مقدمو
’جام جم‘ مرحوم شمس الدين بلبل جي صحافي فن جو هڪ
تاريخي يادگار آهي، جنهن ۾ ’آفتاب سنڌ‘ اخبار ۾
آيل اُهي ايڊيٽوريل آهن، جي هوم رول تحريڪ ۽ سنڌ
جي مسلمانن جي حقن ۽ مطالبن جي حفاظت لاءِ، 1918ع
ڌاري لکيا ويا آهن.
برصغير هند و پاڪ جي سياسي تاريخ جا ڄاڻو، 1857ع
کان 1920ع تائين جي هنگامه خيز ۽ ڪشمڪش واري سياسي
دور کان واقف آهن. ان دور ۾ اڳتي هلي ملڪ کي آزاد
ڪرائڻ جي سلسلي ۾ هندن ۽ مسلمانن طرفان ڪيئي
تحريڪون پيدا ٿيون، جئن هوم رول تحريڪ (1916ع)،
ڪانگريس، هندو مهاسڀا ۽ مسلم ليگ وغيرهه –
’بلبل‘ جي پر آشوب دور ۾، هوم رول تحريڪ جي آڙ ۾،
مسلمانن جي مستقل تهذيبي ۽ سياسي حيثيت کي نظر
انداز ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي ويئي، ان جي خلاف،
آفتاب سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ دليل دلائل پيش ڪري،
مسلمانن کي خبردار ڪيو ويو ته هو دام هم ونگ زمين
۾ نه ڦاسن.
ان سلسلي ۾ ان دور جي سياسي ليڊرن جي خيالات تي پڻ
تنقيد ڪئي ويئي، خاص طرح سان رئيس غلام محمد خان
ڀرڳڙيءَ جي راين سان، سخت اختلاف ڪيو ويو آهي، جو
هوم رول تحريڪ کي مسلمانن لاءِ نفع بخش قرار ڏئي
چڪو هو.
’بلبل‘ مرحوم صاف بيان ڪيو آهي ته هندن ۽ مسلمانن
جا باهمي تعلقات نهايت خوشگوار ماحول ۾ گذري سگهن
ٿا، پر هندو زيادهه اشتعال انگيز حرڪتون ڪري،
مسلمانن کي برغلائن ٿا، ۽ کين سبز باغ ڏيکاري،
پنهنجو آله ڪار بنائن ٿا. هندو، انگريز جي سايه
هيٺ، مسلمانن کي پنهنجو غلام رکڻ گهرن ٿا.
بلبل ان تي بحث ڪيو آهي ته هندن ۽ مسلمانن جي
وڌندڙ باهمي ڪشمڪش جو علاج اهو آهي ته هندن ۽
مسلمانن جا مذهبي، سياسي ۽ تهذيبي حقوق ۽ مطالبا،
جداگانه نموني ۾ تسليم ڪيا وڃن ۽ چونڊون ڌار
ڪرايون وڃن. جن صوبن ۾ مسلمانن جي ڪثرت آهي، انهن
۾ کين پراونشل آٽانامي ڏني وڃي.
’جام جم‘ جي ان تاريخي تحرير جي افاديت ۽ اهميت جي
پيش نظر، ڪيترن سنڌي محققن، ان تحرير کي پاڪستان
جي تشڪيل ۽ تعمير جي تاريخ ۾ اوليت جو شرف بخشيو
آهي.
اها حقيقت بيشڪ درست آهي. ’بلبل‘ صاف طرح بيان ڪيو
آهي. ’جام جم‘ جي ان نصب العين لاءِ مرحوم خادم
لاڙڪاڻوي لکي ٿو:
”جام جم جو لکندڙ ’بلبل‘ پهريون شخص هو، جنهن
پاڪستان جو عملي طرح پهريون قدم کنيون پاڪستان
لاءِ هيءَ گويا پهرين صدا هئي. ان وقت جا ليڊر رڳو
چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن
’بلبل‘ جداگانه قوميت جو آواز بلند ڪيو.“
(تقريظ:’ديوان بلبل‘ ص 54، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد)
اخبار نويسي
’بلبل‘ سنڌ جو پهريون صحافي آهي، جنهن صحافت کي
فني معراج تي پهچايو. ان سلسلي ۾ هيٺين اخبارن ۽
رسالن جو ايڊيٽر رهيو.
(1)رسالو جامع العلوم، سنڌ مدرسہ ڪراچي. (2) ڪراچي
گزيٽ ڪراچي. (3)’خير خواهه‘ هفتيوار لاڙڪاڻه.
(4)’مسافر‘ هفتيوار حيدرآباد. (5)’الحق‘ هفتيوار
سکر. (6)’آفتاب‘ سکر.
انهن مان ’خير خواهه‘ لاڙڪاڻه جو 4 سال ايڊيٽر
رهيو ۽ آفتاب سنڌ سکر جو تا دم حيات. ازانسواءِ
ميهڙ ۾ رهندي، ڪيترين اخبارن جي ايڊيٽريءَ جي آڇ
ٿي، پر وطن کان ٻاهر رهي ڪم ڪرڻ لاءِ آماده نه ٿيو
اهي اخبارون ۽ رسالا، 19 صديءَ جي پوئين اڌ کان
1918ع تائين جي دور جون تاريخي يادگار آهن.
’جام جم‘ اڄ کان اڌ صدي اڳ جي تحرير آهي، ان ڪري
ان جي تاريخي حيثيت، مواد جي افاديت ۽ خيالات جي
اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي.
آفتاب سنڌ ۽ ان جا معاصر:
سنڌي اخبارن ۾ ’آفتاب سنڌ‘ کي به تاريخي حيثيت
حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو ان اخبار ذريعي، مرحوم بلبل نه
فقط ان دور جي مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ قلمي
محاذ کڙو ڪيو، پر ان سان گڏ، شگفته تحرير جو به
بنياد وڌو، جنهن جو تتبع اڳتي هلي مرحوم مخلص ۽
شمس العلماء قليچ بيگ پارن بزرگن ڪيو.
بقول حافظ عبدالله: ’بسمل‘:
”بلبل پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر
نويسيءَ جي طرز ايجاد ڪئي. درحقيقت شمس العماء
مرزا قليچ بيگ صاحب به هن طرز ۾، مرحوم بلبل جو ئي
مقلد آهي.... سندس ايڊيٽريءَ ۾ جيڪي اخبارون شايع
ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور ۽ قصيح ۽ بليغ نثر
نويسيءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کان پوءِ سنڌ ۾
جيڪي به پرزور اخبار نويس ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ:
مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر مسافر يا مرحوم شيخ محمد
سليمان ايڊيٽر ”الحق“ يا مرحوم مخلص ايڊيٽر
الامين، سي سڀيئي بلبل مرحوم جا مُقلد ۽ خوشه چين
آهن.“
(تقريظ ’ڪلام بلبل‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد) بسمل
مرحوم جي راءِ جي مزيد تائيد، سنڌ جي جليل القدر
شاعر، اهل قلم ۽ ايڊيٽر مرحوم مخلص به ’ڪشڪول‘
رسالي ۾ ڪئي آهي. مخلص فرمائي ٿو:
”بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس
هو، پهريون شخص هو، جنهن صحافت جي ميدان ۾ شاعري
ڪئي، ۽ هو ئي هڪ صحافي هو جنهن پهريان پهريان صحيح
معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪئي ۽ موجودهه سليس ۽ پر اثر ۽
رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.“
(ديوان بلبل: مقدمه ص 52 سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد)
مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم پنهنجي خود
نوشت سوانح حيات ۾ لکي ٿو:
”اهو محترم شخص سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهل قلم
’بلبل‘ هو، جنهن جي شعر ۽ فن جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ پهتل هو. سندس قلم جو زور ضرب المثل هو.
مرحوم بلبل جون دلچسپ تصنيفات ۽ اخبارون سنڌ ۾
پنهنجو سڪو ڄمائي چڪيون هيون مرحوم ’بلبل‘، پرگو ۽
بديہ گو ظريف ۽ صاحب ذوق سليم اديب ۽ انشاء پرداز
۽ صاحب ذوق سليم شاعر هو. سندس قلم جون گلڪاريون
آفتاب جي صفحن تي ڏسڻ جهڙيون هونديون هيون ظرافت
نگاريءَ جو ته استاد هو. سندس ڪلام دلچسپ ۽ دلڪش
هوندو هو.“
(مهراڻ ٽه ماهي 3 – 1963ع ص 211)
آفتاب سنڌ ۽ سندس فاضل ايڊيٽر رئيس شمس الدين
’بلبل‘ متعلق هن دور جو نامور مورخ ۽ محقق پير علي
محمد راشدي، داد ۽ تحسين ڏيندي لکيو آهي:
”اوائل زماني ۾ ئي، آزاد خيال مسلمان طبقي ”آفتاب
سنڌ“ جي نالي سان هڪ ٻي هفتيوار اخبار جاري ڪرائي
هئي، جا منهنجي زماني تائين نيم مرده حالت ۾
ٽلڪندي ٿي رهي. پهرين ڏينهن ۾ چڱو نالو ڪڍيو
هئَائين، مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ ايڊيٽر هوس.
’بلبل‘ سنڌ اندر، اخبار نويسيءَ ۽ مذاقيه لٽريچر
جو ڏاڏو آدم هو. مون کي سندس ديدار ڪڏهن به
نصيب ڪو نه ٿيو، پر سندس مضمونن ۽ نظمن جو پوريءَ
دلچسپيءَ سان مطالعہ ڪندو رهيس.“
پير صاحب تسليم ڪيو آهي ته آفتاب سنڌ آزاد خيال
مسلمانن جي پاران نڪتي ۽ بلبل سنڌي صحافت جو ڏاڏو
آدم هو.
الحق
’آفتاب سنڌ‘ ۽ ’الحق‘ ٻئي اخبارون پاڻ ۾ لازم ۽
ملزوم هيون.
’الحق‘ اخبار جو بنياد امن سڀائي خيال وارن،
انگريز پسند ماڻهن جي باهمي تعاون سان وڌو ويو. ان
جو ايڊيٽر شيخ محمد سليمان ٿيو. ’الحق‘ جي پاليسي
هڪ طرف انگريزن جي ستائش ۽ ثنا تائين محدود هئي،
ته ٻئي طرف آزاد خيال ۽ جداگانه سياسي مطالبن ڪندڙ
مسلمان گروهه جي خلاف هئي. ٽئين طرف، رشوتخور
ڪامورن جي مالي امداد تي تڳندي، ڪامورن جي بيجا
خوشامد ۾ مبتلا هئي. ’الحق‘ جي مالي حيثيت ايتري
ته چڱي هئي، جو خيرپور رياست جي ڪن وزيرن پس منظر
۾ رهي، انگريز جي خوشنوديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ، هزارن
رپين جي امداد ڪئي. جيستائين، مرحوم شيخ محمد
سليمان ’الحق‘ جو ايڊيٽر رهيو، تيستائين ’الحق‘ جي
پاليسيءَ ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو. سندس وفات کان
پوءِ، جڏهن سندس فرزند شيخ عبدالعزيز ايڊيٽر ٿيو،
تڏهن ’الحق‘ جي پاليسي به بدلائي وئي. شيخ
عبدالعزيز نه فقط ڪامورا شاهيءَ جي خلاف احتجاج
بلند ڪيو، پر ان سان گڏ انگريزن جي تعريف ۽ ستائش
کان به ’الحق‘ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويو. شيخ
عبدالعزيز جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ، شيخ
عبدالحڪيم جي دور ۾، ’الحق‘ پنهنجي آزاد خياليءَ
کان دور ٿي ويئي. تان جو هڪ رواجي چار ورقي اخبار
تائين وڃي پهتي، جا رڳو سرڪاري اشتهارن جي رحم ۽
ڪرم تي پئي تڳندي هئي.
’الحق‘ جي اجراء ۽ پاليسيءَ تي بحث ڪندي، پير علي
محمد راشدي صاحب هن طرح بحث ڪيو آهي:
”مسلمانن مان شيخ سليمان الحق نالي هفتيوار پرچو
جاري ڪيو، جنهن جي اجراء ۾ مسلمان ڪامورن ۽ خيرپور
جي وزيرن جو هٿ هو. علي محمد خان دهلوي، جو بعد ۾
بمبئي ڪائونسل جو ناميارو پريزيڊنٽ بڻيو، ’الحق‘
جو پهريون ايڊيٽر ٿيو. ’الحق‘ ڪجهه ڏينهن حيدرآباد
مان نڪتي، ۽ پوءِ هميشہ لاءِ منتقل ٿي سکر آئي.“
’الحق‘ جي آخري دور متعلق، پير صاحب لکي ٿو:
”الحق ان کان پوءِ (شيخ عبدالعزيز بن سليمان) سندس
ننڍي ڀاءُ ميان عبدالحڪيم مرحوم جي حوالي ٿي. پر
جنهن زماني ۾ آءٌ سکر آيس، ان کان اڳ ئي سندس عمر
طبعي پوري ٿي چڪي هئي ۽ فقط سرڪاري اشتهارن ڇاپڻ
لاءِ پيئي پساهه کڻندي هئي. هفتي، پندرهين ڏينهن
اشتهار آيا پرچو نڪتو، ورنه ٿيو ڀلو. مون پاڻ ڪجهه
وقت ان اخبار ۾ مضمون لکيا ۽ ڪوشش ڪيم ته منجهس
دوباره ساهه ڦوڪيان، پر پرچي جي پاليسي هئي، ته
وقت جي سرڪار جي ثنا خواني ڪجي، ۽ اشتهار وٺجن.
انهن ڏينهن ۾ ڪافي سياسي سجاڳي به اچي چڪي هئي،
تنهن ڪري اهڙي پرچي کي همتائڻ لاءِ پبلڪ تيار نه
هئي.“
(اهي ڏينهن، اهي شينهن 182 – 183)
”سنڌي“ هفتيوار سکر
ان طرح ”آفتاب سنڌ“ سان مقابلي ۾، سکر ۾، ٻي مشهور
اخبار هئي هفتيوار ”سنڌي“، جنهن جو ايڊيٽر مشهور
آريه ۽ مهاسڀائي ويرومل بيگراج هو.
ويرومل بيگراج هڪ طرف آريه هو ۽ ٻئي طرف مهاسڀائي
هو. هڪ طرف آريه سماج جي بانيءَ سوامي ديانند جي
ڌرمي پستڪ ستيارٿ پرڪاش کان متاثر ٿيو هو، ان ڪري
هميشه اسلام ۽ پيغمبر اسلام تي گستاخانه ۽ غليظ
حملا ڪندو هو. ٻئي طرف، سوامي شرڌانند جي تحريڪ
’شڌي ۽ سنگهٽن‘ جو ناميارو پرچارڪ هو. هن تحريڪ جو
مقصد هو مسلمانن کي شڌ ڪري، دوبارهه هندو ڌرم ۾
آڻڻ، ۽ مسلمانن سان باهمي ڪشيدگيءَ واري هنگامي
دور ۾، ساڻن هٿياربند ٿي لڙڻ ۽ کين ناس ڪري ڇڏڻ.
ٽئين طرف مهاسڀا جي صدر وير ساورڪر، ڊاڪٽر مونجي،
لاله لجپتراءِ ۽ ڀائي پرمانند پارن متعصب ۽ دشمن
اسلام ليڊرن جو شش ٿي چڪو هو، جن جو مقصد هو ته
مسلمانن کي يا ته ناس ڪري ڇڏجي، يا کين هندوستان
مان هڪالي ڪڍي ڇڏجي، ڇالاءِ ته اهي مسلمان دشٽ
آهن.
ويرومل بيگراج ۽ سندس ’سنڌي‘ اخبار لاءِ پير صاحب
راشدي هن طرح لکيو آهي:
”ويرومل بيگراج جي سنڌي اخبار بنهه ليڪا لتاڙيو
بيٺي هوندي هئي. سندس نقطه نگاهه موجب هندو هر
ڳالهه ۾ حق تي ۽ مسلمان هر معاملي ۾ ناحق تي هئا.
محض موقعي جي منتظر رهندي هئي. موقعو آيو ۽
مسلمانن کي لتاڙڻ شروع ڪري ڏنائين. ويرومل هڪ
موقعي تي، هندو وڌوائن (بيوهه عورتن) جي رهائش
لاءِ ”وڌوا گهر“ کولرايو – خاص هندو محلي ۾ ۽ خالص
هندو انتظام هيٺ. مسلمانن کي نه فقط ان رستي سان
گهمڻ جي به اجازت ڪا نه هئي. ڪجهه عرصي بعد خبر
کلي ته ڪيترين وڌوائن کي اميدواري ٿي ويئي آهي!
هاڻي اها بلا ڪري ته ڪنهن تي؟ ’سنڌي‘ اخبار وڏين
هيڊنگن سان مضمون شايع ڪيو، جنهن جو هي جملو مون
کان اڄ تائين نه وسريو آهي. ”ڪن دشت دو اچاري مسلن
ابهم ڪنيائن جو ڌرم ڀرشٽ ڪري ڇڏيو آهي!“ ”ابهم
ڪنيائن جو ڌرم ڀرشٽ“ جنهن به ڪيو، تنهن کي ڦٻيو،
مار اچي پئي مسلن تي! اهي هونديون هيون ڪرامتون،
ان اخبار جون.“
(اهي ڏينهن، اهي شينهن ص 185 – 186)
جڏهن ته’آفتاب سنڌ‘ به سکر مان نڪرندي هئي،
تنهنڪري لازمي طور، ’بلبل‘ مرحوم، اهڙين اشتعال
انگيز ۽ امن سوز حرڪتن تي تمام سختيءَ سان لکندو
هو. سندس سخت گير قلم جا جوهر جام جم ۾ موجود آهن.
’جام جم‘ ۾ گڏ ڪيل ايڊيٽوريل، جڏهن ته محض دفاع ۾
لکيا ويا هئا، تڏهن انهن جي اسلوب ۾ ڪجهه سختي ۽
تلخي محسوس ٿئي ٿي. پر هندو اخبارن جي اشتعال
انگيزيءَ ۽ سخت ڪلاميءَ جي مقابلي ۾، بلبل مرحوم،
ڪٿي به اخلاق جي دامن کي نه ڇڏيو آهي. دشنام
طرازيءَ ۽ بهتان سازيءَ جي طوفان ۾ به هميشه
احتياط ۽ اعتدال تي رهندو آيو آهي.
ان ئي دور ۾ آفتاب سنڌ بيڪ وقت ’الحق‘ سکر،
’الامين‘ حيدرآباد، ’سنڌي‘ سکر، ’سنڌ واسي‘ ڪراچي
۽ ’هندواسي‘ ڪراچيءَ جي تحريرن جو جائزو ورتو آهي،
۽ انهن جي دل آزار تحريرن جو رد، نهايت معقول ۽
وزندار ڏيندو آيو آهي.
’سنڌ واسي‘ اخبار ته هفتيوار چوپڙيون به شايع ڪندي
هئي، ۽ انهن ۾ هڪ نه ٻئي مسئلي تي ڇڪتاڻ جاري
رکيون ايندي هئي، جنهن جي تائيد ۾ ”سنڌي“ سکر ۾،
ويرومل بيگراج، حد کان وڌيڪ زهر افشاني ڪندو هو.
ان طرح هوم رول تحريڪ جي تائيد ۾، غلام محمد خان
ڀرڳڙيءَ جي اخبار ’الامين‘ حيدرآباد به ’سنڌي‘ سکر
۽ ’سنڌ واسي‘ ۽ ’هند واسيءَ‘ جي هم نوا بنجي چڪي
هئي. مسلمانن لاءِ ’نه جاءِ ماندن نه پائي رفتن‘
وارو معاملو هو. ان دور ۾ هڪ ’بلبل‘ مرحوم ئي هو،
جنهن ڪنهن به مصلحت ۽ مصالحت کي نه ڏٺو، ۽ ڪٿي ڪٿي
قلم کان تلوار جو ڪم وٺي وڃي مٿي چڙهيو.
ان دور متعلق هوم رول جا جيڪي اثرات پيدا ٿيا، تن
متعلق رئيس ضياء الدين ”ضيا“ مرحوم لکي ٿو:
”ان زماني ۾ سڀ کان وڏو خطرو نئين روشنيءَ ۽ فيشن
جي وبا جو هو. اسان کي برغلايو پئي ويو ته قدامت
پرستي ڇڏيو، پراڻي لڪير جا فقير نه ٿيو، ڇاتيءَ ۾
جهاتي نه وجهو، پرنيچرل رول اختيار ڪيو. هن هوا جو
اثر هندو قوم جلد قبول ڪيو ۽ انهيءَ جا ان وقت جا
ليڊر مسٽر ويرومل بيگراج آريه ايڊيٽر ’سنڌي‘ اخبار
سکر ۽ مسٽر هرچند راءِ وڪيل پارا هئا، جن هوم رول
تحريڪ جي آڙ ۾، مسلمانن جي شيرازه بنديءَ کي ٽوڙڻ
لاءِ وڏي ساز سامان سان تيار ڪئي ۽ غلام محمد خان
ڀرڳڙيءَ جهڙي روشن دماغ ۽ اثر واري ماڻهوءَ کي به
پاڻ ڏي جڪي ورتائون ۽ ان جي حمايت حاصل ڪيائون.“
(مقدمه ديوان ’بلبل‘ ص 37 سنڌي ادبي بورڊ)
’بلبل‘ جو اهو ڪردار نه فقط هڪ غيور مسلمان جو
ڪردار آهي، پر ان سان گڏ هڪ محب وطن ۽ امن پسند
جو پڻ ڪردار آهي، جنهن بار بار هندن کي سمجهايو ته
هو مسلمانن جي مذهب ۽ تهذيب، دين ۽ پيغمبر تي حملا
نه ڪن. مسلمانن جي دل آزاري نه ڪن، مسلمانن جي پاڪ
ڪتابن تي حملا نه ڪن، مسلمانن جي واجبي حقن کان
انڪار نه ڪن، مسلمانن کي اتحاد ۽ هوم رول جي آڙ ۾
پنهنجو غلام نه بنائن. مسلمانن کي به زندهه رهڻ جو
حق ڏنو وڃي ۽ سندن سياسي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي.
باوجود ايتري منت ۽ سماجت جي به، هندو اخبارن تلخ
ڪلاميءَ ۽ دشنام طرازيءَ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ
تي آمادگي نه ڪئي ۽ جئن پوءِ تئن هندو مسلم ڪشيدگي
وڌندي رهي.
ان دور جي هندن جي تشدد ۽ اره زورائيءَ، دشنام
طرازيءَ ۽ الزام تراشيءَ مان جو تلخ ماحول پيدا
ٿيو، ان لاءِ پير علي محمد راشدي صاحب لکي ٿو:
”هندو اخبارن ۾ چٽاڀيٽي هن ڳالهه تي لڳي پيئي
هوندي هئي، ته منجهائن ڪهڙو پرچو ٿو مسلمانن تي
وڌيڪ حملو ڪري، ۽ ڪهڙي پرچي خلاف مسلمان اخبارون
ٿيون وڌيڪ هاءِ گهوڙا ڪن. حقيقت کي ڏسبو ته هئي
فقط ڪن هندن جي سمجهه جي غلطي. انهن طريقن اختيار
ڪرڻ سان، هندو مسلم اختلاف جي جا باهه دکارايائون،
تنهن جي پهرين خوراڪ خود پاڻ ٿي ويا. پر اوائلي
مستيءَ جي ڏينهن ۾ کين ڪير سمجهائي ۽ ڪير باز آڻي
ٿي سگهيو؟ انڌ جي گهوڙي تي سوار هئا.“
(اهي ڏينهن، اهي شينهن ص 187)
(وڏيڪ پڙهو) |