سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: شعور

باب: --

صفحو :6

 

 

باب ڏهون

ڀڳوان، ڌڻي، ديو، ديوتا

 

ڀڳوان ڇا آهي؟

ڀاڳ ورهائيندڙ، ڀاڱو ورهائيندڙ، ونڊ ڏيندڙ، حصا پتيون ڪري گهر تائين پهچائيندڙ، سڀني جي گهرجن جو خيال رکندڙ، گهرج موجب ڏيندڙ، کاڌ خوراڪ (رزق) جي ورهاست ڪندڙ قبيلي جي چڱي مڙس، سرواڻ جو هڪ عڪس آهي، جنهن سان پراڻيون چڱيون يادون ڳنڍجنديون پئي رهيون آهن.

 

ڌڻي ڇا آهي؟

ڌڻ وارو، ڌڻ پاليندڙ، ڌڻ چاريندڙ، ڌڻ سنڀاليندڙ، ڌڻ وڌائيندڙ، اهو ماڻهو جنهن وٽ ڌڻ (ڌن) ججهو ٿي سگهي ٿو، ته ڪنهن زماني ۾ هي لفظ اهڙي وڏڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪتب ايندو هجي جيڪو ڌڻ (کاڌو، رزق، مال) ورهائي ڏيندو هجي. هڪ ماڻهوءَ جو تصور آهي، ياد آهي، عڪس آهي.

ڀاڳ (ڀاڱي) وارو ديوتا، ڌڻ وارو ديوتا، رزق جو ديوتا، ونڊيندڙ ورهائيندڙ ديوتا، باهه جو ديوتا، پاڻيءَ جو ديوتا، مينهن جو ديوتا، اوٿر (آنڌاري، طوفان) جو ديوتا، ڪڪرن جو ديوتا، وڄ جو ديوتا، گاج (ٺڪاءَ) جو ديوتا، اڀ جو ديوتا، چنڊ ديوتا، سج ديوتا، تارن جو ديوتا، ڪائنات جو ديوتا.

عشق جو ديوتا، فصل جو ديوتا، لاب جو ديوتا، پيڄاري جو ديوتا، غضب جو ديوتا، ڪروڌ (ڪاوڙ) جو ديوتا، بديءَ جو ديوتا، ٻوڏ جو ديوتا، وڻن جو ديوتا، جانورن جو ديوتا، ماڻهن جو ديوتا.

 

ديو ڇا آهي؟ ديوتا ڇا آهي؟

ڏيندڙ، ڪجهه به ڏيندڙ ماڻهوءَ جو عڪس آهي، ياد آهي، جنهن وٽ هوندو اهو ئي ڏيندو. ڪجهه به ڏئي سگهڻ جي لياقت رڳو ان وٽ آهي جيڪو ڏئي سگهي، ورهائي سگهي، جيڪو وٽس آهي اهو ورهائي سگهي ـــــــــ ڪنهن رزق ڏنو، ڪنهن سگهه ڏني، ڪنهن عقل ڏنو، ڪنهن عشق ڏنو، ڪنهن جوش ڏنو، ڪنهن جنون ڏنو، ڪنهن نيڪي ڏني، ڪنهن چڱائي ڏني، ڪنهن بيماري، تئونس، تانگهه ڏني، ڪنهن برائي، بڇڙائي، بدي ڏني، وغيره.

ديوي هڪ اهڙي عورت جو عڪس، ياد آهي جيڪا ڏيندڙ هجي ـــــــــ ڪجهه به ڏيندڙ هجي، جيڪو وٽس هجي اهو ورهائي ڏيندڙ هجي ـــــــــ ڪنهن خوراڪ (ٿڃ، اَنُ) ڏني، ڪنهن ميٺ محبت ڏني، ڪنهن سڪ ڏني، ڪنهن سونهن ڏني، ڪنهن پنهنجائپ ڏني، ڪنهن نينهن ڏنو، ڪنهن ڪاوڙ ڏني، وغيره.

ڪنهن به ماڻهوءَ، پوءِ چڱو هجي، سگهارو هجي، سمجهو ۽ ڏاهو هجي، ويڙهو هجي، اُچائيندڙ هجي وغيره، کي خوش، راضي، نرم، پنهنجو رکڻ لاءِ ان کان گهٽ لياقت وارا ماڻهو ان جي پسند موجب هلڻ ۽ ان جو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪيترائي سيکڙاٽ، استادن کان به گوءِ کڻي ويندا آهن. ماڻهن به پاڻ کان وڏن کي خوش رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. سٺو سيکڙاٽ اهو جيڪو استاد کان گهڻو ڪجهه پرائي.

جيئن جيئن ماڻهوءَ جي هنري لياقت وڌندي وئي تيئن تيئن گهرجن جو پورائو ڪرڻ لاءِ هنرن جي ورهاست ۽ پورهيي جي مٽا سٽا وڌندي وئي. جن وٽ سگهه ۽ ساڃهه گهڻي هئي انهن جا شاگرد به هئا ۽ انهن وٽ مٽا سٽا ۾ مال به گهڻو ئي پئي مڙيو ـــــــــ ذاتي ملڪيت ٺهڻ شروع ٿي.

ذاتي ملڪيت هوري هوري انهن هٿن ۾ گڏ ٿيندي وئي جن وٽ ملڪيت هٿ ڪرڻ جا وسيلا گهڻا هئا ـــــــــ گهڻو هنر، گهڻا ڪاريگر ۽ گهڻا شاگرد، گهڻو مال متاع ۽ ڌڻ، گهڻي زمين ۽ اَنَ جي اپت، گهڻو وڻج واپار ۽ ڏيتي ليتي. هڪڙا ماڻهو مال ملڪيت ۾ مٿاهان ٿي ويا ته ٻيا هيٺ.

اڳ راڄن مٿان راڄ چڙهي راڄ ڪندا هئا ته خاص طرح قيد ڪيل ماڻهو کاڌي جي اڻ هوند سبب ڇڏي ڏنا ويندا هئا پر هاڻي انهن کان اپت جو ڪم وٺي سگهجي پيو. مٿاهان ماڻهو انهن کي پاڻ وٽ رکڻ ۽ پالڻ جي عيوض انهن کان ڪم وٺڻ لڳا ۽ انهن کي پنهنجن سيکڙاٽن، شاگردن، سار سنڀال ڪندڙن ۽ هيٺين ماڻهن ۾ شامل ڪري ڇڏيائون.

راڄ جو چڱو مڙس اڳي راڄ آڏو بيوس ۽ راڄ جي صلاح موجب هلندڙ هوندو هو، پر هاڻي پنهنجو پاڻ اهڙا ڏاڍا مڙس پيدا ٿي پيا جن پاڻ کي چڱو مڙس چوڻ، چوائڻ ۽ سڏرائڻ شروع ڪيو. انهن وٽ ملڪيت هئي، ماڻهو هئا، شاگرد هئا، نوڪر چاڪر هئا، غلام هئا. اهي راڄ جا ڳيجهو نه رهيا پر راڄ مٿان پنهنجي پسند مڙهڻ شروع ڪيائون ۽ بيوس ماڻهو انهن جي مڃتا لاءِ مجبور هئا.

پورهيي جي ٻي ورڇ، مال ملڪيت کي ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ محدود ڪري ڇڏيو ۽ اهي راڄ ڀاڳ جا مالڪ ٿي پيا.

اڳوڻي راڄوڻي غير طبقاتي سماج مان هاڻي هڪ اهڙو راڄ اسري آيو جنهن ۾ ڪي ماڻهو حاڪم، بالادست، مالڪ ۽ پاڻ وهيڻا هئا ته گهڻا ماڻهو محڪوم، هيٺيان، غلام ۽ ڳيجهو.

غلامداري راڄ وجود ۾ اچي ويو، طبقاتي سماج ٺهي پيو.

طبقاتي راڄ جي هن ظاهر ٿيل پهرين شڪل کي غلامداري راڄ سڏجي ٿو.

مالڪ، آقا ئي راڄ، قبيلي جو بي تاج بادشاهه هو. هو ئي سڄي کاڌ خوراڪ، رزق جو خزانو، شيل شڪار جو واڳ ڌڻي ۽ مال ملڪيت جو مالڪ هو. جنهن به سندس چوڻ نه پئي ورتو ان جو رزق بند ڪري ان کي روهه ۾ رلائي ٿي ڇڏيائين ۽ جنهن سندس چوڻ پئي ورتو ۽ حڪم پئي مڃيو، انهيءَ کان خوش ٿيندو ۽ ان کي انعام اڪرام ڏيندو هو. عزت ۽ ذلت هن جي هٿن ۾ هئي، وڻيس ته روزگار ڏي ۽ وڻيس ته بک ماري، وڻيس ته جيئدان ڏي ۽ وڻيس ته ماري، وڻيس ته آزاد ڪري ۽ وڻيس ته غلام بنائي ڇڏي. هو هر شيءِ جو حساب ڪتاب رکندو هو ۽ وقت سر چُڪتو ڪندو هو، ڏيتي ليتي هن جي هٿ ۾ هئي. انهيءَ ڪم لاءِ هن ڪيترائي ماڻهو رکي ڇڏيا هئا جيڪي سندس بالادستيءَ ۽ حاڪميت هيٺ سندس مفادن جي تور تڪ، سار سنڀال ڪندا هئا ۽ جيڪو گهوٻي بازي يا گهاٽي واڌي ڪندو هو، ان کي مالڪ، آقا جي حڪم موجب سزا يا جزا ڏيندا هئا. جيڪي غلام سندس آڏو جهڪندا هئا، سندس ساراهه ۽ واکاڻ ڪندا هئا انهن کان اڪثر خوش ٿيندو هو ۽ عام طرح انهن کي نوازيندو هو ۽ جيڪي ماڻهو سندس آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪندا هئا، کيس نه مڃيندا هئا، سندس ڪاڻ نه ڪڍندا هئا يا سندس ڪرتوتن بابت حق سچ چئي ڏيندا هئا، انهن کان ناراض ٿيندو هو ۽ انهن کي ذليل ڪرائيندو يا مارائيندو هو. هو قبيلي جي هر شيءِ ـــــــــ ساهواري توڙي بي ساهه ـــــــــ جو مالڪ هو.

اڳوڻي سماج ۾ ديويون ۽ ديوتا ته هئا، پر اهي اماڻي يا اباڻي راڄ جو نقل هئا. هاڻي اهي غلامداري سماج جو نقل، عڪس ٿيڻ لڳا. ديويون گهڻو ڪجهه هئڻ باوجود ديوتائن جون محتاج هيون ۽ ننڍيون ديويون ۽ ديوتا وڏين ديوين ۽ ديوتائن جا غلام ٿي پيا جن ۾ سڀ کان مٿاهين ۽ عزت لائق حيثيت خاص آقا، خاص مالڪ، خاص پوڄا لائق ديوتا جي هئي. پوڄا، سجدي لائق رڳو خاص ديوتا هو ۽ عام ديوتائن کي به ان غلاميءَ ۾ رهڻو ٿي پيو تنهنڪري اهي پوڄا لائق نه هئا. اڳ هر ديوتا عام معنى ۾ برابر ۽ عزت لائق هو پر هاڻي حڪم ٿيو ته ڪو به ديوتا پوڄا لائق ناهي سواءِ ان خاص ديوتا جي، جنهن جي هٿن ۾ مانُ، مرتبو، روزي رزق ۽ رحم ڪرم هو، جيڪو ويريءَ لاءِ واڍُو هو ۽ سڄڻ لاءِ سائين. ماڻهن ۽ ديوين ديوتائن جو خاص ديوتا رڳو ديوين ديوتائن کان ئي نه، پر ماڻهن کان به حساب ڪتاب وٺڻ لائق هو. هو حياتيءَ جي هر شعبي، هر ماڻهوءَ، هر ساهواري، زمين جي هر ٽڪري جو مالڪ هو، باقي سمورا ديوتا ۽ ديويون هن جي حڪم موجب ئي ڪم ڪاريون ڪندا هئا. هاڻي انهن ننڍن ديوتائن جي حيثيت رڳو پڇا ڳاڇا ڪرڻ، نياپا پهچائڻ، حساب ڪتاب رکڻ، سزا جزا عمل ۾ آڻڻ، مارڻ تارڻ ۽ زماني جا ٻيا دستوري، روايتي، فطري ڪم سنڀالڻ ٿي پيو. آقا جي رضا موجب هوائن ۽ طوفانن تي به انهن جو ئي ڪم هلندو هو ته مينهن پاڻيءَ ۽ ندين نَئنِ تي به، پوک، فصل، رونبي، لاب تي به سندس ئي حڪم هلندو هو ته وڻ وڻڪار، جهر جهنگ ۽ جانور تي به. هو ئي ٻوڏون ۽ زلزلا پيدا ڪرڻ لڳا ته هو ئي نذر نياز ۽ خرچي، ڀتو يا ڀيٽا وٺي پاڻ به خوش پئي ٿيا ته سندن آقا به.

جيئن ديوين ۽ ديوتائن ۾ ڪي سٺي ته ڪي ڪني عادت وارا هئا تيئن آقائن جو معاملو به هو. سڀ رزق، پورهيي، پوک، جانورن ۽ ماڻهن جا مالڪ ۽ آقا ئي هئا (۽ ان حق کي ڪو به للڪاري نه پئي سگهيو)، پر پوءِ به ڪي مٺي زبان، مٺي ڇريءَ سان ڪُهڻ وارا هئا ته ڪي مورڳو ڏٻي ڇريءَ سان. سٺا آقا ساراهه لائق ۽ خراب آقا ڦٽڪار لائق هئا.

جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به ديوتا جو اصل، بڻ بنياد ڳولڻو آهي، ته ان جو سولو رستو ديوتا جي ٻولي جاچڻ آهي. ديوتائن کي عام طرح ٻي ٻولي نه ايندي هئي ڇو ته انهن جو لڳ لاڳاپو ۽ واهپو رڳو پنهنجي قبيلي تائين محدود هو، ويندي وڏي ۾ وڏي گهڙيل دنيا ۽ ڪائنات جي ديوتا کي به هڪ ٻولي ئي ڳالهائڻ ايندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن ديوتا کي سنڌي ٻولي يا ڪا ٻي ٻولي سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته سنڌي ماڻهن لاءِ حڪم احڪام ۽ انهن جي حساب ڪتاب جو بلو ڪيئن ڪري سگهندو؟

هن ڌرتيءَ جو سينگاريندڙ ۽ هن ڌرتيءَ تي سڀ ڪجهه اپائيندڙ رڳو پورهيت ماڻهو آهي، ان جي هٿن ئي فطرت ۾ سڀ ڪجهه انساني جياپي لائق پيدا ڪيو آهي. انهن پورهيتن به ايئن ئي سوچيو هوندو پر اهي پنهنجي پورهيي جي پيدا جا مالڪ نه هئا. پنهنجي پورهيي جو پاڻ مالڪ ٿيڻ ۽ ڦورو آقائن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ غلامن جي سوين جدوجهدن (بغاوتن) جو ذڪر تاريخ ۾ موجود آهي. پورهيت جي ڇوٽڪاري لاءِ انهن جدوجهدن جا سرواڻ، سورهيه پورهيتن جي نظر ۾ ڏاڍا عزت لائق هئا ۽ انهن جو ذڪر به ڏاڍي عزت ۽ احترام سان ڪيو ويندو هو پر اهي نيڪ توڻي بڇڙن آقائن جي نظر ۾ بدڪار، باغي، فسادي، ڦورو ۽ بي ايمان هئا جن پنهنجي خاص آقا جو چيو آکيو نه مڃيو ۽ ان جي مفادن (پسند) خلاف ڪم ڪيو ـــــــــ اهي سزا لائق هئا. انهن کا باهه ۾ ساڙي، زهريلن نانگن جو بک بنائي يا (پٿرن) گهاڻن ۾ پيڙائي ڇڏجي، ته پوءِ ئي خاص آقا جي دل ٺري سگهي پئي. پاڻ خاص آقا انهن لاءِ مچ مچرائي ڇڏيا، کوهن ۾ نانگ پاليا، پاڻي ٽهڪرايا (ڪاڙهايا) ۽ جيئن ئي ڪو فسادي هٿ چڙهيو ته انهن سزائن جي ڀوڳڻ واسطي ڇڏيو ويو.

هڪ قبيلي (راڄ) جي ٻي تي ڪاهه خاص طرح ملڪيت وڌائڻ ۽ غلام هٿ ڪرڻ جي سَڌ هيٺ ٿي. پورهيت جو مال ڦٻائڻ ۾ به مزو هو ته ٻين قبيلن (راڄن، قومن) جو مال ڦٻائڻ ۾ به. سوڀارا سردار (آقا، مالڪ) خوش ٿي مال-غنيمت ۾ هٿ چڙهيل مال جو وڏو ڀاڱو پنهنجي خزاني ۾ ۽ ننڍو ڀاڱو پتيون ڪري پنهنجي مفاد لاءِ ويڙهه ڪندڙن ۾ ورهائيندا هئا. }(اهي آقائن جي مفادن لاءِ ويڙهه ڪندڙ ۽ سنڀاليندڙ ئي سماجي اوسر ۾ اڳتي هلي لشڪر (فوج)، ڪامورا (وردي پوش پوليس ۽ غير وردي پوش انتظاميا) ۽ ڀلاوڻا بنيا.{

نه رڳو مظلومن جو مال ملڪيت ڦريو ۽ انهن کي غلام ۽ محڪوم بنايو ويندو هو پر انهن مٿان پنهنجي ٻولي، رسمون ۽ رواج، عقيدا ۽ ويساهه ۽ پسند جا پيداواري طريقا به مڙهيا ويندا هئا ـــــــــ ۽ ان جي ئي هڪ حصي طور سندن مذهب (ڌرم) به مڙهجي ويندو هو. اهڙيءَ طرح حاڪم قبيلي جو خاص ديوتا (ڪن حالتن ۾ زوريءَ يا مُلن، ٻانڀڻن کي ڀتو ڏئي) محڪوم قبيلي جو به خاص ديوتا ٺاهيو ويندو هو.

اهي ويڙهيون ۽ چاڙهيون پيون هلنديون هيون ۽ هڪڙن مٿان ٻين ۽ ٻين مٿان ٽين قبيلن جو ثقافتي اثر به پئجندو رهندو هو. موٽ ۾ ڪجهه قدر حاڪم قبيلي جا ماڻهو به محڪوم قبيلي جي ڪن ثقافتي جزن کان متاثر ٿيندا هئا.

يهودين جي خداوند بهواه بابت چٽيءَ طرح معلوم آهي ته اهو رڳو پنهنجي قبيلي جو ديوتا هو. ان ديوتا جي حاڪميت، بالادستي ۽ برتري رڳو پنهنجي قبيلي تائين محدود هئي، پر هوري هوري مختلف قبيلن سان ڏيتيءَ ليتيءَ ان کي وڌائي زمين آسمان جو ديوتا بنائي ڇڏيو.

جڏهن ڪن قبيلن وسيع پيماني ۽ حدن تائين سوين سوڀون ماڻيون ته انهن جي ديوتائن جو پاڇو، حاڪميت ۽ بالادستي به وسيع حدن تائين پکڙجي وئي.

قبيلي جا ديوتا پاڙي اوڙي جي جبل تي يا نديءَ ۾ رهندا هئا پر جڏهن ماڻهن جبلن ۽ ندين کي به ڇاڇوليو تڏهن انهن ديوتائن کي زمين تان ٺينگ ڏياري آسمان تي پهچايو ويو ۽ اڄ سائنس جڏهن ڪائنات جي ڪناري جي اڻ موجودي ثابت ڪري چڪي آهي ۽ ڪٿي به ڪو آسمان ڪونهي تڏهن خبر ناهي ته ديوتائن جي رهڻ جي جاءِ ڪٿي جوڙي ويندي.

اهڙيءَ طرح ننڍڙن راڄوڻي سطحن کان هلندي، وڏي راڄ، قبيلي، قبيلن، ملڪن مٿان ٿيندي انهن ديوتائن جي جاءِ في الحال آسمان مٿان آهي. عام طرح هر قبيلي، راڄ، ڌرم ۾ هڪ خاص ديوتا ۽ ٻين سوين عام ديوتائن جو تصور موجود آهي. گهڻن ئي راڄن ۾ انهن جو تصور ايئن ڪيو وڃي ٿو ڄڻڪ اهي جسماني طرح وجود رکندا هجن (جيئن قديم سنڌ، هند، سمير، بابل، نينوا، مصر، يونان وغيره ۾ اهو ئي تصور موجود هو)، پر ڪيترن ۾ اهي سنوان سڌا تصوراتي آهن ۽ انهن جو وجود غير مادي ڪري بيان ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن بابت به هر هڪ جزي جي ڇنڊڇاڻ اسان کي چٽي تعليم ۽ پروڙ ڏيندي ته اهي ماڻهوءَ جو ئي پاڇو، اولڙو، عڪس، تصور آهن. ديوتائن ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ شڪل تي ڪو نه ٺاهيو آهي، پر ديوتا ماڻهوءَ جي منهن مهاندي تي ٺهيل آهن.

ديوتائن جي غير جنسي تصور کي روشنيءَ ۽ باهه جي اولڙي سان ملائي پيش ڪيو ويو. خاص طرح نيڪ خصلت، نيڪ سيرت، شريف ۽ سٻاجها، رحمدل ۽ انصاف پرور ديوتائن جو عڪس (ٺاريندڙ) روشنيءَ جي حوالي سان ۽ بدخصلت، بدسيرت، ڪميني، بي رحم ۽ ظالم ديوتائن جو تصور باهه (جيڪا ساڙيندڙ روشني آهي) جي حوالي سان پيش ڪيو ويو.

نيڪيءَ جي خاص ديوتا جون جيئن ته پنهنجو خاص گهرجون هيون ان ڪري هن دنياداري ۽ ڪائناتي ڪم ٻين ننڍن نيڪ خصلت ديوتائن جي حوالي ڪري ڇڏيا، جيڪي سندس نظام کي جيئن جو تيئن برقرار رکندي فرمانبرداري ۽ ٻانهپ پوري ڪندا پيا رهن.

هڪ شهنشاهه جي درٻاري ۽ سلطنتي سرشتي کي نظر ۾ رکي توهين جاچ ڪندا ته اڄ ڪلهه جو ڪو به ديوتائي تصور توهان کي ٺيڪ ان جو چرٻو، نقل يا عڪس نظر ايندو.

شهنشاهه ـــــــــ خاص ديوتا، سلطنت ـــــــــ ڪائنات، راڄڌاني (گادي) ـــــــــ اهم ديوتائن جي رهڻ واري جاءِ، خاص نائب ـــــــــ خاص ڪمن لاءِ سيڙايل ديوتا، جيئن ايلچي (نياپا سنيها پهچائيندڙ) ديوتا، ڪائنات جي سرشتي کي جيئن جو تيئن رکڻ وارا (وڏا وزير، لشڪري، ڪامورا) ديوتا، ڪڪر آڻڻ، مينهن وسائڻ ۽ کنوڻ کنوائڻ وارا ديوتا (آبپاشي وزير ۽ روينيو کاتو)، ساهه ڪڍڻ وارا ديوتا (ٽياس تي ٽنگيندڙ، ڦاهيءَ چاڙهيندڙ ۽ جلاد)، حساب ڪتاب رکڻ وارا ديوتا (رائر يا ٽيڪس وٺڻ وارا)، ڏوهه، گناهه موجب سزا ۽ نيڪي چڱائيءَ موجب جزا ڏيڻ وارا ديوتا (قاضي، محتسب، عدليه، مقننه) وغيره.

راڄ جا ماڻهو ـــــــــ عام ٻانها ديوتا.

باغي، فسادي ماڻهو ۽ سورهيه ـــــــــباغي، فسادي ديوتا ۽ انهن جا سورهيه وڏا ديوتا.

پاڻ وڏو، خاص ديوتا (شهنشاهه) انهن سڀني ننڍن ديوتائن جي نگراني، ڪائنات (سلطنت) جي سک سانت، واڌ ويجهه، سرسبزي، نسل، آباديءَ ۽ هر ساهواري جي پرگهور پيو لهي.

توهان کي اها به سڌ هوندي ته ڪيترائي ديوتا غير انساني شڪل ۾، جانورن جي شڪل ۾، وڻ ٽڻ جي شڪل ۾، باهه پاڻيءَ جي شڪل ۾ يا انهن مان ڪن به مختلف شين جي عڪسن جي ميلاپ جي شڪل ۾ بيان ڪيا ويندا آهن. ايئن ڇو آهي؟

ان لاءِ اڻٽر آهي ته اسين هڪ ڀيرو وري ديو جي ڏندڪٿائي تصور کي جاچيون، جيڪو خاص طرح امير حمزي جي داستان ۽ لوڪ ڪهاڻين ۾ عام ملي ٿو.

پهريائين ان جي بدني بناوت جاچيو:

جبل جيڏو ماڻهوءَ جهڙو خاڪو، مٿي تي چهنبدار سڱ، اکيون ڳاڙهيون شعلا وَسائيندڙ (هڪ اکيو ديو به تصوراتي طرح موجود آهي)، ناسن مان دونهان، ڏند تيز... وڏو پهلوان، هيبتناڪ، دهشت پکيڙيندڙ، آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ، ماڻهو کائيندڙ، ڪنهن غار، وڏي گهر، ٻيلي يا شهر تي قبضو ڄمائي رهندڙ، کاڌي جا ڍڳ کائيندڙ، هلندو ته ڌرتي پئي ڌٻندي، جبل کي به مُڪ هڻي ته ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏي، عام طرح ڪنهن ڪنواري شهزادي (ڇوڪريءَ) تي عاشق ٿيندڙ، ان جا نخرا سَهندڙ ۽ ان جي آرام جو خيال رکندڙ پر ان تي ڀروسو نه ڪندڙ (ته متان ڀڄي وڃي) تنهنڪري ان جو ساهه ڪڍي طوطي ۾ وجهي ان کي سوگهيءَ جاءِ تي (گنبذ جي چوٽ وٽ) رکندڙ، محل کي تريءَ تي رکي اُڏامندڙ، وغيره.

ديو بابت بيان ڪيل اهو ڪهڙو تصور آهي، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ٻاهرين حقيقت جو عڪس نه هجي؟

راڪاس ۽ برڙ (بڙهه) باڪاس به حقيقتن جا ديو کان به وڏا تصور آهن ۽ ديوتا انهن کان به وڏو تصور. ديو، راڪاس، برڙ باڪاس، ديوتا يا ديوي ماڻهوءَ جو ئي وڌايل، ان ۾ ڪن پکين ۽ جانورن ۽ بي جان شين جون خوبيون ملايل، وڏو ڪيل تصور آهي.

- سهڻي، ٺاهوڪڙي، لسڙاٽ، گوري ڇوڪر جي ڪلهن سان ڪنهن وڏي پکيءَ جا کنڀ چنبڙايو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ پريزاد جو!

- سهڻيءَ، ٺاهوڪڙيءَ (بلڪ معشوقڙيءَ)، لسڙاٽ، گوريءَ ڇوڪريءَ جي ڪلهن سان ڪنهن وڏي پکيءَ جا کنڀ (يا کنڀن جو وڏو تصور) چنبڙايو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ پريءَ جو!

- سهڻيءَ ڇوڪريءَ جي مٿين اڌ ڌڙ سان وڏي مڇيءَ جو هيٺيون اڌ ڌڙ ملايو ۽ ان کي خونخواري ۽ جهمر جي عادت ڏيو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو ـــــــــ جل پريءَ جو!

- ماڻهوءَ جي مٿي تي ڪنهن جانور (ڍڳي) جا سڱ هڻي، ماڻهوءَ جي هر خوبي وڌائڻ سان گڏ ان سان اُڏڻ جي سگهه ملايو. ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ ديو جو!

- ماڻهوءَ جي سٺين عادتن ۽ خوبين کي وڌائي ايڏو وڏو ڪيو جو هو دنيا تي، دنيا جي معاملن ۽ ڪمن ڪارين تي ڇانيل هجي، ڪهڙو تصور ٺهي پيو؟ ـــــــــ سٺي ديوتا جو!

- ۽ جيڪڏهن ماڻهوءَ جون بد عادتون ۽ برايون وڌايون ته؟ ـــــــــ فسادي ديوتا جو!

- پر جيڪڏهن هڪ ماڻهوءَ جون سموريون خوبيون، سمورا ڪم، سموريون سٺيون سوچون، سمورا سٺا عمل کڻي انهن کي وڌائي وڏو ڪري ڇڏجي جو ان جي هلندي سرندي دنيا ته ڇا پر ڪائنات جي هر شيءِ، هر لقاءَ، هر عمل، هر ساهواري مٿان ڇانيل هجي ته ڇا ٺهي پوندو؟ ـــــــــ ......

ڪو به ذهني خاڪو يا ته ڪنهن حقيقت جو سڌو سئون عڪس آهي يا ڪجهه عڪسن جو ميلاپ.

وري به ڪو واقعو ياد ڪيو. مثال طور، نانگ مارڻ جو واقعو، ڏکي چاڙهيءَ واريءَ چوٽيءَ تي چڙهڻ جو، سمنڊ يا وڏي نديءَ جي تيز ڇولين ۾ ترڻ جو.

بيان ڪندڙ جي لفظي سگهه، هِن هُن واقعي سان تشبيهه يا ڀيٽ ڏئي بيان ڪرڻ جي قوت، بيان جي ترتيب وغيره تي دارومدار هوندو ان واقعي جي بيان جو.

هڪ سٺو شاعر ۽ اديب خاص طرح ڪنهن به هڪ واقعي کي سوين تشبيهن ۽ خوبين يا خرابين سان بيان ڪري سگهي ٿو، مُلن، ٻاون ۽ تقرير ڪندڙن ۾ به اها خوبي هوندي آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ايڏو اُڃارو هجي جو سمنڊ کي سرڪ ئي نه ڪري، يا:

حقيـقــت هــن حال جـي، جـي ظاهـر ڪيان ذَرِي،

لڳـــي مـــاٺ مـــــروئــن کــي، ڏونــگــــر پَـــــون ڏَرِي،

وڃـــــــن وڻ ٻَــــــرِي، اوڀـــــڙ اڀــــــــري ڪـــيـــن ڪـــــي.

شاهه سائينءَ جو شاعراڻو تخيل ته ڏسو: اڃا حقيقت ته ڇا، حقيقت جي ذري به ظاهر نه ڪئي اٿائين، هيءُ ذري ظاهر ڪرڻ کان اڳ رڳو اثر ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ماڻهوءَ پٿر گهڙيو، شڪار ڪيو، جهوپڙي ٺاهي، جبلن تي چڙهيو، پاڻيءَ ۾ تريو، بر پٽ پار ڪيائين، ٻيلا لتاڙيائين، قدرتي نظارا ڏٺائين، پکين جي اڏام، مڇين جي تار، جانورن جي ڊوڙ، باهيون ۽ دونهان، ٻوڏون ۽ طوفان، نانگ بلائون، سج، چنڊ، تارا وغيره، گهڻو ڪجهه.

پٿر گهڙيندي ڪاتيءَ بدران خنجر ٺهيو، جهوپڙيءَ ۾ سڌي شهتير بدران مڙيل ڪام پئجي وئي ته اندران ڪجهه گولائين ۽ ڪٻي ٿي پئي وغيره ـــــــــ هڪ مان ڪجهه ٻي شڪل، شيءِ ٺهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. پکي ان ڪري پئي اڏاڻو جو ان کي پر هئا، جيڪڏهن اهي پر ڪنهن ماڻهوءَ کي هجن ته هو به اڏامي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ماڻهوءَ ڍڍر گهوڙي جو هجي ته تيز ڊوڙي به سگهي ٿو. پکيءَ جا پک، ماڻهوءَ جي منڍي ۽ گهوڙي جو ڍڍر پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو رڳو هڪ تصوراتي خاڪو ٺاهي سگهجي ٿو يا نه؟

آءٌ هڪ عاليشان، عزت ماب، خوبصورت، نيڪ سيرت ۽ مهربان اڳواڻ جو پوئلڳ آهيان. هن مون کي ٻڌايو ته هن سوين منزلن جو پنڌ رات وچ ۾ ڪري ورتو آهي. هو سچار ۽ منهنجو اڳواڻ آهي، تنهنڪري مون کي هن جي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي، مان ته عقيدتمند آهيان، پر اهو سير سپاٽو ڪيئن ٿي سگهيو؟ (اهو سوال پنهنجيءَ جاءِ تي فطري ۽ حقيقي آهي.) هاڻي مون (۽ مون پارن ٻين) عاليشان ماڻهوءَ لاءِ عاليشان سواريءَ جو بلو ڪري ورتو ـــــــــ سهڻي عورت جي منڍي، تيز رفتار گهوڙيءَ جو بدن، کنوڻ جهڙي تيزيءَ سان هلندڙ ۽ اڏائيندڙ کنڀ ۽ وڄ وراڪي جيان سفر ـــــــــ ڇا گهڙين ۾ دنيا جو سير نه ٿو ٿي سگهجي؟

توهان ڪڏهن پاڪستاني فلمن ۾ روح نڪرڻ جو منظر ڏٺو آهي ـــــــــ نوراني پوشاڪ ۾ مرندڙ جهڙو خاڪو. اهو منظر ڪهڙن تصورن جو ميلاپ آهي؟

جيڪڏهن ديوتا کي سوين ڪم ڪرڻا هجن ته ان لاءِ کيس گهڻن هٿن جي ئي گهرج پوندي (ٻن هٿن سان ڪم هلي نه ٿو سگهي ۽ عام طرح هڪ هٿ هڪ وقت هڪ ڪم ڪري سگهندو آهي) تنهنڪري گهڻن ڪمن واري ديوتا کي گهڻا هٿ ٺاهي ڏنا ويا، سگهه لاءِ هاٿيءَ جي شبيهه ڏني وئي، وغيره.

ڪن ديوتائن کي ٻيلن ۾ رهندي ۽ وڻن تي ٺينگ ٽپا ڏيندي ڏيکارڻ لاءِ منجهن ڀولڙن جون خاصيتون ڳنڍيون ويون، ڪيوپڊ (عشق جي ديوتا) معصوم، پاڪ ۽ سادو هئڻ گهرجي (جنهن جو بهترين اظهار ٻار ۾ ٿئي ٿو)، ديوتا کي اڏامڻو آهي تنهنڪري کيس کنڀ هئڻ گهرجن ۽ عشق جو تير هلائڻو آهي تنهنڪري تير ڪمان به هئڻ گهرجي ـــــــــ ڪيوپڊ ديوتا جو مجسمو اوهان ڏٺو آهي؟

جنهن قسم جا گڻ ڪنهن ديوتا ۾ هئا اهي خصوصيتون پيدا ڪرڻ لاءِ انهن ديوتائن سان واسطيدار تصور ڳنڍيا ويا.

ڪنهن به ديوتا جي جيڪا به بيان ڪيل شڪل شبيهه آهي، اها ڪجهه تصورن جو ميلاپ آهي ۽ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اها لياقت آهي جو ڪجهه شيون (۽ انهن جا تصور) ٽوڙي، گهڙي، گهٽ وڌ ڪري ٻي شيءِ يا ٻين شين (۽ انهن جي تصورن) سان جوڙي سگهي. هڪ ڇت مٿان ٻي، ٻيءَ مٿان ٽين، ٽينءَ مٿان چوٿين (چار ماڙ.... سَو ماڙ) ٺاهي سگهجي ٿي، ڀتين کي گول، ٽڪنڊو، چوڪنڊو (چورس، مستطيل) ڪري سگهجي ٿو.

نيون ڊزائينون، نقش و نگار، منهن مهانڊا، تصويرون، تخليقون، تشبيهون وغيره ڪيئن ٿيون وجود ۾ اچن؟

اڏام کٽوليءَ (مصلي، تڏي) جو تصور ڪيئن وجود ۾ آيو؟ مشيني اڏام کٽولي (هوائي جهاز) جو تصور ڪيئن ٺهيو؟ آواز پنهنجن ڪنن کان اوهان جي ڪنن تائين پهچي سگهي ٿو ته مون کان ميلُ ٻه يا پنج پري ويٺل تائين ڪيئن پهچي؟ بنا تار آواز سفر ڪري سگهي ٿو ته ڇا تار وسيلي سفر ڪري سگهي ٿو ـــــــــ ٽيليگرام، ٽيليفون، ريڊيو ايئن ئي ٺهيا. توهان مون کي ۽ آءٌ توهان کي ڏسي سگهان ٿو پر اوٽ ۾ ويٺل ماڻهوءَ کي نه ٿو ڏسي سگهان، ڇا تصوير کي سفر ڪرائي سگهجي ٿو ـــــــــ تصوير ۽ آواز جي گڏيل سفر جو نالو آهي ٽيليويزن.

اڄ ڏينهن تائين ٺهيل ڪارن کي هڪ قطار ۾ بيهاريو. پهرين ڪار جي شڪل وڪٽوريا بگيءَ جهڙي هئي ۽ اڄوڪي ڪار جي شڪل ڇا آهي، پر جيڪڏهن هڪ کان پوءِ ٺهيل ٻي ڪار جي شڪل ڌيان سان ڏسندا ته توهان کي ذرو ذرو ٿي فرق نظر ايندو. ٿي سگهي ٿو ته سوين هزار ماڻهو 1986ع ۽ 1987ع ماڊل جي ڪار ۾ ڪو فرق نه ڪري سگهن پر پهرين ڪار ۽ 1988ع جي ڪار ۾ بنيادي طرح ساڳي شيءِ هئڻ باوجود، ڀولڙي ۽ ماڻهوءَ جيڏو فرق آهي. اوسر (ارتقا) به ايئن ٿي آهي. ڪڻي ڪاسي جو فرق ٿيندي ٿيندي پهرين جنس ۽ پوئين جنس ۾ ڪيتريون ئي بنيادي خوبيون ساڳيون هئڻ باوجود سوين شيون، انگ، عضوا، هڏيون وغيره چٽي فرق واريون آهن. تصورن به هوري هوري اوسر ڪئي آهي ۽ ديوتائن جي حوالي سان ڪالهوڪي ڀڳوان ۽ ڌڻيءَ ۽ اڄوڪي ڀڳوان ۽ ڌڻيءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق نظر اچي ٿو.

ڪا به ديوي، ڪو به ديوتا بنيادي طرح ماڻهوءَ جي خيالي شبيهه آهي. ديوِيون، ديوِتا ماڻهوءَ جي منهن مهانڊي تي ٺهيل آهن (ڪن ديوتائن، ديوين ۾ جانورن جون به خصوصيتون آهن) ۽ انهن جي سڀني گڻن اَوَگڻن ۾ ڏينهون ڏينهن تبديلي ـــــــــ کوٽي واڌي ـــــــــ ايندي رهي آهي. ماڻهو مري پئي ويو پر ساهه (هوا، روح) نه پئي مئو. ساهه دائمي هو، روح دائمي هئا، ديوتا دائمي هئا ۽ انهن وقت سر ماڻهوءَ يا جانور جي روپ ۾ موٽي اچي دنيا جو ويجهي کان جائزو پئي ورتو يا مٿان ويهي نگهباني ٿي ڪئي. يوناني ڏند ڪٿا موجب ته دنيا جي هر ڦيرگهير، واڌ ويجهه، هر چرپر (ويندي گاهه ۽ پن جي به) ديوتائن جي مرضيءَ کان سواءِ نه ٿي پئي سگهي. يوناني ڏند ڪٿائن تي ڪيتريون ئي فلمون ڀريون ويون آهن ـــــــــ خاص طرح سنهري گل واري ڏند ڪٿا ـــــــــ جنهن ۾ ديوِتا ديوِيون شطرنج جي ساريُن (مهرن) جيان دنيا جي ماڻهن جي چرپر ڪندي ڏيکاريا ويا آهن.

جهوني، اڻڄاڻ، گهٽ ڄاڻ، غير سائنسي ۽ شين جي فطرت پوريءَ طرح نه سمجهڻ واري ماحول ۾ ئي ديوِين ديوِتائن کي ايڏو سڀ طرفو سگهارو ٺاهيو ويو جو اهي نه رڳو ڪائنات جي چرپر، ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر لقاءَ ـــــــــ فصل، ٻوڏ، باهه، زلزلي، طوفان، ساهواري جي پيدائش ۽ جوڙجڪ، هر شيءِ، هر ساهواري جي جياپي، گذرانَ ۽ سنڀال، مرڻ ۽ حساب ڪتاب وٺڻ جا سڀ ڪم پئي ڪيا، ۽ نيٺ اها سوچ ٺهي ته جيڪڏهن ديوتائون نه هجن ها، ته نه اسين هجون ها، نه ڪو ساهوارو، نه ڪا ڌرتي ۽ نه ڪائنات.

... سردار ايڏو ته سخت هو جو نر پکيءَ کي به حويليءَ مٿان اڏامي سگهڻ جي همت نه ٿيندي هئي...

... آقا، مالڪ، سردار، جيڪو راڄ جي سڀ شيءِ ـــــــــ فصل، جانور وغيره ـــــــــ جو مالڪ هو ان جي حڪم ۽ راضپي کان سواءِ ڪو به ماڻهو جيئي ۽ مري نه پيو سگهي...

ديوتا امر، لافاني، سدا جيئاڪ بنجي ويا ۽ ماڻهو، ساهوارو، فصل، وڻ ٻوٽا، جبل، نديون، سمنڊ، ڌرتي، ڪائنات، مادو مرندڙ ۽ فاني هو ـــــــــ اهو تصور ايئن هوري هوري سوين ناسمجهه ۽ گهٽ ڄاڻ ماڻهن پنهنجي جاهل ماحول ۾ ٺاهي ورتو ۽ جڏهن اهو تصور (وهم) پختو ٿيو تڏهن اهو به سمجهيو ويو ته  سمورا ساهوارا، ڌرتي، ڪائنات ۽ هيءَ رنگارنگي انهن ديوتائن جي مرضيءَ موجب ٺهي راس ٿي آهي، ديوتا امر هئا، سدائين هئا ۽ ڪائنات، مادو انهن ٺاهيو، ان جي ابتدا به آهي ته انتها به، اهو مري فنا ٿيڻو آهي.

ماڻهوءَ پنهنجيءَ گهٽ ڄاڻ سبب جيئن ٻين سوين حقيقتن جو جوهر نه سمجهيو تيئن مادي جو به نه سمجهي سگهيو ۽ هن فانيءَ (تصور، وهم، ويساهه، عقيدي، خيال) کي لافاني ۽ لافاني (مادي ۽ ان جي لقائن) کي فاني سمجهيو.

اهو تصور به ان عمل تان ورتل هو ته دنيا ۾ ماڻهوءَ پنهنجي جياپي لاءِ هر شيءِ ٺاهي پئي ـــــــــ اها شيءِ عدم وجود (وجود نه رکندڙ) هئي، ٺهي وجود ۾ آئي ۽ پوءِ گَسي، ڀَڄي، ڀورا ٿي ختم (فاني) ٿي وئي. ماڻهو خالق هو پنهنجيءَ شيءِ جو، ديوتا خالق هو ڪائنات (مادي) جو. خالق اڳ ۾ هو، ان خلقيو، تبديل ڪيو، ڪم ورتو ۽ پوءِ وري شيءِ ختم ٿي وئي، پر خالق قائم رهيو.

جيئن شيءِ محدود هئي تيئن ڪائنات کي به محدود (کُٽندڙ، ڪنارن واري) تصور ڪيو ويو ۽ سمجهيو ويو اها خلقي وئي آهي ۽ پنهنجي ڪرت (فرض) پورو ڪري ختم  ٿي ويندي.

سائنس، سڄاڻ جتي ٻين سوين غلطين، غلط فهمين ۽ ناسمجهين کي ٺيڪ ڪيو اتي هن مادي بابت به بنيادي، حقيقي، سچي ڄاڻ مهيا ڪئي ۽ ثابت ڪيو ته:

مادو نه خلقي (پيدا ڪري) سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري فنا ڪري سگهجي ٿو، اهو آهي ۽ سدائين رهندو، البت اهو پنهنجا روپ مٽائي ٿو.

اٺين جماعت جو ٻار به اڄ اهو سبق سکي ٿو.

ايترو ضرور ڪري سگهجي ٿو ته مادي جي هڪ ڳڀي ۾ ڦيرڦار آڻي ان کي ڪا ٻي شڪل ڏني وڃي. مادو ئي نه هجي، ڪجهه به نه هجي ۽ ان مان ڪا شيءِ (مادي جي ٺهيل ڪا شيءِ) ٺاهي سگهجي، اهو ممڪن ڪونهي. مادي جي ڳنڍي کي ترورن ۾ بدلائي سگهجي ٿو (ترورا، شڪتي مادي جو ئي روپ آهي) پر فنا نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته هر غلط سوچ گم (فنا) ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي جاءِ تي حقيقي، سچي سوچ اچي سگهي ٿي.

اچو ته هڪ مثال وٺون:

آفريقا جي رڻ پٽ ۾ گهمندي ڪجهه ماڻهن موٽي اچي ٻڌايو ته کين آسمان ۾ هڪ ڏاڍو ويڪرو بهشتي باغ نظر آيو جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل هڪ راڪاس جيڏو ٻيڙو به نظر پئي آيو جنهن تي جبل کان به وڏو سڙهه چڙهيل هو. اهو لقاءُ ڪجهه دير نظر ايندو رهيو ۽ پوءِ گم ٿي ويو.

ڪيترن ئي ماڻهن ڪيترن ئي موقعن تي اهو ڏيک ڏٺو. اهو ڇا هو؟

جيستائين ان ڳالهه جو حقيقي سبب نه ڳولي لڌو ويو تيستائين ان ڏيک بابت ماڻهو پنهنجي پنهنجي عقيدي، وهم، ويساهه موجب تشريحون ڪندا ۽ ڊگهيون ڊگهيون ڏند ڪٿائون ۽ من گهڙت ڳالهيون ٻڌائيندا رهيا. سائنس نيٺ حقيقت ڳولي لڌي.

گرم ملڪن جي هوا نرم ۽ گهميل موسم جي ڪري گهاٽي ٿي وڃي ٿي ۽ اها هڪ ڏاڍي وڏي آئيني جو ڪم ڏئي سگهي ٿي، ۽ ظاهر آهي ته آسمان اهو آئينو هو جنهن ۾ اهو لقاءُ وڏو ٿي نظر پئي آيو جنهن سان ماڻهوءَ جي ديد جي ڪنڊ ٺهي پئي (جيئن اسين هڪ ڪنڊ ۾ بيهي سامهون رکيل آئيني ۾ ٻي ڪنڊ جو نظارو ڏسي سگهندا آهيون). اندر تي ڪُٻيل آئينو عڪس وڏو ڪري ڏيکاريندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن باغ جو اولڙو پئي ٺهيو ته اهو ڏاڍو وڏو آسماني باغ سمجهيو ويو ۽ جيڪڏهن سمنڊ ۾ بيٺل ٻيڙي جو اولڙو ٺهيو ته اهو جبلن کان وڏو نظر آيو.

جڏهن حقيقت سمجهه ۾ آئي ته وهم، وسوسا ڌوپجي ويا. ڪنهن به شيءِ جي حقيقت ۽ ڪنهن به لقاءَ جو حقيقي سبب سمجهه ۾ اچي وڃي ته ڪو به وهم نه رهندو.

هڪ ٻيو مثال وٺو. ٿي سگهي ٿو ته توهان مان گهڻن جو ان سان واسطو به پيو هجي:

1965ع جي پاڪ-ڀارت جنگ (6-سيپٽمبر کان شروع ٿي) هلندي ٻڌايو ويو ته باک ڦٽيءَ کان ٿورو اڳ اوڀر طرف حضرت علي عليه سلام جي تلوار (ذوالفقار) ظاهر ٿي پئي ۽ ان ڪري اهو هاواڻو هُلي ويو ته پاڻ سائين جن پنهنجن ٻنهي شهيد فرزندن سميت پاڪستان پاران دفاع (جنگ) ۾ حصو وٺي رهيا هئا. مون به اها تلوار ڏٺي هئي جيڪا شايد اٺ ڏينهن ظاهر ٿيندي رهي. اها آسماني تلوار ڇا هئي؟

- هڪ پڇڙ تارو.

اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ جنگ هلندڙ هئي ۽ پڇڙ تاري کي تلوار سمجهيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org