دليل جي آخري ضرب
جام جم عرف پاڪستان ڏانهن پهريون قدم ۾ آيل بحث جي
تائيد ۾، جو تفصيل سان، برصغير هند و پاڪ جي سياسي
پس منظر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو اميد ته ڪافي
ٿيندو. آخر ۾ قائداعظم جي ان تقرير جو اقتباس ڏيون
ٿا، جا تقرير آل انڊيا مسلم ليگ جي ساليانه اجلاس،
دهليءَ ۾ 24 - اپريل 1943ع ۾ ڪئي وئي، جنهن تقرير
کي، هڪ فيصله ڪن خطاب ۽ دليل جي آخري ضرب قرار ڏنو
ويو آهي، جنهن جو ’جام جم‘ جي مندرجات سان ڪافي
تعلق آهي. قائداعظم فرمايو آهي ته:
”سڀ کان اول ايڪٽ 1861ع ۽ ٻئي ڀيري ايڪٽ 1884ع جي
روءِ سان، گورنر جنرل جي نام نهاد ڪائونسل ۾،
مسلمانن کي تمام گهٽ نمائندگي ڏني وئي. نمائندگي
ڏيڻ جو ڍونگ هن طرح ڪيو ويو ته چونڊيل نمائندا،
امپريل ڪائونسل، مقامي ڪائونسلون، ميونسپالٽين ۽
ضلع بورڊن ۾ موڪليا ويا. ان ايڪٽ موجب يقيناً
مسلمانن جو چونڊجڻ ناممڪن هو. ان کان پوءِ 1907ع ۾
منٽو مارلي سڌارا آندا ويا ۽ چونڊن جو دائرو وسيع
ڪيو ويو، پر جڏهن ته مسلمانن کي 1884ع کان وٺي،
1907ع تائين، ڪافي تجربو حاصل ٿي چڪو آهي، تن
جداگانه انتخاب جو مطالبو ڪيو.
مسٽر گوڪلي، جو هڪ وڏي هندوءَ دادا ڀائي نوروز جو
شاگرد هو، تنهن چند اصول اڳيان آندا – مسٽر گوڪلي
فراخدلانه انداز ۾ مسلمانن جي مفاد جي حمايت شروع
ڪئي. جن مان هڪ هي هو ته ’هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ملي
ڪري، پنهنجن حقن جو تصفيو ڪن‘. گوڪلي وڏو فراست جو
صاحب هو. 1907ع ۾ چئي چڪو هو ته ’هڪ وڏي هندو
اڪثريت جي مقابلي ۾، مسلمان قدرتي طرح سان خوفزده
آهن، کين خطرو آهي ته ائين نه ٿئي جو انگريز جي
غلاميءَ مان نڪري، هندن جا محڪوم ٿي وڃن، ۽ اها
ڳالهه اهڙي ناهي، جنهن کي نظر انداز ڪري سگهجي.
اگر تعداد جي لحاظ سان ’هندو‘ ان پوزيشن ۾ هجن ها
ته ڇا، اهي به ان قسم جا شڪ شڪوڪ نه ڪن ها؟ يقيناً
هنن کي به ان قسم جو خطرو درپيش اچي ها ۽ اهي ان
قسم جا مطالبا ڪن ها، جيڪي اڄ مسلمان ڪري رهيا
آهن.‘
دادا ڀائي نوروز جي جهڙن جليل القدر انسانن، اسان
جي دلين ۾ منصفانه ۽ مناسب اتحاد جي اميد پيدا ڪئي
هئي، ليڪن ياد رهي ته ان ئي دور ۾، ’هندو راڄ‘ جا
خواب ڏسي رهيا هئا. مان هت هڪ وڏي هندو ليڊر، مسٽر
بپن چندر پال جي تحرير جو هڪ اقتباس ٿو پيش ڪريان،
جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 1913ع ۾ ئي
هندن جي هڪ وڏي گروه ’هندو راڄ‘ حاصل ڪرڻ لاءِ،
مسلمانن سان ڪشمڪش شروع ڪئي هئي. مسٽر پال، 1913ع
۾ هن طرح خيال ظاهر ڪيو:
”اسان هندن ۽ مسلمانن ۾ جي اختلافات موجود آهن،
اهي رڳو سياسي ۽ اقتصادي مفاد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾
ناهن. اسلامي دور ۾ حڪومت ۾ هندن ۽ مسلمانن جي
مشترڪ حيثيت هئي. ليڪن ان حڪومت هندن جي ثقافتي
اتحاد کي تباه نه ڪيو. اسان مسلمانن کان گهڻو ڪجهه
حاصل ڪيو ۽ انهن کي به ڪجهه ڏنو. ليڪن خيالات ۽
ارادات جي ان تبادلي سان به اسان جي مخصوص ثقافت
کي نقصان نه پهتو. اسان جي مخصوص وصف ۽ ثقافت، ان
چيز لاءِ روح روان آهي، جنهن کي اڄ اسان قوميت
سڏيون ٿا. اها قوميت سياسي خيال ۽ نصب العين جي
ترجماني نه ٿي ڪري، بلڪ اسان جي اجتمائي زندگيءَ ۽
سرگرميءَ جي هر شعبي ۾ جاري ۽ ساري آهي. قوميت جي
اسان واري تخيل ۾ دراصل سياست جو گهٽ دخل آهي.
يورپ جي نام نهاد سياسي ادارن، مدد ڏيڻ جي بجاءِ،
اسان جي حقيقي قومي زندگيءَ جي نشونما ۽ ارتقا ۾،
رڪاوٽ وڌي آهي. عام حالتن ۾، سياسي محڪومي، ان
زندگيءَ جي ٻاهرئين حصي تي به اثر انداز نه ٿي
ٿئي. هندوستان جي قومي تحريڪ، جا لازماً هڪ هندو
تحريڪ آهي، ان جو مقصد آهي، نصب العين جي حيثيت
سان، 1 – هندو قوميت جي حمايت ۽ هندو راڄ، 2 –
فيڊرل بين الاقواميت جي حمايت، 3 عالمگير فيڊريشن
جي حمايت. چندرپال ڪهڙي چيز جي حمايت ڪري رهيو
آهي؟ هندو راڄ ۽ هندو قوميت جي؟ ليڪن، باوجود ان
جي، دادا ڀائي نوروز جي کان حاصل ڪيل اميد جو چشمو
هميشہ منهنجي دل ۾ جاري رهيو. مان ان اميد کي ڇڏڻ
لاءِ ڪڏهن به تيار نه هوس، بلڪ ان کي اڃا به وڌيڪ
قوي تر ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيم.“
ڪانگريس جي اجلاس ڪراچي 1913ع کان پوءِ، مون ٻيڻي
۽ ٽيڻي طاقت سان، جدوجهد شروع ڪئي. ان کان پوءِ ڇا
ٿيو؟ جن ماڻهن کي اهو واقعو ياد آهي، سي ڄاڻن ٿا
ته ان جو مقصد غلط فهميءَ جو ازالو هو، جا هر طرف
ڦهلجي چڪي هئي.
مسلمانن ۽ هندن ۾ ڪيترا ماڻهو اهڙا به هئا، جي ان
طريق ڪار کان مطمئن هئا. ان گروهه ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
ان گروهه ۾ ’مهاپاپي‘ مان ئي هوس؛ مون ڏاڍي مغز
ماري ڪئي ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس، هڪ ئي
شهر ۾ ڪرڻ گهرجن. اها ڪوشش ڪامياب ٿي. اهو 1915ع
جو واقعو آهي. مون وڏي ڪوشش سان، ڪانگريس ۽ ليگ کي
بمبئيءَ ۾ يڪ جا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
ايندڙ اجلاس 1916ع ۾ (مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا) لکنو
۾ ٿيا، اتي اسان هندو مسلم معاهدي تي گڏجي دستخط
ڪيا. ليڪن ان معاهدي کي برطانوي پارليامينٽ، مختلف
طريقن سان، مسخ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مانٽيگو
چيلمسفورڊ سڌارا آيا.
1916ع ۽ 1917ع ۾ مطلع سياست تي، گانڌي جي نمودار
ٿيو ۽ 12 مئي 1920ع تي ’ينگ انڊيا‘ ۾ اعلان
ڪيائين:
”مون وٽ سياست نه پر مذهب اهم آهي! سياست مذهب جي
تابع آهي!“
ياد رهي، ان ئي مبارڪ مهيني ۾، ست سال اڳ، بپن
چندر پال، مٿيون اعلان ڪيو هو، جو بيان ٿي چڪو
آهي، ڏسو ته گانڌي جي ڇا ٿو فرمائي؟
”اها ڳالهه اوهان کي معلوم هوندي، ته ان اعلان کان
پوءِ، گانڌي جيءَ ڇا ڇا ڪيو؟ گانڌي جيءَ چيو:
سياست، منهنجي ڪنهن به فيصلي تي غالب اثر نه وڌو
آهي. اگر مان سياست ۾ حصو وٺان ٿو، ته پوءِ ان جو
سبب فقط اهو آهي، جو سياست نانگ وانگر ڦيرو کائي،
اسان کي چئني طرفن کان گهيرو وجهي ڇڏيو آهي. ان
قلعي مان ڪو به شخص ڪوشش ڪرڻ جي باوجود نڪري نه ٿو
سگهي. ان نانگ سان فيصلي ڪرڻ لاءِ مان پنهنجن
دوستن سان گڏجي هڪ ”تجربو“ ڪري رهيو آهيان ته
سياست ۾ مذهب داخل ڪيو وڃي.“
تفصيل مان اوهان کي معلوم ٿي چڪو هوندو ته گانڌيءَ
اها حرڪت ڄاڻي واڻي، انتقام وٺڻ لاءِ ڪئي هئي.
1921ع ۾ ناگپور ڪانگريس تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ،
گانڌيءَ 13 آڪٽوبر 1921ع جي ’ينگ انڊيا‘ ۾ لکيو.
”مان خود کي سناتني هندو سمجهان ٿو، ڇو ته اول ته
مان ويدن، اپنشدن، پرانن ۽ هندن جي سڀني ڌارمڪ
ڪتابن، اوتارن، آواگون کي مڃان ٿو. ٻيو ته مان ورن
آشرم (ڇوت ڇات ۽ ذات پات جو ڦير برهمڻ، کتري،
وئيش، شودر جي برهمڻن واري تقسيم) کي وڌيڪ صورت ۾
مڃان ٿو. ٽيون ته مان ڌرم جي ڪري گورکشا جو قائل
آهيان. چوٿون ان ڪري ته، مان مورتي پوڄا جو کنڊن
(ترديد) نه ٿو ڪريان!“
گانڌيءَ جي ان صاف اعلان تي ڪجهه قوم پرست هندو،
ڏاڍا بيقرار ٿيا. سندن شڪ جي ازالي لاءِ گانڌيءَ،
دوبارهه 1924ع ۾ چيو:
”ماڻهو اجايون سرگوشيون ڪري رهيا آهن، ته مان سارو
وقت مسلمانن سان گڏ رهان ٿو، ان ڪري هندو ذهنيت کي
سمجهي نٿو سگهان! ائين بلڪل ناهي. مان خود هندو
ذهنيت رکان ٿو، ليڪن هندن جي ذهنيت کي سمجهڻ لاءِ،
هندن ۾ نٿو رهان. اهو به سچ آهي، منهنجي رڳ رڳ
هندو آهي، منهنجو هندوپڻو ڏاڍو حقير چئبو، جو
انتهائي مخالف اثرن ۾ به ڦل ڦول ڏئي نه سگهي!“
”1925ع کان پوءِ، ’هندو مسلم‘ اتحاد لاءِ وري ڪوشش
ڪئي ويئي. هر ڀيري اسان عرضدارن جي حيثيت سان
گانڌيءَ ۽ ڪانگريس جي دروازن تي ويندا هئاسون، ۽
پنهنجون تجويزون پيش ڪندا هئاسون، پر افسوس اهو
آهي؛ جو ڪنهن نه ڪنهن عذر ۽ بهاني کي وچ ۾ آڻي،
هميشہ جواب نفيءَ ۾ ملندو هو. ڪانگريس اتحاد لاءِ
ڪڏهن به ڪي جوابي تجويزون نه ڏنيون. اوهان کي ياد
هوندو ته اسان 1927ع جي آخر ۾، دهليءَ ۾ ڪجهه
تجويزون بنايون هيون، ۽ ان مقصد لاءِ ٻه ڪميٽيون
مقرر ڪيون هيون، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي طرفان، جئن
اهي متفق ٿي مشترڪ سياسي مطالبو پيش ڪري سگهن. مان
اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته گانڌي ئي هو، جنهن قسم
جي تجويز کي ناس ڪري ڇڏيو! اسان پنهنجن تجويزن کي
واپس وٺڻ لاءِ مجبور ٿي وياسين.
ان کان پوءِ ”نهرو رپورٽ“ ميدان ۾ آئي، ان جي
تاريخ اوهان کي معلوم آهي. مولانا محمد علي جوهر،
هڪ آزاد خيال انسان هو. ان بزرگ، ان رپورٽ متعلق
جو ڪجهه چيو، سو مان اوهان کي ٻڌايان ٿو.
فرمايائين:-
”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي دور ۾، سرڪاري اعلان ڪرڻ
کان اڳ، شهرن جي گهٽين ۾ ڍنڍورچي حاڪمن جو اظهار
هن ريت ڪندو هو:
”خلق خدا کي، ملک ملکه کا، حکم کمپني بهادر کا.“
ليڪن گانڌيءَ جي موجوده نهرو رپورٽ جي ماتحت،
ڍنڍورچي، هنن لفظن ۾، هندوستان جي ٻيڻي غلاميءَ جو
اعلان ڪندا ته:
”خلق خدا کي، ملک برطانيه کا، اور حڪم مهاسڀا
بهادر کا.“
ان طرح 1930ع ۾، بمبئيءَ جي هڪ عام جلسي ۾، مولانا
محمد عليءَ فرمايو:
”گانڌي فرقه پرست هندو مهاسڀا جي زير اهتمام ڪم
ڪري رهيو آهي. هو هندو ازم جي اقتدار ۽ مسلمانن کي
محڪوم ڪرڻ لاءِ، وڙهي رهيو آهي. هن سول نافرماني
هلائڻ لاءِ مسلمانن سان ڪو به مشورو نه ڪيو. هو
فاتحانه انداز ۾ مسلمانن کي لتاڙيندي، اڳتي وڌڻ
چاهي ٿو. اسان ڪنهن عهدنامي جي ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي،
اسان ملڪ جا غدار ناهيو. گذريل ڏهن سالن کان هندو
اڪثريت مسلمانن کي ستايو ۽ ايذايو آهي، مسلمانن تي
ظلم ۽ تشدد ڪيو ويو آهي، ليڪن ايتري عرصي ۾،
گانڌيءَ ڪڏهن به حالتن کي سڌارڻ لاءِ، دهشت پسند
ظالم هندن جي مذمت نه ڪئي آهي. ان ”شڌيءَ ۽ سنگهٽن
تحريڪن لاءِ به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي آهي. ان مدراس جي
هندو مسلم اتحاد جي معاهدي کي ٽوڙيو، هاڻي اسان
لاءِ، ان قرآني حڪم تي عمل ڪرڻ کان سواءِ، ٻيو ڪو
به چارو ڪونهي ته –
”اگر ڪنهن جماعت جي طرف کان، دغابازي ۽ عهد شڪنيءَ
جو انديشو پيدا ٿئي، ته پوءِ ان معاهدي کي ان جي
مُنهن تي اڇلائي وجهو!
الله دغابازن ۽ بدعهدن جي چال کي پسند نه ٿو ڪري.“
هي آهي قائداعظم جي دليل جي ضرب، جنهن پاڪستان
لاءِ راهه هموار ڪئي.
اقبال ۽ پاڪستان:
علامه اقبال هڪ مفڪر جي حيثيت سان ملڪ جي سياسي
حالتن کان ايترو ته نااميد ٿيو، جو نهايت والهانه
انداز ۾ قائداعظم کي خط ۾ لکيائين:
”هندوستان ۾، مسلمانن جي حيثيت سان، اوهان جي تنها
شخصيت آهي، جنهن کان قوم اها اميد رکي ٿي ته، اتر
اولهه يا پوري هندوستان ۾ جو سيلاب اچي رهيو آهي،
ان ۾ اوهان ئي قوم جي صحيح قيادت ڪري سگهو ٿا.“
ان طرح علامه اقبال، قائداعظم سان سياسي رفيق ڪار
ٿي ڪم ڪيو. هندن ۽ مسلمانن جي فلسفه حيات جي
اختلاف ۽ تضاد کان متاثر ٿي محسوس ڪيائين ته هي
ٻئي قومون، ڪڏهن به همراز ۽ دمساز ٿي رهي نه
سگهڻيون آهن. چنانچه 1930ع ۾ مسلم ليگ جي اجلاس،
الهه آباد، ۾ چيائين:
”مسلم ايشيا جا سڀ ملڪ مجموعي طرح سان اسلام لاءِ
ايتري گران قدر متاع جي حيثيت نه ٿا رکن، جيتري
اڪيلي هندوستان جي ملت اسلاميه. ان ڪري، هندوستان
جي مسئلي کي صرف ان زاويه نگاهه سان ڏسڻ گهرجي ته
هندوستان ۾ ’اسلام‘ جو حشر ڇا ٿيندو؟ بلڪ پنهنجي
اهميت کي محسوس ڪندي، ان نقطه خيال کان به ڏسڻ
گهرجي ته اسان جي موت ۽ حيات جو اسلامي دنيا تي
ڪهڙو اثر پوندو – منهنجي آرزو اها آهي ته پنجاب،
سرحد، سنڌ، بلوچستان کي ملائي، هڪ واحد رياست قائم
ڪئي وڃي. هندوستان کي حڪومت خود اختياري، برطانيه
جي زير سايه ملي، يا ٻاهر ملي، ڇا به ٿئي، مون کي
ته اهو ٿو نظر اچي، ته اتر اولهه هندوستان ۾، هڪ
متحده اسلامي رياست جو قيام، گهٽ ۾ گهٽ، هن علاقي
جي مسلمانن جي مقدر ۾ لکيو ويو آهي.“
شاعر جو اهو خواب، نيٺ تڪميل تي پهتو ۽ ’پاڪستان‘
بنايو ويو.
اعتراف
’پاڪستان‘ جن حالتن ۾ مليو، اهو به هڪ تلخ باب
آهي. برلا ۽ ٽاٽا جي ڪروڙن رپين جي رشوت اهو ڪم
ڪيو جو بنگال ۽ پنجاب ۽ ڪشمير کي اڌو اڌ ڪيو ويو.
لهٰذا، تمسخر طور، چوڻ وارن چئي ڏنو ته اهو ’لنگڙو
پاڪستان‘ آهي.
ڪن چيو ته پاڪستان جي تحريڪ خود انگريزن جي پيدا
ڪيل آهي. شڪر آهي جو آخري وائسراءِ هند، لارڊ
مائونٽبيٽن ان جي ترديد ڪئي.
اصل ۾، تقسيم جو سبب، ’هندو برهمنيت‘ هئي، جنهن جي
تنگ نظريءَ ۽ ڪم ظرفيءَ، ملڪ کي ڏولائي ۾ وڌو،
لکين ماڻهو فسادن ۾ مئا، ڪشيدگيءَ ۽ ڪشمڪش جو
بنياد پيو ۽ ان کي بين الاقوامي سياست، هَوا ڏئي
دور دکائي ڇڏيو آهي.
هندن جي مشهور عالم، محقق، ماهر تعليم ۽ مورخ،
پنڊت سندر لال جي هڪ تقرير جون 1966ع ۾ شايع ٿي
آهي، جنهن ۾ چيو اٿس:
”منهنجي هڪ پراڻي ساٿيءَ، لاله لجبرام، هندو مسلم
جهڳڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول اها تجويز پيش
ڪئي هئي ته مسلم اڪثريت جو علاقو، الڳ ڪيو وڃي.“
ان کان سواءِ قائداعظم متعلق چيو اٿس:
”قائداعظم ملڪ جي تقسيم جي بلڪل خلاف هو، ان تي
خواه مخواه اهو الزام لڳايو ٿو وڃي. ملڪ جي تقسيم
اصل ۾ هندن جي تنگ نظريءَ ۽ تعصب جو نتيجو آهي.
خود لاهور ريزوليشن ۾، ملڪ جي تقسيم بابت ڪو به
ذڪر ناهي!... ملڪ جي تقسيم جو ذمه دار قائداعظم نه
پر فرقه پرست هندو هئا.
اوهان (مسلمانن
ڏانهن خطاب) ائين نه ڪجو، جنهن غلطيءَ جو ارتڪاب
هندن ڪيو آهي، ان کي نه دهرائجو. انهن ملڪ کي ٽوڙي
ٽڪرا ڪري ڇڏڻ منظور ڪيو، پر واڻڪي ذهنيت
مان هٿ نه کنيائون. هندن جي تنگ نظريءَ جي ڏينهن
ڏيکاريا آهن، سي اسان جي سامهون آهن.
منهنجا دوستو! تقسيم جو قصور- وار قائداعظم محمد
علي جناح نه آهي، هو ملڪ کي پاش پاش ڪرڻ جي خلاف
هو. مون کان ٻڌو! ملڪ جي تقسيم جي تجويز ڪنهن پيدا
ڪئي. اوهان لاله لجپتراءِ جو نالو ٻڌو آهي؟ منهنجو
دوست هو ۽ وڏو انقلابي هو، ليڪن جڏهن ذهن ۾ بگاڙو
آيو تڏهن تنگ نظريءَ جي فضا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾
هن سڀني کان وڌيڪ حصو ورتو. ان سڀ کان اول، مسلم
اڪثريت جي علاقن کي الڳ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ۽
تحرير ۽ تقرير ۾ ان جي تبليغ ڪيائين.
ان کان متاثر ٿي، انگريزن هندوستان کي پنجن حصن ۾
ورهائڻ جي اسڪيم بنائي،
در اوڙستان، راجستان، هندوستان، پاڪستان ۽ سکستان.
ان کان گهڻو پوءِ، رحمت الله چوڌري، سر محمد
اقبال، خالد لطيف گابا، وغيره جا نالا اچن ٿا،
جن ان تجويز
متعلق پنهنجا رايا پيش ڪيا.
(هندن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائين): اي هندوء!
مان انصاف جي ڳالهه ٿو ڪريان. اوهان جي تنگ نظري ۽
تعصب آڏو نه اچي ها ته هيئن نه ٿئي ها! جڏهن مسئلي
جو حل اڳيان آيو ٿي، تڏهن اوهان جي ’واڻڪي ذهنيت‘
ڪم ڦٽايو ٿي. مسلمانن چار آنا ٿي گهريا، اوهان
ساڍن ٽن آنن تي اِٽَ هڻي بيهي رهيا! توهان جي ان
واڻڪي ذهنيت ٺهيل ۽ سلجهيل معاملو خراب ڪري ڇڏيو.
گوڪلي به مسلمانن جي حق جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
خواهشمند هو، پر اي هندو! اوهان 51 سيٽن تي اِٽ
هڻي بيهي رهيا! اوهان جون اهڙيون گهڻيون حرڪتون
آهن، جن ۾ اوهان جي تنگ نظري، عصبيت، ضد ۽ هٺ ڌرمي
ڪم بگاڙيو آهي.
- هندؤ! اوهان سکن کي به برداشت ڪري نه سگهندؤ!
سکن، اوهان جي تنگ نظريءَ کان مجبور ٿي، سک صوبو
گهريو آهي.
هندؤ! ناراض نه
ٿجو! منهنجون ڳالهيون ڪنن کي کولي ٻڌو! اوهان ۾ ڪي
اهڙا ماڻهو پيدا ٿي چڪا آهن، جي چون ٿا ته مسلمان،
سک ۽ عيسائي سڀ ’هندو‘ ٿي وڃن يا ٻاهر نڪري وڃن،
سو منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌو: اگر اهي سڀ ’هندو‘
به بنجي وڃن ته به اوهان جو جهڳڙو طئي نه ٿيندو –
پوءِ جهڳڙو هلندو، ڪشميري برهمڻ ۽ قنوجي برهمڻ جو!
اوهان کي معلوم آهي ته گروگوڪلداس، هندو راشٽر
ٺاهڻ گهري ٿو. حالانڪ هو پشياون برهمڻ آهي، ۽ هند
۾ چيتتياون برهمڻن جو راڄ گهري ٿو، جن جي نسل سان
مهاراشٽر جي آباديءَ جو تعلق آهي. مطلب ٻيو ڪجهه
ناهي، ته هو برهمڻ راڄ گهري ٿو. اوهان
سمجهو ٿا ته جن سنگهه ۽ آر. ايس. ايس جي حڪومت ۾
وڃڻ سان ڪو فائدو ٿيندو، سو غلط آهي؛ اوهان کي اهي
به لوڌي ڪڍي ڇڏيندا.“
(جنگ ڪراچي. 1 – جولاءِ 1966ع)
هي آهي، پنڊت سندر لال جو اعتراف.
بهرحال، هن مفصل مقدمي ۾، نه فقط 1857ع کان وٺي
1920ع تائين ملڪ جي سياسي حالات جو تنقيدي جائزو
ورتو ويو آهي، پر ان سان گڏ ’پاڪستان تحريڪ‘ جا
مختلف سياسي مرحلا به اچي ويا آهن، جن جي مطالعي
ڪرڻ سان اميد ته ڪيئي غلط فهميون دور ٿي وينديون.
’جام جم‘ ۾ اڄ کان 50 سال اڳ جو ڪجهه بيان ڪيو ويو
آهي، هي مقدمو ان جي تشريح آهي، ۽ ان جي مندرجات
جي تڪميل به آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سنڌي
نقادن ۽ عالمن ’جام جم‘ کي ”پاڪستان ڏانهن پهريون
قدم“ قرار ڏنو آهي. صاحب مطالعہ دوستن کي، هن کان
علاوه ٻيا به ڪيئي محققانه ڪتاب ملي سگهندا، جي
سندن مقصد ۽ سياسي جدوجهد تي بيش بها مواد پيش ڪري
سگهندا.
غلام محمد ”گرامي“
|