي.
جواهر لعل نهرو لکي ٿو:
”اسلام جو اچڻ، هندوستان جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي
ٿو. ’اسلام‘ هندو سماج جي سڀني خرابين جي اصلاح
ڪئي، يعني فحاشي، عرياني، بت پرستي، مظاهر پرستي،
ذات پات جي تفريق، ڇوت ڇات، ترڪ دنيا ۽ خلوت
گزينيءَ جي پاڙ پٽي ڇڏي. ’اسلام‘ جي اخوت جي نظريي
۽ مسلمانن جي عملي مساوات، هندن جي ذهن ۽ عقيدي تي
ڏاڍو اثر ڪيو، خصوصاً اهي ماڻهو، جي هندو سماج ۾
برابريءَ ۽ برادريءَ جي حقن کان محروم هئا، اهي
ڏاڍا متاثر ٿيا ۽ لکن جي تعداد ۾ ’اسلام‘ ۾ آيا.“
(تلاش هند ص 525-526)
ساڳيو پنڊت نهرو فرمائي ٿو:
”هندوستان ته ڇا، پوري انساني دنيا ۾، ’اسلام‘ پاڻ
سان نوان خيال ۽ نوان طريقا آندا، جن انسانيت جي
زوال پذير معاشري کي متاثر ڪيو. عقيدن، اخلاق،
اصول حيات ۽ هيئت اجتمائي ۾ پيدا ٿيل اسلامي
انقلاب، نهايت ديرپا به آهي ۽ اثر انگيز به آهي.
’اسلام‘ عوام جي ذهني افق ۾ وسعت پيدا ڪئي.“
(تلاش هند ص 528)
ان طرح اين. ايس. مهتا فرمائي ٿو:
”اسلام دنيا ۾ نوراني مشعل جي صورت ۾ نمودار ٿيو.
جنهن پراڻي زماني ۾، جڏهن پراڻيون تهذيبون زوال
پذير بنجي چڪيون هيون، ۽ پاڪيزه مقصد، محض ظني
عقيدا بنجي چڪا هئا، تڏهن ’اسلام‘ جي نوراني مشعل،
زندگيءَ تي ڇانيل اونداهين کي پاش پاش ڪري ڇڏيو.
ٻين ملڪن وانگر، خود هندوستان جي خيالات جي دنيا ۾
’اسلام‘ جو دائرو وسيع ٿيو. بيشڪ اسلامي برادري ۽
برابري هڪ روحاني نظام تي مشتمل آهي، جنهن کي
توحيد ۽ مساوات جي مشترڪ عقيدي وڌيڪ مفيد ۽ اثر
انگيز بنايو آهي.“
(هندي تهذيب اور اسلام ص 317)
اهڙن عالمن جي اعتراف هوندي به، جلد باز ماڻهن،
اسلام ۽ ان جي تعليم کي هندو ڌرم لاءِ چئلنج قرار
ڏنو، خاص طرح سان آريه سماج ۽ هندو مهاسڀا پاران
زهر افشاني ڪندي جو ڪجهه لکيو ويو، ان جو اثر هندو
ذهن تان ڪڏهن به لهي نه سگهيو آهي.
هندو مذهب هڪ سامراجي سماج آهي، ۽ ان جو’مزاج‘ منڍ
کان سامراجي ۽ تشدد آميز رهندو آيو آهي.‘ ان ڪري
هو ڪنهن به ٻئي مذهب ۽ قوم کي برداشت ڪرڻ لاءِ
تيار ناهي. ان طرح اهو آرين سلسلو، جو ان ڌرم جو
علمبردار آهي، اهو به تاريخي طور تي استبداد ۽
تشدد واري ذهنيت جو علمبردار آهي. آرين، هت ايندي
شرط، اول اول سنڌ جي تهذيب ۽ ان جي مرڪز ’موهن جي
دڙي‘ کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏ وادي سنڌو جي
قديم باشندن دراوڙن کي ماري، ناس ڪري، ڏکڻ
هندوستان ڏانهن هڪالي ڇڏيو. انهن جي سرسبز وادين
تي زوريءَ تسلط قائم ڪيو. ان کان پوءِ، اڳتي هلي،
ذات پات جو اهڙو دستور قائم ڪيو، جنهن ۾ حاڪميت ۽
بالادستيءَ جا سڀ پهلو، فقط پاڻ لاءِ مستقل ڪري
ڇڏيائون. اڳتي هلي، آريه ۽ اڻ آريه جو فرق وچ ۾
آڻي، شودرن ۽ اڇوتن کي نيچ ۽ دشٽ سڏي، انهن کي
زندگيءَ جي هر پهلوءَ مان خارج ڪري ڇڏيائون ۽ ان
سلسلي ۾ ڪروڙن ماڻهن کي ماري ناس ڪيائون.
ان حاڪميت مان برهمنزم جو نظام ٺهيو، جنهن پنهنجي
پوترتائيءَ ۽ برتريءَ کي قائم رکي، باقي پوري
انسان ذات کي شودر ۽ نيچ قرار ڏنو ۽ ڪروڙين ماڻهو
ڀيل، مينگهواڙ ۽ اڇوت قرار ڏنا ويا.
’برهمڻ‘ جي تسلط ۽ استبداد جي اصلاح لاءِ ٻڌ ڌرم ۽
جين ڌرم رد عمل ۾ پيدا ٿيا، پر جنهن بيدرديءَ سان،
انهن کي هندن ڪچلي ڇڏيو، ان جو مثال انساني تاريخ
۾ ملي نه ٿو سگهي. اصل ۾ ٻڌ ڌرم، اخوت ۽ مساوات ،
برابري ۽ برادري جو پيغام هو، جنهن کي ’برهمڻن‘
پاڻ لاءِ چئلنج قرار ڏنو نتيجو اهو نڪتو جو ’ٻڌمت‘
پنهنجي پيدائشي وطن مان خارج ٿي، وڃي چين ۽ برما ۾
سر لڪايو!
محققن ان آريائي برهمنزم کي، هڪ ’ازدها‘ سڏيو آهي،
جنهن برصغير هندو پاڪ ۾ پنجن هزارن سالن کان وٺي،
معصوم انسانن کي پئي ڏنگيو آهي.
بقول مورخ ڊوڊل: ”برهمنزم هڪ سمنڊ آهي، جنهن ۾ جا
به چيز وئي، سا ڇٽي!“ ان طرح جواهر لال نهرو جي
قول موجب:”هندو ڌرم جا هزار جذب ڪندڙ پهلو آهن.“
پر جڏهن اڳتي هلي ان نظام جي اڳيان ’اسلام‘ آيو،
تڏهن هندو ذهنيت کي اهڙو حريف مليو، جنهن جو مخصوص
نظام حيات هو. مخصوص آدرشي پيغام هو، جنهن ۾
انقلاب ۽ حرڪت، اصلاح ۽ اخلاق جو حرڪت پذير ۽ ترقي
پسند نصب العين هو، تنهن ڪري، ان کي اها ’ازدها‘
نڪو ڳهي سگهي، ۽ نه ڪو اهو سمنڊ کيس ٻوڙي سگهيو.
’برهمنزم‘ جي سامراجيت ۽ استبداد لاءِ، اسلام جي
اخوت ۽ وحدت واري تعليم ’موسوي عصا‘ ٿي سامهون
آئي، جنهن برهمنزم جي ازدها کي ڪچلي ڇڏيو.
’برهمنزم‘ مان گرونانڪ، چيتن ۽ ڪبير جهڙا هزارين
باغي ۽ مصلح پيدا ٿيا، جن توحيد ۽ وحدت الوجود،
وحدت فڪر ۽ وحدت عمل جي تبليغ ڪري ’برهمنزم‘ کي
جهوري وڌو.
اهو سڀ ’اسلام‘ جي برڪت سان ٿيو. ان هوندي به
اسلام کي پاڻ ۾ ڳهڻ ۽ جذب ڪرڻ لاءِ ’برهمنزم‘ ڪيئي
جتن ڪيا، جي ڪامياب نه ٿي سگهيا. مسلمانن کي اڳتي
هلي مليڇ ۽ دشٽ پڻ سڏيو ويو، وديشيءَ جو الزام
رکيو ويو، تاهم اٺ سو سال مسلمان حاڪم به رهيو ۽
زندهه به رهيو؛ تان جو صوفيائي ڪرام جي تبليغ سان
ڪروڙين هندو اسلام ۾ آيا. اڄ برصغير هند و پاڪ ۾،
ويهن ڪروڙن کان مٿي مسلمان آهن، جي سڀ جا سڀ
ٻاهران آيل ناهن.
سياسي پس منظر:
هندو ذهنيت ۽ برهمنزم جي سياست جو سارو دارومدار،
انهن جي وڏي سياسي مفڪر ڪوٽليا جي فڪر تي آهي.
ڪوٽليا ٽي سو سال مسيح عليه السلام کان اڳ جو آهي،
۽ هوچندر گپت جو وزير هو. سندس سياسي اصول ميڪاولي
مڪر ۽ فريب کان به وڌيڪ سخت آهن.
ڪوٽليا جا اصول:
ڪوٽليا لفظ جي معنيٰ ئي آهي ’مڪار‘. ان جو اصل
نالو هو پنڊت چاڻڪيه.... سندس عيارانه ۽ مڪارانه
تصنيف جو نالو آهي ”اَرٿ شاستر“. ان ۾ چند اصول
ٻڌايا ويا آهن، جن تي برهمنزم جي تشڪيل ٿي آهي.
(1) منهنجي گروءَ جو اپديش آهي ته صلح وارو اهو
معاهدو، جو قسم تي ۽ ديانتدارانه طور ڪيو وڃي، ان
کي به ٽوڙڻ ۾ ڪو گناهه ناهي! مطلب هٿ ايندي، ٽوڙي
ڇڏجي.
(2) نيچ ذات مليڇن، اڇوتن ۽ شودرن کي ناس ڪري
ڇڏجي.
(3) ڪمزور حاڪم جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، سندس
ملڪ ۾ فساد ڪرائي، کيس ناس ڪري ڇڏجي.
(4) اقتدار جي هوس کي ڪڏهن به ٿڌو نه ڪجي، هميشه
گرم رکجي.
(5) اقتدار جي حاصل ڪرڻ ۾، ڪوڙ، ظلم، دغا ۽ فريب
سڀ جائز آهن.
(6) هيڻي تي ظاهري طور هٿ رکجي، پر وجهه وٺي کيس
ناس ڪجي.
(7) همسايه قومن ۽ ملڪن کي هميشه ’دشمن‘ تصور ڪرڻ
گهرجي.
(8) غير هم سايه ملڪن سان ناتا وڌائي، هم سايه
ملڪن کي هميشه دٻيل ۽ هيسيل رکڻ گهرجي.
(9) ’امن‘ ۽ ’صلح‘ ٻئي بي معنيٰ لفظ آهن، نه مڃڻ
گهرجن، چاهي ساري دنيا اوهان کي مجبور ڪري.
(10) پنهنجي ڌرم ۽ پنهنجي نسل کان سواءِ، باقي سڀ
ڌرم ۽ نسل ناس ڪري ڇڏجن. انهن کي وڌڻ ۽ ويجهڻ نه
ڏيڻ گهرجي.
اهو آهي چاڻڪيه ڪوٽليا جو اپديش، جنهن هزارن سالن
کان برصغير هند و پاڪ جي غير برهمن قومن کي ناس
ڪيو آهي.
اهي ئي اصول آهن، جن پراچين ڀارت ۾، ڪشش و خون جون
نديون وهائي ڇڏيون؛ اهو ئي فلسفه زندگي آهي، جو
هزارن سالن کان لاڳيتو هلندو آيو آهي. ان ئي ماحول
۾ مسلمانن هڪ هزار سال حڪومت ڪئي. اهو ئي فلسفه
حيات آهي، جو اڄ تائين ’هندو ذهنيت‘ جو پراچين
ورثو ڪري چيو وڃي ٿو.
برهمنزم جا ”چار ورڻ“:
’برهمنزم‘ جا چار ورڻ، پڻ انسان ذات لاءِ هڪ لعنت
آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته ’برهمن‘ خالص برهما جي
مک مان پيدا ٿيل آهن، ان ڪري مذهبي، ڌرمي ۽ سياسي
اقتدار جا مالڪ فقط برهمڻ ئي آهن.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته پراچين هند ۾، راجائن ۽ مها
راجائن وٽ پرڌان منتري ”برهمڻ“ ئي هئا. انهن
’برهمن‘ وزيرن جي مڪر ۽ فريب جو ادنيٰ ثبوت راجا
چچ مهاراج آهي، جنهن مڪر ۽ فريب، ويچار ۽ چرب
زبانيءَ سان، سنڌ جي مقامي راجا کي ختم ڪرايو ۽
سنڌ جي تخت ۽ تاج کي پنهنجي اقتدار ۾ آندو. اهو ئي
چچ آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر تاراچند جهڙو محقق لکي
ٿو:
”چچ هڪ مڪار هو، هن عام رعايا کي ستايو. ٻڌ ڌرم
وارن کي پيرين ۽ مٿي اگهاڙي هلڻ جو حڪم ڪيائين،
نيچ ۽ اڇوت قومن کي برباد ڪيائين“
(اسلام جو هند تي اثر، ’سنڌ‘ باب 3)
برهمڻن جا حق ۽ حڪم:
رگ ويد منڊل، سوڪت 109، منتر6، 7 ۾ آهي.
(1) اگر ڪنهن عورت جا اڳ ڏهه ”غير برهمڻ“ خاوند
موجود هجن ۽ ڪو ’برهمڻ‘ سندس هٿ جهلي، ته پوءِ اهو
ئي سندس خاوند ٿيو، ڇو ته برهمن ئي عورتن جا مالڪ
۽ خاوند آهن، ۽ نه کتري ۽ ويش!
(2) برهمڻ کي ڪنهن به ڏوهه ۾، موت جي سزا نه ٿي
ڏئي سگهجي!
(3) ڪنهن شودر ۽ اڇوت جي ڪنن تي اگر ڀل چوڪ کان
’ويد‘ جي واڻي اچي، ته پوءِ سندس ڪنن ۾ شيهو پلٽي
وڌو وڃي.
(4) شودر ۽ اڇوت جي پيدائش جو غرض برهمڻ جي
غلاميءَ لاءِ آهي.
(5) شودر، مال جمع نه ڪري، پر جي گڏ ڪري ته برهمڻ
کي اجازت آهي ته کانئس کسي وٺي.
(6) شودر جو جيڪو عضوو، برهمڻ جي بي عزتيءَ جو سبب
بنجي، ان کي ڪاٽي ڇڏڻ گهرجي.
(7) اگر اڇوت، برهمڻ تي ٿڪ اُڇلائي ته پوءِ سندس
ٻئي چپ ڪاٽي ڇڏجن.
(8) اگر ڪنهن اڇوت شودر جو ’پاڇو‘ برهمڻ تي پوي،
ته پوءِ سندس لاءِ موت جي سزا واجب آهي.
(9) اڇوت ’ويد‘ جي منتر کي اچاري، ته پوءِ سندس
زبان وڍڻ گهرجي.
ڇا هنن حقن ۽ حڪمن جي موجودگيءَ ۾ هندو ذهنيت ۽
برهمنزم تي ڪو وڌيڪ تشريحي بحث ڪري سگهجي ٿو؟
اهي ئي عناصر ۽ اصول آهن، جن مان برهمنزم جي ذهنيت
ٺهي آهي، ۽ تاريخي طور تي اهي ئي عناصر ۽ اصول،
هزار سالن تائين ’مسلمانن‘ سان وڙهندا آيا آهن.
(وڏيڪ پڙهو)
|