سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: شعور

باب: --

صفحو :8

 

 

باب تيرهون

جيڪڏهن سماج نه ٺهي ها،

ته ڇا سوچ (سمجهه) ٺهي سگهي پئي؟

 

ڇا مادي جي ڏاڍي منظم صورت يعني ماڻهوءَ دماغ ۾ سمجهه رڳو ان ڪري وڌي ٿي جو اهو جيئرو آهي يا ان جي پيدا ٿيڻ جا ڪي ٻيا سبب به آهن؟

توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته ٻاهرين حقيقتن جا احساس ماڻهوءَ جي دماغ تائين حواسن وسيلي پهچن ٿا ۽ اهي ئي حقيقتن جا احساس هر ٻي ساهواري توڙي اَساهواري تائين به پهچن ٿا. چنڊ تائين سج جي روشني پهچي ٿي ۽ ان جي اولڙي کي سڏيون ٿا چانڊوڪي، ننڍڙو گرهه (سيارچو) جڏهن پنهنجي مدار مان ٽٽي ٿو تڏهن تيز رفتاريءَ سان ان وڏي جسم (گرهه يا سياري) ڏانهن وڌي ٿو جنهن جي ڇڪ مٿس اثر ڪندي هجي. زمين جي فضائي پٽي ۾ هوا سان تيز گاٺ سبب گهڻي گرمي ۽ روشني پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي اُماڙي سڏيون ٿا، ۽ جڏهن اهو ننڍڙو گرهه ٺوس حالت ۾ زمين سان ٽڪرائي ٿو تڏهن ان جو مخصوص نشان، عڪس ٺهي پوي ٿو، وڻ کي لڳل ڪهاڙيءَ جي ڌڪ جو اولڙو ٿئي ٿو وغيره (اهي سڀ شين جي بيوَس اولڙن جا مثال آهن). ننڍڙي کان ننڍڙو ساهه وارو به اولڙو ڪري ٿو، ان جو اولڙو مڇريل ردعمل آهي، اهو شڪار (کاڄ) ڏانهن وڌي وڃي ٿو ۽ دشمن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو. گهڻ جيو گهرڙي ساهواري ۾ اهو ئي ردعمل مشروط ٿئي ٿو، جنهن جو بهترين اظهار مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارن ۾ ٿئي ٿو ۽ سمورا وڏا جانور عام طرح مرڪزي تنتي سرشتو رکن ٿا. ڪُتي، گهنٽيءَ ۽ کاڌي جي ناتي سان اسان اهو مشروط رد عمل سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهيون.

مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارا }هاٿي، اُٺ، سانُ، ڍڳو (ڏاند)، ٻَڪَرُ، گَهٽو (دنبو)، سهو، ڪبوتر، بازُ ۽ انهن جا مؤنث وغيره{ ماڻهوءَ جيان ٿوري گهٽ وڌ فرق سان ٻاهرين حقيقتن جو احساس وٺن ٿا. انهن جي دماغ ۾ حواسن وسيلي پهتل اطلاع (خبر، سڌ، احساس) حسي تصوير ٺاهي ٿو ۽ انهن جو نمونو، طريقو، اثر (خيال) ظاهر ٿئي ٿو.

احساس، حسي تصوير ۽ اثر کي حسي ڄاڻ سڏجي ٿو. ڪجهه گهٽ يا وڌ سمورا مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارا حسي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. اهي وڻ، جاءِ، جهوپڙي، غار، جانور وغيره جي فرق کي محسوس ڪن ٿا، منهن مهانڊي، ڏيک ويک جو فرق محسوس ڪن ٿا، جيڪا شيءِ سندن لاءِ خطرناڪ آهي ۽ جيڪا شيءِ سندن لاءِ ڪارائتي آهي، لهه وچڙ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻنهي ۾ فرق ڪن ٿا وغيره.

اهي احساس، حسي تصويرون ۽ اثر جيڪي حياتيءَ، جياپي لاءِ انتهائي اڻٽر هئا، انهن سان لاڳيتو ٺاهه ڪندي (جيئن ماحول، آبهوا، کاڌي پيتي، ڇانوَ ڇپر وغيره) ساهوارن ۾ اهي پڪيون عادتون پيدا ٿي پيون جيڪي وڏن کان ننڍن ڏانهن نسلي طرح تبديل ٿي سگهيون پئي. نسلي طرح تبديل ٿيندڙ عادتن کي جبلت چئجي ٿو. ماءُ پيءُ (وڏڙن) جي بدني بناوت ۽ جبلتون پراڻي نسل کان نئين نسل ۾ تبديل ٿين ٿيون. انهيءَ حد تائين ننڍا وڏا ساهوارا ٿوري گهڻي فرق سان ذري گهٽ هڪجهڙا آهن. ماڻهو ٿي سگهندڙ ساهواري ۽ ٻين جانورن ۾ ان حد تائين ڪو خاص فرق ڪو نه هو سواءِ (ارتقا) جي ڏاڪي واري فرق جي، جنهن موجب ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي آهي.

 

جبلت ۽ عادت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

جبلت اهي عادتون آهي جيڪي سموريون جو سموريون نسلي طرح وڏڙن کان ننڍڙن ۾ تبديل (منتقل) ٿين ٿيون.

عادت اهو رويو آهي جيڪو نسلي طرح تبديل ڪو نه ٿو ٿي سگهي پر پنهنجي حياتيءَ دوران ڪنهن به ساهواري ۾ انفرادي طرح پيدا ٿئي ٿو ۽ ان جي پوري ٿيڻ کان سواءِ هڪ بي چيني پيدا ٿئي ٿي.

ڪيترن ئي ماڻهن ۾ سگريٽ (ٻيڙي) ڇڪڻ جي عادت آهي. انهن ماڻهن ۾ اها عادت پنهنجن وڏڙن کان نسلي طرح تبديل ڪا نه ٿي آهي (بيشڪ اهي به سگريٽ ٻيڙي ڇڪيندا هجن). ڪو ماڻهو ڪرڪيٽ، فوٽ بال، مَلهه، اِٽي (ڏِڪي) ڏَڪر وغيره راند کيڏڻ جي عادت پرائي وٺن ٿا، پر اهي به نسلي طرح تبديل ڪو نه ٿيون ٿين. ڪن ماڻهن کي ڌاڙي، چوريءَ، جوئا يا نشي کان سواءِ بي چيني ٿيندي (سبب ڪهڙو به هجي) پر اهي عادتون به جبلي طرح تبديل ڪو نه ٿيون ٿي سگهن (چور جو پٽ چور، ظالم جو پٽ ظالم، ڊڄڻي جو پٽ ڊڄڻو وغيره اهڙا سمورا مثال ڪوڙ آهن).

سمجهدار جانورن جو مثال به ايئن آهي. سرڪس جي جانورن کان وڌيڪ سمجهدار ساڳي ئي جنس جو ٻيو ڪهڙو جانور هوندو‍‍! لوهي تار تي هلندڙ ٻڪر، جهمر هڻندڙ گهوڙو، باهه واري ڇلي منجهان ٽپو ڏيندڙ شينهن، مختلف ڪرتب ڏيکاريندڙ ڪتو وغيره.

حقيقت اها آهي ته اهڙن جانورن کي اذيتون (بک، اڃ، مار، اڪيلائپ، وڇوڙو، بجليءَ جا جهٽڪا وغيره) ڏئي سڌاريو ويو آهي، انهن ۾ زوريءَ اهي عادتون پيدا ڪيون ويون آهن. اڪثر عادتون ته جبلي عادتن کي ئي (هٿراڌو چونڊ، هٿراڌو لڳ وغيره وسيلي) وڌائي ٺاهيون ويون آهن جنهنڪري ئي واٺا، پهريدار، ڦاڙيندڙ، شڪاري ڪتا وغيره ٿيا، پر ڪي ڪي عادتون (جيئن سرڪس واريون) انفرادي تربيت جو نتيجو آهن ۽ ان انفرادي تربيت دوران اذيت ڏيڻ هڪ اهم عمل هوندو آهي.

ڪي عادتون اهڙيون آهن جن ۾ عادتيءَ کي فائدو ٿئي ٿو، جيئن پڙهڻ جي عادت، ڌيان سان ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي عادت، راند جي عادت وغيره ۽ ڪن عادتن مان عادتيءَ کي نقصان ٿئي ٿو، جيئن نشو، جوئا وغيره. ساڳي ڳالهه سمجهدار، سڌريل جانور سان لاڳاپيل آهي، جيڪڏهن اهي سنڀاليندڙ جي سکيا موجب عادتون ٺاهن ٿا ته کين نفعو کاڌو خوراڪ ۽ شاباس ملي ٿي ۽ جيڪڏهن گوٿ ناٿ ڪن ٿا ته اذيت جا اهنج.

جبلتون اوسر جي عمل دوران تبديل ٿينديون رهن ٿيون، جڏهن ته عادت تي اوسر (ارتقا) جو ڪو به اثر نه آهي.

ماڻهوءَ سماج (راڄ) ۾ رهندي ڪيترين ئي وحشي، جهنگلي، جانورن وارين جبلتن کي لاڳيتو گهٽ ڪندو، ڌڪاريندو ۽ پنهنجي جند ڇڏائيندو پئي رهيو آهي پر پوءِ به اڄ ڏينهن تائين منجهس ڪيتريون ئي جبلتون موجود آهن، جيئن ڊپ ۾ وٺجڻ، ويڙهه ڪرڻ، شڪار کيڏڻ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ، نقل ڪرڻ، بدلو وٺڻ، خود غرض هجڻ وغيره. جيئن جيئن ماڻهو سڌرندو ويندو تيئن تيئن انهن جهنگلي جانورائي جبلتن مان به جند ڇڏائيندو ويندو. (مهرباني ڪري سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب وحشي جيوت جا نشان ضرور پڙهو.)

ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو هر ساهوارو حسي ڄاڻ جي درجي کان مٿي چڙهي نه سگهيو آهي. ماڻهوءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به ساهواري کي خبر ناهي ته هو جيئرو ڇو آهي، پيدا ڪيئن ٿيو، ڌرتي ڇا آهي، ڌرتيءَ تي پکڙيل گوناگون ۽ رنگا رنگ لقاءَ ڇو آهن، ڌرتي گولو آهي، اها ڦري ٿي پنهنجي مرڪز چوڌاري (جيئن لاٽون پنهنجي ڪوڪي چوڌاري ڦري ٿو) ۽ سج چوڌاري. چنڊ، چاندوڪي، چنڊ جي ڦيري جي ڄاڻ به رڳو ماڻهوءَ وٽ آهي. سج، تارن، ڪائنات، مادي، سمجهه، سونهن، سلڇڻائيءَ بابت رڳو ماڻهو ئي ڄاڻي ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پاڻ، ٻين ماڻهن ۽ شين، پنهنجي پورهيي ۽ سماج، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۽ ثقافت، قوم، طبقي، سامراج، ظلم، انصاف، برابريءَ، جمهوريت، فسطائيت، راڄوڻي نظام، غلامداريءَ، جاگيرداريءَ، سرمائيداريءَ، سوشلزم، ڪميونزم، بادشاهت، شهنشاهت، پورهيت، مزدور، هاريءَ، صنعت، پوکيءَ، جانور پالنا، سائنس، مادي، سچ وغيره بابت ڄاڻ رکي ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو سوچي سمجهي پنهنجي انفرادي توڙي اجتمائي حالتن کي بدلائڻ ۽ ٺيڪ بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماڻهو ئي آهي جيڪو پنهنجيءَ حياتيءَ جو مقصد مقرر ڪري ٿو... ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه.

- ماڻهو ايڏو مٿير ڇو آهي؟

- ماڻهو جانورائي حياتيءَ جي گهيري کان ڇو نڪري سگهيو؟

- ماڻهو ٻولي ڇو ٺاهي سگهيو؟

- ماڻهو گهر ٺاهي، اناج اپائي ۽ ايجادون ڪري ڇو سگهيو؟

- ماڻهو حياتيءَ، فطرت، ڪائنات، مادي کي ڇو سمجهي سگهيو؟

اچو ته ڪجهه مثال وٺون:

(1) ماڻهوءَ جي ٻالڪ وٽ ڄمڻ وقت ڪا به ڄاڻ نه آهي، جڏهن ته اهو هر طرح جيئرو ۽ صحتمند آهي.

(2) جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻالڪ جا ڄائي ڄم کان پنج ئي اهم حواس ۽ سندس سوچڻ جو عضوو ـــــــــ دماغ ـــــــــ جيئرا ته هجن پر پنهنجو پنهنجو مخصوص عڪسڻ وارو ڪم ڪري نه سگهن، ته ماڻهوءَ وٽ ڪا به ڄاڻ نه ٿي ٿي سگهي.

(3) سمجهو ڪري ته هڪ ڍُڪي عورت ڪنهن به سبب ڪري جهنگ (ٻيلي) ۾ ڦاسي اڪيلي رهجي وئي. هوءَ هڪ ٻالڪ کي ڄڻيندي ئي مري وڃي ٿي ۽ ٻالڪ ڪنهن نه ڪنهن نموني جيئرو رهجي اچي ٿو ۽ جوان ٿئي ٿو. انهيءَ حالت ۾ هن وٽ سماج، قائدن قانونن، فطرت وغيره جي ڄاڻ ٿي سگهي ٿي؟ ڇا هو ڪا ٻولي ڳالهائي سگهندو؟

جواب آهي، نه.

(4) سمجهو ڪري ته هڪ ٻالڪ کي هڪ اونداهي ڪمري ۾ بند رکيو وڃي ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني هو جيئرو رهي اچي ۽ جوان ٿئي. انهيءَ وچ ۾ هن سان نه ئي ڪو ڳالهائي ٻولائي، نه ڪا شيءِ ڪمري ۾ آندي وڃي ۽ نه ئي روشني هجي. نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا هن وٽ ڪا ڄاڻ ٿي سگهندي؟

جواب سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو: وٽس ڪا به ڄاڻ، ڪا به ٻولي، ڪا به ماڻهوئي خوبي نه هوندي، اڃا به ان حالت ۾ هو ته انڌو، ٻوڙو، گونگو وغيره هوندو.

- ڇو؟

+ اونداهي ڪمري مان هڪدم تيز روشنيءَ ۾ اچڻ سبب ڪجهه به نه ڏيکاربو آهي.

+ اونداهي ڪمري جو قيدي چڱيءَ دير تائين پنهنجون اکيون به کولي نه سگهندو آهي ۽ اکيون بند هئڻ باوجود اکين ۾ سور محسوس ڪندو آهي.

+ اڪيلائپ جو قيدي پاڳل، گونگو، ٻوڙو، انڌو ٿي سگهي ٿو.

(5) اڄ ڪلهه ڪيترين ئي اسپتالن ۾ ڪلوز سرڪٽ ٽيليويزن جو بلو ڪيل آهي. آپريشنون يا سيريس (شديد بيمار، موت حياتيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا) ماڻهوءَ سان جيڪو ڪجهه ڊاڪٽر ڪن ٿا، عام طرح اهو انهن ٽيوِيُن تي ڏيکاريو وڃي ٿو. مثال طور، في الحال ذڪر رڳو ان مريض جو ڪجي ٿو جنهن جي بڪيءَ ۾ پٿريون آهن ۽ انهن کي وَڍي ڪَٽي ٻاهر ڪڍڻو آهي. بيمار کي دوائن وسيلي بيهوش ڪيو وڃي ٿو، سندس پيٽ جي کل، پردا، گوشت، بڪيءَ جو پردو ۽ گوشت چيري بڪيءَ جي چير کي ويڪرو ڪري پٿريون چونڊي ڪڍي، وري چيريل عضون کي سئيءَ سان ٽڪا هڻي بند ڪجي ٿو.

ڇا بيمار، بيهوش ماڻهوءَ کي پاڻ سان ٿيل ان سڄيءَ ويڌن جي خبر پئجي سگهندي؟

جواب آهي، نه.

(7) حقيقي زندگيءَ ۾ پيش آيل هڪ نرالو واقعو اوهان مان ڪيترن ئي ٻڌو هوندو. اهو ٻن ٻارڙن جو قصو آهي جيڪي جهنگ مان هٿ ڪيا ويا جتي انهن کي جانور کڻي ويا هئا. 1920ع جي ڳالهه آهي ۽ ڀارت ۾ ٿي گذري:

هڪ جهنگ جي ويجهو رهندڙ ڪجهه ڳوٺاڻن کي بگهڙن جي هڪ ميڙ ۾ ڪجهه عرصي کان ٻه ڀوت نظر اچڻ لڳا. اهي ٻئي ڀوت بگهڙن سان گڏ رات جو ظاهر ٿيندا هئا، ڊوڙون وجهندا ۽ اوناڙون ڪندا هئا ۽ وري انهن سان گڏ ئي موٽي وڃي ڏرِ ۾ لڪندا هئا. وهم وسوڙل ماڻهو انهن ڀوتن کان ڊڄي کاڌي پيتي جون ڪجهه شيون کڻي وڃي جهنگ ويجهو رکي ايندا هئا ۽ انهن جي ڪاوڙ (غضب، ڪروڌ) کان بچڻ لاءِ ڌڻيءَ در پيا ٻاڏائيندا هئا.

نيٺ ان واقعي جي خبر يتيم خانو سنڀاليندڙ مسٽر سنگهه کي پئي. هن ڏاڍا جتن ڪري نيٺ انهن ٻني ڀوتن کي پڪڙي ورتو، ۽ پوءِ ماڻهو اهو ڏسي وائڙا ٿي ويا ته اهي ٻئي ڀوت نه، پر ڇوڪريون هيون، هڪ جي ڄمار اٽڪل 18-مهينا ۽ ٻيءَ جي 8-سال هئي.

مسٽر سنگهه انهن ڇوڪرين کي کڻي اچي يتيم خاني ۾ رهايو جتي کين ٻارن سان گڏ ڇڏيو ويو، پر اهي ٻئي پنهنجي ميزبان لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿيون. اهي جيتوڻيڪ ڪنهن مائيءَ جون ڄايون هيون پر عادتن ۾ مڪمل جهنگلي جانور. خاص طرح شروع وارن ڏينهن ۾ ته انهن ڏاڍو ٻائيتال مچايو. اهي ڏينهن جو ڪنهن اونداهي ڪنڊ پاسي وڃي سمهي پونديون هيون ۽ رات جو اُڀ مٿي تي کڻي ڏينديون هيون. اهي اڱڻ ۾ ڊوڙون وجهنديون ۽ اوناڙون ڪنديون هيون ۽ ماڻهوءَ رڌو پڪو ڪجهه به نه کائينديون هيون. انهن وٽ ماڻهوءَ سمجهه جو ڪو ٻيو نشان ته رهيو پرتي، پر هنن لاءِ رڳو ٻن ڄنگهن تي اُڀو ٿي هلڻ واري ماڻهوءَ  جي خاص خوبي به ڪا نه هئي. اهي چئني پيرن (ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن) وسيلي هلنديون هيون. جانورن جي وچ ۾ گذاريل حياتيءَ نه رڳو انهن جون عادتون ڦيرائي جانورن واريون ڪري ڇڏيون، پر انهن جي جسمن تي به اثر ڇڏيو هو. انهن وٽ اهڙي ڪا به لياقت ڪا نه هئي جيڪا وٽن موجود ڪنهن سمجهه جي نشاندهي ڪري ۽ نه ئي وري کين ڪا انساني احساسن ۽ جذبن جي خبر هئي. اهي اونداهيءَ جون جانور هيون.

ڏاڍي همت ۽ ماٺيڻائيءَ سان ٻن اڍائي سالن جي ڪوشش هوري هوري پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو. انهن منجهه انساني خصلتون پيدا ٿيڻ لڳيون ۽ انهن ڪنهن حد تائين پيرن تي هلڻ به سکي ورتو. هوري هوري کين ڪجهه لفظ سيکاريا ويا. ماڻهوءَ جي سمجهه هنن ڏانهن تبديل ٿيڻ لڳي. وٽن ڪي سسيل تصور به ٺاهيا ويا، ننڍڙا جانور ٻارڙن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا. اتفاق جو اهي وڌي وڏيون ٿيڻ کان اڳ مري ويون.

اهي سموريون حقيقيتون ڇا ٿيون سيکارن؟

 

اهي ڪهڙا سبب آهن جو ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو ماڻهو ٿي سگهيو؟

اهي حقيقتون اهو ٿيون سيکارن ته بيشڪ ماڻهوءَ جهڙي ساهواري ۾ ماڻهوءَ دماغ، جيئرو دماغ موجود هجي پر ان کي ماڻهو ٿيڻ لاءِ ماڻهوءَ سماج ۾ گڏ هجڻ، سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ ان ۾ پلجڻ لازمي آهي.

اهي ڪهڙا سبب آهن جنهنڪري ماڻهوءَ سماج ٺهي سگهيو؟

- رت جي رشتن ۾ اها قوت ڪانهي جا پنهنجي هم نسل کي لاڳيتو پاڻ ۾ ڪٺو رکي سگهي. هر جانور جي آڪهه يا رت جي رشتي ۾ ڳنڍيل ماءُ پيءُ ۽ اولاد جوان ٿيڻ تي هڪ ٻي کان غير واسطيدار ٿي وڃن ٿا.

- جنسي لاڳاپن ۾ به اها قوت ڪانهي جا پنهنجي هم نسل مخالف جنس کي لاڳيتو پاڻ ۾ ڪٺو رکي سگهي. هر ساهوارو ڪنهن مخصوص مند يا وقت ۾ جنسي لاڳاپي هيٺ رهي ٿو ۽ پوءِ غير واسطيدار ٿي وڃي ٿو.

- هم نسلي هجڻ ۾ به اها قوت ڪانهي جا راڄن کي گڏ رکي سگهي. هم نسلي ويجهڙائي فطري قيد سبب هڪ ٻي جي ويجهو ته رکي سگهي ٿي پر راڄ ٺهرائي، هڪ ٻي سان سهڪار ڪرائي، هڪ ٻي جي ويجهو، ڳنڍيل رکي نه ٿي سگهي.

پورهيو...

پورهيو ئي اهو پهريون سبب آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي ماڻهو بنايو، سندس اڳين ڄنگهن کي آزاد ڪري ٻانهون ٺاهيو، پوين ڄنگهن کي وڌيڪ سوکو سگهارو ڪيو، سندس چيلهه جو ڪٻ سنئون ڪيو، کوپڙيءَ کي ڪنڌ جي مشڪن وسيلي ان لائق بنايو جو هڪ حالت ۾ بيٺي چوڦير (اڳيان، پٺيان، کاٻي، ساڄي، هيٺ، مٿي) ڏسي سگهي، سندس آڱرين کي سنهو، ڊگهو، سخت ڪم لائق ۽ سهڻو بنايو، سندس گهگهي نڙيءَ کي ميٺاڄ ڀريو، وڻندڙ آواز ۽ سوين مختلف آواز ڪڍي سگهڻ جي سگهه ڏني، دماغ کي ڀڃ-گهڙ جي عملن جا عڪس ڏنا، حسي ڄاڻ کي وڌائي منطقي ڄاڻ جي درجي تي پهچايو، شين، ڳر جي گهرائي، جوهر، فطرت ۽ اصليت سمجهڻ جي قوت بخشي ۽ اهڙيءَ طرح هن کي نئين کان نئين ڄاڻ جي خزاني سان مالامال ڪندو رهيو. پورهيو ئي آهي جيڪو جياپي لاءِ گڏجي اپائڻ، هڪ ٻي جي ويجهو رهڻ، هڪ ٻي جي مدد ڪرڻ، سهڪار وٺڻ، ساٿ ڏيڻ، گڏجي جيئڻ، ونڊي وراهي کائڻ، وڏن سگهارن هيبتناڪ ويرين، شڪارن، جانورن کي دسڻ، ڪيرائڻ، مارڻ ۽ ڪتب آڻڻ وغيره تي مجبور ڪيو.

پورهيي ئي ماڻهن جي وچ ۾ گڏجي اپائڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ، گڏجي بچاءُ ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو.

هاڻي ماڻهن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا (ناتا، رشتا) ٺهيا جيڪي اڳ موجود نه هئا. اهي گڏجي رهڻ ۽ سهڪار ڪرڻ، جنسي، نسلي يا رت جي لاڳاپن سبب نه هئا پر پورهيو ڪرڻ، اپائڻ، پيداوار ڪرڻ سبب موجود ٿي پيا، تنهنڪري انهن کي پيداواري لاڳاپا سڏجي ٿو.

ماڻهو ئي آهي جيڪو پيداوار ڪري ٿو.

ماڻهوءَ ئي هِتي هُتي ٽڙيل پکڙيل آڏَن ڦڏن پٿرن ۽ لٺين کي پنهنجي پورهيي وسيلي ڪارائتو بنايو. هٿيارُ، اوزارُ اها شيءِ آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي جيئري پورهيو ڪرڻ واري سگهه لڪل آهي ۽ جنهن جي مدد سان پورهيو ڪرڻ ۾ مدد ۽ سهولت ٿئي ٿي.

پورهيو ڪندڙ ماڻهو ۽ پورهيي ۾ ڪم ايندڙ اوزار (هٿيار) پيداواري قوتون سڏجن ٿا ۽ جنهن تي پورهيو ڪجي اهو آهي پيداواري ٿاڪ.

پيداواري ٿاڪ تي (وٽ، ويجهو) پيداوار ڪندڙ کي رهڻو پئجي ويو. پورهيو ئي هنن کي هڪ ٻي جي ويجهو ۽ پيداواري ٿاڪ وٽ رکي سگهيو، پورهيي سبب ئي، پورهيو ڪندڙ ماڻهو هڪ ٻي سان اڻ ڏٺن، اڻ ٻڌن، اڻ سُڻن لاڳاپن ۾ ڳنڍجي ويو.

نت نئين پورهيي، نت نئين اوزار، نت نئين هٿ آيل شڪار، سال ٻي سال نت نئين بدلجندڙ جاگرافيائي ماحول، نون نظارن، لقائن، عملن، وڻن، ٻوٽن، گاهن، جانورن، پکين ۽ نت نيُن لياقتن ماڻهوءَ ۾ اڻٽر گهرج پيدا ڪئي ته هو هڪ ٻي کي ڪجهه چئي، هڪ ٻي سان ڳالهائي.

پهريائين اشارن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اوندهه، طوفان، تيز مينهن، ٻوڏن، ٻيلن وغيره ۾ اشارن وسيلي ڳالهائڻ ڏکيو هو ۽ وڏي ڳالهه ته ان وسيلي سوچن کي پوريءَ طرح ظاهر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو، ان ڪري واڪي، آواز کي اشاري سان ڳنڍيو ويو.

هر واسطيدار شيءِ لاءِ هوري هوري مخصوص واڪو ٺهيو ۽ انهن مخصوص واڪن جي سرشتي کي چئجي ٿو ٻولي. ٻوليءَ وسيلي ماڻهو پنهنجي هر قسم جي سوچ، سمجهه، جوش ۽ جذبي، ارادي ۽ اتساهه کي ظاهر ڪري سگهي ٿو.

اچو ته وري به هڪ مثال وٺون:

(الف) توهان ڪنهن جبل تان بيهي ڪاڇي ۾ هڪ وسندي ڏسي رهيا آهيو. انهيءَ ۾ 100-کن ننڍيون وڏيون ڪچيون جايون ۽ اوسي پاسي پکڙيل ڪجهه جهوپڙيون آهن. ان جون گهٽيون جيتوڻيڪ ويڪريون ۽ ڄار جي ڌاڳن جيان هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهن پر آڏيون ڦڏيون آهن. ڪيترن ئي گهرن ۾ چهچ ساوا، ڊگها، گهاٽا نم ۽ ٻٻر جا وڻ به آهن. ننڍڙا ٻار، ٻڍا، مايون، جانور، گهورڙيا وقت سر اچ وڃ ڪندي نظر اچن ٿا. هڪ پاسي وڏو کوهه به آهي جنهن تي چڙهيل نار کي ڏاچي ڦيرائي رهي آهي ۽ ڪجهه عورتون گهاگهرن ۾ پاڻي ڀري رهيون آهن.

(ب) توهين ڳوٺ ۾ پهچو ٿا. ڪو اڌڙوٽ ماڻهو اوهان کي اوپرو ڀائيندي وڌي اوهان جي آجيان ڪري توهان کان حال احوال خبرون چارون پڇي ٿو ۽ آڇ ڪري ٿو ته توهين سندس اوطاق ۾ هلي ويهو. توهان ڪجهه ڏينهن اتي ٽِڪي پئو ٿا ۽ هوري هوري مختلف ماڻهن، ٻارن، ڪم ڪار جي طريقن، ڌنڌن ڌاڙين، ريتن رسمن ۽ روايتن، وهمن، ويساهن ۽ عقيدن، خيالن، سوچن ۽ جذبن کان واقف ٿيو ٿا...

مثال جي (الف) ۾ توهان جو واسطو حسي تصوير سان پوي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي جانور به انهيءَ وسنديءَ جي منهن مهانڊي، ڏيک ويک جو اهڙو ئي اولڙو محسوس ڪن جهڙو توهان ڪري سگهيا (جيتوڻيڪ اصولن توهان جي پروڙ تيز آهي).

مثال جي (ب) سان ڪنهن به جانور جو ڪو به واسطو ڪونهي، اها هن لاءِ بس رڳو چرپر آهي، آواز آهي. جڏهن ته ماڻهو پرکي، پروڙي، پرجهي، سمجهي، نتيجا ڪڍي ۽ راءِ مقرر ڪري ٿو ته ان وسنديءَ جا رهاڪو ڪهڙي قسم جي حياتي گذاري رهيا آهن، کائن پيئن، رهن، چوَن، اُٿن، ويهن ڪيئن ٿا، انهن جون سوچون، عمل ۽ عقيدا ڪهڙا آهن، اهي ڪهڙي قسم جا ڌنڌا ڪن ٿا، انهن جي آمدني، ڪمائي، خرچ وغيره ڇا آهي، عورتن، مردن، ٻارن، ٻڍن جو هڪ ٻي ڏانهن روَيو ڪيئن آهي، ڪير ڪنهن جو ماءُ پيءُ يا اولاد آهي، مٽ مائٽ ۽ عزيز قريب آهي، وغيره.

مٿين مثال ۾ ڄاڻ جو (ب) حصو منطقي ڄاڻ سان واسطو رکي ٿو. ماڻهو پهريائين سندن حياتيءَ جا عام تصور وٺي ٿو، پوءِ انهن کي ڇنڊي ڇاڻي ۽ انهن بابت پنهنجي راءِ قائم ڪري ٿو ۽ پوءِ ٻين ماحولن سان ڀيٽ ڪندي انهيءَ سماج بابت نتيجا ڪڍي ٿو.

حسي ڄاڻ کان منطقي ڄاڻ تائين ماڻهو پنهنجي پورهيي، شين جي ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه، هڪڙين شين جي ٻين شين سان ملندڙ ۽ مختلف خاصيتن جي ڀيٽ ۽ ڇنڊڇاڻ، انهن جي وچ ۾ فرقن جي ڄاڻ وسيلي پهچي سگهيو.

ماڻهو جيڪڏهن بامقصد سرگرمي (پورهيو) نه ڪري ها ۽ ٻين جانورن جيان رڳو جبلي اثرن هيٺ جياپي جون گهرجون، جيئن پوريون ٿي سگهن ٿيون، پوريون ڪندو اچي ها، ته هن ۾ ۽ ٻين جانورن ۾ ڪو به فرق نه هجي ها. اهو پورهيو ئي آهي جنهن هر ڪتب ايندڙ شيءِ جي حقيقت، اصليت، بناوت، ڳر، جوهر ۽ انهن جي وري ٻين شين جي حقيقت، اصليت، بناوت، ڳر ۽ جوهر سان ڀيٽ وسيلي ڄاڻ مهيا ڪئي. اهو پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي اپتائتي عمل ۾ ڳنڍيندي پيداواري ناتن جي لڙيءَ ۾ پوئي هڪ سماجي (راڄوڻي) مالا بنايو، جنهن ماڻهو ٺاهيو، ٻولي ٺاهي ۽ ثقافت کي تخليق ڪيو...

راڄ (سماج) ۾ رهڻ ڪري ئي ماڻهوءَ جي سمجهه وڌي سگهي. هو شين ۽ خود پنهنجي فطرت، اصليت، جوهر کان واقف ٿيو، هو ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کان واقف ٿيو.

ڪنهن به ڪُتي جو انهن ڳالهين سان ڪو واسطو ڪونهي ته هڪ ماڻهو مظلوم آهي، پورهيو ڪرڻ باوجود بکيو ۽ ڏکيو آهي ۽ ٻيو ماڻهو پورهيو نه ڪرڻ باوجود ڍاوَل ۽ سکيو آهي ته ڇو، مظلوم قومن جي آزاديءَ، مظلوم پورهيت عوام جي آزاديءَ سان به ڪنهن ڪتي جو ڪو واسطو ڪونهي. ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي جيڪو ڪائنات، سماج ۽ خود ماڻهوءَ جي ذهن جي هر ذري جو اڀياس ڪري گڏيل نتيجا ڪڍي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو شين جي وچ ۾ هڪ ٻي سان تعلق، ماڻهن جي وچ ۾ هڪ ٻي سان  ڳانڍاپي کي سمجهي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو مادي (فطرت) جي قانونن ۽ سماجي قانونن کي سمجهي سگهي ٿو ۽ سماجن ۽ فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

ماڻهو جيڪڏهن پورهيو نه ڪري ها، ته پاڻ ۾ بس ايتروئي ڳنڍيل هجي ها جيترو ڪو به جانور، ته نه سماج هجي ها، نه ٻولي هجي ها، نه ثقافت هجي ها ۽ نه ئي وري ڪا سمجهه.

راڄ (سماج) کان ٻاهر ڪا به سمجهه ٿي نه ٿي سگهي، ماڻهوءَ جي سمجهه رڳو ان ڪري ناهي، جو ماڻهو جيئرو، ڳتيل ۽ اسريل دماغ رکندڙ آهي پر ان سان گڏ ان ڪري به آهي جو ماڻهو سماجي زندگي گذاري ٿو. سماجي زندگيءَ ۾ عملي سرگرميءَ ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کان ڌار رهي ڪا به سمجهه پيدا ٿي نه ٿي سگهي. سمجهه ڪو سماج کان ڇڳلُ، ڌار، اڪيلو لقاءُ ڪونهي. ماڻهو هڪ سمجهه ڀري هستيءَ جو روپ رڳو تڏهن وٺي سگهي ٿو جڏهن اهو ماڻهوءَ راڄ ۾ رهندو هجي.

ڪا به سوچ انساني برادريءَ کان ٻاهر ڪانهي. سماج ۾ سرگرميءَ سبب سوچ پيدا ٿي سگهي، پورهيو (پيداوار) ڪرڻ دوران هڪ ٻي لاءِ پيدا ٿيل لاڳاپن جي نتيجي ۾ ئي سوچ پيدا ٿي سگهي ٿي. پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ کي، ماڻهوءَ راڄ (سماج) کي پيدا ڪيو آهي ۽ پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ دماغ پيدا ڪيو ۽ ماڻهوءَ سمجهه پيدا ڪئي. سمجهه هڪ سماجي پيداوار آهي، سماج کان ٻاهر ڪا به سمجهه ناهي.

جيڪڏهن ماڻهو سماج ۾ رهندڙ نه هجي ها، هڪ ٻي سان لڳ لاڳاپي ۾ نه هجي ها، هڪ ٻي سان ڪا ٻولي نه ڳالهائيندو هجي ها، ته هو پنهنجي ڪنهن به خيال، سوچ، سمجهه کان، پنهنجن تجربن کان ٻي ماڻهوءَ کي، ايندڙ نسلن کي ڪنهن به طرح واقف نه ڪري سگهي ها. ٻوليءَ کان سواءِ ته ماڻهو سوچي به نه ٿو سگهي. ماڻهو جڏهن سوچي ٿو تڏهن ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءِ ۾ ئي سوچي ٿو. سوچ کي سماج کان، ٻوليءَ کان ڪنهن به طرح ڌار ڪري نه ٿو سگهجي.

اچو ته هاڻي هڪ مشين بابت ڪجهه ڳالهيون ڪيون. هڪ اهڙي مشين بابت، جيڪا ذهين آهي، عقلمند آهي، سوچيندڙ آهي. سرمائيدار ملڪن جا ڪجهه ڀورڙا سياستدان ۽ سائنسدان ان کي دنيا جو ٻرندڙ مسئلو چئي پيش ڪن ٿا ڇو ته هنن لاءِ قومي آزادي، طبقاتي آزادي، انساني آزادي، ظلم جو خاتمو وغيره جهڙا مسئلا ٻرندڙ مسئلا ناهن.

هن وقت جنهن مشين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون اها ڪا عام قسم جي مشين يا صنعت ناهي. توهان ڪئلڪيوليٽر (حساب ڪندڙ مشين) بابت ٻڌو هوندو جيڪا لکن ڪروڙن جي انگن جي وڍ، ڪَٽ، ضرب، جوڙ وغيره سيڪنڊن ۾ حل ڪريو ڇڏي. هتي ان جو ذڪر ناهي. اها به هڪ سادي مشين آهي. اسين ته ذهين مشين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون.

اهي مشينون ڏاڍيون ڏکيون ۽ نازڪ قسم جون آپريشنون ڪن ٿيون، اهي ياد رکن ٿيون ته ڪهڙيون آپريشنون ڪيئن ڪرڻيون آهن، اهي وڏين صنعتن جون پيچيده مشينون هلائن ٿيون، ريل گاڏي ڊوڙائن ٿيون ۽ اندازو لڳائن ٿيون ته ڪڏهن گاڏي ءَ کي ڍرو ڪرڻو يا بيهارڻو، هلائڻو يا تيز ڪرڻو آهي، اهي هوائي جهاز اڏائن ٿيون ۽ انهن کي ٺيڪ ٺاڪ پاسن ڏي اڏاري گهربل جاءِ تي لاهن ٿيون، اهي هڪڙين ٻولين مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪن ٿيون ۽ ايترو تيزيءَ سان جو هڪ ماڻهو جرمن ٻوليءَ ۾ ويٺو ڳالهائي ته ٻيو ماڻهو ان جو آواز انگريزيءَ ۾ ويٺو ٻڌي ـــــــــ هزارين لفظ ۽ انهن جي معنى ياد رکن ٿيون، اهي شطرنج جهڙي راند جون سوين چالون ياد رکن ٿيون ۽ وقت سر کيڏن ٿيون ۽ ڪجهه منطقي مهمون به پوريون ڪن ٿيون.

ڦورو ماڻهن وٺي گوڙ مچايو آهي ته اهي ذهين مشينون اڳتي هلي ماڻهن تي، دنيا تي، ڪائنات تي حڪومت هلائڻ لڳنديون!

ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪ مشين مڪمل طرح ماڻهوءَ دماغ جو بدل هجي؟

انهن مشينن وسيلي کڻي ڪهڙا به ڪارناما ڪيا وڃن پر اهي بهرحال ڪن مشيني پاڻ مرادن (آٽوميٽڪ) عملن تائين محدود آهن. سوچ کي ڪن مشيني پاڻ مرادن عملن تائين محدود ڪري نه ٿو سگهجي. سوچ کي پنهنجو مشيني بڻ بنياد ماڻهوءَ راڄ، سماجي زندگيءَ ۾ آهي. سوچ هڪ راڄوڻي پيداوار آهي ۽ اهڙي باقاعدي حياتيءَ ڀريو (جيئاڪ) پورهيو اصولي طرح بهرحال مشين کي ميسر ناهي. ذهين مشينون ڌاتوئي پوشاڪ ۾ ماڻهوءَ جا خيال آهن.

ذهين مشينن جي ذهانت ۾ اڃا به واڌ ٿيندي رهندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته انهن وسيلي اڳتي هلي فلسفي جي ڪيترن ئي مسئلن کي به بيان ڪرايو وڃي پر پوءِ به اهي رڳو ايترو ڪري سگهنديون جيترو سندن دماغ ۾ رکيو ويو هجي. اهي سماجي حالتن جي تبديليءَ سان گڏ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري نه ٿيون سگهن. اهي بهرحال ڌاتوئي پوشاڪ ۾ ماڻهوءَ جا خيال ئي رهنديون. ماڻهوءَ کان سواءِ ڪا به مشين رڳو هڪ مئل ڌاتو آهي.

ماڻهوءَ دماغ ڪنهن به مشين کان ڏاڍو مٿاهون ڇو آهي؟

ماڻهوءَ دماغ مشين کان ڏاڍو مٿاهون ان ڪري آهي جو اهو سماجي سرگرميءَ جي پيداوار آهي. خيال، سمجهه به ساڳيءَ طرح سماجي سرگرميءَ جي پيداوار آهي. دماغ جو ڪم ايترو ئي ڳتيل آهي جيترو سماجي رشتا، سماجي پورهيو، سماجي عمل، سماجي لقاءَ، دنيا جا لقاءَ، ڪائنات جا لقاءَ، مادي ۽ مادي جا لقاءَ. ڪو به اليڪٽرانڪ مشيني دماغ ان لائق نه ٿي سگهندو جو اهو ماڻهوءَ جي ذهني دنيا، ان جي تخليقي قوت، خيال جي اڏام، هن جي خوابن، فن جي ڳتيل ۽ نفيس دنيا يا ماڻهوءَ جي جذبن کي عمل ۾ آڻڻ جي لياقت پيش ڪري سگهي. ماڻهوءَ دماغ هڪ جيئري هستيءَ جو دماغ آهي جڏهن ته مشيني دماغ هڪ مئل ڌاتو.

ذهين مشينون رڳو اهي ڪم ڪري سگهن ٿيون جيڪي مشيني قسم جا آٽوميٽڪ نموني جا هجن. ذهين مشينون آئنده ڪهڙا به ڪم ڪن، اهي ڪيترو به ماڻهوءَ بدل ثابت ٿين پر اهي بهرحال ماڻهوءَ جون غلام رهنديون. ماڻهو انهن کي پيداواري، تعليمي ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي حل ڪرڻ ۽ سماج جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندو رهندو.

مشين سوچڻ لائق نه آهي. اها سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ جي واهر ڪري سگهي ٿي. ذهين مشينون ماڻهوءَ جو ذهني ڪم سولو ڪرڻ جي خدمت ڪن ٿيون.

 

 

 

 

 

 

باب چوڏهون

روحاني خوشي ڇا آهي؟

 

گهٽ ڄاڻ ماڻهن کي سوين ڳالهيون، لقاءَ، شيون سمجهه ۾ نه پئي آيون، اهي پاڻ کي، پنهنجي ماحول کي، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي شين ۽ لقائن کي، پنهنجيءَ دنيا، ڪائنات ۽ انهن جي شين ۽ لقائن کي پوريءَ طرح سمجهي نه پئي سگهيا ڇو ته اهي پوريءَ طرح سندن پرک ۽ پروڙ هيٺ ڪو نه آيون هيون.

ساهه (هوا) بابت سندن سوچ اتي ئي وڃي بيٺي هئي ته اهو مري ڪو نه ٿو، اهو دائمي آهي، اهو ماڻهوءَ، جانور، ساهواري جي بت مان نڪري وڃڻ کان پوءِ به پنهنجو وجود رکي ٿو، جڏهن ته ماڻهو، جانور ۽ ڪيتريون ئي شيون ۽ لقاءَ پنهنجو وقت گذاري مري، فنا ٿي پئي ويا ـــــــــ ساهه کي لافاني ۽ مادي کي فاني سمجهيو ويو.

ديوين ديوتائن جون يادون، سورهيائون، سچايون، قوتون، انهن جا ڪارناما، ڪرتوت ۽ قصا نسل در نسل پيا هلندا هئا. اهي قصا ٻڌائيندي ۽ انهن ۾ گهاٽيون واڌيون ڪندي ڪيترائي ماڻهو مري ويا پر قصا ڪو نه کٽا. ديوتا ديويون به لازوال، اڻموت، دائمي، هميشه رهندڙ، سدا کان سدائين وجود رکندڙ هئا ۽ اهي نظر نه پئي آيا ۽ پري ۽ مٿي پئي رهيا. (روشني به موجود آهي پر نظر نه ٿي اچي تنهنڪري ڪيترن ئي ديوتائن کي روشني ڪري بيان ڪيو ويو.) سڀ ديويون ديوتا جيئرا به هئا، انهن ۾ به ساهه هو، انهن ماڻهن جي سار سنڀال پئي لڌي ۽ ماڻهن کي کاڌ خوراڪ اپائي، گڏ ڪري، ورهائي ڏني پئي. سمجهه ۽ ذهانت ديوتائن جو ورثو هئي.

ويساهه ٺهيو ته:

(1) ساهه (هوا، ديوتا، روشني، سمجهه، جياپي جي سگهه، مٿاهين هستي) دائمي، اڻموت، نه تباهه ٿيندڙ، سدائين رهندڙ آهي.

(2) اهو مادي جو محتاج ناهي، اهو مادي جي ڪري پيدا نه ٿيو آهي پر ان جي ڪري مادو پيدا ٿيو، ان مادي کي خلقيو ۽ اهو ئي مادي کي فنا ڪري ٿو.

(3) مادو فنا ٿيڻ لائق، تباهه ۽ برباد ٿي سگهندڙ ۽ ختم ٿي ويندڙ آهي.

(4) ديوين ديوتائن کي راضي رکڻ، انهن جي پسند موجب ڪم ڪرڻ، انهن جي ناپسند کي ٿوڪاري ڇڏڻ لاءِ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حياتي وقف ڪري ڇڏڻ گهرجي.

ابتدائي راڄوڻي سماج ۾ ديويُون، ديوتا پنهنجن ڪارنامن، خدمتن، طاقتن ۽ سورهيائن جي ڪري عزت لائق ۽ مٿاهين حيثيت وارا هئا.

غلامداري طبقاتي سماج جي حاڪمن انهيءَ ئي ويساهه کي طبقاتي مفاد جو تابع بنائي هاڻي اهو بنايو ته حاڪمَ ديوتائن جو پاڇو آهن، انهن جي حڪمن کي مڃيو ۽ جيڪو انهن جي حڪمن کي نه ٿو مڃي اهو ڄڻڪ ديوتائن جي حڪم کي نه ٿو مڃي. اوتار ۽ ڀوپا انهيءَ ڪم لاءِ سيڙايا ويا ۽ انهن کي کاڌو پيتو آقائن کان ئي ملندو هو، حاڪمن جي حاڪميت قائم رکڻ لاءِ ڏينهن رات وات هڻڻ ۽ ذاتي نفعا هٿ ڪرڻ انهن جو ڌنڌو هو. حاڪمن جي پسند موجب اهي ديوتائن جي هڪ ئي فرمان، قول جون ڏهه ڏهه معنائون ڪڍي سگهندا هئا ۽ انهن جي پچار ڪندا هئا.

سوين هزار سالن جي لاڳيتي عمل ڪيترا سادا، سچا، سٻاجها، سلڇڻا، سورهيه ۽ سرواڻ ماڻهو اهڙا به پيدا ڪيا جيڪي پنهنجي پوري دل و جان سان انهن ويساهن تي مڪمل ڀروسو رکندا هئا ۽ ويندي پنهنجون حياتيون به قربان ڪري ڇڏيندا هئا.

ويساهه ٺاهيو ويو ته خوشي، حقيقي خوشي، روحاني خوشي اها آهي ته پنهنجن ويساهن تي مضبوطيءَ سان ڄمي، انهن جي قاعدن پٽاندر حياتي گذاريو، انهيءَ ۾ ئي اوهان جو ڇوٽڪارو آهي.

ڇا حقيقي روحاني خوشي بس ايتري آهي جو وهمن ويساهن تي ڀروسو رکندي، ديوتائن ديوين جي خوشيءَ، آقائن، حاڪمن جي خوشيءَ لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪري ڇڏجي؟ ڇا واقعي اها روحاني خوشي سڏي سگهجي ٿي؟

نه، ان کي روحاني خوشي نه چوڻ گهرجي، روحاني خوشي ايتري خسيس ، معمولي ۽ رَدِي نه هئڻ گهرجي.

روحاني خوشي حقيقت ۾، سچ پچ ڇا آهي؟

انهيءَ سوال جو جواب جاچڻ کان اڳ اچو ته پسند ۽ ناپسند کي سمجهون.

ماڻهوءَ جي دماغ ۾، ذهن ۾ لکين تصور، ٻاهرين حقيقتن جا عڪس (سمجهه، ڄاڻ) موجود آهن. کيس سوين ڳالهيون، سوين عمل پسند آهن ۽ سوين ناپسند. پسند اهي اٿس جن کي پنهنجيءَ سمجهه موجب صحيح، ٺيڪ، سٺو ۽ فائديمند سمجهي ٿو ۽ ناپسند اهي اٿس جن کي پنهنجيءَ سمجهه موجب غلط، ڪوڙو، خراب ۽ نقصانڪار سمجهي ٿو.

سوين هزار ڳالهيون ۽ عمل اهڙا آهن جيڪي سڄيءَ انسانذات لاءِ فائديمند آهن جيئن سچ، صحت، آزادي، برابري، ڀائپي، پنهنجائپ، پيار، انس، خلوص، سادگي، سٻاجهائي، سلڇڻائي، صفائي، سونهن، سورهيائي وغيره ۽ ساڳيءَ طرح سوين انسانذات لاءِ نقصانڪار آهن جيئن ڪوڙ، بيماري، قيد، اڻبرابري، ڏاڍائي، ڌڪار، ٺڳي، مڪاري، لئه بازي، ڪاوڙ، ڪروڌ، ڪلڇڻائي، گندگي، ڀاڙيائپ وغيره.

ابتدائي رعيتي راڄ جا ماڻهو اٻوجهه هئا، گهٽ ڄاڻ هئا، سادا هئا، اهي دنيا کي ۽ دنيا جي لقائن کي پوريءَ طرح سمجهي انهن جو ادراڪ نه ڪري پئي سگهيا، اهي شين جي ماهيت، گهرائيءَ، وسعت، لڳ لاڳاپن وغيره کان گهٽ واقف هئا، انهن وٽ سوين اوڻايون هيون پر اهي بدنيت، مڪار، ٺڳ، بيهودا، غليظ ۽ انسانذات جي نراڙ تي بدنما داغ نه هئا. اهي پنهنجي سڄي ڀائپيءَ لاءِ انتهائي اتساهه ۽ لڳاءُ رکندا هئا انهن وٽ رڳو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو. انهن جو سينو پنهنجين سمورين ڪچاين ڦڪاين هوندي به ماءُ ۽ ڌرتيءَ جي سيني جيان ويڪرو هو، اهي سڀ لاءِ سوچيندڙ ۽ سڀني جو ڀلو گهرندڙ هئا.

ذاتي ملڪيت جي جنم برائيءَ جو ٻج ڇٽيو. اها ڪهڙي برائي آهي جنهن کي ذاتي ملڪيت جنم نه ڏنو هجي!؟ راڄن جون راڄن مٿان ڪاهون، انسانذات جو ڪوس، پورهيتن جي پورهيي ۽ پورهيي-سگهه جي ڦرلٽ، کيڙيندڙ بک مرن ۽ ڄاڙي باز راڄ ڌڻي. ماڻهن جو قيد ۽ بند، اهنج ۽ ايذاءَ، ڪورٽون، حڪومتون، بادشاهيون، شهنشاهيون، سامراجي راڄ، ظلم، ڦرلٽ، ظالم ٽولا مظلوم ماڻهو، ڦورو طبقا ۽ ڦريل طبقا، بيداد نگريون چرٻٽ راجا. گڏهن جهڙا واهيات لوٺيا ۽ غدار ماڻهو راڄَ ڌڻي ٿي ويا ته انسانذات جو عزت ۽ جياپو ـــــــــ پورهيت ماڻهو ـــــــــ محڪوم، مظلوم ۽ غلام. غلامداري راڄ، جاگيرداري راڄ، سرمائيداري راڄ، آقا، جاگيردار ۽ سرمائيدار-سامراجي دنيا جي مال ملڪيت جا مالڪ بنجي ويا ۽ پورهيت ماڻهو، ساهوارا ٻولي ڳالهائيندڙ اوزار. ارسطوءَ چيو ته پيداواري اوزار ٽن قسمن جا آهن:

(1) بي ساهه اوزار، جيئن هَــرُ، ڏاٽو، ڪوڏر، ڪيڻ وغيره،

(2) ساهوارا بي زبان اوزار، جيئن گهوڙا، گڏهه، اُٺ، ڍڳا، ۽

(3) ساهوارا ٻولي ڳالهائيندڙ اوزار، جيئن غلام ۽ نيم غلام هاري.

(قديم يوناني سماج ۾ غلام ماڻهو نه هو رڳو هڪ پيداواري اوزار هو.)

هاڻي ماڻهوءَ راڄ ۾ پسند ۽ ناپسند بابت ڦيرو اچي ويو. حاڪم، بالادست، ڦورو طبقي جي پسند اها هئي جيڪا کيس نفعو ڏيندي هجي.

حاڪم طبقو ئي آهي جيڪو پنهنجن مفادن جي نگهبانيءَ لاءِ رياست ۽ رياستي مشينري ــــــــ فوج، پوليس ۽ انتظاميا ۽ تحفظ ڏيندڙ قانون ـــــــــ ٺاهي، پورهيت عوام کي لاڳيتو پنهنجي قبضي هيٺ رکندو آيو آهي. ان ئي مُلي، ٻائي، پادريءَ وغيره جي هر عقيدي کي اهو روپ ڏنو جو هر دين ڌرم جي سموري پرچار سندس ئي طبقاتي مفادن جي سنڀال ۽ انهن کي جيئن جو تيئن رکڻ لاءِ ڪتب اچڻ لڳي.

حاڪم طبقو غلامداري سماج ۾ آقا سڏبو هو، جاگيراداري سماج ۾ جاگيردار سڏبو آهي ۽ سرمائيداري سماج ۾ سرمائيدار  ـــــــــ جيڪي پنهنجن پنڊتن، ڀلاوڻن، ڇاڙتن، جاسوسن، فوجن، پوليسن، قانونن، ڪورٽن، قيدخانن جي لوڌ ۽ ٽيڪ جي زور تي پنهنجو مفاد برقرار رکندا پئي آيا آهن.

بين الاقوامي سطح تي سرمائيدار ملڪن جو ڦورو حاڪم طبقو ۽ انهن جو هن وقت عالمي اڳواڻ آمريڪي سامراج ۽ ملڪي يا قومي سطح تي هر ملڪ يا قوم جا سرمائيدار، جاگيردار ۽ آقا پنهنجي سڄيءَ لوڌ سميت سڄيءَ دنيا ۾ ڦورو نظام جيئن جو تيئن رکڻ لاءِ، پنهنجي ڦرلٽ، حاڪميت، بالادستي، ظلم، ڏاڍ، ناحق، ڪوڙ، ڪيس، ڪدورت، ٺڳيءَ، مڪاريءَ ۽ بدمعاشيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ ان کي ديني، ڌرمي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ نيڪ نالن هيٺ غليظ جماعتون ٺاهي ويٺا آهن. انهن پاران نيڪيءَ، سلڇڻائيءَ، سيبتائيءَ، سٻاجهائيءَ، سونهن، سچ ۽ حق جي هر پرچار جو بس هڪ ئي مطلب آهي ته ڪيئن به ڪري ڦورو نظام کي، ڦورو طبقن کي، ڦرلٽ کي، ڏاڍ ۽ ظلم کي برقرار رکيو وڃي، اهي سلڇڻن نالن جي ڇانوَ ۾ ڌرمي، انسان دوستي، جمهوريت وغيره جي هٿ ٺوڪي پچار ڪري هڪ ئي مقصد پورو ڪن ٿا ۽ اهو مقصد آهي ڦورن جو بچاءُ.

جڏهن ته بين الاقوامي توڙي قومي سطح تي پورهيت عوام لاءِ سچ، حق، انسان دوستي، امن، ڀائيچارو، برابري، سونهن، سلڇڻائي، سيبتائي، سٻاجهائي اها آهي ته جيڪو کيڙي سو کائي، ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو وجهه ملڻ نه گهرجي ته هو ٻي جي پورهيي تي تڳي، جيئي ۽ ڏاڍائي ڄمائي. حقيقت جيئن آهي تنهن کي تيئن بيان ڪيو وڃي.

ڦورو طبقن لاءِ برابريءَ جو مطلب آهي پورهيتن ۽ مظلومن جي ڦرلٽ ۾ برابر ونڊ ۽ ڀاڱو، جڏهن ته پورهيت طبقن لاءِ برابريءَ جو مطلب آهي جيئڻ جي جتن ۾ وس-پڳي هڪ جيترو هٿ ونڊائڻ ۽ هر ماڻهوءَ جو پنهنجي گهرج موجب حصو هئڻ.

ڦورو طبقن لاءِ امن جو مطلب آهي سندن ڦرلٽ جي نظام کي ڊاهڻ تي پابندي. ڪا به اهڙي جدوجهد، سوچ يا سڌ جيڪا سندن بدتر ڦورو نظام کي ڊاهيندڙ ثابت ٿيندي ان کي وڳوڙ سڏيندا ۽ هڪدم امن امان جا ڪوڪرا ڪرڻ لڳندا (فرينچ ۽ آمريڪي سامراج، ويٽنام ۾ عوامي جدوجهد کي ڪچلڻ لاءِ امن قائم ڪرڻ جا لفظ ڪتب آڻيندا هئا). ڦورو طبقا جيڪا به جنگ مڙهيندا آهن اها امن قائم ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. اهي هٿيار به امن قائم ڪرڻ لاءِ ٺاهيندا ۽ وڪرو ڪندا آهن. اهي سمجهندا آهن ته هٿيارن ۽ ڏاڍائيءَ جي برتري سندن پسند جو امن قائم ڪري سگهندي. گار سامراج جو نمائندو ريگن جڏهن ڌرتيءَ تي هٿيارن جي برتري ڪري نه سگهيو تڏهن خلا کي به هٿيارن جي ڊوڙ لاءِ ڪتب آڻڻ جو پهه ڪيائين ۽ سڏيو ويندڙ اسٽار وار پروگرام رٿي، ان لاءِ کربين رپين جي بجيٽ (خرچ کپو) ٺهرايائين ۽ خرچ ڪرڻ لڳو. جڏهن ته پورهيت عوام لاءِ امن جو مطلب آهي سڀ کي سٻاجهائيءَ سان جيئڻ جو حق هئڻ، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ وجود ختم ڪرڻ، سڀني ماڻهن لاءِ امن، ڪنهن به ماڻهوءَ جي مٿان ڪنهن به ماڻهوءَ جي برتري، حاڪميت، ڏاڍائي نه هئڻ.

ڦورو طبقن لاءِ آزاديءَ جو مطلب آهي ڦرلٽ جي آزادي، جنهن جو کانئن پڇاڻو نه ٿئي، جنهن لاءِ کين ڪا به جهل پل ئي نه هجي، جيئن وڻين تيئن ڪن، پر پورهيت عوام لاءِ آزاديءَ جو مطلب آهي جيئڻ جي آزادي، ڳالهائڻ، لکڻ، پڙهڻ، سوچڻ، سمجهڻ، حق کي حق ۽ ناحق کي ناحق، سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ جي آزادي ۽ ڪوڙ ۽ ڦرلٽ جي بنياد تي ٺاهيل ٺوڳي سرشتي کي سدا لاءِ تباهه ڪرڻ جي آزادي، قدرت جي مهيا ڪيل مال ۽ نعمتن ۾ هر ماڻهوءَ جي ڀاڱي ڀائيواري.

ڦورو طبقن لاءِ انسان دوستيءَ جو مطلب آهي سامراجين، سرمائيدارن، جاگيردارن، آقائن ۽ سندن ٻولڙين کي جيئن وڻي تيئن ڪندو رهڻ جي ڇڏڇوٽ. ان جي بدمعاشين ۽ رهزنين جي رنڊڪ ڪرڻ بدران انهن جو چاپلوس، پوئلڳ ۽ پرچارڪ ٿي جيئڻ، جڏهن ته پورهيت عوام لاءِ انسان دوستيءَ جو مطلب آهي سڀني انسانن لاءِ اتساهه، ماڻهپو، ٻي جي ڏکيائن جو خاتمو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي مصيبت ۾ مبتلا نه ڪرڻ، پر ان لاءِ ٻاجهه ۽ مهر ڀريو من رکڻ ۽ ان جا ڏک سور دور ڪري کيس سک سڻائي مهيا ڪرڻ.

ڌڻيءَ بابت ئي ڏسو ته ڦورو طبقن ڪيئن نه ٺوڳي ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي. ڌڻي ته سڀ جو ڌڻي، پر ڦورو طبقي جا ماڻهو ڀلي بدمعاش، رهزن، پاٿاريدار، جوئاري، لچ ، لوڀي، ظالم ۽ سوئر هجن پر ڌڻيءَ کين ڊگهو رسو ڏئي ڇڏيو آهي! حق حساب وٺڻ جو پورهيت عوام کي ڪو به حق ناهي، اهي مرندا، ترڳندا، جيئن تيئن جيئندا رهن، ڀلي ڪِنجهن ۽ ڪُرڪن پر ظالم ۽ ڦوروءَ کي ڪجهه به نه چون، انهن کي ڌڻيءَ نوازيو آهي، ڏاتار جي ڏني تي توهان اَهنجا ڇو ٿا ٿيو!، ڏي به اهو، وٺي به اهو، توهان ڇو ٿا ڪِر ڪِر ڪريو، حق حساب پاڻ ئي ٿيندو، هِتي (دنيا ۾) نه ته هُتي (قيامت کان پوءِ، خدا وٽ!)، يعني هنن لوفرن، ڦورو بدمعاشن ڌڻيءَ کي به پنهنجي پاسي، پنهنجو نوازيندڙ ڪري ڇڏيو آهي، ڌڻيءَ انهن ڦورن کي ئي ڊگهو رسو ڏنو آهي، ان ئي پورهيت عوام جو جيئڻ، کائڻ پيئڻ تنگ، بيو،س ۽ لاچار ڪيو آهي ـــــــــ (ڦرلٽ جو سمورو ڏوهه پاڻ تان ڌڻيءَ تي وجهي ڇڏيو اٿائون ـــــــــ اهڙا ته سوئر آهن اهي ڦورو طبقا) ـــــــــ ۽ مُلن، پنڊتن، پادرين جي لوڌ وري اها ئي پرچار ديني ڌرمي پستڪن جي حوالي سان ويٺي ڪري.

دنيا، سماج، ذهن بابت عام طرح هر تصور، هر سوچ تي ظالم ڦورو حاڪم طبقن ۽ مظلوم ڦريل محڪوم طبقن جي نڪتي نظر ۾ ايڏو ئي فرق آهي جيڏو ظالم ۽ مظلوم ۾، ۽ اهو فرق تيستائين رهڻو آهي جيستائين ڦورو سماج ۽ ذهن موجود آهي. دنيا بابت هر ماڻهوءَ جو نڪتي نظر ورهايل آهي، اهو يا ته ڦورو طبقن جي حمايت ۾ آهي يا پورهيت طبقن جي حمايت ۾.

جيڪو به ماڻهو اوهان يا ٻي ڪنهن سان به، ڪنهن به موضوع تي ڳالهه ٻول ڪري ٿو، ان ڳالهه ٻول جي ڇنڊڇاڻ ڪريو، توهين سمجهي سگهندا ته انت ان جو مطلب ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي مفادن جي حمايت ۾ هوندو. ڦوروءَ جو نڪتي نظر خيالي آهي، وهمي آهي، غير سائنسي آهي، ڪوڙو آهي، بگڙيل آهي، هٿ ٺوڪيو آهي ۽ ان جو آخري مطلب آهي ڦورو نظام جو بچاءُ. جڏهن ته پورهيت جو نڪتي نظر حقيقي آهي، حقيقتن تي بيٺل آهي، سائنسي آهي، سچو آهي، سنواريل آهي، صحيح آهي ۽ ان جو آخري مطلب آهي ڦورو نظام جو خاتمو، انساني آزاديءَ، امن، ڀائيچاريءَ، برابريءَ، ٻاجهه، مروت، ماڻهپي سان جيئڻ ۽ دنيا، ڪائنات، قدرت ڏانهن حقيقي رو،يي جو قيام.

اڄوڪي دنيا جا ماڻهو ٻه نڪتي نظر رکندڙ آهن.

هڪڙو نڪتي نظر ڦورن، ظالمن، سرمائيدارن، سامراجين، جاگيردارن، آقائن، رجعت پرستن (پراڻڪن)، خيال پرستن (وهمين) ۽ انهن جي پاليل لوڌ جو نڪتي نظر آهي جيڪو ڦرلٽ، ظلم، ڏاڍائي، لچائپ ۽ لوڀ قائم رکڻ گهري ٿو ۽ دنيا، سماجُ، ذهنُ جيئن حقيقي طرح آهي ان کي ايئن بيان نه ٿو ڪري پر بگاڙي، کاري، کوٽو ڪري غير سائنسي نموني پيش ڪري ٿو. ان جي پسند ۽ ناپسند به پنهنجي ڦورو مفادن جي نگهبانيءَ هيٺ ٺهي ٿي.

ٻيو نڪتي نظر پورهيتَ، مزدورَ، هاريءَ، مظلومَ، واڌارڪَ (ترقي پسند)، سچار ۽ انهن جي نگهبان سرويچن جو نڪتي نظر آهي جيڪو ڦرلٽ، ظلم، ڏاڍائيءَ، لچائپ ۽ لوڀ کي ختم ڪرڻ گهري ٿو ۽ دنيا، سماجُ، ذهنُ جيئن حقيقي طرح آهي ان کي ايئن بيان ڪري ٿو ۽ سچائيءَ سان سنواري سائنسي نموني پيش ڪري ٿو. ان جي پسند انساني آزادي، امن، ڀائيچاري، ڀائپيءَ، سلڇڻائيءَ، سونهن، سادگيءَ، سٻاجهائيءَ ۽ سچ جي حقيقي ڪسوٽي سان ٺهڪندڙ آهي.

ڦورن جي پسند ۽ ناپسند هڪڙي آهي، ته پورهيت عوام جي ٻي.

ڦورن جي پسند ۽ ناپسند کي گذريل هزارين سالن کان ڦورو طبقن جا نمائندا مختلف مِٺن، وڻندڙ، چلڪندڙ، من موهيندڙ، وقتي ڊيڄاريندڙ ۽ وقتي لالچائيندڙ لفظن سان سينگاري پيش ڪندا پئي آيا آهن. اهي ماڻهن جي اڻڄاڻائي، اٻوجهائي کي پنهنجي جهالت ڀري پٽاڻ، وسيلي وهم ۽ ويساهه، وسوسي ۽ سوداءَ جو روپ ڏين ٿا، انهن ويهي پستڪ لکيا، ڪتاب جوڙيا، ڊيگهه بازيون، لٻاڙون ۽ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڪيون، انهن عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نه ايندڙ شيون ۽ لقاءَ اهڙي ٺوڳي انداز ۾ پيش ڪيا جيئن ڦورو نظام کي سگهه ۽ سهارو ملي سگهي، جنهن جون انهن ٽِڪيون پئي کاڌيون. انهن ڦورن جي پسند کي ديوين ديوتائن جي پسند پئي ٻڌايو ۽ انهن جي ناپسند کي ديوين ديوتائن جي ناپسند سڏي بيان ڪيو، پر جيڪڏهن ديوين ديوتائن جي ڪنهن پسند موجب ڦورن هلڻ نه پئي گهريو ته پوءِ ڊگهي رسيءَ جي ڊيگهه بازي ڪري ٻيءَ دنيا ۾ پڇاڻي جي پچار پئي ڪئي.

هر ڦورو بدمعاش ۽ انهن جو لوڀي ٺوڳي نمائندو هر طرح، هر لفظ وسيلي اها ئي تلقين ڪندو رهي ٿو ته ڦورن ۽ ظالمن کان حق حساب وٺڻ جي ڳالهه نيڪيءَ ۽ خلوص جي ديوين ديوتائن تي ڇڏي ڏيو جيڪي ٻي دنيا (ديوتائن جي دنيا) ۾ انهن ڦورن ۽ ظالمن سان ڪا به رعايت نه ڪندا ۽ توهان کي چڱاين ۽ نيڪين جو اجورو پلئه وجهندا.

جيڪڏهن ڪو انهن جي پچار جي پوئلڳي ڪندي سندن چئي آکي ۾ هليو پئي ۽ ديوتائن جي پسند موجب حياتي پئي گذاري ته ان کي آئيندي ڇوٽڪاري جي خوشخبري، خوشيءَ، آزاديءَ ۽ عيش جون خبرون پئي ٻڌايون ۽ ان لاءِ نينهن ڀريو نياپو هو، پر جيڪڏهن ديوتائن جي ناپسند واري راهه ٿي ورتي ته ان لاءِ عذاب، اذيت ــــــــ باهه ۾ ساڙڻ، نانگن بلائن کان ڏنگرائڻ، پونءِ پيئارڻ، ڪڙهيل پاڻي هارڻ وغيره ــــــــ جو هيبتناڪ ڀؤ پيدا ڪيو ويو.

ماڻهوءَ جي ذهني خوشيءَ لاءِ هڪ واٽ ٺاهي وئي. ديوي ديوتائن جي چئي آکي ۾ هلڻ، انهن کي خوش رکڻ، انهن کي نه رنجائڻ، انهن جي پوڄا پاٺ ڪرڻ، انهن جو ٻانهو ٿي گذارڻ، انهن لاءِ ڀيٽائون ڏيڻ، پنهنجو نفس مارڻ يعني پنهنجي حيواني گهرجن (کاڌي پيتي، اجهي ۽ ذاتي خوشي وغيره) کي دٻائڻ ئي نه، پر تياڳي ڇڏڻ ۽ ان ڪري وهم ويساهه موجب آئيندي ملندڙ خوشين جو کٽيو کائڻ ۾ ئي ذهني خوشيءَ، روحاني خوشيءَ جو راز رکيو ويو. ان سڄي پٽاڻ جو مطلب اهو هو ته هن ڌرتيءَ تي جيڪو اوهان جي ڦرلٽ ڪري ٿو، جيڪو ظلم ڪري ٿو، اوهان مٿان ڏاڍائي مڙهي ٿو ۽ اوهان جو پورهيو کسي ٿو ان کي ڪجهه نه چئو، ان کي ڊگهو رسو مليل آهي، جڏهن اهو ڊگهو رسو سُسِي سرڪڻ ڦاهي ٿئي تيستائين اوسيئڙو ڪيو، بکن ۾ پاهه ٿي مري وڃو پر ڪُڇو ڪجهه به نه، رڳو ويٺا ديوتائن جي ٻانهپ ڪيو، ڀيٽائون ڏيو ۽ انهن کي خوش رکو. اهڙيءَ طرح ڦورن جي پسند ظاهر ڪري ان کي عوام جي پسند بنايو ويو. (سچ ڳالهائڻ سٺي ڳالهه، ظالم برابر ظلم ڪري ٿو پر ان کي ڪجهه چوڻ/ڪرڻ جو وس اوهان کي ناهي، ان کان ٻي دنيا ۾ حق حساب ورتو ويندو ـــــــــ اهڙا سوين ڏٽا ٺاهيا ويا، هي رڳو هڪ مثال آهي.)

جيڪو ماڻهو ديوتائن جي پسند تي هليو ٿي ان لاءِ روحاني خوشين جون خوش خبريون هيون ۽ هزارين سالن کان هزارين لک ماڻهو انهن خوشين کي هٿ ڪرڻ جي آسري ۾ اذيتون ۽ عذاب سهي پنهنجو ڍينگو ڍيري ڪري، گهر، مسيت ۽ پاڻ فنا ڪرائي ويا.

پسند ۽ ناپسند جو هڪ وڏو ڄار ٺاهي ماڻهن جي ذهنن ۾ ويهاريو ويو، جنهن ماڻهوءَ ”پسند موجب ڪم، عمل، ڳالهيون پئي ڪيون ان لاءِ ذهني خوشي ۽ ڇوٽڪارو هو ۽ جنهن ناپسند موجب ڪم، عمل، ڳالهيون پئي ڪيون ان لاءِ اذيت ۽ قيد هو.

پسند موجب عمل، ڳالهه ئي ذهني خوشي ڏيندڙ آهي ۽ ذهني خوشيءَ کي ئي روحاني خوشي چئجي ٿو. ڪو به عمل، ڪا به ڳالهه جيڪا روحاني خوشي پيدا ڪندڙ آهي ان کي جاچي ڏسو ـــــــــ روحاني خوشي ذهني خوشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

اسين ماڻهو، جيڪي رڳو ڦورو ۽ ظالم کي ئي نه پر ڦرلٽ ۽ ظلم کي ۽ انهيءَ ڦورو ظالم سرشتي کي تباهه ڪرڻ گهرون ٿا، انهن لاءِ روحاني خوشيءَ جو معيار اهڙو ڪريل، غليظ، سوڙهو ۽ پتڪڙو ناهي. اسين ته سڄيءَ انسانذات کي ڏکن، ڏولائن، ڏوجهرن مان ڪڍي سچ، سونهن، سوڀ، سگهه، سرت، ساڃاهه، ساڀيا جي راهه تي وٺي هلڻ گهرون ٿا، اسان جي خوشي ان ۾ آهي ته گهڻي کان گهڻا ماڻهو، سڄي انسانذات سُکي، سلامت ۽ سوڀياوان هجي.

ڦورو ۽ ظالم به ماڻهو ٿئي ٿو ۽ اهو ڪجهه نه ڪجهه ڄمار کان پوءِ مري وڃي ٿو، پر جڏهن کان ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي سماج وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان ڦرلٽ ۽ ظلم نه مُئو آهي، اسين ظلم ۽ ڦرلٽ کي مارڻ گهرون ٿا، اهي وسيلا، موقعا ۽ سرشتا ئي فنا ڪرڻ گهرون ٿا جنهن جي آڌار تي ڦرلٽ ۽ ظلم ٿي سگهي، اسين سڄي انسانذات جا گهڻ گهرا ۽ هڏ ڏوکي آهيون، اسين پورهيت آهيون ۽ حياتيءَ جي سک ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار آهيون.

ڦورن جا نمڪ حلال تهمت هڻن ٿا ته پورهيت مفادن جا پرچارڪ روحاني خوشيءَ تي ڀروسو ئي ڪو نه ٿا رکن، اهي رڳو کاڌي پيتي، اٽي لٽي اجهي، گرم گوشت ۽ شراب جا شوقين آهن، انهن وٽ ڪي به انساني اخلاق، قدر ۽ روايتون ڪونهن ۽ ان سان گڏ دنيا جون سوين هزار گاريون ڏيندا رهن ٿا ۽ پاڻ ۽ پنهنجن آقائن کي دنيا تياڳي رڳو ٻي دنيا جي خوشين لاءِ ڪم ڪندڙ پيا ظاهر ڪن.

اسين برابر وهمن، وسوسن، ديوين، ديوتائن ۽ انهن سان واسطيدار ٻڌايو ويندڙ دائمي ساهه (روح) واري غير سائنسي تصور کي غلط ۽ بي بنياد سمجهون ٿا ۽ برابر اهو به چئون ٿا ته جن ماڻهن جو پورهيو کسي جيئڻ جا وسيلا تنگ ڪيا ويا آهن انهن کي حياتيءَ جون بنيادي گهرجون ۽ سهولتون ڀرپور نموني ملڻ گهرجن.

پر گرم گوشت، عورت، شراب، جوئا، بدمعاشي، ٺڳي، لوڀ جو پوڄاري ۽ ان لاءِ ويندي هر گندي ۾ گندو ۽ ڪريل ڪم ڪندڙ، انساني ڪوس ڪرائيندڙ ڪير آهي؟

جيڪي لوٺيا بي حيائي ڪري، پورهيت عوام جي نمائندن تي اهڙا الزام مڙهن ٿا انهن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته سائنسي نڪتي نظر رکندڙ پورهيت مفادن جي نگهبان ماڻهن کي پوريءَ طرح سجاڳ ٿئي اڃا 100 سال مس ٿيا آهن (۽ ان کان اڳ جيڪي به اهڙا سٻاجها ۽ سلڇڻا ماڻهو پيدا ٿيا انهن کي بيوس ۽ لاچار ڪري رکيو ويو ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اڄ به قيد ۽ بند جون اذيتون موجود آهن)، جڏهن ته دنيا جو هر بڇڙي ۾ بڇڙو ۽ غليظ ڪم هزارين سالن کان سندن آقا، جاگيردار ۽ سرمائيدار ۽ انهن جا جوڙيوال ڪندا رهيا آهن، اهي ڦورو بدمعاش ۽ ظالم انسانذات جي روشن نراڙ تي ڪارهه جو چٽو آهن.

باقي جيستائين انساني اخلاق، يگاني قدر ۽ اعلى روايتن جو تعلق آهي ته پورهيت عوام کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جو ان کان سٺا مثال پيش ڪري سگهي؟

جيڪي ماڻهو ڦورن، ظالمن، بدمعاشن، ٺوڳين ۽ جنگ بازن جو سرشتو قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا هجن اهي ڪيڏا به اڇا اجرا ۽ سيبتا نظر اچڻ جي ڪوشش ڪن، پر بنيادي طرح انهن کان وڌيڪ بد اخلاق، بد نيت ۽ بي قدرا ٻيا ڪهڙا ماڻهو ٿي سگهن ٿا! جيڪي ماڻهو پنهنجون حياتيون رڳو غاصبن جي مفادن لاءِ خرچ ڪريو ڇڏين انهن جو اخلاق ۽ قدر ڪهڙو هوندو، اهي ته ڏاڍا خسيس، ڪريل ۽ ڪمينا ماڻهو ئي ٿي سگهن ٿا.

ڪيڏا نه اتم، اعلى، سٺا، سيبتا، سلڇڻا ۽ سوڀياوان آهن اهي ماڻهو جيڪي پنهنجون حياتيون، خوشيون ۽ ملڪيتون سڄي مظلوم ۽ محڪوم انسانذات جي ڇوٽڪاري لاءِ خرچ ڪريو ڇڏين. اهي ظلم، ڏاڍايون، قيد ۽ بند جون تڪليفون رڳو ان ڪري سهن ٿا ته جيئن ڦريل، محڪوم، مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن کي ڏاڍ، ڏک ۽ ڏوجهري جي اذيتن مان ڪڍي انهن کي ڀائيچاري، برابريءَ، سک، سلامتيءَ، امن، پيار، مهر ۽ وفا جو ماحول مهيا ڪري ڏين.

مارڪس جيڪڏهن پنهنجي وقت جي حاڪمن ۽ ماحول سان ها ۾ ها ملائي ها ته پروفيسر ٿيڻ سندس لاءِ ڪجهه ڏکيو نه هو ۽ عياشيءَ جي نه، ته به سک جي حياتي ضرور گذاري سگهي ها، پر هن پنهنجي سڄي حياتي مفلسي، ڏک ۽ اوني ۾ گذاري ڇڏي، بيماريءَ ۾ علاج جي اڻهوند سبب پنهنجين ٻن ڌيئرن جي موت جو صدمو سَٺو، پر غريبن، مزدورن، سڄيءَ دنيا جي پورهيتن کي اڻهوند، بيوسيءَ، اڻڄاڻائيءَ ۽ ڦرلٽ جي ڄار مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ علمي کوجنا ۽ عملي جدوجهد ڪندو رهيو، تان جو سندس لاڏاڻو به ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ٿيو، پر مارڪس جي پسند غلاميءَ جي حياتي گذارڻ نه هئي، هو غلاميءَ جو سڀ کان وڏو دشمن هو. هن جي پسند، ذهني اطمينان، روحاني خوشي سندس هن قول ۾ لڪل آهي ته خوش اهو آهي جيڪو ٻين (گهڻي کان گهڻن) ماڻهن کي خوش رکي (يا انهن جي خوشيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي).

جيني ــــــــــ مارڪس جي لاڏلي ۽ پرين زال ـــــــــ وقت جي پرڏيهي وزير جي ڀيڻ، خوشحال حياتيءَ لاءِ ڀاءُ جي آڇ باوجود چيو ته هن مارڪس (۽ ان جي نظرين) سان شادي ڪئي آهي ۽ مارڪس ئي سندس سڀ ڪجهه آهي. بي مثال پيار ۽ پاٻوهه جو مجسمو هئي جيني ويسٽ فالين.

اينجلس ـــــــــ مارڪس جو اڻٽٽ ساٿي، سنگتي، پڳ مٽ ياريءَ ۽ ايثار جو جيئرو ثبوت ـــــــــ چاهي ها ته پيءُ جي ڪارخانن جو مالڪ ٿي فرسٽ ڪلاس حياتي گذاري سگهي ها پر هن کي به غلاميءَ ۽ ڦرلٽ جي حياتيءَ لاءِ بي پناهه ڌڪار هئي. هو مرڻ گهڙيءَ تائين پورهيت نظريي ۽ پورهيت عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ اَڻمئي جدوجهد ڪندو رهيو.

لينن ـــــــــ تعليمي اداري جي ڊائريڪٽر جو پٽ، سندس گهر ۾ هر پنجن ڏينهن لاءِ هر ڏينهن هڪ نئين ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻول ٿيندي هئي ۽ ننڍپڻ کان ئي لينن کي پنج ٻوليون ـــــــــ روسي، لئٽن، يوناني، جرمن ۽ فرانسي ـــــــــ چڱيءَ طرح ڳالهائڻ اينديون هيون. لينن لاءِ چالو حياتيءَ جون سڀ آسائشون ماڻڻ ڪو اوکو ڪم نه هو، پر هن مرد مٿير پورهيت عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجي سڄي حياتي سيڙائي ڇڏي ۽ نوبت وڃي اتي پهتي جو زار حڪومت هوڪو ڏياري ڇڏيو هو ته جتي به لينن نظر اچي ان کي گولي هڻي ماريو وڃي.

پنهنجي مقصد ـــــــــ پورهيت عوام جي ظلم مان ڇوٽڪاري، ڀائپي، برابري، آزادي، امن، جمهوريت، انسان دوستيءَ ۽ ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي ڦرلٽ کان پاڪ راڄ قائم ڪرڻ ـــــــــ لاءِ پورهيت عوام جا لکين اورچ سرويچ سورهيه انهيءَ راهه جا پانڌي هئا. هنن عام حياتيءَ ۾ ڏک سور کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏٺو، قيد لوڙيائون، سزائون سَـٺائون، ويندي موت مهل اکين تان ڪاري پٽي لاهي ڦٽي ڪيائون ۽ ڌرتيءَ جي مهاين جو مانُ مٿاهون ڪندي مرڪندي مري ويا پر پنهنجي اڏول ارادي تان تِر جيترو به نه هٽيا. هنن جي خوشي ان لڪ ۾ لڪل هئي ته جيڪڏهن اسين پاڻ نه ته اسان جا پويان ئي سهي پر آزاديءَ ۽ امن، خوشحاليءَ ۽ خوشيءَ، پيار ۽ پاٻوهه جو مڻيادار ميوو چکندا. هتي سِسِي گهورڻ، سر جو سودو ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ئي نه هئي:

سِسـي سـي گُهــرن، جي واٽينـدڙ وچ ۾،

اوءِ ڪي ٻيو پڇن، جنين سرو سنباهيو.

فاضل راهو ـــــــــ سنڌ جو، سنڌين جو، سنڌي پورهيت عوام جو املهه ماڻڪ ـــــــــ چاهي ها ته ڇا سنڌي وڏيرن واري چالو حياتي نه پئي گذاري سگهيو؟ پر هن مرد مٿير جي روحاني خوشيءَ جي رمز انهيءَ ۾ لڪل هئي ته سنڌي پورهيت عوام، پاڪستان جي مظلوم قومن جي پورهيت عوام ۽ مجموعي طرح پاڪستان جي مظلوم عوام جي ڇوٽڪاري واري حقيقي راهه جو پانڌيئڙو ٿي جيئجي. هو اهو رند هو جنهن اونهي اسرار کي پروڙي ورتو هو. کيس وِهُه ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيلن ۾ بند رکيو ويو، عياش حياتي گذارڻ لاءِ هِرکايو ويو. هو صوبائي توڻي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿي سگهيو پئي پر سندس پاند پنهنجن ويڙهيچن سان هو. هن رواجي وڏيرڪي حياتيءَ، داداگيريءَ، پاٿاريداريءَ، ارهه زورائيءَ ۽ غداريءَ کي ٿُڪ هڻي ڦٽو ڪيو ۽ پورهيتن سان پورهيت ٿي ساٿ ڏنائين ۽ نيٺ شهادت ماڻيائين.

لطيف سائينءَ انهن ظاهري طرح روحانيت پرستن (سرمائيدارن، جاگيردارن، بادشاهن، شهنشاهن، مُلن، پيرن، پنڊتن، پادرين ۽ پاڻ کي خدا جو پاڇو سڏائيندڙن) کي منهن ۾ موسى جهڙو، اندر ۾ آذر (ابليس) چئي ننديو هو. اِهي اُهي آهن جيڪي دعوى ٿا ڪن ته اهي سڄي حياتي پنهنجي روحاني مقصد لاءِ وقف ڪريو ويٺا آهن پر سندن سمورا ڪم ابليس وارا آهن.

آمريڪي سامراج اڄ پاڻ کي سڄي دنيا ۾ امن، انسانيت، ڀائيچاريءَ، آزاديءَ ۽ برابريءَ جو علمدار ٿو سڏرائي پر سڀ ماڻهو سامراجين ۽ سندن لوڌ جا ڪرتوت چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا. ساڳيءَ طرح آمريڪي سامراج جو پٺو ضياءُ ڪيڏو ڪوڙو هو ۽ سندس حڪومت دوران اسلام ۽ پاڪستان جي آڙ ۾ ڪيڏا ڪيس ٿيا، ان کان سمورا سنڌي سٺيءَ طرح واقف آهن.

هڪڙا ماڻهو اهي آهن جيڪي ڦرلٽ ۽ ظلم جا حامي آهن، اهي سرمائيدارن، جاگيردارن، سردارن، سامراجين جا حامي آهن ۽ انهن جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ علم، قلم ۽ تلوار وسيلي جدوجهد ڪن ٿا.

ٻيا ماڻهو اهي آهن جيڪي ڦرلٽ ۽ ظلم خلاف مزورن، هارين، غريبن ۽ پورهيتن جا حامي آهن ۽ اهڙو راڄ قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو علم، قلم، سگهه ۽ ساهه گهوري رهيا آهن جنهن ۾ حقيقي طرح امن ۽ ڀائيچارو قائم هجي، جتي ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جي ڦرلٽ نه هجي، جتي ڪو به ڏاڍو ۽ داداگير نه هجي پر ڀائرن سان ڀاءُ ٿي گذاري سگهجي.

توهان ڪهڙي پاسي؟

ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي پسند، پنهنجي خوشيءَ جي معيار جي جاچ ڪئي آهي؟

اڄ ويهي ڌيان سان جاچ لهو. هر اهو ڪم جنهن تي توهان کي اندروني اطمينان، ذهني خوشي، روحاني راحت ملي ٿي يا جنهن تي اوهين ارها ٿيو ٿا، انهيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪريو ۽ پوءِ ڏسو ته توهان جو تن من ڪنهن سان ڳنڍيل آهي: پورهيتن سان يا ڦورو ظالمن سان ۽ هر ماڻهوءَ، ٽولي، جماعت يا پارٽيءَ جي ڪردار جو جائزو وٺو ته حقيقي طرح اهي ڪنهن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ـــــــــ ظالمن لاءِ يا مظلومن لاءِ، ڦورن لاءِ يا ڦريلن لاءِ.

۽ پوءِ نبيرو ڪيو ته توهين ڪهڙي راهه وٺڻ گهرو ٿا ـــــــــ ظالمن واري يا ظلم مان ڇوٽڪاري ۽ ڀائيچاري واري.

انقلابي پورهيت نظريي جا مخالف چون ٿا ته جيئن ته هي نظريو روح جو انڪار ڪري ٿو، تنهنڪري اهو ماڻهوءَ جي روحاني دنيا، روحاني خوشيءَ کان به انڪار ڪري ٿو. اهي تهمت هڻن ٿا ته انقلابي پورهيت نظريي جا پوئلڳ روحاني مُلهه کي نه ٿا مڃن ۽ رڳو مادي واد مُلهه کي مڃن ٿا.

ڇا واقعي ايئن آهي؟

نه، اهو انقلابي پورهيت نظريي خلاف زبرو ڪوڙ آهي.

انقلابي پورهيت نظريو پراسرار، لافاني، وهمي، ديوتائي روح جي وجود کان ته برابر انڪار ڪري ٿو، پر اهو ڪڏهن به ماڻهوءَ جي اندرين روحاني دنيا، ذهني دنيا جي وجود کان انڪار ڪو نه ٿو ڪري.

هڪ جابر ۽ ظالم آڏو سچ ڳالهائڻ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ زبردست روحاني خوشي ڀري ڇڏي ٿو، جڏهن ته ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري کيس پنهنجو سر وڃائڻو پئجي وڃي. ڪير آهي جنهن دنيا جي وڏي ۾ وڏن جابرن ۽ ظالمن، ڦورن ۽ داداگيرن آڏو نه رڳو سِيس نه نوايو هجي، پر انهن خلاف انهن جي هار تائين جنگ به ڪئي هجي؟ ڇا زار شهنشاهي کي ڊاهي پورهيت راڄ قائم ڪرڻ، ويٽنام ۾ فرينچ ۽ آمريڪي سامراجين ۽ ويٽنامي غدار حڪمرانن کي ڪنن ۾ پادر ڏياري ڇڏڻ ۽ پورهيت عوام جو پاڻ ڀرو قومي عوامي جمهوري راڄ جوڙڻ، چين ۾ چيني جنگ باز سردارن، جپاني ڪاهيندڙن ۽ ٻين پرمارن کي لوڌي ڇڏڻ ۽ عوامي راڄ ٺاهڻ، اتر ڪوريا، ڪيوبا، ڏکڻ يمن، انگولا وغيره ۾ پورهيت عوام جون پرمار ۽ ڏيهي ڦورو قوتن جي چنبي مان نجات کان به وڌيڪ سچار، سٺا، سيبتا ۽ سلڇڻا ڪم به ڪي ٿي سگهن ٿا؟

ماڻهوءَ جا ڏاڍا اهم گڻ، جيئن اميدون، ارادا، ايمان، جوش، جذبا، عقيدتون ۽ احترام، پيار ۽ پاٻوهه، سڪ ۽ سچائي، سڀ جو خير، خوشي ۽ خودداري وغيره، اهڙا انيڪ نيڪ ۽ نازڪ احساس ماڻهوءَ جي روحاني دولت، روحاني دنيا، روحاني خوشي جوڙن ٿا.

روحاني دنيا جي ويڪر، گَهرائِي ۽ پَڪائي سامراجين، سرمائيدارن، جاگيردارن، سردارن ۽ سندن ڇاڙتي لوڌ ـــــــــ ملن، پادرين، ٻاون وغيره ـــــــــ وٽ وڌيڪ آهي يا دنيا جي امن پسند، حق پرست، انصاف پرور، نجات ڏياريندڙ پورهيت عوام ۽ انهن جي سٿن وٽ؟

گذريل 22-سؤ سالن ۾ ٻاوَن، 20-سؤ سالن ۾ پادرين، 14-سؤ سالن ۾ مُلن، جن جي ماني ٽڪي، ساراهون ڪري، حڪومتون ٺهرائي، چمچاگيريون ڪري ماڻهن جا ڪَن پچائي ڇڏيا آهن، انهن مجموعي طرح عام ماڻهوءَ ـــــــــ عوام ـــــــــ کي بيچينيءَ، بيوسيءَ، جهالت، جنگ، لاچاريءَ، ڏک ۽ بک کان سواءِ ٻيو ڏنو ڇاهي؟ لڳ ڀڳ 10-هزار سالن کان جاگيرداري راڄ موجود آهي ۽ 6-سؤ سالن کان سرمائيداري موجود آهي، انهيءَ سڄي عرصي ۾ حاڪم طبقن ۽ انهن جي ڪامورا شاهيءَ ۽ ڌرمي لوڌ انسانيت، امن، ڀائيچاري، محبت، خلوص، سچائي وغيره جي پچار پئي ڪئي آهي، پر اڄ به تاريخ پڙهي ڏسو ته لکين ڪروڙ پورهيت عوام جي حالت ڇا پئي رهي آهي، اهي ڪڏهن به بک، بيماريءَ، ڏک ۽ ڏوجهري کان ٻاهر نه رهيا آهن، جڏهن ته حڪمران طبقا ۽ انهن جا نمائندا پاڻ کي ڌڻي، خدا جو پاڇو، اوتار ۽ اعلى انسان وغيره به سڏائيندا رهيا آهن.

ٻي پاسي رڳو سامراجي چنبي ۽ قومي ۽ طبقاتي غلاميءَ جي ڄار هيٺ گذاريندڙ پر ان خلاف انقلابي پورهيت نمائندن جو مثال وٺو. هو جنهن پيار، پاٻوهه، پنهنجائپ، جوش، جذبي، ڏِيا، ڏاهپ، سچائيءَ، سورهيائيءَ، سِڪ ۽ سرويچيءَ سان مظلوم پورهيت عوام جي ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جو جيڪو پورهيو ڪري رهيا آهن ۽ ويندي پنهنجيءَ رت جو آخري ڦڙو به وهائي يا سر گهوري ڇڏن ٿا، ان جهڙي روحاني دولت سان ٻيو ڪير آهي جيڪو وڌيڪ مالامال هجي؟ هڪ هڪ من گهايل آهي پر پوءِ به انهن جو اندر ڏاڍو ويڪرو ۽ گَهرو آهي، پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه جي جذبي سان ٽمٽار آهي. هي انقلابي زمين کان آسمان تائين آنڌاري ٿي اٿن ٿا ۽ سماج جي ڪِن، ڦِٿ، ظلم ۽ ڦرلٽ کي ڌڪي، پري ڪڍي، ساڙي ناس ڪري، ماڻهن کي حقيقي ۽ هر طرفي آزاديءَ جو دولت سان مالامال ڪن ٿا. سندن روحاني خوشي ان ۾ آهي ته سڄي انسانذات کي روحاني خوشي، روحاني آزادي، روحاني دولت ۽ روحاني راحت ملي.

 

 

 

 

 

باب پندرهون

سمجهه جو مادي تي اثر

 

ڪا به سمجهه، سوچ ۽ ڄاڻ، ڪو به خيال، ساهه يا روح ساهواري وجود کان اڳ ناهي. هر ساهوارو وجود جن عنصرن جو ٺهيل آهي، جنهن جاءِ (ڌرتيءَ) تي وجود رکي ٿو، اها ڌرتي جنهن سج سرشتي جو حصو آهي، سج سرشتو جنهن وڏي تارن جي سرشتي (گس) جو حصو آهي ۽ اهو (گس) جنهن (گسن جي اڃا به وڏي) سرشتي جو حصو آهي اهو سڀ ڪجهه مادي جو ٺهيل آهي ۽ مادو پنهنجن سمورن لقائن ـــــــــ خلا، چرپر، وقت، قد بت، ماپ معيار، ڳر، مهانڊي وغيره ـــــــــ سميت سمجهه، سوچ، ڄاڻ، خيال، ساهه يا روح کان گهڻو گهڻو اڳ، سدائين موجود آهي. مادي سبب، مادي جي ڦيرڦار سبب، مادي جي گڻن سبب حياتي (ساهه) واري وجود جنم ورتو ۽ ساهه واري وجود کان ڌار ساهه، روح، خيال، ڄاڻ، سوچ يا سمجهه پنهنجي سر، پاڻ مرادو وجود رکي نه ٿي سگهي. مادو اڳ آهي ۽ مادي جي ڪري سوچ ٺهي آهي.

 

ڇا سمجهه جو مادي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي؟

هي جو سڄي ڌرتيءَ تي ترتيب ۽ رٿا سان باغ باغيچا، ٻنيون ٻارا، نديون نارا، وسنديون واهڻ، ڳوٺ ۽ شهر ٺاهيا ويا آهن، هي جو آسمان ڇهندڙ آڙ ماڙ جايون، هزارين ايجادون، سائنسي ڪرشما ۽ انساني ڪارناما موجود ٿي پيا آهن، هي جو اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، لئبريريون، ميوزم، موسيقيون ۽ فن فنڪاريون پيون ڏسجن ٻڌجن، هي جو ظلمَ، ناحقَ، فتني فسادَ، وهم جا ڪڙا ڪوٽ ڊاهي انهن جي بدران حق، انصاف، امن، ڄاڻ، ڀائپيءَ جا ميلا مچايا پيا وڃن. ڇا انهن ۾ سوچ سمجهه جو ڪو به ڀاڱو پتي ڪونهي؟ اهي ڪنهن جا ڪارناما؟

اهي سڀ ماڻهوءَ سماج ۾ ماڻهوءَ جي مقصد ڀري سرگرميءَ، عمل، پورهيي جا ڪارناما آهن، ماڻهوءَ جي ذهني، تخليقي ۽ بدني ڪم جا ڪرشما آهن. انهن ڪارنامن، ڪرشمن ۾ سمجهه سوچ جو به ونڊ آهي، پر رڳو ٺلهي سوچ سمجهه ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي. لکين ماڻهو لک ڀيرا ويهي سوچن ۽ ويٺا سوچن ته هيئن ٿئي يا هوئن نه ٿئي، پر اهڙي سوچ جو ڪو فائدو ڪونهي. جڏهن سوچ کي عمل سان ملائجي ٿو، تڏهن ئي ڪو ڪارنامو، ڪرشمو، ڪم ڪري سگهجي ٿو. اڄوڪي هر ڪم ۾ ماڻهوءَ جي جسم جو بامقصد عمل ۽ ماڻهوءَ جي دماغ جو تخليقي عمل (سمجهه) شامل آهي. سمجهه ٻيو ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهي سواءِ ان جي، جو مادي جي هڪ ڳڀي جو هڪ روپ تبديل ڪري ٻي روپ ۾ آڻي ۽ اهو به تڏهن ممڪن آهي جڏهن مادي تي مادي جي وسيلن سان عمل ڪري.

سمجهه وسيلي ماڻهو پاڻ کي فائدو ۽ نقصان ڏيندڙ شيون/عمل ياد رکي ٿو، انهن مان ڪِن جي چونڊ ڪري ٿو، پاڻ عمل ڪري ٿو ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪري ٿو.

ماڻهو دنيا، ڪائنات، ڌرتيءَ ـــــــــ مادي ـــــــــ ۽ ان جي سمورن ڏيکن، جوهر، هيئت، مواد، انهن جي وچ ۾ لڳ لاڳاپي، اثرن، نتيجن ۽ سببن کي سمجهي سگهي ٿو.

ماڻهو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي جاءِ ۽ حيثيت کي، پنهنجي راڄ ۽ ان جي شڪل شبيهه کي جاچي ٿو، پنهنجو مقصد مقرر ڪري ٿو، حياتيءَ جي عمل، جيئاپي کي سمجهي ٿو، ڪيميائي، طبعي، مشيني، راڄوڻي تبديلين کي سمجهي ٿو، انهن وسيلي هو نوان نوان اڀياسَ، کوجنائون ۽ ايجادون ڪري ٿو ۽ وس پڳي سٺيون تبديليون آڻي ٿو، پنهنجي راڄ ۽ فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

مادي جي ڦيرڦار سبب ڌرتي آهي، ڌرتيءَ تي مادي جي ڦيرڦار سبب ساهوارو آهي، ساهواري ۾ ساهڀري (جيئري) ڦيرڦار سبب سمجهه آهي، سمجهه هڪ جيئري، ڳتيل، ڏاڍي منظم مادي دماغ، ۽ اهو به ماڻهوءَ جي دماغ، جي ڪرت آهي، سمجهه کان سواءِ دماغ موجود ٿي سگهي ٿو پر دماغ، ساهواري ۽ مادي کان سواءِ سمجهه جو ڪو به وجود نه ٿو ٿي سگهي. مادو اول آهي ۽ سمجهه پوءِ، سمجهه مادي جي محتاج آهي، مادو سمجهه جو محتاج ناهي، اهو پاڻ مرادو، وَس وارو وجود رکي سگهي ٿو.

 

···

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org