مسٽر
گوڪلي جي اسڪيم ۽ اصلاح
هاڻي مسٽر گوڪلي جي اسڪيم به ناظرين جي پيش ڪريون،
جا هن مصلحت وقت موجب پيش ڪئي هئي. ان لاءِ به چوڻ
۾ اچي ٿو ته هن به سرڪاري آفيسرن جي چوڻ تي ائين
لکيو هو. جڏهن اهڙو شخص به اعتراض کان نه بچيو،
تڏهن اسين ڇا آهيون. نه ته ڪنهن کي طاقت ڪانهي جو
اسان جي راءِ کي ڪنهن به طرح هرون ڀرون پنهنجي
مرضي تي آڻي، توڻيڪ ڪو آفيسر يا ليڊر ڇو نه هجي.
مسٽر موصوف، هندستان جي اصلاح جي اسڪيم ٺاهي سر
آغا خان جي حوالي ڪري ڇڏي هئي ته مناسب وقت تي هن
کي ڇاپائي پڌرو ڪجانءِ. شايد آغا صاحب پڌري ڪئي
هوندي – ان جو چوڻ آهي ته هر هڪ صوبي ۾ گورنر هجي،
جنهن جي مقرري ولايت مان ٿئي، ان کي انتظامي
ڪائونسل ملي، جنهن ۾ ٽي انگريز ۽ ٽي ڏيهي ميمبر
هجن. هندستاني سولين به ان ۾ هئڻ گهرجن، مگر ان
لاءِ ڪا خاص جاءِ نه هجي. قانوني ڪائونسلن ۾ 75
کان 100 تائين ميمبر هئڻ گهرجن، جن جي پنجين پتي
چونڊيل هجن. چونڊ جو طريقو به ڏيکاريو اٿس ۽ چيو
اٿس ته مسلمانن کي جدا چونڊ ملڻ گهرجي، سرڪار ڪنهن
کي نه چونڊي، سواءِ ڪنهن خاص ضرورت جي، البت ڪي
سرڪاري ميمبر گورنر چونڊي، صوبن جي ڪونسلن کي
قاعدي ٺاهڻ جو اختيار ملي. انهن جي منظوريءَ کان
سواءِ ڪا به نئين ٽئڪس نه وجهڻ گهرجي. انتظامي
ڪونسلن جي ميمبرن جي مقرري، قانوني ڪونسلن جي
ميمبرن جي راين تي نه هجي. سڀ ڪنهن قانون لاءِ
گورنر کي منظور نامنظور ڪرڻ جو اختيار هجي.
اندروني معاملن ۾ هر ڪنهن صوبي جي سرڪار آزاد رهي،
مگر ساليانه رقم مٿي موڪليندو رهي. ڊويزنل ڪمشنر
جا عهدا ڪڍي ڇڏجن. هر هڪ ضلعي ۾ ڪونسل مقرر ڪجي،
جا ڪليڪٽرن کي ڪمشنرن جهڙا اختيار هجن. هر هڪ ڳوٺ
۾ سرڪار جي پاران پنچائت مقرر هجي، اتهون جو سڀ
انتظام اها ڪري.
وائسراءِ جي انتظامي ڪونسل ۾ بالفعل ڇهه ميمبر
هجن، جن ۾ ٻه هندستاني ميمبر هجن. هينئر وائسراءِ
جي ڪونسل ۾ سرڪاري ميمبرن جو زيادهه تعداد آهي.
اهي ڪو اهڙو قانون نه ٺاهين، جن کي صوبن جي ڪونسلن
رد ڪيو هجي. وائسراءِ جي ڪولسل جو نالو آل انڊيا
مجلس رکيو وڃي. فوج ۽ ٻيڙن جي نسبت ان کي زيادهه
اختيار هجن. هندستان لاءِ جدا ٻيڙو مقرر ٿئي. وزير
هند جا مالي اختيار گهٽ ڪجن. سندس ڪونسل ڪڍي ڇڏجي.
ڏينهن کي فوج ۾ ڪميشن عهدا ملن، جرمن جي اڀرندي
آفريڪا جنگ کان پوءِ هندستان سان لائجي، جتي هو
پنهنجي نوآبادي قائم ڪرائي.
مٿين اسڪيم ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي. جڏهن اسان جا ڀائر
مسٽر گوڪلي کي به پنهنجو پورو ۽ سچو رشي ۽ پيشوا
مڃن ٿا ته پوءِ ان جي رٿ جي ڇو پٺڀرائي نٿا ڪن.
مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي اصلاح جا متا سيد آل نبي جي
تقرير ۾ جواب سان ڏنل آهن، نه ته جئن سرڪار پاڻان
به وڃي ٿي هٿ ڊگهيريندي تهڙو پاڻ به آهسته، نياز
نرميءَ سان مناسب وقت تي عرض معروض ڪندا وڃن، جنهن
۾ هندو مسلمانن جو ڀلو هجي. ڪا به ڌر پنج ئي
آڱريون پنهنجي وات ۾ وجهڻ نه گهري ته بس لُڙ ئي نه
ٿئي. ڪي وري چون ٿا ته اها اسڪيم مسٽر گوڪلي ڪنهن
آفيسر جي چوڻ تي لکي هئي، مگر هاڻي هجي ها ته جيڪر
اها راءِ بدلائي ها. اسين چئون ٿا ته هاڻي به
جيڪڏهن اها اسڪيم منظور ٿئي ته هندستان کي نهايت
شڪر گذاري ڪرڻ گهرجي.
اسان جو مطلب ڇا آهي؟
جيڪڏهن اسان جي ڀائرن اسان جي هيتري ڌنوڻ مان ڪين
سمجهيو آهي ۽ سنڌ واسي مورخه 12 – آڪٽومبر 1917ع
جي ايڊيٽوريل ۾ سوال ڪيل آهي ته هي جو مسلمانن
ٺهراءُ ڪيو آهي ته سنڌ جي مسلمانن کي هوم رول ڪو
نه گهرجي، سي مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته سندن مطلب
ڇا آهي؟ هاڻوڪو نمونو کين پسند آهي ۽ ان ۾ ڪي به
سڌارا نه هئڻ گهرجن. يعني اهي سڌارا نه گهرجن ڇا؟
(الف) هند وزير جي ڪونسل ڪڍي نه ڇڏڻ گهرجي. اها
هميشهه قائم رکجي ڇا؟
(پ) امپريل ڪونسل ۾ وڌيڪ ميمبر نه هئڻ گهرجن؟
(ج) پراونشل ڪونسل ۾ وڌيڪ ميمبر نه هئڻ ۽ مڪاني
سرڪارين کي وڌيڪ اختياري ملڻ خوشامندڙين جي سڌ نه
چئبي؟
(د) هر هڪ ايگزيڪيوٽو ڪونسل ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه
هندواسي ميمبر هجڻ ڪير نه چاهيندو؟
اسان جو جواب
(الف) ان جو سڌو اثر اسان عام مسلمانن سنڌ تي نه
ٿو پوي، هجي ته ڇا، نه هجي ته ڇا؟ وزير يا
وائسراءِ مڙئي هڪ ميشن آهي. جهڙي ڇالي تهڙي پني.
(ب) هن ۾ به وڌيڪ ميمبرن جو هئڻ نه هئڻ اسان لاءِ
مفيد نه آهي. ان ڪونسل ۾ انتظامي ۽ مالي طاقت غير
سرڪاري عنصر کي وڌ ملڻ ڪري مسلمانن کي فائدو نه
آهي، ڇو ته انهن کي اهڙا عيوضي ملي سگهڻائي نه
آهن، جو غير قومن جي عيوضين کان مجارٽي کڻي سگهن.
غير ملڪ جا مسلمان جيڪڏهن بعضي اهڙا آهن ته اهي به
سندن رنگ ۾ رڱيل آهن. اسان کي انهن تي اعتبار
ڪونهي، جو پنهنجي ملڪ جا موچارڙي تعليم ۽ هوش وارا
به اسان جي ڏوري ۾ نه آهن، جيڪو ڏاڍو سو گابو. اهو
مثال ٿيندو ڪونسلن ۾.
(ج) هن ۾ ميمبر وڌيڪ ٿين يا گهٽ، سا هڪ جهڙي ڳالهه
آهي. مڪاني سرڪار کان اختيار کسجي ڪونسل کي ملندا
ته اتي اسان جي پوري سچن عيوضين نه ملڻ ڪري جيڪي
فائدا بعضي اسان کي مڪاني سرڪار کان قسمت سان ملي
وڃن ٿا، تنهن جي اميد منقطع.
(د) انهن ٻن ميمبرن ۾ اسان کي اميد ڪانهي ته ڪو
اسان جي عيوضي ٿيندو. جي ٿيو ته به اڻ هئڻ جهڙو،
جنهن مان فائدو نه ٿي سگهندو. غرض ته جئن تعليم ۾
اسين ڪاٺ جون پتليون آهيون، تيئن ميمبرين ۾ ميڻ جا
بوتا. اٺ جي لاهي کي به لعنت، چاڙهي کي به. اهڙيءَ
طرح فوجي ڪميشن، عهدن ملڻ ۽ هٿيارن جي آزادي ۽
حرفت صنعت لاءِ ته آنريبل مسٽر آل نبي جي تقرير ۾
جواب ڏنا اٿئون. باقي جيڪا وڏي ۾ وڏي ڳالهه آهي هر
هڪ کاتي جي نوڪرين ۽ عهدن جي، سا ته اسان جا ڀائر
زبان تي ئي نه ٿا آڻين، جنهن جو اسان کي خوف آهي.
باقي ڇا کين پنهنجو مطلب ٻڌايون ته ڇا اهڙا سست
آهيون، ڪم نصيب آهيون، ڪم علم آهيون، اتفاق، حميت،
قوميت، دينداري، سچائي، ايثار، سخا، حب الوطني،
اسان ۾ گهڻو ڪري ڪانهين، پوءِ اسين ڇا تپون ۽
نچون. بهرحال پنهنجي کوٽي قسمت تي صابر ۽ شاڪر رهي
موجودهه انتظام تي بلفعل ڪفايت ڪرڻ چڱو ٿا سمجهون.
جڏهن اهڙا ٿياسين تڏهن ڪجهه گهرنداسين، مگر اسين
نه هوم رول کي خراب ٿا سمجهون، نه گهرندڙن کي.
البت گهُرڻ جو طريقو ناپسند اٿئون. ڇو ته شور شر،
زور زبر جو اهڙو اثر ٿيو آهي، جو هاڻي ڪاليج جا
ڇوڪرا اسٽرائيڪ ڪن ٿا. ان بابت اسان جيڪر حڪومت کي
به ڏوراپو ڏيون ته هن پاڻ رعيت کي اهڙو رستو
ڏيکاريو آهي، ته جيڪر لُڙ بکيڙو ڪري، تنهن کي ملي
- ۽ اسان ۾ اڃا ايڏي طاقت ڪانهي، نه لڙ بکيڙي کي
پسند ٿا ڪريون. غرض ته هي اختلاف راءِ آهي. ڪو
ڪنهن کي پنهنجيءَ راءِ تي آڻڻ لاءِ مجبور ڪري نٿو
سگهي. جيئن ٿيڻو هوندو، ائين ٿيندو. دنيا ۾ اختلاف
موجود آهي، ۽ رهندو، مگر اتحاد ۽ مروت کي نه ڇڏجي.
اسان جي ڀائرن جون ڏاڍ مڙسيون ۽ ظلم جا مثال، جي
هن بقر عيد ۽ دسهڙي تي ٿي گذريا آهن، سي ظاهر آهن
ته ڪهڙو مسلمانن سان ناحق ڪيو اٿن ۽ کين مذهبي فرض
کان روڪي رهيا آهن. غرض ته مسلمانن لاءِ هي سخت
وقت آهي. ڇا ڪن ۽ ڪاڏي وڃن؟ خبر ئي نٿي پوي ته هي
زمانو ڪيئن هلي رهيو آهي، ۽ ڪيئن هلندو. بقول
اڪبر:
کوئي هنس رها هي‘ کوئي رو رها هي‘
کوئي پار رها هي‘ کوئي کهو رها هي‘
کوئي تاک مين هي‘ کسي کو هي غفلت‘
کوئي جاگتا هي‘ کوئي سو رها هي‘
اسي سوچ مين مئن تو رهتا هون اکبر‘
يه کيون هو رها هي يي کيا هو رها هي!
----
گرچه از آتش دل چون خم مئي در جوشم
مهر برلب زده خون ميخورم و خاموشم
وري به شڪر آهي جو هندو ڀائرن مسلمانن کي ماري
لتاڙي نيٺ مٿن رحم ڪيو، ۽ پشيمان ٿيا، ۽ گهڻين
جاين تي هندن مسلمانن جي جلوس محرم تي شربت جون
سبيلون جاري ڪيون، ۽ مسلمانن وري دسهڙي جي جلوس تي
لمليٽ سوڍا، پان ٻيڙي سوپاري جي خدمت ڪئي، ۽ هڪ
ٻين سان همدردي ۽ تعظيم ۽ برادري وانگر پيش آيا.
جي اصلي ائين ڪن ها ته ڪيڏو نه سندن ڪر مٿي ٿئي
ها، ۽ ڪيڏي نيڪي نڪري ها ۽ خود وزير هند يا ٻيا
آفيسر، هندو مسلمانن جو اهڙو ايڪو ۽ اتحاد ڏسي
ڪيڏي اثر وارا ٿين ها. مگر پڇاڙيءَ ۾ جو کير
ڦولڙين سان ڏنائون، سو به غنيمت! اميد ته هن کان
پوءِ ٻيئي قومون، اڳي وانگر بلڪ زيادهه پاڻ ۾ کير
کنڊ ۽ ڀائر ٿي هلندا ته ڪهڙو نه چڱو ٿيندو، ۽ هي
به سرهائي جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ اهڙا لُڙ بکيڙا ۽
فساد فتنا نه آهن، فقط عقلي ۽ قلمي نوڪ جهوڪ
نوڪرين ۽ حقن تي ٿئي ٿي. وڌيڪ بدمزگي ڪانهين، ڇو
ته هت مسلمانن جو عدد وڌيڪ آهي، جنهن لاءِ ڌڻيءَ
جا شڪرانا چئبا. ’هوم رول‘ جي معنيٰ سچي آهي به
’گهرو حڪومت‘. جڏهن اسان گهرو معاملن ۾ يڪمشت ۽
کير کنڊ ٿيون، تڏهن پوءِ ملڪي معاملن ۽ حڪومت ۾ هٿ
وجهون. نه ته ائين چئبو ته ”هنوز دهلي دور است“.
شڪر جو مسٽر چاڳلا اڃا تنهن ڏينهن حيدرآباد جي
پراونشل ڪانفرنس ۾ ان امر تي هندو ڀائرن جو ڪجهه
نه ڪجهه ڌيان ڇڪايو، مگر اسان جي رئيس کي ڪا به
ريس نٿي اچي.
---
هن اخباري اسٽاف ۾ اهڙا ته درنده گرنده ڌاريا آهن،
جي حق چوڻ تي اشرافن جي پڳن لاهڻ لاءِ تيار ٿا
رهن، جنهن لاءِ مخالف راءِ وارن کي ٿڌي دل سان
سمجهائڻ جي بجاءِ گاريون ۽ ٽوڪون ٿيون لکجن. واه
فضيلت! مخالف راءِ جا سياڻا ماڻهو ائين ڪين چوندا
ته دشنام دهد اگر خسيسي چاره نبود بجز شنيدن. گر
پائي کسي سگي گزيده باسگه نتران عوض گزيدن.
هڪ مصر صاحب جو قند مصري
آنربل پنڊت گوڪرن ناٿ مصر جي تنهن ڏينهن سيتاپور
جي ساليانه پراونشل ڪانفرنس جي جلسي ۾ پنهنجي
پريزيڊنشل ائڊريس پڙهي هئي، تنهن ۾ هي فقرو به هو
ته اسين هوم رول ڇو ٿا گهرون. ان جو نالو اسين قند
مصري رکي ڪيميڪل جي وسيلي تپاسڻ ٿا گهرون ته منجهس
ائسڊ ته ڪانهين، ڇو ته انهن اسپيڪر صاحبن جي ظاهر
۾ ته ڏاڍي مٺي زبان هوندي آهي، پر اندر ۾ مڙئي
تيزاب اٿن، جو ڪو مسلمانن لاءِ مفيد نه آهي.
غالباً هر هڪ صاحب جي جادو بيانيءَ ۾ پنهنجو اثر
آهي، بلڪ خواهه ڪانگريس ۽ ليگ جي اسڪيم ۾ اهڙو
رولو ۽ ڀولو آهي، جو تمام باريڪ بينيءَ کان سواءِ
ان جي تهه کي پهچي نٿو سگهي. اير ڦير ۾ ساڳيون ئي
ڳالهيون ڪن ٿا، پر سڀڪو پنهنجي مٺي پائوڊر سان اها
اگري دوا ويڙهي پوليٽيڪل مريضن کي کارائڻ گهري ٿو
ته بلا دريغ ڳهي وڃن. بلفعل ته منهن ڪوڙو نه ڪن،
جي کائي ويا ته پاڻيهي پيا ياد ڪندا.
سنڌ ۾ به ڪيترن مسلمانن کان چالاڪي سان مسٽر
گانڌيءَ جي مسودي عريضي تي صحيحون پيا وٺن، سو سنڌ
جي سربر آوردهه مسلمانن تي حق آهي ته آفيسرن کي
اهڙو احوال بتائن ته مسلمانن جون صحيحون ضرور
ڀنڀلائڻ تي هونديون نه ته هو اهڙي نازڪ ڳالهين جو
ڪيئن ٿا مطلب سمجهن، ۽ صحيحون ڪن. ۽ نه وري سنڌ جي
موجودهه نظام حڪومت ۾ اسين مسلمان سنڌ جا ڪو ٻيو
ڦير ڦار ڪرڻ ٿا گهرون، جهڙا اسان جا ڀائر رٿي رهيا
آهن. اول هو سول ڪورٽن جي پاڙ پٽائن ته پوءِ
مسلمان به ڪمشنر جي اختيارين کسڻ ۾ ساڻن شامل ٿين:
مگر کين هڪڙو ئي مسلمان سنڌ جو صوبو ۽ عيوضي هٿ
آيو آهي. ٻين جي ڪهڙي ڪاڻ اٿن، ڇو ته الامين به
ٻين سڀني کي ’ايرا غيرا نٿو خيرا‘ ٿي ڀانئي. فقط
پاڻ کي اها ڏيڏري سندر لڳڻ ڪري حور ٿي سمجهي.
آمديم برسر مطلب
(1)
اسين هوم رول ڇو ٿا گهرون؟
مٿئين فقري تي پنڊت صاحب فرمايو آهي ته موجودهه
حڪومتي سرشتو اسان کي قابل ۽ تيار ٿيڻ جو وجهه ئي
نٿو ڏئي. ڪنهن به شخص تي جهالت ۽ ڪم علميءَ جو
الزام نٿو آڻي سگهجي، جيستائين ان کي تعليم حاصل
ڪرڻ جو وجهه نه ڏنو ويو آهي.
صديءَ جي چوٿائيءَ کان وٺي اسين دانهون ڪندا ٿا
اچون، مگر سرڪار ٻڌي ئي نٿي. تنهنڪري اسين ان
ڪوتاهي جي سموري پاڙ پٽڻ ٿا گهرون ۽ ان جي بجاءِ
مريض قوم جو علاج ڪرڻ ٿا گهرون – تنهنڪري ٿا چئون
ته ”اسان کي هوم رول گهرجي.“
جواب
حضور! اوهان ته بلڪل قابل ۽ تيار ٿي ويا آهيو.
اوهان تي ته جهالت ۽ ڪمي تعليم جو الزام اچي ئي
نٿو سگهي. اوهان کي تعليم کاتي اهڙو وجهه ڏنو جو
مسلمانن جو لوڪل به ريڙهي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، بلڪ
تعليم جون واڳون هر طرح اوهان جي هٿ اچي ويون، جو
هينئر سرڪار کي ڳاٽي مان اچي ورتو اٿو. پر حال ته
اسان مسلمانن جا، جو اها حالت اسان سان لاڳو آهي،
مگر ان ۾ اسان جو قصور به آهي، جو اسان اول مغربي
تعليم جي پرائڻ کان ڇرڪياسي. جڏهن مٿو ڀت سان لڳو،
۽ پاڻي سرڪار کان مٿي لنگهي ويو؛ تڏهن ڦٿڙڻ جي ڪئي
اٿون. مگر سرڪار جا اوهان جي اڳيئي اک ڏٺي آهي، سو
هاڻي ڪيئن اسان کي اهڙو وجهه ڏيندي، يا اوهان هوم
رول کان پوءِ پنهنجي متصرفي ڇڏي ڪيئن اسان تي ايڏو
ايثار فرمائيندو جو خلاصو اسان کي تعليم جي واڳ
ڏيندو، سان ڳالهه ته دل سان لڳي ئي نٿي، جو اوهان
جي اڄ تائين هلت مان اسان کي ڪوڏي جو به اعتبار پڙ
ڪين پيو آهي. سنڌ ۾ ته سال منجهه سڄا اٺ مهينا
رنڊڪ وجهي ڇڏي اٿن، يعني جولاءِ کان پوءِ مارچ
تائين ڪو به شاگرد انگريزي اسڪولن ۾ نه وٺجي. هن
جو اثر رڳو مسلمانن تي پيو آهي: تعليم کاتي جي
ساري مشن رڳو مسلمانن جي رنڊڪ ۽ روڪ لاءِ وهي ٿي.
پاڻ ته خير سان فرمايو ٿا ته جيڪڏهن پيسا اسان جي
هٿ آيا ته جيئن سرڪار هينئر اجاين ڪمن تي کپائي ٿي
ڇڏي، تيئن اسين هوند اهي به تعليم تي کپايون، مگر
اسان کي تعليم ۾ پاڻ سان گڏ وک کڻائيندو سا ته دعا
دل سان ئي نٿي لڳي. پر جي کڻي اها ديا به پاليو ته
اسين اوهان جي وٿي ڪيئن ڀري سگهنداسين ۽ ڪيئن
پنهنجي مليل پتي موجب عهدا وٺي سگهنداسين. هاڻي ئي
مسلمان اٽي ۾ لوڻ آهن – پوءِ اسان جا ڀائر اٽي ۾
لوڻ وجهڻ ڪو پسند ڪندا، جو سندن نيچرل طبع جي
برخلاف آهي.
سوز دل و اشک روان و آه سحر و نالهء شب،
اين همه از اثر لطف شمامي بينم.
(2)
پوءِ صنعت ۽ حرفت بابت شڪايت ڪئي اٿن ته سرڪار ان
لاءِ به ڪجهه نه ڪيو. حڪومت اسان جي هٿ ٿيندي ته
اسين ان ۾ ملڪ جي ماڻهن کي سکيا ڏيئي، آسودي حال
ڪنداسين.
جواب
اها ڳالهه بيشڪ مڃڻ جي لائق آهي ته هنرن ۽ ڪسبن ۾
مسلمانن کي ڪجهه پڙ پوندو، مگر انهن کان جهالت ۽
غلاميءَ جو طوق ته نه نڪري سگهندو، پوءِ مفتوح قوم
جي غلاميءَ کان فاتح قوم ثالث باالخير جي غلامي
چڱي ڪينهي. اگرچه هاڻي به ڪسر ڪانه رهي آهي، پر
نيم غلامي کان سارو غلام ٿيڻ ڪير پسند ڪندو. تنهن
کان سواءِ مسلمانن کي قرض جي عادت ۽ شاهوڪارن کي
وياج ۽ ٺڳي جي عادت، سا مسلمانن کي ڪنهن به حال
سان سائو ڪرڻ نه ڏيندي. ان لاءِ ته اپاءُ ئي ڪو نه
ٿا ڪريو.
(3)
وري پوک جي ذڪر ڪندي فرمايو اٿن ته هن وقت ڪڙمين ۽
زميندارن جي ابتڙ حالت آهي. انهن تي روز بروز وڃن
ڍلون وڌنديون. ٻيون ڇڪون ڇٻڙيون به ڏاڍيون اٿن،
جنهنڪري ساتنئي نه ٿا. انهن لاءِ به چڱو بندوبست
ٿيندو وغيرهه.
جواب
اوهان جي دهن گلاب، بيشڪ هن وقت زميندارن، ڍلن ۽
ٻين ڇڪن جا باري بار آهن، سي هوند خود حڪومت ۾
ڪجهه هلڪا ٿي سگهن، مگر ڏيتي ليتي ۽ وياجن وٽن يا
سول ڪورٽن جي سوڙهي گهٽ جو ڪهڙو علاج ٿيندو، ۽
زميندارن جي قسمت، جا ترت ۽ مقامي آفيسرن جي هٿ ۾
رهي ٿي، سي آفيسر ڪهڙي قوم جا ٿيندا؛ جنهن جو علاج
ته پنڊت صاحب ڏسيو ئي ڪونه؛ سو ته سندس ويدڪ ۾ به
ڪو نه هوندو. جي زميندارن تان ڪجهه ڍل جو بار لٿو
۽ آسودا به ٿيا، پر سندن مٿان آفيسر ڪير ٿيندا ۽
سول معاملن ۾ ڪهڙي ترميم ٿيندي. جي لٿي پٿي ساڳيا
ڳن ۽ ساڳيا ڪهاڙا ته ان جو مثال ائين ڪين ٿيندو ته
تپ ۽ کنگهه جو علاج ڪري وري دق ۽ سلهه ۾ مبتلا ڪري
ڇڏجي. اسان کي بلڪل اميد ڪانهي، بلڪ رکڻ غلط آهي
ته هوم رول ۾ مسلمان سڀ ڪنهن کاتن جا ايترا آفيسر
ٿيندا، جيتري اسان کي گهرج آهي، ۽ جن ڪري اسين
حريفن جي زد کان بچي سگهون يا ڏيتي ليتي جي فريبن
۽ سول جي انتظام ۾ اهڙو ڦير ڪبو، جنهن کان مسلمان
زير بار نه ٿين. باقي ٻيا دلاسا ميمبرين وغيرهه جا
اسان لاءِ ڪهڙو فائدو ڪندا، تن ۾ به اسين ٺڳيل
رهنداسين. ويدڪ ۾ پنڊت صاحب ڏٺو هوندو ته مرض جي
علاج کان وڌيڪ سبب مرض جو ازاله ڪرڻ مفيد آهي؛
تنهن جو ته ڏس ئي نٿو ملي، نه ته مسلمان قرض تي
ائين ڪڏهن ٿا اچن، جيئن ٻڪري ٽاريءَ تي ۽ پوءِ سول
مان هيئن چوندا ٿا نڪرن.
پدرمه روضهء رضوان بدو گندم بفروخت،
ناخلف باشم گرمن بجوي نفروشم.
(4)
آخر ۾ فرمايو اٿن ته جيستائين وڏين پگهارن وارا
ڪمشنر موجود آهن، ۽ جيستائين يورپي سولين عملدار
هوندا، جي ڳپل ناڻو ٿا ڇڪن، تيستائين ملڪ جو چاڙهو
ڪونهي، نه ته ڏيهي ماڻهو بلڪل ٿورين پگهارن سان
بخوبي ڪم ڪري سگهندا. هوم رول ۾ اهو فائدو ٿيندو
جو پئسن جي بچت ٻين چڱن ڪمن ۾ ڪتب آڻبي نه ته
هيستائين پبلڪ سروس ڪميشن جي رپورٽ مان به ٻوٽو ڪو
نه ٻريو؛ ۽ ديسين لاءِ عهدن جي ونڊ ورڇ ڪا نه ٿي.
جواب
پنڊت صاحب نيٺ ڦري ڦري آخرين مدعا تي اچي بيٺا،
جنهن جي اسان کي ملڪ الموت واري ڦڦڙي آهي ته
جيڪڏهن انهن وڏن عهدن تي غير سول سروس ڏيهي ماڻهو
ٿيا ته ان ۾ مسلمانن کي ٻڙي به نصيب نه ٿيندي، ڇو
ته جيڪي به مسلمان هوم رولي آهن، سي سڀ آنريبل يا
وڪيل، واپاري ۽ غير نوڪري پيشه، تن کي نه فقط آنر
گهرجي، پر ٻيا عام مسلمان ويچارا، جي رڳو بيل آهن
۽ تعليم ۾ هيترو پست آهن ۽ نوڪرين جي خواهان، جن
جي مساوي هجڻ ڪري مسلمانن جو بچاءُ جي حق رسي ٿي
سگهي، تن کي ڪيئن ايڏا عهدا ملندا، توڻيڪ عدد مقرر
ڪري ڏين. لياقت ۽ امتحانن جي معيار تان اسان جا
ڀائر ڪڏهن نه دستبردار ٿيندا، جو هاڻي پيا ڪرڪن
ڪنجهن. آخر معاملو اتي اچي بيهندو، جو مسلمان ساڳي
ڍوڍي ۽ ٿوم جا مالڪ، جن کان اسانجا وڏا پيٽ ۽ وڏا
ممز بيپرواهه آهن، ۽ رات ڏينهن جن جو وظيفو آهي
”هم رول“ ”هم رول“. اسين ٿا چئون ته الله ۽ رسول
الله ۽ رسول صلعم.
دلبر آسايش ما مصلحت وقت نديد،
ورنه از جانب ما دل نگراني دانست.
مائي ديويءَ جي وچن جو وستار.
اڳو پوءِ مائي بسنتي ديويءَ جي ٻول جي به تول ڪري
ڇڏيون، جنهن الله آباد جي اڊريس جي جواب ۾ ٻوليو
هو ته ”اسين ڄائي ڄم کان هوم رول جو حق رکون ٿا،
تڏهن گهرون ٿا.“ اهو ٻول مائي صاحبه نڄاڻان ڪيئن
ٻوليو آهي. ڄائي ڄم کان ماڻهو آزاديءَ جو حق ته
رکي ٿو، پر حڪومت جو اڌڪاري ڪيئن ٿي سگهي ٿو. جي
پنهنجي قوم جي ڳالهه ڪئي اٿس ته هو بيشڪ فاتح قوم
مان آهي، هينئر ان جو هر ٻار حڪومت لاءِ ٿو ڄمي،
پر جي هندڪي جوڻ ۽ ويس ۾ اهو واڪ ڏنو اٿس ته غلط.
افسوس ته اسان جا خود غرض ڀائر آزادي ۽ حڪومت جو
فرق ڄاڻن ئي نٿا. هت هو آزادي ۽ حڪومت کي گڏايو
وجهن، نه ته ٻنهي ۾ مغائرت عظيم آهي. مسٽر ڀرڳڙي ۽
ٻيا مسلمان به انهن جي پيروي تي ان غلطيءَ جو شڪار
ٿيل آهن. هندستان سائين غنيمن جي ڪاهن جو آماجگاهه
رهيو آهي. هن ڪڏهن خواب ۾ به حڪومت نه ڏٺي آهي.
ڪڏهن به مٿائونس ترار ۽ ڪاهه نه لٿي آهي. ڪڏهن
ڪنهن جي هٿ ته ڪڏهن ڪنهن جي. پوين ڏهن صدين ۾ ته
مسلمانن جي قبضي ۾ رهيو آهي. نيٺ انگريز سرڪار جي
هٿ اچي ايترو امن لڌو اٿس، ۽ ڪاهن کان بچيو آهي،
پوءِ ڪيئن مائي صاحب هندين کي ڄائي ڄم کان هم رول
جو حُليو ٿي پهرائي. اڃا مسلمان اهڙو ڍيڪ ڏئي وٺن
ته ٺهيو، پر هندي ڪيئن اهڙي هام هڻي سگهن، سو ته
مائي ڄاڻي مائي جي قيام. ڇا نه لسان العصر حضرت
اڪبر فرمايو آهي:
کالج مين هو چکا هي جب امتحان همارا،
سيکا زبان ني کهنا هندوستان همارا.
رقبه کو کم سمجهه کر، اکبر يه بول اڻهي،
هندوستان کيسا، سارا جهان همارا.
هر گوشهء جهان سان ليکن صدا يه اڻهي،
جو کچهه هي سب خدا کا وهم و گمان همارا.
مائي سروجني ديوي نمبر ٽُو
مائي سروجني به ساڳيو سر آلاپي رهي آهي ته هوم رول
اسانجو حق آهي، جو اڪبر جي ڏينهن ۾ سڀ وڏا عهدا ۽
اندروني اختيار هندن کي هئا. هن مائي ته مسلمانن
کي ئي ڪڍي ڇڏيو. هوم رول جو حق رڳو هندن لاءِ ثابت
ڪيائين: پوءِ اسان کي هندو صاحب ڇو ٿا گهيلين ته
اٿي هوم رول گهرو. مائي ته اسان کي پير ئي کوڙڻ
نٿي ڏئي. اها تاريخ وري مائي صاحبه الائي ڪٿان
پڙهي آهي ته اڪبر جي ڏينهن ۾ سارو اختيار هندن کي
هو. تڏهن مسلمان رڳو لالا واهه جا ڇيڙا هئا ڇا؟ هي
به چيو اٿس ته پوءِ ان هڪ طرفي لاڙي کان مغلن جي
سلطنت کي ڪو صدمو پهتو ڇا؟ واهه، مائي صاحبه! مغلن
جي حڪومت جي ٻيڙي ڀڙيائي اڪبر جي پاليسيءَ کان،
ٻيو اسان ته ڪو نه پڙهيو آهي ته هندو مسلمانن کان
وڌيڪ وڏن وڏن عهدن تي هئا ۽ سارو اختيار مختيار
سنڌن هو. اندروني اختيار جي اسان کي خبر ناهي، جو
راڻيون البت هندواڻيو هيون، پر تڏهن به مسلمانن جي
بادشاهيءَ ۾ مسلمان ئي اختيار مختار هئا ۽ هندو به
بيشڪ اعتبار وارن وڏن عهدن تي هئا. پوءِ ڪيئن رڳو
مائي مُسلن کي ڇڏي (جن 13 سو سال راڄ هلايو). رڳو
هندن لاءِ هوم رول جو حق قائم ٿي ڪري؟ ائين سهي،
پر مسلمانن جي جند ڇڏن ته به چڱو. باقي اها سندس
صلاح سهڻي آهي ته ايڪتا کان سواءِ سوراج نه ملندو.
سو هندو مسلمانن کي پاڻ ۾ ايڪتا ڪرڻ گهرجي، جو
سڀني ڏکن جو علاج اهو اٿو. هاڻي ڏسون ته مائي جو
اهو اپديش ڪيئن ٿا اسان جا ڀائر ڪن لائن، نه ته
سندن ڪهڻي هڪ آهي ته رهڻي ٻي. وري ٻئي هڪ صاحب،
ديويءَ جي ڇاڙتي، سنيهو پيٺو آهي ته خان بهادر ۽
آنرري مئجسٽريٽ متان وزير هند کي هلائڻ ڏيو، نه
صاحب بهادر، خان ۽ هانري ڪين ويندا. ڀلي ته راءِ ۽
راڻا وڃن، انهن جو ئي ڀت گهاٽو.
هائوس ٽئڪس ۽ مسلمان ۽ آفيسرن تي اجايو بهتان.
هائوس ٽئڪس تي جو اسان جي هندو ڀائرن ايڏو لڙ
بکيڙو ڪري آسمان مٿي تي کنيو آهي، ۽ لوڪل يورپي
آفيسرن کي نندڻ شروع ڪيو ۽ بمبئي گورنمينٽ ڏي
ڊيپوٽيشن وٺي ويا، تن ڪو اهو خيال ڪيو ته انهن
يورپي آفيسرن جو اُن ۾ ڪهڙو ذاتي غرض آهي ۽ سرڪار
کي ان ۾ ڪهڙو فائدو آهي. اهي پئسا وري به ته ڳوٺن
۽ شهرن جي آرام ۽ صحت لاءِ ڪم ايندا، يا سرڪاري
خزاني ۾ داخل ٿيندا سرڪاري آفيسر رڳو اهو ڏسڻ ٿا
گهرن ته هي ماڻهو؛ جو هيتري قدر سوراج جا خواهشمند
آهن، ۽ رات ڏينهن پنهنجي ۽ سرڪار جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي
اٿن، سي پنهنجي ڳوٺن ۽ ماڻهن جي صفائي ۽ آرام صحت
لاءِ پاڻون ڪا قرباني به ڪري سگهن ٿا يا رڳو مفت ۾
خود حڪومت ماڻي سرڪاري قرض يا گرانٽ تي گذارڻ ٿا
گهرن – مگر جنهن حال سان هو ايتري آزمائش ۾ هوش
کان نڪري ويا آهن ته پوءِ هوم رول ۾ ڌوڙ ڪو فائدو
ملڪ ۽ ماڻهن جو چاهيندا، جن کي ايترو حوصلو ۽ ٿوري
قرباني ڪرڻ يا ڪس کائڻ جي سگهه ڪانهين، نه ته
سرڪار کان حڪومت جي واڳن وٺڻ لاءِ تيار آهن ۽ ان
جي قيمت ۾ رڳو ڪين جهڙي ٽئڪس کان به ٿا ڪيٻائين.
پاڻ جڏهن ڏهاڪي کن رپين ڏيڻ لاءِ ايترو بيزار ٿي
پيا آهن، ته سرڪار لکن ڪروڙن جي حڪومت انهن کي
ائين کڻي ڏيندي. نه ته هي سرڪار جي مهرباني ۽
فياضي بس نه آهي، ته جئن جئن ملڪ خود حڪومت هلائڻ
لاءِ تيار ٿيندو ٿو وڃي، تئن تئن هو درجي وارا
اهڙا اختيار ڏيندي ٿي وڃي؛ جيڪا خود حڪومت جي اصل
معنيٰ آهي، سا اها جا اسان کي گهڻو ڪري ملي وئي
آهي، جهڙو ميونسپل ۽ لوڪل جا اختيارات، عدالتي
پاور ۽ ڪائونسل ۾ ميمبرن جو واڌارو. مگر جيڪڏهن
هوم رول جي اها معنيٰ آهي ته اصل سموري حڪومت لشڪر
خزانن، ملڪ جي واڳن ڏيڻ سان کڻي سونپن ته اها
ناداني نه چئبي ۽ ائين ممڪن آهي؟
بلڪل نه، مسلمانن کي اسان جا ڀائر ڦسلائن ٿا ته هر
هڪ ڳالهه ۾ ساڻن شامل ٿين ته سندن ڳالهه اڳ ٿئي.
پوءِ، مسلمان دوزخ وڃن يا بهشت. هائوس ٽئڪس يا هوم
رول جي گهرڻ ۾ جيڪڏهن مسلمانن جي طرفان ڪا جماعت
يا ڪي ماڻهو پڪارن ٿا ته انهن لاءِ لکجي ٿو ته هي
جماعت بيقاعدي آهي ۽ رڳو ڪي عام ماڻهو هئا. مگر
جيڪڏهن ڪي ساڳيا مسلمان هندو ڀائرن جي فيور ۾
ڳالهائن ٿا ته انهن جا نالا لکجن ٿا، نه ميان تاجل
خان، ميان پنجل خان، حاجي ڪرڙ خان، وڏيرو کٻڙ خان،
سو ڇا سبب؟ سندن طرفان ڳالهائين سي خان ۽ وڏيرا،
جيڪي اسان جي طرف ٿين سي ٿيا اجايا سجايا عام
ماڻهو، هاري ۽ ناري! ٻيو اسان جا ڀائر نه اسان کي
نوڪرين ۽ عهدن ۾ ٿا سهن، نه انهن آفيسرن کي پسند
ٿا ڪن، جي اسان کي وقت سر ياد ڪن ٿا. ان ڪري هاڻي
مسٽر لارينس کي اسان جي ڀائرن پرائيويٽ طرح
اورنگزيب جو خطاب ڏنو آهي، ۽ ٻئي هڪ هندو صاحب هچا
جا لفظ لکيا اٿس، ته ڇو مسٽر عطا محمد کي ڊپٽي
سپريڊنٽ ڪيائون، سو به ويچارو پوئتي موٽيو. حال هي
آهي جو هن صاحب جيڪڏهن ڪي جايون مسلمانن کي ڏنيون
آهن ته هندن کي به برابر ڏيندو ٿو اچي. البت ائين
نه ڪيو اٿس ته اڪبر وانگي سمورو هندن تي ليٽي پوي.
اورنگزيب ويچارو عادل، امين، پرهيزگار بادشاهه هو،
مگر هن پنهنجي ڏاڏي اڪبر جي هڪ طرفي پاليسي سلطنت
جي لاءِ خوفائتي ڄاتي، تنهنڪري وچٿري پاليسي
ورتائين، تنهنڪري هندو کانئس ناراض ٿي پيا، جي اڃا
تائين کيس گلا سان ياد ڪندا ٿا اچن. اهڙي طرح اڳي
نوڪرين ۾ جو سمورو سندن ٺيڪو هو، مگر هاڻي جو ڪجهه
مسلمانن کي به وارو ملڻ شروع ٿيو آهي ته مسٽر
لارينس اورنگزيب ٿي پيو آهي! مگر اسين ته چئون ٿا
ته اهڙو عادل، امين، خانداني يورپي آفيسر بيشڪ
اهڙي نالي رکڻ لائق آهي – مگر نه شيواجي، نه نانا
ڀائي! مطلب ته جڏهن اسان جي ڀائرن جو ايڏو تنگ
حوصلو آهي، تڏهن نه مسلمان ساڻن متفق راءِ ٿيندا،
نه سرڪار کين هوم رول ڏيندي، جنهن جي هو بي مهل ۽
بيجا تقاضا ڪري رهيا آهن. اسان کي به اسان جا
ڀائر يا ڪي خود غرض مسلمان اهو عتاب ڏيندا آهن، ته
اسين يورپي آفيسرن جي خوشامد ٿا ڪريون، ۽ پنهنجي
لالچ يا فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي
ٻيڙي ٿا ٻوڙيون. مگر اها انهن جي بلڪل غلط فهمي
آهي. سچي پچي ڳالهه ڪرڻ، چڱي شيءِ کي چڱو چوڻ، مدي
کي مدو سڏڻ، خوشامد نه آهي. قوم ۽ ملڪ جي نقصان
ڪندي پنهنجو فائدو ڳولڻ نالائقي آهي ۽ ٻين جي
فائدي سان گڏ پنهنجو فائدو چاهڻ عقلمندي ۽ انصاف
آهي. اسين يقين سان وسهون ٿا ته مسلمان اڃا هوم
رول لاءِ تيار نه آهن. هندن جي نسبت هنن تي انگريز
حڪمران صدبار وڌيڪ آهن، بلڪ هندو ۽ مسلمانن لاءِ
هو چڱا آهن. هائوس ٽئڪس ۾ جيڪڏهن ڪو ٿورو گهڻو بار
مسلمانن تي پئجي ويو ته هو ان ڪري وري ٻين بارن ۽
آزارن کان ڇٽي پوندا ۽ سراسري فائدي ۾ رهندا، ۽
هائوس ٽئڪس جي مخالفت ۾ آسودن هندن جو بار به مٿن
ورهائجي ويندو، جو هن کان اڳي سڀني ميونسپل محصولن
جو سمورو بار غريبن ۽ مسلمانن تي آهي. آسودا بيٺل
ماڻهو، خصوصاً ڪامورا، هر طرح ڇٽل آهن. مسلمان پاڻ
تان ٻيا بار لهرائين. يا جهڙي طرح روهڙي وارن ڪيو
آهي اهڙي رول ٺهرائين مگر افسوس ته مسلمان
ويچارڙا ڀورڙا آهن سي چالاڪ ڌر جي چنبن ۾ اچي،
پنهنجو نفعو نقصان نه سمجهي پنهنجي پيرن تي پاڻ
ڪهاڙو هنيون اچن. يورپي آفيسر ويچارا رعيت جي خير
خواهيءَ لاءِ مٿا کٿا پيا هڻن. سندن ڪرٽون ڪاوڙون
پيا سهن. پنهنجون گلائون پنهنجي ڪنن سان ويٺا ٻڌن
۽ اکين سان پيا ڏسن – تڏهن به جيڪو مٿن فرض آهي،
تنهن کان نٿا مڙن - ۽ رعيت کي سيکارين ٿا ته هئن
قرباني ڪرڻ، ۽ ٿوري ڪس کائڻ سان پنهنجي ملڪ ۽
ماڻهن جو ڀلو ڪري سگهو ٿا ۽ خود يا وري (سيلف
هيلپ) هن کي چئبو آهي. مگر اسان جا ڀائر ان کي ظلم
ٿا سمجهن، زور ٿا ڄاڻن، فريادون ٿا ڪن. جڏهن سندن
هي حال آهي ته هو هوم رول ڪهڙي منهن سان ٿا گهرن ۽
ڪيئن پاڻ کي لائق ٿا سمجهن. افسوس، صد افسوس!
مسٽر مرليڌر جي ملاقات
حيدرآباد جي سنڌ پراونشل ڪانفرنس ۾ گهڻن صاحبن
تقريرون ڪيون آهن. جڏهن ته آزادي آهي، تڏهن سڀ
ڪنهن کي اختيار آهي ته جئن وڻيس تئن چوي. ڪن صاحبن
ته حد کان به وڌيڪ وک وڌائي رکي آهي. صاحبلوڪن کي
گهٽ وڌ ڳالهايو اٿن. مگر اسان کي پنهنجي ڀائرن جي
چالاڪيءَ تي عجب ٿو لڳي ته ڪيئن زباني لغڙ پنهنجي
مرضيءَ تي ٿا اڏائن. مسٽر مرليڌر ته هڪ زميندار،
ميونسپالٽي ۽ لوڪلبورڊ ميمبر جي ملاقات عجب پيرايه
۾ لکي آهي. اسان کي ته اهڙي قسم جو ڪو ميمبر ڪو نه
سجهي، جو اهڙو چٽ نپٽ هجي، جو ديوان صاحب سان اهڙي
گفتگو ڪري. تنهن کان پوءِ هن چوڻ سان ته ديوان حد
ڪري ڇڏي ته مسلمانن کي ڊپٽي ڪليڪٽريون ان ڪري ٿيون
ملن ته ”مسلمان گورن جي هٿ ۾ رهن، ۽ هندن ۾ جوش
ٿئي، ۽ ان تي هڪ هندو اخبار به اعتراض ڪو نه ورتو
آهي.“ بس هاڻي رڳو ان لفظن مان ديوان صاحب جي
راست، گوئي معلوم ٿئي ٿي. هي ڪهڙو نه بيجا قياس
آهي ته گورا پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ ۽ هندن کي جوش ڏيارڻ
لاءِ مسلمانن کي ٿا ڊپٽي ڪن. واهه، ديوان صاحب
اوهانجو انصاف! مگر هي ته ٻڌايو ته ڪن هندن کي، جي
تمام نوان نوڪر هئا، ڊپٽيگيريون يا مختيارڪاريون
مليون، تن کي ڪهڙي ڀاءِ، پر جيڪڏهن مسلمانن کي
نوڪرين ملڻ تي هندو جوش ۾ ايندا ته پوءِ ڪهڙي منهن
سان هو سوراج گهرڻ لائق چئبا؟ ۽ هندو اخبارن اهڙا
پٽڪا ڪيا جو واهه واهه. هڪ هڪ ويچاري مسلمان جا
عيب ظاهر ڪيا. خود مسٽر لارينس کي سڌيون ٻڌايون.
اڃا ته ڪڇائون. اڳي رڳو اسان جي ڀائرن جي ڪهڻي هڪ
رهڻي ٻي ڀائيندا هئاسين. مگر هاڻي ته مسلمان هوندو
جو ساڻن گڏبو. وري اسان جي ميان صاحب محمد خان به
واهه جا لڪچر خوانيءَ ۾ قرآن داني ڏيکاري آهي، ته
ڪيئن مسلمان قرآن جي حڪم کان برخلاف، هڪڙا حاڪم
ٻيا محڪوم ٿيڻ قبول ڪندا؟ اسان کي خانصاحب
ٻڌائيندو ته اولوالامر جي معنيٰ ڇا آهي. قرآن جي
ان آيت مان هڪڙا حاڪم ٻيا محڪوم ثابت نٿا ٿين؟
دنيا جو ڪارخانو ته هوندو ئي حاڪم ۽ محڪومن سان.
سڀ حاڪم ٿيا ته جهان ڪيئن هلندو؟
خانصاحب جو حج تي وڃڻ جي صلاح رڳو ان ڪري ڏني آهي
ته ايران ۽ بخارا جي مسلمانن کان وڃي پڇو ته ڪئن
ته هو هوم رول جي ڪري آزاد آهن، مگر خانصاحب کي
خبر آهي ته هوم رول جي ڪري ترڪي ۽ ايران ۾ ڪيڏي
بدامني ۽ بغاوت پيدا ٿي، بادشاه قيد ٿيا، اڃا
تائين سندن حالت برابر نه آهي. خانصاحب گهري ٿو ته
هندستان ۾ به اهڙو فساد ٿئي ڇا؟ جيڪڏهن اسان جي
مسلمانن کي ڪا غيرت ۽ حميت اسلامي هجي ته شاهه
آباد جي واقعات کان پوءِ هوند پنهنجي يار مار
ڀائرن سان سياسي امور ۾ شريڪ نه ٿين، مگر اسان
مسلمانن ۾ دم دال جو به ڪونهين ۽ سوداء پلاءُ جو
مغز ۾ موجود آهي. چوڻي به آهي ته وات جي ٻوڙ پلاءُ
کي گهه جو ڪهڙو صرفو؟ هي ڪهڙو نه واءُ لڳو آهي.
ڪيئن اسان مسلمانن جي مت مارجي ويئي آهي. ڪيترو
لکجي، ڪيترا سوال جواب ڪجن، جو مخالفن جا هزار وات
آهن. خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي ڪو
رحم ڪري. اسان جو اهو مطلب نه آهي ته مسلمان اصل
پوليٽيڪل ميدان ۾ نه اچن، ماٺ ڪري سمهي پون، نه
نه، بيشڪ واسطو وٺن، ۽ شد مد سان وٺن، مگر جداگانه
پنهنجا قومي، مذهبي، ملڪي حق گهرن. محڪومن جي
غلاميءَ کان آزاديءَ جا پهه پچائڻ نه اصل حاڪمن
کان، جن کي خدا ملڪ ڏنو آهي. باقي اسان جو فقط هي
اعتراض آهي ته گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن.
بازن سان چڙيون نه اڏامن. اسان جي هستي، اسان جي
قوميت، سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار
وڌيڪ اسان جا سياسي حق آهن. هو هميشه اسان جا
محڪوم هئا، هاڻي اهي اسان جا حاڪم آهن. اڃا وڌيڪ
حاڪم ٿيڻ ٿا گهرن، جن جي اسان بيوقوف مسلمان ٽيڪ
ڪري رهيا آهيون. نه ته اسان جا انهن کان به وڌيڪ
ڳاٽي ڀڳا مطالبا هئڻ گهرجن، پر جدا، نه گڏ. بس،
رڳو اهو ڀيل آهي، جو اسان جا مسلمان سهي نٿا ڪن.
سخن شناس نئه دلبرا خطا اينجاست.
حاصل ڪلام خير اتمام
افسوس جو ته هي ڪتاب وقت کان پوءِ شايع ٿيو، جو
وقتي سوالن جي جوابن ۽ مسلمانن جي اطلاع لاءِ لکيو
ويو هو ۽ اخبار جي نه نڪرڻ ڪري هن مجموعي لکڻ جي
ضرورت ٿي. مگر افسوس ته هي به اخبار وانگر منحوس
بيماري جي عذر کان وقت تي ڇپجي نه سگهيو ۽ ٻين
پريسن ۾ ان جي ڇپجڻ جي اميد نه هئي. تاهم هن وقت
به سياسي مسئلن بابت مصنف جي محبت ۽ عام مسلمانن
کي پوري واقفيت جو هن ۾ مصالحو موجود آهي ته ملڪ ۽
قومن ۾ ڪهڙا رايا هئا، جن جي نيٺ پڄاڻي ٿي. حضور
وزير هند هندستان ۾ آيو ۽ سندس اڳيان ماڻهن پنهنجا
سڀ شير پياز ظاهر ڪيا. ان مان معلوم ٿيو ته نه ڪو
مسلم ليگ تي مسلمانن جو ڪلي اعتبار هو، نه ڪانگريس
تي هندن اڪتفا ڪئي، نه ميرا سوت نه تيري ڪپاس. سڀ
ڪنهن فرقن پنهنجي جدا جدا اڊريس ۽ مطالبا ڪيا.
جيتوڻيڪ ڪن ڳالهين ۾ موافق به هئا، پر تڏهن به ڪا
ڪا ڳالهه سڀ ڪنهن پنهنجي نياري گهري. مسلمانن جا
ته ڪيئي مجموعا ويا. اهڙي طرح هندو فرقي جا يعني
ڪل 110 ائڊريسون پيش ٿيون، ۽ 300 چيدن ماڻهن سان
ملاقات ٿي. مگر وڏي ڳالهه هي آهي ته سڀني مجموعن،
خود ليگ وارن به آخر 30 ميمبرن جي ٺهراءَ کان ڦري
40 گهريا ۽ مسلمانن جي جدا حقن ۽ خاص لحاظ جي
استدعا ڪئي، جو اسان جو عين مقصود هو ۽ الحمدالله
ته پورو ٿيو. مخالفت رڳو ان اکر تي هئي، جو سڀڪو
ڦري ڦري پاڻهين ڀاڻ تي آيو.
ٻيو وزير هند کي معلوم ٿيو ته هندستان ۾ ڇڙ ڇڙ
گابا ته وڏي آهي؛ نه ڪا ليگ کي ساري هند جي عيوضي
ٿيڻ جي پڳڙي آهي، نڪا ڪانگريس کي ڌوتي پوتي. سڀ ڪو
آپي خان آهي. مگر ايترو آهي ته مسلمانن جي جدا حقن
بابت لحاظ رکڻ جي جابجا کان سندس ڪن تي پڪار پهتي،
جا اجائي نه ويندي. جيڪا سچي ڳالهه هئي، سا هر هنڌ
هڪ هئي، باقي ٻين ڳالهين لاءِ سڀ ڪنهن کي پنهنجو
پنهنجو دف ۽ پنهنجو پنهنجو راڳ هو. هاڻي اڻبي اها
جا ڪوري جي من ۾ هوندي.
شاهه آباد جي فسادن کان مسلمانن ۾ وڌيڪ مخالفت ٿي
۽ رهندو کهندو اعتبار به ڀڄي پيو. خود بنگال جي
ليفٽيننٽ گورنر سڊيشن جي ڪيسن تي جا تقرير ڪئي سا
به قابل لحاظ آهي ته بنگالي هندن ۾ بغاوت جو مادو
موجود آهي. اهي ڳالهيون وزير هند کان ڳجهيون ڪين
رهنديون ۽ هندوستان جي فضيلت معلوم. ساري هند سنڌ
جي چوٽي وارن مدبرن جون جيڪي به اسان تقريرون
اڊريسون ڏٺيون، تنهن ۾ رڳو مونجهه هئي. ۽ مخالف ڌر
لاءِ ڪا به سٺي ۽ پوري سمجهاڻي نه هئي. مگر رساله
’خطيب‘ دهلي ۾ هڪ اهڙو مضمون هو، جنهن اسان جو
پورو ڌيان ڇڪايو ۽ دلچسپيءَ سان پڙهيو ويو ۽ اهي
اشڪال، جيڪي اسان جي دل ۾ هئا، تن جي ڏاڍي
عقلمنديءَ سان جواب ڏنل هو. سڀني ڪونسلن وغيرهه جي
تعداد ميمبرن ۾ جو منارٽي ڪري مخالفن کي خوف هو،
تنهن لاءِ هن رڳو ان ٺهراءَ جي دلجاءِ ڏني، جا مني
پتي جي مخالفت سان رد ڪرائي سگهجي ٿي. مگر جيئن
اسان جو چوڻ هو ته ان ۾ ڌريون هڪ ٻئي کي رد ڏئي،
ڪرومرو ڪري ڇڏينديون، تنهن مان ڇا فائدو؟ تيئن هن
به ڏيکاريو آهي ته هن مان فقط ڌرين جي دفع حضرت جو
علاج آهي. مگر جلب منفعت ڪونهي (جنهن جي اسان کي
ڳڻتي هئي) تنهن جو فقط هي علاج ڏسيو اٿس ته نئين
اسڪيم جي بحال ٿيڻ ۾ سرڪاري عنصر جو زور گهٽبو ته
پوءِ هو پنهنجي زور قائم رکڻ لاءِ ضرور منارٽي ۽
گهٽ غلبي واري قوم سان ملندي، ۽ انهن سان مواقفت
ڪندي. جي مسلمان ۽ ائنگلو انڊين يا پارسي هوندا ته
ان وجهه سان هو جلب منفعت به ڪري سگهندا. مگر اسان
جي نظر ۾ اها به طفل تسلي ۽ موهومه اميد آهي، ڇو
ته حريف اهڙا ڏاها آهن، جو ڪا به پنهنجي ڳالهه
اهڙي ڏيک ۽ اثر سان ڪندا آهن، جنهن ۾ ظاهر سندن
قومي واسطو ذرو به ڪو نه پيو ڏسجي. فقط سرڪاري
انتظام جي خوبي ۽ نيڪ صلاح نظر پئي اچي. مگر در
پرده ان ۾ ضرور گهٽ پيل قوم جوئي نقصان آهي، جئن
هاڻي هلي رهيو آهي. تعليم کاتي ۾ خصوصاً ۽ ٻين
کاتن ۾ عموماً، يعني ان ۾ اهڙو انتظام رکايل آهي،
جو ظاهر ۾ ڪنهن به قوم جي پاسداري ڪانهي، مگر
باطني ان جو اثر سڀني مسلمانن تي پئجي رهيو آهي ۽
انهن جي پڪار به نٿي ٻڌجي، ۽ يورپي آفيسرن جي ذهن
تي بخوبي وهاريل آهي ته هي مسلمان سست، بي علم ۽
اڻ محنتي آهن، رڳو سندن اجائي دانهن آهي، نه ته
سرڪار کي نڪو مسلمان ڪوڙا آهن، نه ڪو هندو پيارا!
مگر هي انهن جي ڏاهپ ۽ دخل در در معقولات جو اثر
آهي، ته پوءِ به ڪونسلن ۾ ٻي طرح اميد رکڻ اجائي ۽
بيسود آهي. مگر ساڳئي صاحب نوڪرين لاءِ به تناسب
اعداد تي آيو آهي ته هن کان پوءِ مقرر ٿيل تعداد
موجب هندو مسلمان نوڪريون به وٺي سگهندا مگر اها
ته ان صاحب کي خبر ناهي ته مسلمان مقرر تعداد موجب
به ڪيئن نوڪريون وٺندا، جڏهن انهن ۾ نوڪرين جي
معيار جيتري تعليم نه هوندي، ته مقرر عدد نوڪرين ۾
ڪيئن کين ملي سگهندو. جيستائين مسلمانن جي حقن جي
جدا نگهداشت نه ڪبي، تيستائين سندن چاڙهو نه
ٿيندو. تنهنڪري تعليم ۽ نوڪرين ۽ ميمبرين ۾ سندن
قوميت ۽ سياسي حقن جي لحاظ تي سڌارا ٿيندا ته البت
فائدو ٿيندو. گڏيل گنج ۾ رنج کان سواءِ ڪجهه نصيب
نه ٿيندو، مگر شڪر آهي ته گهڻن مجموعن اهڙي پڪار
ڪئي آهي، جا اميد ته رائگان نه ويندي.
هڪ بيدرد دلارام کي آخرين دردناڪ التماس
اي اسان جا پيارا رئيس مسٽر ڀرڳڙي سائين! تون
فرزند اسلام، پاڻ مسلمان، مسلمانن جي اولاد، سردار
خان ٻروچ، ڳوٺن جو پريو مڙس، سنڌ جي زميندارن جو
قائم مقام آهين! توکي ڪهڙو جادو ويڳن ڀائرن ڪيو
آهي، جو سڳن ڀائرن کان سؤ ڪوهه پري آهين.
صوبه بهار ۾ بقر عيد کان اڳ ۾ ۽ پوءِ جيڪي مسلمانن
سان بي گناه بي قصور ظلم و ستم ٿيا آهن، سي تنهنجي
نظر انور مان ڪين گذريا هوندا؟ هندو اخبارون اوهان
جي مطالع هيٺ نه اينديون هونديون ته مسلمانن جي
ڪنهن به اتفاقي جاءِ ملڻ تي ڪيڏي نه ڌاڙ ۽ واويلا
مچائن ٿيون. ڪي ڪمشنر صاحب کي اورنگزيب سڏين ٿا.
ڪي چون ٿا ته هندن ڪهڙي هچا ڪئي اٿس، جو انهن جا
حق ٿو ماري، حالانڪه مسلمانن سان گڏ هندن کي به
جايون ڏيندو ٿو اچي. جن ڀائرن جا هي حال، هي تعصب،
هي تنگ حوصلو، تن جي ڳٽڪن تي لڳي اوهان هوم رول
گهري، مسلمانن جا هٿ پير ٻڌي سندن حوالي ٿا ڪريو!
ڪڏهن کين اهڙي ملامت ڪئي اٿو، ڪا رنجيدگي ڏيکاري
اٿو ته ڀائي ڪنهن مسلمان جي جاءِ ملڻ ڪري ڇو اوهان
کي پيٽ ۾ سور پوي ٿو. جي اوهان جي اها حالت آهي ته
اسانجو پري کان سلام. ڪم از ڪم انهن جو ٻوٿ ته بند
ڪري سگهو، جو ناحق پيا پڪارن ۽ ڀائين ته مسلمان
ڪنهن کي به جاءِ ڪا نه ملي. هڪ نه ٻيو عيب ڪڍيو
ويٺا آهن ته هي نالائق آهي، گهٽ نوڪري اٿس. اهي ته
سور سجهن ٿا جو هوم رول وقت به اهي عيب ثواب
نڪرندا، سو ڪيئن اوهان انهن واقعات کان اک پوري ۽
ڪن ٻوڙا ڪيا آهن. جئن پوءِ تئن اڳي آهيو. جيڪڏهن
اسان جا ڀائر اسان سان سچا هجن ۽ ٿين ته هئن ڪن جو
ڪمشنر صاحب کي عرض ڪري، ٻيو نه ته به هر هڪ کاتي
جي هر هڪ نوڪريءَ ۾ اڌو اڌ مسلمان رکائي وڃن.
امتحان ته رڳو جوا بازي ۽ سرڪار کي ڪڪ نه ڪرڻ جو
حيلو آهي. جڏهن ائين ڪري ڏيکارين ته پوءِ اسين
سندن غلام ٿي گذاريون. جئن چون تئن حاضر. هو چون
ڦوٽ، ته اسين چئون جي، ۽ جي سهن ذرو به نه ۽ ڪم
ٽپائڻ لاءِ اڳ ۾ ڪن ته اهو ڌوڪو يا فريب نه چئبو.
گهر ويٺي گهران آڳڻ آئي نه سهان ڀت پئي سهن، ڪک
پيو نه سهن؟ اوهان کي مسلمانن جي حال تي ڪهل ڪا نه
ٿي اچي؟ قوم ڪانگن کي به پياري آهي. خدا جو خوف
اوهان کي گهرجي يا سکر واري ميٽنگ کي، ڪو انصاف،
ڪا امانت آهي يا نه؟ دنيا روزي چند آخر کاربا
خداوند، جنابا، وري دوبار خيال ڪيو. غور فرمايو.
پنهنجي گريبان ۾نهاريو ته ڇا ڪري رهيا آهيو. ڪجهه
سنڀاليو. اسلام ۽ اهل اسلام جي حمايت ڪريو. غيرت
سکو. وقت جي متقضا ڏسو. آنريبل مسٽر علي رضا جي
پيروي ڪريو. رڳو اوهان تي عقل ختم نه آهي، ٻين
ڀائرن مسلمانن جي عام راءِ جو لحاظ به رکو.
نيٺ ڳالهه به اتي اچي بيٺي ته مسلمانن جي حقن جو
جدا لحاظ هئڻ گهرجي، سو هرجا، هر فرقي کان اهو
آواز نڪتو آهي. ڏسون ته اوهان ڇا ٿا چئو؟ آئنده
اختيار بنده بي ميارا آخرين ۾ هي به اوهان کي
مبارڪ هجي ته اوهان جي مالڪي ۽ سرپرستي ۽ نگراني
هيٺ الامين چڱي ترقي ۽ فضيلت حاصل ڪئي آهي. اوهان
جي پوزيشن ۽ عزت جي لحاظ تي عمدي طرز تحرير ٿئي
ٿي، جنهن کان اوهان جي نالي روشن ۽ عزت دوبالا ٿيڻ
جو امڪان آهي. 2 – نويمبر1917ع جو اول ۾ آخر ڏسي
ڪو به شريف آدمي الامين کان الامون ڪو نه گهرندو؟
هاڻي ته خير سان ڏينهون ڏينهن ان حال تي اچي بيٺي
آهي ته – رو مسخرگي پيشه ڪن و مطربي آموز. مبارک
باشد- حق موجود وانگي ڪنهن اشراف وٽ هجي نقد موجود
ته اوهان جي انهن گرگن جو دهن دريده لقمه سان
دوخته ڪن. تنهنن ڪري ان جي گارين ۽ گلائن کان سندن
جگر سوخته به وري ڏسو 9 نويمبر جو ايشو ته اوهان
کان سواءِ ٻيا اڊريس ڏيندڙ سڀ ايرا غيرا نٿو خيرا
هئا. اوهان جي اخبار ۽ اهڙي مسخري بي لگام –
افسوس!
من آنچه شرط بلاغست باتو ميگويم،
تو خواه از سخنم پنه گير خواه ملال.
تمام ضروري اپيل
پڇاڙي ۾ اسين مسلمانن اهاليان سنڌ کي هي اپيل ٿا
ڪريون ته شاه آباد جي مظلومن لاءِ، جن جا گهر ٻار
ڊاهي، وسيلو واڙي، ٽپڙ ٽاڙي، لٽو ڪپڙو، زر زيور،
ٿانو ٿپو، ان پاڻي، سڀ بلوائي ڦري ويا آهن. ڪي
مجروح، ڪي خانه بدوش، ڪي اگهاڙا، ڪي بکيا، ڪي سوال
ڪرڻ کان عاري موجود آهن جن تي چشم فلڪ به اشڪبار
آهي. انهن لاءِ آره ۾ هڪ انجمن رفاه عام مظلومين
شاه آباد نالي جاري ڪئي اٿن. جو جا بجا کان چندا
ٿا اچن، جن مان انهن مظلومن جي دستگيري ۽ سنڀال ٿي
لهجي. ان جو خزانچي مولوي شاهه محي الدين احمد بي.
اي، ايل. ايل. بي، وڪيل ۽ رئيس آره جو آهي. ان
لکيو آهي ته مسلمانن جا 27 سؤ گهر لٽيا ۽ ڦريا
اٿن، جن وٽ داڻو ۽ ٿڳڙي به ڪانهين. تنهنڪري جنهن
صاحب کي ان مظلومن ڀائرن جي حال تي ڪهل اچي، سو
پنهنجي مناسب آهر مٿين خزانچي صاحب کي مني آرڊر
ڪري موڪلين ۽ ثواب دارين جو حاصل ڪن. چوندا آهن ته
سخا ۾ ريا ڪونهين ۽ ڀل ته ٻين کي ترغيب اچي –
تنهنڪري هي ظاهر ڪرڻ ضرور آهي ته اول راقم آثم
ٽيهه رپيا چندو موڪليو آهي. ٻين صاحبن هيستائين 25
رپيا آهن. جزاه الله خيرا. جنهن زنده قوم سان اسان
جا ڀائر ڪلهو هڻين اڄڪلهه اسٽيجن تي باري باري ۽
آزادانه لڪچر ڏئي رهيا آهن، تن کي اهڙيون عادتون
به ته سکڻ گهرجن. ٻه ٽي سال رڳو ڏڪارين جي سهائتا
لاءِ مسٽر پهلاجراءِ واسواڻي ڇا ڇا نه ڪري گذريو
هو؟ جي اهڙو حال هندن سان ٿئي ها ته اڄ سنڌ مان به
ڏسون ها ته لکين رپيا وڃن ها. مگر مسلمان آهن، جو
ٻيو ته سڌ سماءَ ڪونهين، باقي هوم رول گهرڻ ۽
اسپيچن ڏيڻ لاءِ سو تيار آهن. مسلمان مارجن ته ڇا،
ڦرجن ته ڇا! (بلبل)
|