سيڪشن؛    علميات

ڪتاب::جام جم

باب: --

صفحو : 11

جام جم

غلام محمد گرامي


 

جيڪي مسلمان هوم رول جي موافق آهن،

تن جا ٽي قسم آهن!

 

هڪڙا ته ڪن ڳالهين تي يوروپي آفيسرن کان ڪاوڙجي هوم رولي ٿيا آهن. ٻين هندن جي ڳٽڪن ۽ سندن حمايت ۽ پشت پناهيءَ جي ڀروسي تي ائين ڪيو آهي. ٽيان وري ان ڪري به آهن ته هندوستان جي عالي دماغن مان اها وائي، موافقت جي نڪتي آهي ته ضرور ان ۾ ڪو فائدو هوندو، يا سمجهيو اٿن ته لڙ بکيڙي مان ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو.

پهرين ٻن فرقن جا جواب مٿي اچي ويا آهن، ته اها سندن غلطي آهي.

باقي اسان انهن عالي دماغن جو به آپريشن ڪيون ته منجهن ڪو مغز به آهي يا رڳو دماغ عالي ۽ دليل خالي اٿن. سنڌ جون هندو اخبارون به اسان کي انهن جو ڏس ٿيون ڏين ته اوهان جا وڏا هوم رول ۾ راضي آهن، اوهان ڇا تي آهيو؟ اهي صاحب به آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا آهن، نه فرشتا آهن نه نبي. خطا ۽ نفسانيءَ کان اهي به خالي ناهن، تن ۾ به اختلاف آهي. ”پنج هيڏي ته پنج هوڏي!“

هندوستان يا پنجاب ۾، اگرچ سنڌ کان وڌيڪ تعليم آهي، پر تڏهن به اتي گهڻن ضلعن ۾ هوم رول جي مخالفت آهي، جو طرفين جون اخبارون مون وٽ اچن ٿيون. اهي وڏا دماغ ڪير آهن: مسٽر جناح، مسٽر مظهرالحق، خانبهادر سرافراز حسين، مسٽر آل نبي، سيد نبي الله، مسٽر محمد شفيع، مسٽر علي رضا، مسٽر حسن امام، مسٽر علي امام، راجه محمود آباد ۽ ٻيا مسٽر محمد علي ۽ مسٽر شوڪت علي ته ويچارا بند ۾ آهن.

مسٽر محمد شفيع به سندن دين الاهيءَ کان مخوف ٿي ويو. باقي جيڪي سندن دليل مون وقت بوقت هوم رول جي تائيد ۾ روزانه ’همدم‘ يا ٻين اخبارن ۾ پئي ڏٺا آهن، سي اهڙا ڪمزور آهن، جي اسان ننڍڙن دماغن کي به نه ٿا وڻن. رڳو ڪکن تي پير اٿن!

انهن جو لب لباب، تنهن ڏينهن، مسٽر آل نبيءَ هڪ وڏي ميٽنگ ۾ ڏيکاريو آهي. جن تي هن وقت تبصرو ڪيون ٿا ته نبيءَ جي آل ۽ امت جو فيصلو ٿئي.

شاهه آباد جي فساد کان پوءِ هندن جي حالت ڏسي، آنريبل مسٽر علي رضا به ليگ، بلڪ ڪائونسل تان به استعفا ڏيڻ وارو آهي، ۽ مسلمانن کي موڪل ڏني اٿس ته هو ’ليگ‘ ۽ ڪانگريس جي اسڪيم جي بيشڪ مخالفت ڪن، جو آئنده هندن ۾ اعتبار ڪو نه رهيو آهي.

هاڻي 5 لک گڏ ٿيا هئا، پوءِ 5 ڪروڙ گڏ ٿي مسلمانن کي ڦُريندا.


 

نبيءَ جي آل ۽ اُمت

سندس تقرير تي تبصرو

 

(1)

پاڻ فرمائين ٿا ته شايد مون کي مسلمان سمجهندا ته مان به اهڙو آهيان، جو مسلمانن جي مفاد جي مدنظر نه رکي هندو ڀائرن جي ترغيب تي، انهن جو تابع ٿيو آهيان، مگر مان مسلمان آهيان ۽ انهن جي بهبوديءَ جو طالب، تنهن ڪري پنهنجي تجربي جي زور تي چوان ٿو ته مسلمانن جو هن تحريڪ ۾ حصو نه وٺڻ سراسر نقصان آهي.

جواب

بيشڪ حضور! اوهان پاڻ به مسلمان آهيو ۽ اسم ’نبيءَ‘ جو اولاد ۽ آل. اوهان کي خير سان مسلمانن جي فائدن جو خيال به ضرور هوندو، مگر انسان خطا جو گهر به آهي. متان ان اجتهادي مسئلي ۾ خطا ڪئي هجيو.

هوم رول جي مخالفت ۾ ڪيئن مسلمانن جو نقصان ٿيندو، تنهن لاءِ دليل ڪو نه ڏنو اٿو، تنهن ڪري اها اوهان جي دعويٰ بي دليل آهي، ۽ تجربو بي سود!

(2)

وري فرمائن ٿا ته هن وقت سرڪار کان مطالبو ڪجي ٿو، سو ڇا آهي؟ ائين ناهي ته هوم رول ۾ ڪا قطعي ’خود حڪومت‘ گهرجي ٿي، جيتوڻيڪ ان جي اها ئي معنيٰ آهي، مگر ڪا هڪدم ملندي ڇا؟ ۽ ائين به نه آهي ته ان جي ملڻ سان هندو صاحب ڪو ان تي مسلط ٿي ويندا، ۽ مسلمانن کي فنا ڪري ڇڏيندا! اها غلط فهمي آهي. ڇو ته مسلمانن کي جيڪو هاڻي يوروپي آفيسرن جو سهارو آهي، پوءِ به سندن اهو رهندو ۽ طلب به اوتري ٿي ڪجي، جيتري لاءِ ملڪ ۽ مسلمان تيار آهن.

جواب

اسان جو عرض آهي ته سچ، اها خود حڪومت يڪدم نه ملندي، پر تيستائين اسان جا مسلمان ان جا اهل ٿي ويندا ڇا؟ ۽ جيڪڏهن خود حڪومت ملي ته پوءِ هندو ان تي ڇو نه مسلط ٿيندا. مُنهن ويهي ڏسندا ڇا يا مسلمانن کي به صلاح ڪندا ته ونڊي ورهائي کڻون! يورپي آسري کي جڏهن هتئون جو هوم رولي به قبول ڪن ٿا ۽ ثابت آهي ته هن وقت به يورپي آفيسر هندن جي حملن کان حمايت ڪري نه ٿا سگهن، ته پوءِ وري ڇا ڪندا؟ سو ڀروسو به ڪارِ جهڙو نه ٿيو. ڇو ته اهو ممڪن ناهي ته پوءِ به ايترا يورپي آفيسر رهن ۽ ايترو اختيار هجين. اسان کي نبيءَ جو اولاد ٻڌائي سگهندو ته ملڪ، يعني هندو ته برابر تيار آهن، مگر مسلمان ڪيئن تيار آهن ۽ ڪيتري لاءِ؟ تنهن جي تشريح ته ڪرڻ گهربي هئس. نه ته جيتري قدر اسين تيار آهيون، اوتري قدر سرڪار اسان کي حق ڏيندي ٿي وڃي، پوءِ هوم رول چه معنيٰ؟

(3)

وري فرمائن ٿا ته هي ڪو باور ڪندو ته جي طاقتون هڪ قوم کي خوشحال ۽ ذي علم بنائي ٿيون سگهن؛ سي ٻيءَ قوم کي ميٽائي ڇڏينديون؟ يا هئن ڪو چئي سگهندو ته جئن ملڪ جي هيءَ گهُر آهي ته تعليم جا دروازا ڪشادا ڪجن، زوري ۽ مفت تعليم، لازمي ڪجي ته ان مان مسلمانن کي نقصان پهچندو؟

جواب

اسان جو عرض آهي ته جناب من! هن منيءَ صديءَ تائين به ساڳيون طاقتون هيون. پوءِ ڪيئن هڪ خوشحال قوم ذي علم ٿي وئي ۽ ٻيءَ کي ڪوڏر ڪلهي تي، رنبو هٿ ۾ آهي! توڻي ان ۾ ڪنهن قوم جو قصور آهي، مگر ساڳيون قومون ساڳيون طاقتون موجود آهن، پوءِ فرق ڇو ٿيو؟ تنهن مان ثابت آهي ته اهو فرق هميشہ هليو ايندو. زوري ۽ مفت تعليم ۾ به مسلمانن لاءِ فائدو ڪونهي، ڇو ته تعليم جو سڀ واڳون ٻيءَ قوم جي هٿ ۾ آهن. خرچ باري آهي، ماستر ۽ ممتحن اهي آهن، تن ۾ مسلمان هرگز ڪامياب نه ٿيندا، جيستائين تعليم انهن جي هٿ ۾ نه ڏجي، ۽ ساڻن مخصوص رعايت نه ڪجي. تنهن لاءِ هوم رول حامي نه ٿيندو، بلڪ جيستائين ڪو نه ڪو ثالث باالخير اها ڪاڻ ۽ ڪمي، خاص رعايت ساڻ پوري نه ڪري، تيستائين،

خير صلاح، مهرالله!

اها ئي ڪمي اسان کي هوم رول وٺڻ کان مانع ٿئي ٿي.(1) پر جيڪڏهن اسان کي تعليم لاءِ سڀ سهنج به ٿي وڃن، ته به اسين اها وٿي ڪڏهن به نه ڀري سگهنداسون، حتيٰ ڪه اسين هميشہ پنهنجي جداگانه هستي ۽ قوميت قائم نه رکون ۽ جدا حق نه ٺهرايون؟ ورنه انهن جي پهلو به پهلو هلڻ ۾ ڪڏهن به مسلمان با مراد نه ٿيندا. ان لاءِ اسان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو اسان جو سچو خير خواه ٿئي ته تعليم جي به جدا جدا هنڊيا چاڙهائي، ۽ پوليٽيڪل ڪمن جي به. جئن اول مسلم ليگ جو نصب العين هو مدغم ٿيڻ، مرگ مفاجات ۽ مقابلي ۾ بيهڻ ڪاري وارد!

(4)

وري فرمائن ٿا: جيڪڏهن محڪمهء مال جي مختلف کاتن ۾ ڏيهي ماڻهن کي وڏا عهدا ۽ وڏيون پگهارون ملنديون، ”بشرطيڪ قابل ثابت ٿين“ ته ڪو چوندو ته ان ۾ مسلمانن کي نقصان ٿيندو؟

جواب

ان بابت اسان وڏي واڪي عرض ڪنداسين ته بيشڪ مسلمانن کي نقصان پهچندو. ”او“ جناب جي بشرطيڪ واري شرط ڪري ته جيڪڏهن ”قابل ثابت ٿين“، ٻيڙي انهن لفظن ۾ ٻڏل آهي. اسان وٽ جناب جهڙو هڪ قابل هوندو ته حريفن وٽ اهڙا هزار آهن، پوءِ ڪئن اهو لولو ڪانون کان بچندو، ۽ اسان کي وڏا عهدا ملندا.

اين خيال است و محال و ست و جنون

(5)

سندن فرمان آهي ته جيڪڏهن هي گهُر ڪجي ته اسان کي به فوجي نوڪرين ۾ ڪميشنڊ جون جايون مِلَن، اسين ڪرنيل جرنيل ٿيون ته ان ۾ به مسلمانن کي ڪو نقصان آهي ڇا؟

جواب

اسين چونداسين ته بيشڪ، ڇو ته ان ۾ به جناب جي بشرطيڪ جو شرط علميت پيل آهي. نه ته سر ڪپائڻ لاءِ هوند اسان جا ڀائر بيشڪ اسان کي اڳي ڪن، سو جيڪڏهن ڪرنيلي جرنيلي اسان جا سرويچ مسلمان ڪرچون لڙڪائن ۽ فقط اهو صيغو انهن لاءِ مفيد به ٿئي، مگر اتي به بشرطيڪ جو دم لڳل آهي ته پوءِ مسلمانن جون اهي ئي ٽي ڌاڻيون!

(6)

وري فرمائن ٿا، جيڪڏهن هٿيارن جو قانون رد ٿي وڃي، جنهن کان اسان جي نسلن جون بهادريون ۽ جراتون ناس ٿي ويون آهن ته ڇا اهو به مسلمانن لاءِ مضر آهي؟

جواب

اسين عرض ڪنداسين ته هائو جناب! بهادري ۽ جرات جِهل ۾ آهي، اها اسان وٽ موجود آهي. جي هٿيار ناهن ته اسان جا مسلمان لٺين ۽ ڪهاڙين کان به اهو ڪم وٺن ٿا. جيڪڏهن هٿيارن جي بندش لٿي ته پوءِ وري اسان جي ڀائرن، ڪچي پنڊيءَ جو خير ڪونهين. جهڙو سنڌ ۾ جهل ۽ ڏڪر ۽ ٻوڏن ۽ سوڪن جو حال آهي، جو بندش سان به سوين خون ٿين ٿا، ڌاڙا لڳن ٿا، پوءِ جي بندش ٿي ته ڄٽ پوک جو ڪم به ڇڏي ڏيندا ۽ سڻڀن ڀائرن تي ڪندا هٿيار آزمائي، جنهن ۾ طرفين کي نقصان. هو ڦاسيءَ تي چڙهندا ۽ اسان جي ڀائرن جو گورو گنگا تي. هن مان ته وڌيڪ بي امني ۽ فساد ٿيندو. هان، مگر ٻين پاسن جا هندو، سنڌ جي مسلمانن جهڙا ڪم ٿا رکن، جن جو احوال ”آفتاب“ 20 – آڪٽوبر ۾ ڏنل آهي ته ڪئن ٿا مسلمانن کي بيگناه اسلامي فرض ادا ڪندي، گُڏِن جي هٿيار ملين ته پوءِ مسلمانن کي به ملڪ، بهشتن ڏي اماڻيندي ٿڪجي پوندا.

غرض ته عام هٿيار ملڻ باعث، فساد ۽ بي امني جو ٿيندو. باقي لائق ماڻهن لاءِ رستوکليل آهي، کين معافيون ۽ ليسن مليل آهن. سنڌ جا هندو هٿيار ڪمائي سگهندا، جو اهڙي گهر ٿا ڪن، نه ته سندن هٿيار، سندن لاءِ جوکو ٿيندو!

(7)

وري واپار جي محصولن لاهڻ ۽ حرفت صنعت کي ترقي وٺائڻ لاءِ به فرمايو اٿن ته مسلمان ڪاسبين کي هٿان فائدو ٿيندو يا نقصان؟

جواب

ان بابت به اسان جو عرض آهي ته ”نڀاڳو ٻار پينگهي ۾ پڌرو“. جهڙو هينئر هنر ۽ واپار ۾، بلڪ پوک ۾ مسلمانن کي کٿو ڪلهي تي آهي، پوءِ به اهو ئي حال ٿيندن، ڇو ته سندن گذران قرض تي آهي. اهي وسائل به سڀ هو قرض مان پورا ڪندا، جن تي وياج باري، ساري عمر خواري، سدائين رلي ڪلهي تي ۽ ڪلمون نبيءَ تي!

(8)

وري فرمائن ٿا: جيڪڏهن خواهش ڪجي ته ملڪ کي حڪومت ۾ وڌيڪ حصو ملي ته ڇا مسلمانن کي ڪجهه به ڪين ملندو؟

جواب

اسان چئون ٿا ته ’همان کاسه همان آش‘، ڌوڙ ملندو! جن ۾ لياقت علميت آهي ئي ڪا نه. جيڪي وري لياقت حاصل ڪن ٿا، ته انهن جو نمبر ايترو گهٽ آهي، جو قيامت تائين وارو نه ٿو اچين. ڪو آفيسر مهرباني ٿو ڪري ته پڪار پئجي ٿي وڃي، پوءِ ڪيئن مسلمانن کي حڪومت جو حصو ملندو، جيستائين ساڻن خاص رعايت نه ڪجي، ۽ هوم رول اها رعايت ڪڏهن منظور نه ڪندو.

(9)

پوءِ فرمايو اٿن ته اهي حق آهن، جي ڪانگريس ۽ ليگ گڏجي گهرن ٿا. پوءِ جيڪا ڳالهه ڪانگريس گهرندي، سا مسلم ليگ گهري ته ان ۾ هن پنهنجي قومي وقار کي وڃايو ڇا؟ ۽ پنهنجي عزت ڪانگريس کي وڪڻي ڇا؟ اهو غلط آهي.

جواب

اسان جو چوڻ آهي ته جناب، جنهن بابت اسين هر هڪ فقري تي جواب ڏيندا آيا آهيون ۽ اسين چئون ٿا ته ڪانگريس پنهنجي لياقت ۽ وت آهر گهري، مسلم ليگ پنهنجي وت آهر. پر جيڪڏهن چڙي باز سان اڏامندي، ته پنهنجو وقار نه وڃائيندي ته ٻيو ڇا؟ تڏهن ڇا لاءِ مسلم ليگ ٺهي هئي؟ يا ٺهڻ کان پوءِ يڪدم اهڙي معراج تي چڙهي وئي جو يڪدم ڪانگريس سان ڪلهو هنيائين ۽: ”تو من شدي، من تو شدم“ ٿي وئي! ان ڪري گهڻا اهل راءِ ۽ مبصر مسلم ليگ جي ان روش کان ناراض آهن. هي آهن عالي دماغن ۽ وڏن مغزن جا دليل ۽ رايا!

اڃا ڪجهه سندن دليل هئا، مگر خاص مٿي اچي ويا. ٻين جو به اهو نمونو سمجهڻ گهرجي ته رڳو لفاظي ۽ چالاڪي آهي، عمدو دليل ڪونهين، جو دل سان لڳي.

تناسب اعداد 30 في صديءَ تي خوشي ڏيکاري اٿس، سا به ٿي ساري هندوستان جي آدم شماريءَ تي. باقي ’سنڌ‘ ۾ ته انهيءَ تعداد سان، مسلمانن جي ٽنگ کڄي پوندي! بلڪ ٻين هنڌن تي هينئر 30 جي بجاءِ 40 في صدي آهي، سا اڃان ڏه به گهٽائي ٿو – افسوس ته اهو آهي جو اسان جا وڏا مغز مسلمان، يا ته ڪجهه نه ڪن، جي ڪن ته حد کان زياده، يا، ”بي نمڪي، يا شورا شوري“ – وڌيڪ افسوس ته اهو به جو هندن پيشوائيءَ سان، گويا اڄ ڪلهه اسان جا اهي ئي امام آهن. ڪو مورتي پوڄا ۾ ديوي بسنتي مائيءَ جا چرن ٿو چمي، ان کي گلن جا هار ٿو پهرائي، ڪو پنهنجي جلسي جو آغاز ’بندي ماترم‘ جي بسم الله سان ٿوڪري. اسان جي عالي دماغ، آنريبل حسن امام ته يا حسين ڪري ڇڏي!

ڇا؟ - چي، ڪلڪتي مان ڦيرائي جي ڪانگريس سندس صوبه بهار ۾ ڪن، ته يڪدم 30 هزار نقد، ان ديويءَ تي ٻل چاڙهيندو. اهڙو ڪو غضب! جو امام مهديءَ جي نزول تي به هوند ڪو مومن – مسلمان ايڏي قرباني نه ڪري. مسلمانن جي احتجاجن ۽ مفلسيءَ جا هو حال، اسان جي امامن جا هو ٽوپا. ”ڪاٿي چور سڃا، ڪاٿي ڍور سڃا!“ اسان وٽ ان جي ٽين پتي هجي، ته به هوند ايڊوڪيشنل ڪانفرنس جو ڌام ڌوم سان جلسو ڪري گذرون.

غرض ته مون چرئي کرئي، پنهنجي ناقص عقل موجب، ڏاڍو ان تي مٿو هنيو آهي. جيڪڏهن سبز باغ مان هڪ ٽاري سائي، يا ڪو گل ٻوٽو ڏسڻ ۾ اچي ها ته منهنجو نالو اڳي ئي

 

”بلبل“ آهي، هوندو جهٽ پٽ ٽپ ڏيئي، ٻک وجهانس ها. مگر خزان ئي خزان، خار ئي خار نظر ٿا اچن، تنهن ڪري منهنجو عرض آهي ته هن بابت مون ۽ آفتاب جي خاطن، ڏاڍو گهڻو لکيو آهي، ته اسين في الحال ۽ باالفعل هوم رول جي لائق نه آهيون ۽ نه ان کي خراب ٿا چئون ۽ نه گهرندڙن کي. ڇو ته هي راين جا اختلاف آهن. هڪڙا هونءَ ته هڪڙا هيئن! جيڪڏهن هوم رول هندن جي ’ها ها‘ سان ملي ويو ۽ ان مان ڪو اسان کي فائدو پهتو ته اسان جو اعتراض غائب! ۽ جي ڪو نقصان پهتو ته پوءِ مواقفن کي هئن چوڻ لاءِ اسان کي وجهه ملندو ته بابا! ”کردني خيوش آمدني پيش!“ هاڻي لوڙيو! ۽ اسان کي پڪارڻ لاءِ به سبب

نوٽ:- هندوستان جي عالمن فتويٰ ڏني آهي ته مسلمانن کي اهڙا ڪم ڪرڻ شرڪ ۽ گمراهي جو مرتڪب ٿا ڪن، جهڙو مورتين کي گلن جا هار پهرائڻ ۽ غير قومي رسمن جي تشبيہ ۾ شرڪت ڪرڻ. – (بلبل)


 

ملندو ته اسين اوهين مخالف هئاسين، تنهن ڪري سلامتيءَ جو رستو اهو آهي ته باالفيل جداگانه ٿيڻ جي مخالفت ڪرڻ اسان جي مناسب حال آهي، پوءِ کٽن اسان جا ڀاڳ!

---

پڇاڙيءَ ۾ اسين هي ظاهر ڪرڻ به مناسب ٿا ڄاڻون ته هندوستان جا جيڪي به مدبر ۽ وڏا مغز ڪوٺجن ٿا، جن جي پيروي لاءِ اسان جو آنريبل مسٽر ڀرڳڙي صاحب ۽ ٻيا ڀائر هندو، اسان کي ڏس ڏين ٿا، ۽ ڪن جا هڪ طرف رايا ’الامين‘  پنهنجي سپليمينٽ ۾ ڏيکاريا آهن. سي به هندو اخبارن جي اقتباس مان. تن مان تمام گهڻا صاحب، راجه محمود آباد واري تائين اهل تشيعه آهن ۽ مسٽر جنها به ٻئي فرقي جو آهي، جهڙا بوري ۽ خوجا! پوءِ سڀني کي روشن آهي ته خود مسلمانن جي فرقن ۾، پاڻ ۾ ڪيڏانهن اختلاف ۽ ٻيائي ۽ بغض ۽ نفاق آهن. پوءِ اهڙن جي پٺيءَ ويچارا ’سنڌي سني‘ ڪيئن لڳن! هنن کي نه تعليم ۽ دولت جام آهي ۽ سندن فرقو به ٻيو. سي عام راين ۽ حاجتن، خصوصاً اهل سنڌ جي ڪهڙي پرواهه رکندا؟ جن جي ڳٽڪن تي اسين لڳون ۽ پنهنجي سفيد سياهه جو مالڪ انهن کي سمجهون. خدا هر ڪنهن کي پنهنجو عقل ۽ سمجهه ڏني آهي، نفعو نقصان جاچي سگهي ٿو. هنن جا ۽ اسان جا رايا، عام طرح پبلڪ اڳيان ظاهر ٿي چڪا آهن، هاڻي سڀ ڪو امتياز ڪري سگهي ٿو – هرون ڀرون، مسلمان اهڙا نپٽ ڪين آهن، جو پنهنجو نفعو نقصان نه سڃاڻن، يا حاڪمن جي رڳو خوشامد ڪن. ’الامين‘ جيڪي قول موافق، پنهنجي چوپڙيءَ ۾ ڏيکاريا آهن، ته وري مخالفن جا به ڏيکارڻ گهربا هوس. کيس ’امين‘ ٿي ٻئي پهلو قوم جي اڳيان رکڻ گهربا هئا، ائين نه ته رڳو پنهنجن دوستن جي پيرويءَ تي، يڪ طرفي ڊگري صادر ڪرڻ گهرجي ها، جن کان مسلمانن جا جهڳا ناس ٿي ويا آهن!


 

(1)  هن بابت مسٽر ڀرڳڙي صاحب جو سندس تقرير ۾ منطقي قول آهي ته اها گهٽتائي تعليم جي پاڻ ’هوم رول‘ گهرڻ لاءِ سبب آهي، ۽ ان مان هوم رول جو ڪيس، ثابت آهي.

اسان جو عرض آهي ته جيڪڏهن اها گهٽتائي طرفين قوم ۾ هجي ها ته البت سندس ڪيس ثابت ٿئي ها، مگر فقط هڪ قوم جي گهٽتائيءَ کان سندس ڪيس ڊسمس ٿي ٿو وڃي.

 -(بلبل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org